إِنّا فَتَحنا لَكَ فَتحًا مُبينًا (آيت : 1) |
(اي رسول هي حديبيه جو صلح نه آهي پر) اسان حقيقت ۾ تو کي پڌري فتح عطا ڪئي، |
لِيَغفِرَ لَكَ اللَّهُ ما تَقَدَّمَ مِن ذَنبِكَ وَما تَأَخَّرَ وَيُتِمَّ نِعمَتَهُ عَلَيكَ وَيَهدِيَكَ صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 2) |
ته جيئن خدا تنهنجي (امت جا) اڳيان ۽ پويان قصور معاف ڪري ۽ پنهنجي نعمت تو تي پوري ڪري ۽ تو کي سڌي راھ تي ثابت قدم رکي. |
وَيَنصُرَكَ اللَّهُ نَصرًا عَزيزًا (آيت : 3) |
۽ خدا تو کي زبردست مدد ڏني. |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ السَّكينَةَ فى قُلوبِ المُؤمِنينَ لِيَزدادوا إيمٰنًا مَعَ إيمٰنِهِم وَلِلَّهِ جُنودُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 4) |
الله اهو ئي آهي جنهن ايمان وارن جي دلين ۾ تسلي نازل فرمائي ته (جيئن) سندن (پهرئين) ايمان سان گڏ اڃا به سندن ايمان زياده ٿئي. ۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر خدا جا ئي آهن. ۽ خدا (مصلحت کي) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
لِيُدخِلَ المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَيُكَفِّرَ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَكانَ ذٰلِكَ عِندَ اللَّهِ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 5) |
ته ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين عورتن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪري جن جي هيٺان واھ وهن ٿا ۽ اهي اتي هميشه رهندا ۽ انهن تان سندن گناهن کي ميٽي ڇڏي ۽ اها خدا وٽ وڏي ڪاميابي آهي. |
وَيُعَذِّبَ المُنٰفِقينَ وَالمُنٰفِقٰتِ وَالمُشرِكينَ وَالمُشرِكٰتِ الظّانّينَ بِاللَّهِ ظَنَّ السَّوءِ عَلَيهِم دائِرَةُ السَّوءِ وَغَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم وَلَعَنَهُم وَأَعَدَّ لَهُم جَهَنَّمَ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 6) |
۽ منافق مرد ۽ منافق عورتون ۽ مشرڪ مرد ۽ مشرڪ عورتون تن تي جي خدا جي باري ۾ برا خيال رکن ٿا، عذاب نازل ڪري. مٿن بڇڙي مصيبت پيل آهي ۽ خدا انهن تي غضبناڪ آهي ۽ مٿن لعنت ڪئي اٿس. ۽ انهن لاءِ دوزخ تيار ڪيو اٿس ۽ اهو ٺڪاڻو بڇڙو آهي. |
وَلِلَّهِ جُنودُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 7) |
۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا (ئي) آهن. ۽ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |
إِنّا أَرسَلنٰكَ شٰهِدًا وَمُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 8) |
(اي رسول) اسان تو کي (سڀني عالمن جو) شاهد ۽ خوشخبري ڏيڻ وارو ۽ ڊيڄارڻ وارو (رسول) بڻائي موڪليو. |
لِتُؤمِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتُعَزِّروهُ وَتُوَقِّروهُ وَتُسَبِّحوهُ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 9) |
