يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُقَدِّموا بَينَ يَدَىِ اللَّهِ وَرَسولِهِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 1) |
اي ايمان وارؤ! الله تعالى ۽ رسول سڳوري کان (ڪنهن به ڳالهه ۾) اڳتي وڌڻ جي ڪوشش نه ڪندا ڪريو. الله تعالى جو خوف رکو. بيشڪ الله تعالى خوب ٻڌندڙ ۽ خوب ڄاڻندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَرفَعوا أَصوٰتَكُم فَوقَ صَوتِ النَّبِىِّ وَلا تَجهَروا لَهُ بِالقَولِ كَجَهرِ بَعضِكُم لِبَعضٍ أَن تَحبَطَ أَعمٰلُكُم وَأَنتُم لا تَشعُرونَ (آيت : 2) |
اي ايمان وارؤ! پنھنجي آوازن کي نبي سڳوري جي آواز کان ڏاڍيان نه رکو ۽ نه اُن سان ايئن ڏاڍيان ڳالهائيندا ڪريو جيئن توهان پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڏاڍيان ڳالهائيندا آهيو. ايئن نه ٿئي جو توهان جا سڀ عمل ضايع ٿي وڃن ۽ توهان کي خبر به نه پوي. |
إِنَّ الَّذينَ يَغُضّونَ أَصوٰتَهُم عِندَ رَسولِ اللَّهِ أُولٰئِكَ الَّذينَ امتَحَنَ اللَّهُ قُلوبَهُم لِلتَّقوىٰ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 3) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو پنھنجي آوازن کي الله تعالى جي رسول (ﷺ) جي اڳيان آهستي رکندا آهن (درحقيقت) هي اُهي ماڻهو آهن جن جي دلين کي الله تعالى پرهيزگاري لاءِ پرکي ڇڏيو آهي. ۽ انهن جي لاءِ بخشش ۽ وڏو اجرآهي. |
إِنَّ الَّذينَ يُنادونَكَ مِن وَراءِ الحُجُرٰتِ أَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 4) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو توکي گهرن جي ٻاهران (زور زور سان) سڏين ٿا انهن مان گهڻا ماڻهو بي عقل آهن. |
وَلَو أَنَّهُم صَبَروا حَتّىٰ تَخرُجَ إِلَيهِم لَكانَ خَيرًا لَهُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 5) |
۽ جيڪڏهن هي ماڻهو تنھنجي اچڻ تائين صبر ڪن ها ته اهو انهن جي لاءِ ئي بھتر هو ۽ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن جاءَكُم فاسِقٌ بِنَبَإٍ فَتَبَيَّنوا أَن تُصيبوا قَومًا بِجَهٰلَةٍ فَتُصبِحوا عَلىٰ ما فَعَلتُم نٰدِمينَ (آيت : 6) |
اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان وٽ ڪو بدڪردار ماڻهو ڪا خبر کڻي اچي ته (پھريائين) اُن جي تحقيق ڪندا ڪريو. ايئن نه ٿئي ته متان توهان اڻ ڄاڻائي ۾ ڪنھن قوم جو نقصان ڪري ويھو ۽ پنھنجي ڪيل ڪم تي ويھي شرمسار ٿيو. |
وَاعلَموا أَنَّ فيكُم رَسولَ اللَّهِ لَو يُطيعُكُم فى كَثيرٍ مِنَ الأَمرِ لَعَنِتُّم وَلٰكِنَّ اللَّهَ حَبَّبَ إِلَيكُمُ الإيمٰنَ وَزَيَّنَهُ فى قُلوبِكُم وَكَرَّهَ إِلَيكُمُ الكُفرَ وَالفُسوقَ وَالعِصيانَ أُولٰئِكَ هُمُ الرّٰشِدونَ (آيت : 7) |
۽ توهان اها ڳالهه ذهن ۾ ويھاري ڇڏيو ته (هن وقت) الله تعالى جو رسول سڳورو توهان ۾ خود موجود آهي. جيڪڏهن هو گهڻن معاملن ۾ توهان جي ڳالهه مڃي ته توهان خود پريشاني ۾ اچي ويندا. پر الله تعالى توهان کي ايمان سان محبت عطا ڪئي آهي ۽ توهان جي دلين ۾ ايمان کي اڃا وڌيڪ سھڻو ڪري ڏيکاريو آهي ۽ توهان کي ڪفر، بدڪاري ۽ نافرمانيءَ کان نفرت ڏياري آهي. اهي ئي ماڻهو بلڪل سڌي رستي تي هلڻ وارا آهن. |
