يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُقَدِّموا بَينَ يَدَىِ اللَّهِ وَرَسولِهِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 1) |
مؤمنو! الله ۽ سندس رسول جي اڳيان اڳرائي نه ڪريو ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله ٻُڌندڙ ڄاڻيندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَرفَعوا أَصوٰتَكُم فَوقَ صَوتِ النَّبِىِّ وَلا تَجهَروا لَهُ بِالقَولِ كَجَهرِ بَعضِكُم لِبَعضٍ أَن تَحبَطَ أَعمٰلُكُم وَأَنتُم لا تَشعُرونَ (آيت : 2) |
اي مؤمنو! پنهنجا آواز رسول جي آواز کان مٿي نه ڪريو، ۽ جيئن اوهان جو هڪ ٻئي سان وڏي سڏ ڳالهائڻ آهي، تيئن ان سان ڏاڍيان ڳالهه ٻولهه نه ڪريو، جو متان اوهان بي خبريءَ ۾ اوهان جا عمل چٽ ٿي وڃن! |
إِنَّ الَّذينَ يَغُضّونَ أَصوٰتَهُم عِندَ رَسولِ اللَّهِ أُولٰئِكَ الَّذينَ امتَحَنَ اللَّهُ قُلوبَهُم لِلتَّقوىٰ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 3) |
بيشڪ جيڪي پنهنجن آوازن کي الله جي رسول جي اڳيان جهڪو ٿا ڪن، سي اُهي آهن جن جي دلين کي الله دينداريءَ لاءِ آزمايو آهي؛ انهن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يُنادونَكَ مِن وَراءِ الحُجُرٰتِ أَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 4) |
بيشڪ جيڪي حجرن جي ٻاهران توکي سڏ ٿاڪن، تن مان گهڻا بي سمجهه آهن. |
وَلَو أَنَّهُم صَبَروا حَتّىٰ تَخرُجَ إِلَيهِم لَكانَ خَيرًا لَهُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 5) |
۽ جيڪڏهن هو تنهنجي نڪرڻ تائين صبر ڪن ها، ته اهو انهن لاءِ چڱو هو ۽ الله بخشڻهار، مهربان آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن جاءَكُم فاسِقٌ بِنَبَإٍ فَتَبَيَّنوا أَن تُصيبوا قَومًا بِجَهٰلَةٍ فَتُصبِحوا عَلىٰ ما فَعَلتُم نٰدِمينَ (آيت : 6) |
اي مؤمنو! جيڪڏهن ڪو بدڪار اوهان وٽ ڪا خبر آڻي، ته ان جي جاچ ڪريو، متان ڪنهن قوم کي بي خبريءَ ۾ نقصان پهچايو، پوءِ جيڪي ڪري وجهو، ان تي پيشيمان ٿيو. |
وَاعلَموا أَنَّ فيكُم رَسولَ اللَّهِ لَو يُطيعُكُم فى كَثيرٍ مِنَ الأَمرِ لَعَنِتُّم وَلٰكِنَّ اللَّهَ حَبَّبَ إِلَيكُمُ الإيمٰنَ وَزَيَّنَهُ فى قُلوبِكُم وَكَرَّهَ إِلَيكُمُ الكُفرَ وَالفُسوقَ وَالعِصيانَ أُولٰئِكَ هُمُ الرّٰشِدونَ (آيت : 7) |
۽ ڄاڻو ته اوهان ۾ الله جو رسول آهي، جيڪڏهن اهو گهڻن ڪمن ۾ اوهان جو چيو وٺندو، ته اوهان کي تڪليف پهچندي،پر الله اوهان کي ايمان جي محبت ڏني، اوهان جي دلين ۾ ان کي سهڻو ڪيائين ۽ اوهان لاءِ ڪفر ۽ بي ديني ۽ گناهه کي ناپسند ڪرايائين، اهي سڌي رستي وارا آهن. |
فَضلًا مِنَ اللَّهِ وَنِعمَةً وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 8) |
الله جي فضل ۽ احسان سان ۽ الله ڄاڻيندڙ ڏاهپ وارو آهي. |
وَإِن طائِفَتانِ مِنَ المُؤمِنينَ اقتَتَلوا فَأَصلِحوا بَينَهُما فَإِن بَغَت إِحدىٰهُما عَلَى الأُخرىٰ فَقٰتِلُوا الَّتى تَبغى حَتّىٰ تَفيءَ إِلىٰ أَمرِ اللَّهِ فَإِن فاءَت فَأَصلِحوا بَينَهُما بِالعَدلِ وَأَقسِطوا إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 9) |
۽ جيڪڏهن مؤمنن جون ٻه ٽوليون پاڻ ۾ وڙهن، ته انهن وچ ۾ صلح ڪرايو_ پوءِ جيڪڏهن هڪڙي ٻيءَ تي اڳرائي ڪري، ته جيڪا اڳرائي ڪري، تنهن سان وڙهو، جيسين الله جي فيصلي ڏانهن موٽي_ پوءِ جيڪڏهن موٽي آئي، ته سندن وچ ۾ انصاف سان صلح ڪريو، ۽ انصاف سان هلو، بيشڪ الله انصاف وارن کي پسند ڪندو آهي. |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ إِخوَةٌ فَأَصلِحوا بَينَ أَخَوَيكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 10) |
مؤمن ته سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهن، تنهن ڪري پنهنجي ڀائرن ۾ صلح ڪرايو ۽ الله کان ڊڄو، ته من اوهان تي رحم ڪيو وڃي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا يَسخَر قَومٌ مِن قَومٍ عَسىٰ أَن يَكونوا خَيرًا مِنهُم وَلا نِساءٌ مِن نِساءٍ عَسىٰ أَن يَكُنَّ خَيرًا مِنهُنَّ وَلا تَلمِزوا أَنفُسَكُم وَلا تَنابَزوا بِالأَلقٰبِ بِئسَ الِاسمُ الفُسوقُ بَعدَ الإيمٰنِ وَمَن لَم يَتُب فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 11) |