(ته اي مسلمانو!) اوهين خدا ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ سندس مدد ڪريو ۽ کيس بزرگ ڄاڻو ۽ صبح شام سندس تسبيح ڪريو. |
إِنَّ الَّذينَ يُبايِعونَكَ إِنَّما يُبايِعونَ اللَّهَ يَدُ اللَّهِ فَوقَ أَيديهِم فَمَن نَكَثَ فَإِنَّما يَنكُثُ عَلىٰ نَفسِهِ وَمَن أَوفىٰ بِما عٰهَدَ عَلَيهُ اللَّهَ فَسَيُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 10) |
بيشڪ جيڪي تو سان بيعت ڪن ٿا سي رڳو خدا سان بيعت ڪن ٿا. خدا جي قوت ۽ قدرت ته سڀني تي غالب آهي ته پوءِ جيڪو انجام ڀڃندو سو رڳو پنهنجي نقصان لاءِ پنهنجو قول ڀڃي ٿو ۽ جو شخص ان انجام کي پورو ڪندو جنهن جو خدا ساڻ قرار ڪيو اٿس تنهن کي خدا وڏو اجر ڏيندو. |
سَيَقولُ لَكَ المُخَلَّفونَ مِنَ الأَعرابِ شَغَلَتنا أَموٰلُنا وَأَهلونا فَاستَغفِر لَنا يَقولونَ بِأَلسِنَتِهِم ما لَيسَ فى قُلوبِهِم قُل فَمَن يَملِكُ لَكُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا إِن أَرادَ بِكُم ضَرًّا أَو أَرادَ بِكُم نَفعًا بَل كانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 11) |
(اي رسول) ٻهراڙيءَ وارن مان پٺتي رهيل تو کي چوندا ته اسان جي مالن ۽ اسان جي ٻارن ٻچن اسان کي (حديبيه ۾ اچڻ کان) رجهائي ڇڏيو هو، ۽ تون اسان لاءِ (خدا کان) معافي جي دعا گهر، اهي ماڻهو پنهنجن زبان سان اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا جي سندن دلين ۾ نه آهن. تون چوين ته جيڪڏهن خدا اوهان کي نقصان پهچائڻ گهري يا اوهان کي فائدو رسائڻ گهري ته پوءِ اهڙو ڪير آهي جو خدا جي مقابلي ۾ اوهان لاءِ ڪجھ به ڪري سگهي ٿو؟ پر جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي خدا کي پوري خبر آهي. |
بَل ظَنَنتُم أَن لَن يَنقَلِبَ الرَّسولُ وَالمُؤمِنونَ إِلىٰ أَهليهِم أَبَدًا وَزُيِّنَ ذٰلِكَ فى قُلوبِكُم وَظَنَنتُم ظَنَّ السَّوءِ وَكُنتُم قَومًا بورًا (آيت : 12) |
(اهي رڳو اوهان جا بهانا آهن) ڳالھ هي آهي ته اوهان هي ڄاتو هو ته رسول ۽ مومن ڪڏهن به پنهنجن ٻارن ٻچن ڏي ڪين موٽندا (سڀ مارجي ويندا) ۽ اها ڳالھ اوهان جي دلين ۾ کپي ويئي هئي ۽ (ان ڪري ئي) اوهين طرح طرح جون بدگمانيون ڪرڻ لڳا هئا ۽ (نيٺ) اوهين پاڻ برباد ٿيا. |
وَمَن لَم يُؤمِن بِاللَّهِ وَرَسولِهِ فَإِنّا أَعتَدنا لِلكٰفِرينَ سَعيرًا (آيت : 13) |
۽ جو شخص خدا ۽ سندس رسول تي ايمان نه آڻي ته اسان اهڙن ڪافرن لاءِ دوزخ جي باھ تيار ڪري رکي آهي. |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 14) |
۽ آسمانن ۽ زمين جي حڪومت الله لاءِ ئي آهي. جنهن کي چاهي بخشيءَ ڇڏي جنهن کي چاهي سزا ڏئي ۽ خدا ته وڏو بخشڻهار آهي. |
سَيَقولُ المُخَلَّفونَ إِذَا انطَلَقتُم إِلىٰ مَغانِمَ لِتَأخُذوها ذَرونا نَتَّبِعكُم يُريدونَ أَن يُبَدِّلوا كَلٰمَ اللَّهِ قُل لَن تَتَّبِعونا كَذٰلِكُم قالَ اللَّهُ مِن قَبلُ فَسَيَقولونَ بَل تَحسُدونَنا بَل كانوا لا يَفقَهونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 15) |