فَضلًا مِنَ اللَّهِ وَنِعمَةً وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 8) |
الله تعالى جي مھرباني ۽ احسان جي ڪري ئي اهي سڌي راهه تي آهن. الله تعالى وڏو ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
وَإِن طائِفَتانِ مِنَ المُؤمِنينَ اقتَتَلوا فَأَصلِحوا بَينَهُما فَإِن بَغَت إِحدىٰهُما عَلَى الأُخرىٰ فَقٰتِلُوا الَّتى تَبغى حَتّىٰ تَفيءَ إِلىٰ أَمرِ اللَّهِ فَإِن فاءَت فَأَصلِحوا بَينَهُما بِالعَدلِ وَأَقسِطوا إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 9) |
۽ جيڪڏهن مؤمنن مان ٻه ڌريون پاڻ ۾ وڙهي پون ته انهن جي وچ ۾ صلح ڪرايو. پوءِ انهن مان جيڪڏهن ڪا هڪ ڌر ٻي ڌر تي زيادتي ڪري ته زيادتي ڪندڙ ڌر جي خلاف الله تعالى جي حڪم ڏي موٽي اچڻ تائين طاقت استعمال ڪريو ۽ جيڪڏهن اها ڌر موٽي پنھنجي ڳالهه تان هٿ کڻي ته پوءِ انهن ٻنهي جي وچ ۾ انصاف سان صلح ڪرايو ۽ (آئنده) انصاف سان ئي هلندا ڪريو. بيشڪ الله تعالى انصاف ڪرڻ وارن کي پسند ڪندو آهي. |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ إِخوَةٌ فَأَصلِحوا بَينَ أَخَوَيكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 10) |
بيشڪ مؤمن ته (پاڻ ۾) ڀائر هوندا آهن تنهنڪري پنھنجي ڀائرن ۾ صلح ڪرايو ۽ (هر وقت) الله تعالى کان ڊڄندا رهو ته جيئن توهان تي رحم ڪيو وڃي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا يَسخَر قَومٌ مِن قَومٍ عَسىٰ أَن يَكونوا خَيرًا مِنهُم وَلا نِساءٌ مِن نِساءٍ عَسىٰ أَن يَكُنَّ خَيرًا مِنهُنَّ وَلا تَلمِزوا أَنفُسَكُم وَلا تَنابَزوا بِالأَلقٰبِ بِئسَ الِاسمُ الفُسوقُ بَعدَ الإيمٰنِ وَمَن لَم يَتُب فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 11) |
اي ايمان وارؤ! ڪوبه ماڻهو ٻين تي ٽوڪ نه ڪري. ٿي سگهي ٿو ته هُو هِن کان بھتر هجن ۽ نه ئي ڪا عورت ٻين تي ٽوڪ ڪري، ٿي سگهي ٿو ته هُو هِن کان بھتر هجن ۽ نه پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا عيب ڪڍو ۽ نه ئي هڪ ٻئي کي بُرن لقبن سان سڏيو. ايمان کان پوءِ برو نالو وٺڻ ڏاڍو خراب آهي. جيڪڏهن هي ماڻهو (هاڻي به) باز نه ايندا ته حقيقت ۾ اهي ئي ظالم آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اجتَنِبوا كَثيرًا مِنَ الظَّنِّ إِنَّ بَعضَ الظَّنِّ إِثمٌ وَلا تَجَسَّسوا وَلا يَغتَب بَعضُكُم بَعضًا أَيُحِبُّ أَحَدُكُم أَن يَأكُلَ لَحمَ أَخيهِ مَيتًا فَكَرِهتُموهُ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ تَوّابٌ رَحيمٌ (آيت : 12) |
اي ايمان وارؤ! هر وقت شڪ ڪرڻ کان پاسو ڪريو. ڇوته ڪي شڪ گناهه هوندا آهن. هڪ ٻئي جي جاسوسي به نه ڪندا ڪريو ۽ نه توهان مان ڪو ڪنھن جي گلا ڪري. ڇا توهان مان ڪو اها ڳالهه پسند ڪندو ته هو پنھنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائي. توهان ان شيءِ کان (ضرور) نفرت ڪندا تنهنڪري الله تعالى کان ڊڄو. بيشڪ الله تعالى توبہ قبول ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنّا خَلَقنٰكُم مِن ذَكَرٍ وَأُنثىٰ وَجَعَلنٰكُم شُعوبًا وَقَبائِلَ لِتَعارَفوا إِنَّ أَكرَمَكُم عِندَ اللَّهِ أَتقىٰكُم إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ خَبيرٌ (آيت : 13) |
