يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُقَدِّموا بَينَ يَدَىِ اللَّهِ وَرَسولِهِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 1) |
اي ايمان وارؤ! نه اڳرائي ڪيو الله ۽ ان جي رسول جي اڳيان ۽ ڊڄو الله کان بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَرفَعوا أَصوٰتَكُم فَوقَ صَوتِ النَّبِىِّ وَلا تَجهَروا لَهُ بِالقَولِ كَجَهرِ بَعضِكُم لِبَعضٍ أَن تَحبَطَ أَعمٰلُكُم وَأَنتُم لا تَشعُرونَ (آيت : 2) |
اي ايمان وارا! نه مٿي ڪيو پنهنجا آواز نبيءَ جي آواز کان مٿان ۽ نه وڏي آواز ڪيو ان لاءِ ڳالهائڻ مثل وڏي آواز سان ڳالهائڻ بعض اوهان جي بعض سان متان چٽ ٿي وڃن عمل اوهان جا ۽ اوهان نه پيا خبر رکو . |
إِنَّ الَّذينَ يَغُضّونَ أَصوٰتَهُم عِندَ رَسولِ اللَّهِ أُولٰئِكَ الَّذينَ امتَحَنَ اللَّهُ قُلوبَهُم لِلتَّقوىٰ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 3) |
بيشڪ اهي شخص جو هيٺ ڪن ٿا پنهنجا آواز الله جي رسول وٽ اهي ئي آهن جو آزمايو الله دلين انهن جي کي تقوى! جي لاءِ انهن جي لاءِ مغفرت ۽ ثواب وڏو آهي . |
إِنَّ الَّذينَ يُنادونَكَ مِن وَراءِ الحُجُرٰتِ أَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 4) |
بيشڪ جيڪي سڏين ٿا توکي ٻاهران حجرن جي گهڻا انهن مان عقل نه ٿا رکن . |
وَلَو أَنَّهُم صَبَروا حَتّىٰ تَخرُجَ إِلَيهِم لَكانَ خَيرًا لَهُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 5) |
۽ جيڪڏهن تحقيق اهي صبر ڪن تان جو نڪرو اوهان انهن ڏانهن ته البته هجي ها ڀلو انهن جي لاءِ ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن جاءَكُم فاسِقٌ بِنَبَإٍ فَتَبَيَّنوا أَن تُصيبوا قَومًا بِجَهٰلَةٍ فَتُصبِحوا عَلىٰ ما فَعَلتُم نٰدِمينَ (آيت : 6) |
اي ايمان وارا! جيڪڏهن آڻي اوهان وٽ ڪو فاسق ڪا خبر ته پوءِ جاچ ڪيو متان نقصان پهچايو ڪنهن قوم کي بي خبريءَ جي ڪري پوءِ ٿي پئو ان تي جيڪي ڪيُوَ پشيمان . |
وَاعلَموا أَنَّ فيكُم رَسولَ اللَّهِ لَو يُطيعُكُم فى كَثيرٍ مِنَ الأَمرِ لَعَنِتُّم وَلٰكِنَّ اللَّهَ حَبَّبَ إِلَيكُمُ الإيمٰنَ وَزَيَّنَهُ فى قُلوبِكُم وَكَرَّهَ إِلَيكُمُ الكُفرَ وَالفُسوقَ وَالعِصيانَ أُولٰئِكَ هُمُ الرّٰشِدونَ (آيت : 7) |
۽ ڄاڻو ته بيشڪ اوهان ۾ الله جو رسول (موجود) آهي جيڪڏهن چوڻ مڃيندو اوهان جو گهڻن امرن ۾ ته البته تڪليف ۾ پوندؤ پر الله پيارو بنايائين اوهان وٽ ايمان ۽ سينگاريائين ان کي اوهان جي دلين ۾ ۽ ناپسند ڪيائين اوهان وٽ ڪفر ۽ فسق ۽ گناهه ۽ اهيئي هدايت وارا آهن . |
فَضلًا مِنَ اللَّهِ وَنِعمَةً وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 8) |
مهرباني ٿي الله وٽا ۽ نعمت ٿي ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَإِن طائِفَتانِ مِنَ المُؤمِنينَ اقتَتَلوا فَأَصلِحوا بَينَهُما فَإِن بَغَت إِحدىٰهُما عَلَى الأُخرىٰ فَقٰتِلُوا الَّتى تَبغى حَتّىٰ تَفيءَ إِلىٰ أَمرِ اللَّهِ فَإِن فاءَت فَأَصلِحوا بَينَهُما بِالعَدلِ وَأَقسِطوا إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 9) |
۽ جيڪڏهن ٻه جماعتون مؤمنن مان وڙهن ته پوءِ صلح ڪيو انهن جي وچ ۾ پوءِ جيڪڏهن زيادتي ڪري هڪڙي انهن مان ٻيءَ تي ته پوءِ جنگ ڪيو ان سان جيڪا زيادتي ڪري تانجو موٽي الله جي امر ڏانهن پوءِ جيڪڏهن موٽي پوء صلح ڪيو انهن جي وچ ۾ عدل سان ۽ انصاف ڪيو بيشڪ الله محبت رکي ٿو انصاف ڪندرن سان . |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ إِخوَةٌ فَأَصلِحوا بَينَ أَخَوَيكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 10) |
