يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُقَدِّموا بَينَ يَدَىِ اللَّهِ وَرَسولِهِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 1) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! اڳرائي نه ڪريو آڏو الله ۽ سندس رسول جي، ۽ ڊڄو الله کان، بيشڪ الله ته سڀڪجهه ٻڌڻ ڄاڻڻ وارو آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَرفَعوا أَصوٰتَكُم فَوقَ صَوتِ النَّبِىِّ وَلا تَجهَروا لَهُ بِالقَولِ كَجَهرِ بَعضِكُم لِبَعضٍ أَن تَحبَطَ أَعمٰلُكُم وَأَنتُم لا تَشعُرونَ (آيت : 2) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، مٿي نه ڪريو پنهنجا آواز مٿان آواز نبي جي ۽ نه وري وڏي آواز سان ساڻن ڳالهايو جيئن توهان پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا آهيو ڏاڍيان، ائين نه ٿئي جو چٽ ٿي وڃن توهان جا سڀ عمل، ۽ توهان کي ان جي خبر به نه پوي |
إِنَّ الَّذينَ يَغُضّونَ أَصوٰتَهُم عِندَ رَسولِ اللَّهِ أُولٰئِكَ الَّذينَ امتَحَنَ اللَّهُ قُلوبَهُم لِلتَّقوىٰ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 3) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو جهڪا رکن ٿا پنهنجا آواز ڳالهه ڪندي رسول الله جي آڏو، سي حقيقت ۾ اهي ئي ماڻهو آهن جن کي پرکيو آهي الله سندن دلين کي پرهيزگاريءَ ۾، انهن جي لاءِ ئي بخشش ۽ وڏو اجر آهي |
إِنَّ الَّذينَ يُنادونَكَ مِن وَراءِ الحُجُرٰتِ أَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 4) |
(اي نبي!) بيشڪ جيڪي ماڻهو پڪارين ٿا توکي ٻاهران حجرن جي، انهن مان گهڻا ته بي سمجهه آهن |
وَلَو أَنَّهُم صَبَروا حَتّىٰ تَخرُجَ إِلَيهِم لَكانَ خَيرًا لَهُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 5) |
۽ جي اهي صبر ڪن ها تنهنجي ٻاهر اچڻ تائين ته انهن جي لاءِ وڌيڪ بهتر هو، ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن جاءَكُم فاسِقٌ بِنَبَإٍ فَتَبَيَّنوا أَن تُصيبوا قَومًا بِجَهٰلَةٍ فَتُصبِحوا عَلىٰ ما فَعَلتُم نٰدِمينَ (آيت : 6) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، جي توهان وٽ اچي ڪو فاسق ڪا خبر کڻي ته چڱيءَ طرح ان جي جاچ ڪندا ڪريو، ڪٿي ڪنهن قوم کي بي خبريءَ ۾ نقصان پهچايو پوءِ پنهنجي ان عمل تي پشيمان ٿيو |
وَاعلَموا أَنَّ فيكُم رَسولَ اللَّهِ لَو يُطيعُكُم فى كَثيرٍ مِنَ الأَمرِ لَعَنِتُّم وَلٰكِنَّ اللَّهَ حَبَّبَ إِلَيكُمُ الإيمٰنَ وَزَيَّنَهُ فى قُلوبِكُم وَكَرَّهَ إِلَيكُمُ الكُفرَ وَالفُسوقَ وَالعِصيانَ أُولٰئِكَ هُمُ الرّٰشِدونَ (آيت : 7) |
۽ چڱيءَ طرح ڄاڻي وٺو ته بيشڪ توهان جي وچ ۾ موجود آهي رسول الله، جي اهو مڃي وٺي گهڻيون ئي ڳالهيون ته پوءِ توهان پاڻ تڪليف ۾ اچي ويندؤ، پر الله توهان کي محبت ڏني آهي ايمان جي، ۽ ان کي ئي توهان جي دلين لاءِ پسند ڪيو ۽ نفرت ڏياري اٿس توهان کي ڪفر ۽ فسق ۽ نافرمانيءَ کان، اهڙا ئي ماڻهو آهن سڌي رستي تي |