اي انسانو! بيشڪ اسان توهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو (پوءِ) اسان توهان کي خاندانن ۽ قبيلن جي صورت ڏني ته جيئن توهان هڪ ٻئي کي سڃاڻي سگهو. بيشڪ الله تعالى وٽ توهان مان وڌيڪ عزت وارو شخص اهو آهي جيڪو توهان مان سڀ کان وڌيڪ پرهيزگار آهي. بيشڪ الله تعالى وڏو ڄاڻندڙ ۽ وڏي خبر رکندڙ آهي. |
قالَتِ الأَعرابُ ءامَنّا قُل لَم تُؤمِنوا وَلٰكِن قولوا أَسلَمنا وَلَمّا يَدخُلِ الإيمٰنُ فى قُلوبِكُم وَإِن تُطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ لا يَلِتكُم مِن أَعمٰلِكُم شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 14) |
(عرب جا) ڳوٺاڻا ماڻهو چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي. کين چؤ ته توهان ايمان نه آندو آهي، توهان رڳو (زباني) مسلمان ٿيا آهيو. ايمان ته توهان جي دلين ۾ اڃا داخل ٿيو ئي نه آهي. جيڪڏهن توهان الله تعالى ۽ ان جي رسول سڳوري جي (دل سان) فرمانبرداري ڪندا ته هو توهان جي عملن مان ڪا شيءِ نه گهٽائيندو. بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ ثُمَّ لَم يَرتابوا وَجٰهَدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فى سَبيلِ اللَّهِ أُولٰئِكَ هُمُ الصّٰدِقونَ (آيت : 15) |
بيشڪ (حقيقي) مؤمن ته اُهي ماڻهو آهن جن الله تعالى ۽ ان جي رسول (ﷺ) تي ايمان آندو. ۽ پوءِ (ڪڏهن به انهن جي دلين ۾) شڪ پيدا نه ٿيو. هو پنھنجي مالن ۽ جانين سان جھاد ڪندا رهن ٿا. اهي ئي سچا ماڻهو آهن. |
قُل أَتُعَلِّمونَ اللَّهَ بِدينِكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 16) |
(اي نبيﷺ!) انهن (ظاهري ايمان آڻيندڙن) کي چؤ ته ڇا توهان پنھنجو دين الله تعالى کي ظاهر ڪري ڏيکارڻ چاهيو ٿا؟ الله تعالى کي ته آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ معلوم آهي ۽ الله تعالى هر شيءِ کي خوب ڄاڻندڙ آهي. |
يَمُنّونَ عَلَيكَ أَن أَسلَموا قُل لا تَمُنّوا عَلَىَّ إِسلٰمَكُم بَلِ اللَّهُ يَمُنُّ عَلَيكُم أَن هَدىٰكُم لِلإيمٰنِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 17) |
هي ماڻهو پنھنجي مسلمان ٿيڻ جو تنھنجي مٿان احسان ڳائن ٿا. چؤ ته پنھنجي مسلمانيءَ جو مون تي احسان نه ڳايو. بلڪه الله تعالى توهان جي مٿان وڏو احسان ڪيو آهي جو هُن توهان کي ايمان آڻڻ جو رستو ڏيکاريو. جيڪڏهن توهان (پنھنجي ڳالهه ۾) سچا آهيو (ته پوءِ پنهنجي ڳالهه تي وري سوچيو ته چؤ ڇا ٿا؟) |
إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ غَيبَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 18) |
بيشڪ الله تعالى آسمانن ۽ زمين جي ڳجهه کي ڄاڻي ٿو ۽ جيڪو توهان ڪريو ٿا ان تي ان جي گهري نظر آهي. |