مؤمن ته (پاڻ ۾) ڀائر آهن پوءِ صلح ڪيو پنهنجن ڀائرن جي وچ ۾ ۽ ڊڄو الله کان تانته اوهان رحم ڪيا وڃو . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا يَسخَر قَومٌ مِن قَومٍ عَسىٰ أَن يَكونوا خَيرًا مِنهُم وَلا نِساءٌ مِن نِساءٍ عَسىٰ أَن يَكُنَّ خَيرًا مِنهُنَّ وَلا تَلمِزوا أَنفُسَكُم وَلا تَنابَزوا بِالأَلقٰبِ بِئسَ الِاسمُ الفُسوقُ بَعدَ الإيمٰنِ وَمَن لَم يَتُب فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 11) |
اي ايمان وارؤ! نه ٺٺول ڪري ڪا قوم ڪنهن قوم تان ويجهو آهي هي ڳالهه جو هجن ڀلا انهن کان ۽ نه عورتون عورتن تان ويجهو آهي جو هجن ڀليون انهن کان ۽ نه عيب لايو هڪ ٻئي کي ۽ نه سڏيو هڪ ٻئي کي برن لقبن سان برو آهي نالو فسق ايمان کان پوءِ ۽ جن نه توبہ ڪئي پوءِ اهيئي ظالم آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اجتَنِبوا كَثيرًا مِنَ الظَّنِّ إِنَّ بَعضَ الظَّنِّ إِثمٌ وَلا تَجَسَّسوا وَلا يَغتَب بَعضُكُم بَعضًا أَيُحِبُّ أَحَدُكُم أَن يَأكُلَ لَحمَ أَخيهِ مَيتًا فَكَرِهتُموهُ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ تَوّابٌ رَحيمٌ (آيت : 12) |
اي ايمان وارؤ! بچو گهڻن گمانن کان بيشڪ بعضي گمان گناهه آهن ۽ نه عيب ڳوليو ۽ نه گلا ڪن هڪڙا اوهان مان ٻين جي ڇا محبت رکي ٿو هڪڙو اوهان مان ته کائي گوشت پنهنجي مئل ڀاءُ جو پوءِ نه پسند ڪندؤ اوهان ان کي ۽ ڊڄو الله کان بيشڪ الله توبہ قبول ڪندڙ، مهربان آهي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنّا خَلَقنٰكُم مِن ذَكَرٍ وَأُنثىٰ وَجَعَلنٰكُم شُعوبًا وَقَبائِلَ لِتَعارَفوا إِنَّ أَكرَمَكُم عِندَ اللَّهِ أَتقىٰكُم إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ خَبيرٌ (آيت : 13) |
اي انسانو! بلاشڪ اسان پيدا ڪيو اوهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان ۽ بنايوسون اوهان کي ذاتيون ۽ قبيلا تانته هڪ ٻئي کي سڃاڻو بلاشڪ وڌيڪ عزت وارو اوهان مان الله وٽ اوهان مان وڌيڪ پرهيزگار آهي بيشڪ الله ڄاڻندڙ، خبر رکندڙ آهي. |
قالَتِ الأَعرابُ ءامَنّا قُل لَم تُؤمِنوا وَلٰكِن قولوا أَسلَمنا وَلَمّا يَدخُلِ الإيمٰنُ فى قُلوبِكُم وَإِن تُطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ لا يَلِتكُم مِن أَعمٰلِكُم شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 14) |
چيو ٻهراڙي وارن ته اسان ايمان آندو آهي فرماءِ ته نه ايمان آندو اوهان ۽ پر چئو ته تابعدار ٿياسون ۽ اڃان نه داخل ٿيو ايمان اوهان جي دلين ۾ ۽ جيڪڏهن اطاعت ڪندؤ الله جي ۽ ان جي رسول جي ته نه گهٽائيندو اوهان کان اوهان جي عملن (جي اجر) مان ڪجهه به نيشڪ الله بخشڻهار، مهربان آهي . |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ ثُمَّ لَم يَرتابوا وَجٰهَدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فى سَبيلِ اللَّهِ أُولٰئِكَ هُمُ الصّٰدِقونَ (آيت : 15) |
ايمان وارا ته اهي آهن جن ايمان آندو الله تي ۽ ان جي رسول تي ان کان پوءِ نه شڪ ڪيائون ۽ جهاد ڪيائون پنهنجن مالن ۽ پنهنجن سرن سان الله جي واٽ ۾ اهيئي سچا آهن . |
قُل أَتُعَلِّمونَ اللَّهَ بِدينِكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 16) |
فرماءِ ته ڇا ڄاڻايو ٿا الله کي پنهنجو دين ۽ الله ڄاڻي ٿو جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ الله هر شيءِ ڄاڻندڙ آهي . |
يَمُنّونَ عَلَيكَ أَن أَسلَموا قُل لا تَمُنّوا عَلَىَّ إِسلٰمَكُم بَلِ اللَّهُ يَمُنُّ عَلَيكُم أَن هَدىٰكُم لِلإيمٰنِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 17) |
احسان ڪن ٿا توتي هي ته مسلمان ٿيا فرماءِ ته نه احسان ڪيو مون تي پنهنجي مسلمان ٿيڻ جو بلڪ الله احسان ڪري ٿو اوهان تي هي ته هدايت ڪيائين اوهان کي ايمان جي لاءِ جيڪڏهن آهيو سچا . |
إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ غَيبَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 18) |
بيشڪ الله ڄاڻي ٿو ڳجهه آسمانن جو ۽ زمين جو ۽ الله ڏسندڙ آهي جيڪي ڪيو ٿا. ع |