(مسلمانو) هاڻي جو اوهين (خيبر جي) غنيمتن جي وٺڻ لاءِ ويندو ته جي ماڻهو (حديبيه کان) پٺتي رهجي ويا هئا سي اوهان کي چوندا ته اسان کي به پاڻ سان وٺي هلو. اهي گهرن ٿا ته خدا جي ڳالھ کي بدلائي ڇڏين. (اي رسول! کين) چئو ته اوهين اسان سان ڪڏهن به نه هلندو اهڙي طرح خدا اڳي فرمائي چڪو آهي. ته اهي چوندا ته (نه) پر اوهين اسان تي سڙو ٿا، (خدا ائين چوندو) ڳالھ هئين آهي ته انهن ماڻهن کي تمام گهٽ ڄاڻ آهي. |
قُل لِلمُخَلَّفينَ مِنَ الأَعرابِ سَتُدعَونَ إِلىٰ قَومٍ أُولى بَأسٍ شَديدٍ تُقٰتِلونَهُم أَو يُسلِمونَ فَإِن تُطيعوا يُؤتِكُمُ اللَّهُ أَجرًا حَسَنًا وَإِن تَتَوَلَّوا كَما تَوَلَّيتُم مِن قَبلُ يُعَذِّبكُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 16) |
(اي پيغمبر) ٻاهراڙيءَ وارن مان پٺتي رهلين کي چئو ته جلد ئي هڪ سخت وڙهڻ واري قوم سان وڙهڻ لاءِ اوهان کي سڏيو ويندو جو اوهين (يا ته) انهن سان وڙهندا ئي رهندو يا اهي مسلمان ئي ٿين. پوءِ جيڪڏهن اوهان (خدا جو) حڪم مڃيو ته خدا توهان کي سٺو بدلو ڏيندو ۽ جيڪڏهن پٺ ڦيرندو جيئن هن کان اڳي پٺ ڦيري اٿو ته اوهان کي دردناڪ عذاب ڏيندو. |
لَيسَ عَلَى الأَعمىٰ حَرَجٌ وَلا عَلَى الأَعرَجِ حَرَجٌ وَلا عَلَى المَريضِ حَرَجٌ وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَمَن يَتَوَلَّ يُعَذِّبهُ عَذابًا أَليمًا (آيت : 17) |
(جهاد کان پٺتي رهجي وڃڻ وارن مان) نه ته ڪنهن انڌي تي ئي ڪو گناھ آهي ۽ نه منڊي تي ڪو گناھ آهي ۽ نه ئي بيمار تي گناھ آهي. ۽ جو شخص خدا ۽ سندس رسول جو حڪم مڃيندو ته خدا کيس (بهشت) جي انهن سدا بهار باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واھ وهن ٿا ۽ جيڪو پٺ ڦيريندو تنهن کي دردناڪ عذاب جي سزا ڏيندو. |
لَقَد رَضِىَ اللَّهُ عَنِ المُؤمِنينَ إِذ يُبايِعونَكَ تَحتَ الشَّجَرَةِ فَعَلِمَ ما فى قُلوبِهِم فَأَنزَلَ السَّكينَةَ عَلَيهِم وَأَثٰبَهُم فَتحًا قَريبًا (آيت : 18) |
(اي رسول) بيشڪ خدا ايمان وارن کان تنهن وقت راضي ٿيو جڏهن انهن وڻ جي هيٺان (وڙهي مرڻ جي) بيعت ڪئي ٿي. پوءِ جو ڪجھ انهن جي دلين ۾ هو تنهن کي ڏٺائين پوءِ انهن تي تسلي نازل فرمائي ۽ کين ان جي بدلي ۾ تمام جلد فتح عنايت ڪئي. |
وَمَغانِمَ كَثيرَةً يَأخُذونَها وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 19) |
۽ (ان کان سواءِ) ڪيئي غنيمتون (به) جي انهن کي هٿ آيون (عطا ڪيون) ۽ خدا ته (سڀ ڪنهن تي) غالب (۽) حڪمت وارو آهي. |
وَعَدَكُمُ اللَّهُ مَغانِمَ كَثيرَةً تَأخُذونَها فَعَجَّلَ لَكُم هٰذِهِ وَكَفَّ أَيدِىَ النّاسِ عَنكُم وَلِتَكونَ ءايَةً لِلمُؤمِنينَ وَيَهدِيَكُم صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 20) |
