يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُقَدِّموا بَينَ يَدَىِ اللَّهِ وَرَسولِهِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 1) |
اي اُهي آدمِي!، آندو جَن اِيمان، رَبَّ ۽ سَندِس رَسُول اڳيان، ڪريو اڳرائي ڪانه، ۽ ڪَنبو رَبَّ قهار کان، سچ پچ سو سُبحان، سُڻندڙ سَڀ بيان، سمجھندڙ سَڀيئـِي ڳالهيون. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَرفَعوا أَصوٰتَكُم فَوقَ صَوتِ النَّبِىِّ وَلا تَجهَروا لَهُ بِالقَولِ كَجَهرِ بَعضِكُم لِبَعضٍ أَن تَحبَطَ أَعمٰلُكُم وَأَنتُم لا تَشعُرونَ (آيت : 2) |
اي اُهي جَن اَلله کي، مَڃڻ ڪيو مَنظور!، اَوهِين آواز پَنهنجا، مَٿي نه ڪريو مُور، نَبِئَ جي آواز کان، حاضِر مَنجھ حُضور، ۽ ڳَرو نه ڳالهايو اُن سان، ظاهِر ۽ ظُهور، جِيئن هِڪ ٻئي سان هُل ڪريو؛ مَتان پَوَنيان ئـِي نه پَرُور، تان اَنهنجي اِن قُصور، ڪَئـِي ڪَمائي ڪُٽ ٿئي. |
إِنَّ الَّذينَ يَغُضّونَ أَصوٰتَهُم عِندَ رَسولِ اللَّهِ أُولٰئِكَ الَّذينَ امتَحَنَ اللَّهُ قُلوبَهُم لِلتَّقوىٰ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 3) |
روڪِين رَسُول الله وٽ، جي اَوس سَندنِ آواز، اُهيئـِي آهن، سي صحي سرفراز، پَرکيا جَن جا، پرهيز ۾، قلب ڪار ساز، بخشس بي انداز، پڻ اَجر وَڏوئـِي اُنهن لئي. |
إِنَّ الَّذينَ يُنادونَكَ مِن وَراءِ الحُجُرٰتِ أَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 4) |
سَچ ته توکي سَڏِين جي، گَھرن پُٺيان گوهر!، سَمجھن نه سَڏڻ رِيت سان، اُنهن مان اَڪثر، |
وَلَو أَنَّهُم صَبَروا حَتّىٰ تَخرُجَ إِلَيهِم لَكانَ خَيرًا لَهُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 5) |
۽ تان نِڪرِين تون، تَن ڏي، سَهن ها صَبر، اِهو طريقو تن لئي، بِلڪُل هُئو بِهتر، ۽ پِيارو پَروَر، آهي مَرهِيندڙ مِهر ڀَريو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن جاءَكُم فاسِقٌ بِنَبَإٍ فَتَبَيَّنوا أَن تُصيبوا قَومًا بِجَهٰلَةٍ فَتُصبِحوا عَلىٰ ما فَعَلتُم نٰدِمينَ (آيت : 6) |
اي اُهي، جَن اَلله ۾، آندو اعتبار!، اَچي اوهان وٽ جي کَڻِي، ڪو خارِي خبر چار، ته پهرين پُورِئَ رِيت ڪريو، اُنهِئَ جِي اُپٽار، متان ڪريو ڪِنهن قوم تي، ويسلائـِي ۾ وار، پوءِ ڪيان جو ڪم ڪار، تنهن تي پِره سان پَڇتائيو. |
وَاعلَموا أَنَّ فيكُم رَسولَ اللَّهِ لَو يُطيعُكُم فى كَثيرٍ مِنَ الأَمرِ لَعَنِتُّم وَلٰكِنَّ اللَّهَ حَبَّبَ إِلَيكُمُ الإيمٰنَ وَزَيَّنَهُ فى قُلوبِكُم وَكَرَّهَ إِلَيكُمُ الكُفرَ وَالفُسوقَ وَالعِصيانَ أُولٰئِكَ هُمُ الرّٰشِدونَ (آيت : 7) |
ڄاڻو ته اوهان ۾ آھِ، خود، سَندو رَبَّ رَسُول، گھڻيون ڳالهيون اَنهنجون، جي ڪري هُوند قبول، ته مُرڳوئـِي مَلول!، اَوهِين اَچِي وِيا آزار ۾. پَر وَڻايو پاڻ ڌَڻِئَ، اَوهان کي اِيمان، سوئـِي اَنهنجي سِينن ۾، سِينگاريو سُبحان، ۽ ناپسند اَنهنجي نظر ۾، ڪيائـِين ڪُفران، پڻ بُڇڙايون ۽ ڀَڃڻ وَرِي، فائـِق جا فرمان، اِهي جَن اَرڪان، آهِن سَواٽا، سي صَحِي. |