اي مومنو! ڪا به ٽولي ڪنهن ٽوليءَ تي مسخري نه ڪري، جو متان اُهي انهن کان ڀلا هجن_ نڪي زالون ٻين زالن تي مسخري ڪن، جو متان اهي انهن کان ڀليون هجن- ۽ نڪي پاڻ ۾ عيب جوئي ڪريو، نڪي هڪ ٻئي کي بڇڙن لقبن سان سڏيو، ڇو ته ايمان آڻڻ کان پوءِ بي دينيءَ جو نالو بڇڙو آهي- پوءِ جيڪي باز نه آيا، سي ئي ظالم آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اجتَنِبوا كَثيرًا مِنَ الظَّنِّ إِنَّ بَعضَ الظَّنِّ إِثمٌ وَلا تَجَسَّسوا وَلا يَغتَب بَعضُكُم بَعضًا أَيُحِبُّ أَحَدُكُم أَن يَأكُلَ لَحمَ أَخيهِ مَيتًا فَكَرِهتُموهُ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ تَوّابٌ رَحيمٌ (آيت : 12) |
اي مؤمنو! گهڻن گمانن کان بچو، ڇاڪاڻ ته ڪي گمان گناهه آهن_ ۽ نڪي جاسوسي ڪريو، نڪي اوهان مان ڪو ٻئي جي گلا ڪري، ڀلا اوهان مان ڪو پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ پسند ڪندو؟ ضرور ان کان نفرت ڪندو -الله کان ڊڄو، بيشڪ الله توبهه قبول ڪندڙ ۽ رحم وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنّا خَلَقنٰكُم مِن ذَكَرٍ وَأُنثىٰ وَجَعَلنٰكُم شُعوبًا وَقَبائِلَ لِتَعارَفوا إِنَّ أَكرَمَكُم عِندَ اللَّهِ أَتقىٰكُم إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ خَبيرٌ (آيت : 13) |
اي انسانو! اسان اوهان کي هڪ مرد ۽ هڪ زال مان پيدا ڪيو آهي ۽ اسان اوهان جي عملن مان ڪجهه به نه گهٽائيندو، بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي. اوهان جون ذاتيون ۽ اوهان جا پاڙا ڪيا آهن، ته سڃاڻو- بيشڪ الله وٽ اوهان مان وڏي عزت وارو اهو آهي، جيڪو اوهان مان وڌيڪ نيڪ آهي، الله ڄاڻو ۽ خبردار آهي. |
قالَتِ الأَعرابُ ءامَنّا قُل لَم تُؤمِنوا وَلٰكِن قولوا أَسلَمنا وَلَمّا يَدخُلِ الإيمٰنُ فى قُلوبِكُم وَإِن تُطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ لا يَلِتكُم مِن أَعمٰلِكُم شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 14) |
ٻهراڙيءَ وارا چون ٿا ته ”اسان ايمان آندو“، چئو ته اوهان (سچو) ايمان نه آندو آهي.“ پر چئو ته اسين مسلمان ٿيا آهيون.“ مگر اوهان جي دلين ۾ اڃا ايمان داخل نه ٿيو آهي- جيڪڏهن اوهين الله ۽ سندس رسول جو چيو مڃيندا، ته |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ ثُمَّ لَم يَرتابوا وَجٰهَدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فى سَبيلِ اللَّهِ أُولٰئِكَ هُمُ الصّٰدِقونَ (آيت : 15) |
مومن فقط اُهي آهن؛ جن الله ۽ سندس رسول تي ايمان آندو، پوءِ شڪ نه ڪيائون ۽ الله جي واٽ ۾ پنهنجن مالن ۽ جسمن سان جهاد ڪيائون؛ بس اُهي ئي سچا آهن. |
قُل أَتُعَلِّمونَ اللَّهَ بِدينِكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 16) |
چئو ته ڇا، پنهنجو دين الله کي ٿا ڄاڻايو؟ جيڪي آسمانن خواهه زمين ۾ آهي، سو ته سڀ الله ڄاڻيندڙ آهي ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻيندڙ آهي. |
يَمُنّونَ عَلَيكَ أَن أَسلَموا قُل لا تَمُنّوا عَلَىَّ إِسلٰمَكُم بَلِ اللَّهُ يَمُنُّ عَلَيكُم أَن هَدىٰكُم لِلإيمٰنِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 17) |
سندن اسلام آڻڻ جو توتي احسان ٿا رکن؛ چئو ته مون تي پنهنجي اسلام آڻڻ جو احسان نه رکو، بلڪ اوهان تي الله جو احسان آهي، جو اوهان کي ايمان جو رستو ڏيکاريائين، جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. |
إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ غَيبَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 18) |
بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين جو ڳجهه ڄاڻيندڙ آهي ۽ جيڪي ڪريو ٿا، سو الله ڏسندڙ آهي. |