فَضلًا مِنَ اللَّهِ وَنِعمَةً وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 8) |
فضل الله جي سان ۽ سندس احسان سان، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي |
وَإِن طائِفَتانِ مِنَ المُؤمِنينَ اقتَتَلوا فَأَصلِحوا بَينَهُما فَإِن بَغَت إِحدىٰهُما عَلَى الأُخرىٰ فَقٰتِلُوا الَّتى تَبغى حَتّىٰ تَفيءَ إِلىٰ أَمرِ اللَّهِ فَإِن فاءَت فَأَصلِحوا بَينَهُما بِالعَدلِ وَأَقسِطوا إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 9) |
۽ جيڪڏهن ٻه ٽولا مؤمنن مان پاڻ ۾ وڙهي پون ته ٺاهه ڪرايو انهن ۾، ۽ جيڪڏهن هڪ ٽولو زيادتي ڪري ته ٻئي ٽولي تي زيادتي ڪندڙ ٽولي سان وڙهو، ايستائين جو اهو موٽي اچي حڪم الله جي ڏانهن، پوءِ جڏهن اهو موٽي اچي ته صلح ڪرايو انهن جي وچ ۾ عدل ۽ انصاف سان ۽ انصاف ڪريو، بيشڪ الله پسند ڪري ٿو انصاف ڪرڻ وارن کي |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ إِخوَةٌ فَأَصلِحوا بَينَ أَخَوَيكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 10) |
بيشڪ مؤمن ته هڪ ٻئي جا ڀائر آهن ان ڪري پنهنجي ڀائرن جي وچ ۾ لاڳاپا درست ڪريو، ۽ ڊڄو الله کان، اميد ته توهان تي رحم ڪيو ويندو |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا يَسخَر قَومٌ مِن قَومٍ عَسىٰ أَن يَكونوا خَيرًا مِنهُم وَلا نِساءٌ مِن نِساءٍ عَسىٰ أَن يَكُنَّ خَيرًا مِنهُنَّ وَلا تَلمِزوا أَنفُسَكُم وَلا تَنابَزوا بِالأَلقٰبِ بِئسَ الِاسمُ الفُسوقُ بَعدَ الإيمٰنِ وَمَن لَم يَتُب فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 11) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، ڪير به (مرد) ڪنهن سان ٺٺولي نه ڪري ڪنهن (مرد) سان ٿي سگهي ٿو ته اهي کانئن ڀلا هجن ۽ نه وري عورتون (ٺٺوليون) ڪن عورتن سان، ٿي سگهي ٿو اهي وڌيڪ بهتر هجن انهن کان، ۽ نه ڪريو عيب جوئي هڪ ٻئي جي ۽ نه وري هڪ ٻئي کي سڏيو برن لقبن سان، تمام خراب آهي فسق (بي ديني) ايمان آڻڻ کان پوءِ، ۽ جيڪي ماڻهو ان هلت کان نه رڪجن ته اهي ئي ظالم آهن |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اجتَنِبوا كَثيرًا مِنَ الظَّنِّ إِنَّ بَعضَ الظَّنِّ إِثمٌ وَلا تَجَسَّسوا وَلا يَغتَب بَعضُكُم بَعضًا أَيُحِبُّ أَحَدُكُم أَن يَأكُلَ لَحمَ أَخيهِ مَيتًا فَكَرِهتُموهُ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ تَوّابٌ رَحيمٌ (آيت : 12) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، پاسو ڪريو گهڻي گمان (وهم) ڪرڻ کان، بيشڪ ڪي گمان ڪرڻ ئي ته گناهه هوندا آهن ۽ نه ڪريو جاسوسي ۽ نه ڪنهن جي ڪا گلا ڪندا ڪريو، ڇا پسند ڪندؤ ته اهو کائي گوشت پنهنجي ڀاءُ جو جيڪو مري ويو هجي؟ ڏسو توهان پاڻ ان کان نفرت ڪريو ٿا، پوءِ ڊڄو الله کان، بيشڪ الله توبهه قبول ڪندڙ وڏو ٻاجهارو آهي |
يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنّا خَلَقنٰكُم مِن ذَكَرٍ وَأُنثىٰ وَجَعَلنٰكُم شُعوبًا وَقَبائِلَ لِتَعارَفوا إِنَّ أَكرَمَكُم عِندَ اللَّهِ أَتقىٰكُم إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ خَبيرٌ (آيت : 13) |
اي لوڪو (انسانؤ)! بيشڪ اسان خلقيو توهان کي هڪ مرد ۽ عورت مان ۽ ٺاهيون توهان جون برادريون ۽ قبيلا جيئن هڪ ٻئي کي سڃاڻي سگهو، بيشڪ سڀ کان وڌيڪ عزت وارو الله وٽ اهو آهي جيڪو توهان مان پرهيزگار آهي، بيشڪ الله سڀڪجهه ڄاڻندڙ ۽ باخبر آهي |
قالَتِ الأَعرابُ ءامَنّا قُل لَم تُؤمِنوا وَلٰكِن قولوا أَسلَمنا وَلَمّا يَدخُلِ الإيمٰنُ فى قُلوبِكُم وَإِن تُطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ لا يَلِتكُم مِن أَعمٰلِكُم شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 14) |
اهي چوندا آهن بدوي، ته، اسان ايمان آندو. کين چؤ ته توهان ايمان نه آندو آهي پر ائين چئو ته اسان تابعداري ڪئي آهي، ڇو ته داخل ئي نه ٿيو آهي ايمان اڃا توهان جي دلين ۾. ها، جيڪڏهن توهان فرمانبردار ٿيو الله ۽ سندس رسول جا ته اهو گهٽتائي نه ڪندو توهان جي عملن جي اجر ۾ ڪابه، بيشڪ الله وڏو معاف ڪندڙ ۽ ٻاجهارو آهي |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ ثُمَّ لَم يَرتابوا وَجٰهَدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فى سَبيلِ اللَّهِ أُولٰئِكَ هُمُ الصّٰدِقونَ (آيت : 15) |
حقيقت ۾ ته مؤمن اهي آهن جن ايمان آندو الله تي ۽ سندس رسول تي، پوءِ انهن نه ڪيو ڪوبه شڪ ۽ جهاد ڪيائون پنهنجن مالن ۽ جانين سان الله جي راهه ۾، اهي ئي ماڻهو (حقيقت ۾) سچا آهن |
قُل أَتُعَلِّمونَ اللَّهَ بِدينِكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 16) |
(اي نبي! ايمان جي هام هڻندڙن) چؤ، ڇا توهان ٻڌايو پيا الله کي پنهنجي دين لاءِ؟ ۽ الله جڏهن ته ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، بيشڪ الله هر شيءِ جو (پورو پورو) علم رکي ٿو |
يَمُنّونَ عَلَيكَ أَن أَسلَموا قُل لا تَمُنّوا عَلَىَّ إِسلٰمَكُم بَلِ اللَّهُ يَمُنُّ عَلَيكُم أَن هَدىٰكُم لِلإيمٰنِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 17) |
احسان جتائن ٿا توکي اهي ماڻهو جن اسلام قبول ڪيو آهي، کين چؤ ته مون تي احسان نه ڪيو آهي توهان پنهنجي اسلام جو، پر الله احسان ڪيو آهي توهان تي، جو هدايت ڏنائين توهان کي ايمان آڻڻ جي، جيڪڏهن توهان (پنهنجي ايمان جي دعويٰ ۾) سچا آهيو |
إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ غَيبَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 18) |
بيشڪ الله ڄاڻي ٿو اهو غيب جيڪو آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، بيشڪ الله ئي نگاهه ۾ رکي ٿو جيڪي توهان عمل ڪندا آهيو |