فَضلًا مِنَ اللَّهِ وَنِعمَةً وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 8) |
ڀَلي ڌَڻِئ جي ڀال سان، پڻ اِنهِئَ جي اِحسان، ۽ سَمجھندڙ سُبحان، پڻ حِڪمتِي هوشيار گھڻو. |
وَإِن طائِفَتانِ مِنَ المُؤمِنينَ اقتَتَلوا فَأَصلِحوا بَينَهُما فَإِن بَغَت إِحدىٰهُما عَلَى الأُخرىٰ فَقٰتِلُوا الَّتى تَبغى حَتّىٰ تَفيءَ إِلىٰ أَمرِ اللَّهِ فَإِن فاءَت فَأَصلِحوا بَينَهُما بِالعَدلِ وَأَقسِطوا إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 9) |
۽ ٻه ڌُريون مُؤمنن مان، جي لڙن هِڪ ٻئي ساڻ، ته پَئـِي وِچ ۾ پاڻ، صُلح ڪرايو اُنهن کي. پوءِ جي اُنهن مان هِڪ، هَرُوڀَرُو وَڌِي ويڙهه ڪري، ته اَوهِين به لَڙو اُن سان، پِڙ ۾ پير ڀَري، وَڃِي، تان وَرِي، اَمر ڏانهن ﷲ جي، پوءِ جي وَري ڪِنهِين وار، ته ٺاهيو عَدل سان اُنهن کي، عدل ۽ انصاف تي، بِيهو برقرار، پاڻئون ڏئي پِيار، آگو اِنصافِيَن کي. |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ إِخوَةٌ فَأَصلِحوا بَينَ أَخَوَيكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 10) |
مُؤمن مِڙئـِي پاڻ ۾، بي شڪ آهن ڀار، پوءِ ٺاهيو پَنهنجي ڀائرِين، تُرت ڪَڍو تَڪرار، ۽ ڪَنبو ڀَر قهار، ته اَوهان سان اِحسان ٿِئي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا يَسخَر قَومٌ مِن قَومٍ عَسىٰ أَن يَكونوا خَيرًا مِنهُم وَلا نِساءٌ مِن نِساءٍ عَسىٰ أَن يَكُنَّ خَيرًا مِنهُنَّ وَلا تَلمِزوا أَنفُسَكُم وَلا تَنابَزوا بِالأَلقٰبِ بِئسَ الِاسمُ الفُسوقُ بَعدَ الإيمٰنِ وَمَن لَم يَتُب فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 11) |
اي ويساھ وارا!، نه کِلي ذات تان، مَتان موچارا، هُو هُجن، هِن ڪنان. زالون، نَه بِين زالن تان، ڪَن کِل ۽ خواريون، مَتان موچاريون، هُو هُجن، هِن ڪنان. ۽ ڪَچ نه ڪَڍو پاڻ مان، نه رکو بُڇڙو نام، بُڇڙو نالو، مَڃڻ پُوان، مَٺو آھِ مُدام، جَن توبه نه ڪَئـِي تمام، آهن اَنڌارِيَل ئـِي اُهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اجتَنِبوا كَثيرًا مِنَ الظَّنِّ إِنَّ بَعضَ الظَّنِّ إِثمٌ وَلا تَجَسَّسوا وَلا يَغتَب بَعضُكُم بَعضًا أَيُحِبُّ أَحَدُكُم أَن يَأكُلَ لَحمَ أَخيهِ مَيتًا فَكَرِهتُموهُ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ تَوّابٌ رَحيمٌ (آيت : 12) |