خدا توهان سان ڪيترين ئي غنيمتن جو وعدو فرمايو هو ته اوهين اهي حاصل ڪندو ته ان اوهان کي اها (خيبر جي غنيمت) اڳواٽ ڏني ۽ (حديبيه ۾) ماڻهن جا هٿ اوهان کان روڪي ڇڏيائين ۽ مطلب هي هو ته اهو مومنن جي لاءِ (قدرت جو) نمونو ٿئي ۽ خدا توهان کي سڌي راھ تي هلائي. |
وَأُخرىٰ لَم تَقدِروا عَلَيها قَد أَحاطَ اللَّهُ بِها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرًا (آيت : 21) |
۽ ٻيون (غنيمتون به ڏنائين) جن جي حاصل ڪرڻ جي اوهان کي طاقت نه هئي (۽) خدا ئي انهن تي حاوي هو. ۽ خدا ته هر شيءِ تي قادر آهي ئي. |
وَلَو قٰتَلَكُمُ الَّذينَ كَفَروا لَوَلَّوُا الأَدبٰرَ ثُمَّ لا يَجِدونَ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 22) |
۽ جيڪڏهن ڪافر اوهان سانوڙهن ها ته ضرور پٺي ڏئي ڀڄن ها پوءِ ته اهي نه (ته تنهنجو) سرپرست ئي ڏسن ها ۽ نه مددگار. |
سُنَّةَ اللَّهِ الَّتى قَد خَلَت مِن قَبلُ وَلَن تَجِدَ لِسُنَّةِ اللَّهِ تَبديلًا (آيت : 23) |
اها ئي خدا جي عادت آهي جا اڳي کان هلي اچي ۽ تون خدا جي عادت کي بدليل نه ڏسندين. |
وَهُوَ الَّذى كَفَّ أَيدِيَهُم عَنكُم وَأَيدِيَكُم عَنهُم بِبَطنِ مَكَّةَ مِن بَعدِ أَن أَظفَرَكُم عَلَيهِم وَكانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرًا (آيت : 24) |
۽ خدا اهو ئي ته آهي جنهن اوهان کي انهن ڪافرن تي فتح عطا ڪرڻ کان پوءِ مڪي جي سرحد ۾ سندن هٿ اوهان کان ۽ اوهان جا هٿ انهن کان روڪي ڇڏيا ۽ اوهين جيڪي ڪري رهيا هئا خدا تنهن کي ڏسي رهيو هو. |
هُمُ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوكُم عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ وَالهَدىَ مَعكوفًا أَن يَبلُغَ مَحِلَّهُ وَلَولا رِجالٌ مُؤمِنونَ وَنِساءٌ مُؤمِنٰتٌ لَم تَعلَموهُم أَن تَطَـٔوهُم فَتُصيبَكُم مِنهُم مَعَرَّةٌ بِغَيرِ عِلمٍ لِيُدخِلَ اللَّهُ فى رَحمَتِهِ مَن يَشاءُ لَو تَزَيَّلوا لَعَذَّبنَا الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 25) |
هي اهي ماڻهو ته آهن جن ڪفر ڪيو ۽ توهان کي مسجد الحرام (۾ اچڻ) کان روڪيو ۽ قربانيءَ جي جانورن کي به (اچڻ نه ڏنائون) جو اهي (پنهنجي) مقرر جاءِ تي پهچڻ کان روڪيل رهيا ۽ جيڪڏهن ڪجھ اهڙا ايمان دار مرد ۽ ايمان دار عورتون نه هجن ها جن کان توهان واقف نه هئا ته اوهان انهن کي (جنگ ۾ ڪافرن سان گڏ) پامال ڪري ڇڏيو ها ته پوءِ توهان کي انهن کان بيخبري ۾ نقصان پهچي ها (ته تنهن ۾ توهان کي فتح ٿئي ها پر دير هن ڪري ٿي) جو خدا جنهن کي گهري ته پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري. پر جيڪڏهن اهي (ايماندار ڪافرن کان) جدا ٿي پون ها ته انهن مان جيڪي ڪافر هئا اسين تن کي دردناڪ عذاب جي ضرور سزا ڏيون ها. |