اي اُهي، جَن مَڃيو، صِدق سَچائـِئَ ساڻ!، گَھڻن گُمانن کان پاسو ڪريو پاڻ، بُڇڙا آهِن ڀاڻ، ڪي ڪي وَهم، وُجود جا. ۽ چُڪون ڪِين چَڪاسيو، جوڻت ڪِين جُڳاءِ، اَوهان مان، ڪو ڪِنهن جا، پَرپُٺ پاپ نه ڳاءِ، ڇا، اَوهان مان، ڪِنهن هيڪ کي، وَڻي اِها واءِ، ته ماس مُئل ڀائسِ جو، ويهِي خُوشِئَ مان کاءِ؟ پوءِ جائـِي پَنهنجي جاءِ، بُرو ڀانيان اُن کي. ۽ ڊِڄو اَوهِين اَلله کان، آهي پاڪ اَللهُ ؟ وَرڻ وارو واھ!، پڻ تَرسوند تمام گھڻو. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنّا خَلَقنٰكُم مِن ذَكَرٍ وَأُنثىٰ وَجَعَلنٰكُم شُعوبًا وَقَبائِلَ لِتَعارَفوا إِنَّ أَكرَمَكُم عِندَ اللَّهِ أَتقىٰكُم إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ خَبيرٌ (آيت : 13) |
اِنسانو! جوڙيو سون آن کي، مَنجھان نَر ۽ نار، ۽ ڪياسون قَبِيلا، ڪٖيڙ ڪَئـِين، اوهان کي اِظهار، تان صَحِي سُڃاڻو پاڻ کي، نِشانِيِـين نِروار، اوهان مان اَخلاق ۾، جو نِرمل نيڪو ڪار، عِزّت وارو آھِ سو، قادِر وٽ ڪلتار، صَحِي سَمجھدار، پڻ خُدا خبردار گھڻو. |
قالَتِ الأَعرابُ ءامَنّا قُل لَم تُؤمِنوا وَلٰكِن قولوا أَسلَمنا وَلَمّا يَدخُلِ الإيمٰنُ فى قُلوبِكُم وَإِن تُطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ لا يَلِتكُم مِن أَعمٰلِكُم شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 14) |
اعرابِيَن آکيو ته، آندو سون اِيمان، چَئو، ته مَڃيان نه مُورهِين، پَر آکيو اِئين عيان، ته هَليا سون حُڪمن تي، ظاهِر مَنجھ زمان، ۽ جڏهن مَڃڻ اَوهان جي مَن ۾، ڪيو نه ماڳ مَڪان، رَبَّ سَندسِ رسول جا، جي پارِيندا فَرمان، ته ڪندو نه اَنهنجي ڪمن مان، ذَرو ڪُجھ زِيان، بارِي بي گمان، آهي مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀَريو. |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ ثُمَّ لَم يَرتابوا وَجٰهَدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فى سَبيلِ اللَّهِ أُولٰئِكَ هُمُ الصّٰدِقونَ (آيت : 15) |
سَچا مُؤمن مُورهِين، آهِن اُهي اِنسان، رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول تي، آندو جَن اِيمان، تِنهان پوءِ تنهن ۾، نه ڪيائون شڪ گُمان، ۽ سَر تَن ۽ سِرتن پَنهنجا، راھ اَندر رحمان، ڪيائون قُربان، سَچا آهِن، سي صِحِي. |
قُل أَتُعَلِّمونَ اللَّهَ بِدينِكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 16) |
چئو، ڇا، ڄاڻايو ٿا پَنهنجو ڌَڻِئَ، خود کي دِين؟ اَلله ته آهي ڄاڻندو، جيڪِي اَندر اُڀ، زمين، بارِي بالابِين، سَمجھندڙ سَڀڪِنهن ڳالھ کي. |
يَمُنّونَ عَلَيكَ أَن أَسلَموا قُل لا تَمُنّوا عَلَىَّ إِسلٰمَكُم بَلِ اللَّهُ يَمُنُّ عَلَيكُم أَن هَدىٰكُم لِلإيمٰنِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 17) |
ٿورو ٿاڦِين پِيا توتي، ته آندائون اِيمان، چئو، اوهان جي اِيمان جِي، مون کي ڪاڻ ڏيکاريو ڪانه، اَلله اَوهان سان ٿو ڪري، اُٽلندا اِحسان، سُهايا سُبحان، جي آهيو صَفا سَچ سِير تي. |
إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ غَيبَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 18) |
اَلله آهي ڄاڻندو، اُڀ، ڀُويَن جا اَسرا، پڻ ڪريو جي ڪم ڪار، سي ڏِسندڙ آهي ڏيہ ڌَڻِي. |