إِذ جَعَلَ الَّذينَ كَفَروا فى قُلوبِهِمُ الحَمِيَّةَ حَمِيَّةَ الجٰهِلِيَّةِ فَأَنزَلَ اللَّهُ سَكينَتَهُ عَلىٰ رَسولِهِ وَعَلَى المُؤمِنينَ وَأَلزَمَهُم كَلِمَةَ التَّقوىٰ وَكانوا أَحَقَّ بِها وَأَهلَها وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 26) |
(هي اهو وقت هو) جڏهن ڪافرن پنهنجن دلين ۾ ضد ڪئي (ضد به) نادانن جهڙي ضد، پوءِ خدا پنهنجي رسول تي ۽ ايمان وارن تي پنهنجي طرفان دلجاءِ نازل ڪئي ۽ کين پرهيزگاري جي ڳالھ تي برقرار رکيو ۽ اهي ماڻهو ان ڳالھ جي لائق ۽ اهل به هئا. ۽ خدا ته هر شيءِ کان خبردار آهي ئي. |
لَقَد صَدَقَ اللَّهُ رَسولَهُ الرُّءيا بِالحَقِّ لَتَدخُلُنَّ المَسجِدَ الحَرامَ إِن شاءَ اللَّهُ ءامِنينَ مُحَلِّقينَ رُءوسَكُم وَمُقَصِّرينَ لا تَخافونَ فَعَلِمَ ما لَم تَعلَموا فَجَعَلَ مِن دونِ ذٰلِكَ فَتحًا قَريبًا (آيت : 27) |
بيشڪ خدا پنهنجي رسول کي برابر سچو خواب ڏيکاريو هو ته جيڪڏهن خدا گهريو ته ضرور اوهين پنهنجا مٿا ڪوڙائي ۽ ٿورا وار ڪترائي بيڊپا ٿي امن سان مسجد الحرام ۾ داخل ٿيندو. ته جا ڳالھ اوهان کي معلوم نه هئي ان کي معلوم هئي ته ان مڪي جي فتح ٿيڻ کان اڳ تمام جلد (خيبر جي) فتح عطا فرمائي. |
هُوَ الَّذى أَرسَلَ رَسولَهُ بِالهُدىٰ وَدينِ الحَقِّ لِيُظهِرَهُ عَلَى الدّينِ كُلِّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 28) |
خدا اهو آهي جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچي دين سان موڪليو هن لاءِ ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري ۽ شاهديءَ لاءِ ته خدا ئي ڪافي آهي. |
مُحَمَّدٌ رَسولُ اللَّهِ وَالَّذينَ مَعَهُ أَشِدّاءُ عَلَى الكُفّارِ رُحَماءُ بَينَهُم تَرىٰهُم رُكَّعًا سُجَّدًا يَبتَغونَ فَضلًا مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنًا سيماهُم فى وُجوهِهِم مِن أَثَرِ السُّجودِ ذٰلِكَ مَثَلُهُم فِى التَّورىٰةِ وَمَثَلُهُم فِى الإِنجيلِ كَزَرعٍ أَخرَجَ شَطـَٔهُ فَـٔازَرَهُ فَاستَغلَظَ فَاستَوىٰ عَلىٰ سوقِهِ يُعجِبُ الزُّرّاعَ لِيَغيظَ بِهِمُ الكُفّارَ وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنهُم مَغفِرَةً وَأَجرًا عَظيمًا (آيت : 29) |
محمد خدا جو رسول آهي ۽ جيڪي ساڻس آهن سي ڪافرن تي تمام سخت آهن ۽ پاڻ ۾ رحم دل آهن تون کين ڏسندين ته (خدا جي اڳيان) جهڪيل سر بسجود آهن. خدا جي فضل ۽ سندس رضامنديءَ جا طلبگار آهن سجدن جي اثر کان سندن پيشانين ۾ نشان پيل آهن. سندن اهي صفتون تورات ۾ به آهن ۽ اهي حالتون انجيل ۾ (به ذڪر ڪيل) آهن. (اهي) هڪ پوک وانگر آهن جنهن پنهنجا سلا ڪڍيا پوءِ ان کي مضبوط ڪيائين وري ٿلهي ٿي ۽ پنهنجن ڪانن تي سڌي ٿي بيٺي، پوکيندڙن کي وڻڻ لڳي (ايتري جلد ترقي ان لاءِ عطا ڪئي) ته انهن سان ڪافرن جي جيءُ کي ساڙي. جن انهن مان ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن سان خدا معافيءَ جو ۽ وڏي اجر ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي. |