إِنّا فَتَحنا لَكَ فَتحًا مُبينًا (آيت : 1) |
اَسان توتي عَطا ڪئـِي، ظاهِر فَتح ضَرُور، |
لِيَغفِرَ لَكَ اللَّهُ ما تَقَدَّمَ مِن ذَنبِكَ وَما تَأَخَّرَ وَيُتِمَّ نِعمَتَهُ عَلَيكَ وَيَهدِيَكَ صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 2) |
تان اَلله اَ ڳيان پويان تُنهنجا توکي مَرهي ڪُل قُصور، ۽ پُورِي ڪري تُنهنجِي، توتي نِعمت نَبي نُور؛ ۽ توکي سُهائي واٽ سَنئـِين، هادِي ڏانهن، حضور، |
وَيَنصُرَكَ اللَّهُ نَصرًا عَزيزًا (آيت : 3) |
۽ توکي مَدد مُور، ڏاڍي ڌِئي ڪا ڏيہ ڌڻِي. |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ السَّكينَةَ فى قُلوبِ المُؤمِنينَ لِيَزدادوا إيمٰنًا مَعَ إيمٰنِهِم وَلِلَّهِ جُنودُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 4) |
آهي، سو اَلله، جو مُؤمنن جي مَن ۾، اُتاري آرام کي، ته ڪِنهنجو ڊَپ، نه ڊاءُ، تان وَڌن سَندنِ وُجودن ۾، ويساھ، گڏ ويساھ، ۽ آهِن اُڀ، زمين جا، سَڀ صاحِب لاءِ سِپاھ، ۽ آگو سو آگاھ، قابِل ڪار ڪَمن ۾. |
لِيُدخِلَ المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَيُكَفِّرَ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَكانَ ذٰلِكَ عِندَ اللَّهِ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 5) |
تان مُؤمِن ۽ مُؤمنياڻين، ڏئي جنت ۾ جاڳاھ، جَن وڻن هيٺان، واه! جون وَهن واهيون واھ، سُکيا سَرها اُن ۾، هُوندا هميشاھ، پڻ ميٽي ڇَڏي مِهرسان، اُنهن جا عيب گُناھ، ۽ آهي وَٽ اَلله، اِئَ سوڀ، سَڀن کان وَڏِي. |
وَيُعَذِّبَ المُنٰفِقينَ وَالمُنٰفِقٰتِ وَالمُشرِكينَ وَالمُشرِكٰتِ الظّانّينَ بِاللَّهِ ظَنَّ السَّوءِ عَلَيهِم دائِرَةُ السَّوءِ وَغَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم وَلَعَنَهُم وَأَعَدَّ لَهُم جَهَنَّمَ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 6) |
پڻ کوٽن ۽ کوٽِيُن، سزا ڏِئي سُبحان، پڻ مُشرڪ مَرد، عورتون، جي پُوڄِينِ ٿاڦِيَل ٿان، بُڇڙو بَدگمان، رَکندڙ رَبَّ، رَحمان ۾. مَٿن پَوي مار، ۽ شل ڏمري مَٿنِ ڏيهه ڌڻي! ۽ تڙينِ ۽ ڪيائين تن لئي، تتل باهه تيار، ۽ بُڇڙو ٿيو بِسيار، موٽِي ماڳ رهڻ جو! |
وَلِلَّهِ جُنودُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 7) |
۽ اَکٽ ڪَٽڪَ اُڀن ۾، پڻ جي ڌرتئَ مَنجھ دَوام، آهِن سَڀ اَللهَ جا، تابِعدار تمام، ۽ آهي رَبّ علام، ڏاڍو ڏاهو ڏيہ ڌَڻِي. |
إِنّا أَرسَلنٰكَ شٰهِدًا وَمُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 8) |
توکي مُڪو سون مُورهِين ڪري شاهِد عام، پڻ کِيرون ڏِيندڙ خلق ۾، ۽ ڄاڻوئـِي ڄام، |
لِتُؤمِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتُعَزِّروهُ وَتُوَقِّروهُ وَتُسَبِّحوهُ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 9) |
تان رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول کي، وِسهو سڀ وَريام!، پڻ مَدد ڪريوسِ مَهل تي، ۽ ڏيوسِ مانَ مُدام، پڻ سَدا صُبح، شام، ساراهِيو سُبحان کي. |
إِنَّ الَّذينَ يُبايِعونَكَ إِنَّما يُبايِعونَ اللَّهَ يَدُ اللَّهِ فَوقَ أَيديهِم فَمَن نَكَثَ فَإِنَّما يَنكُثُ عَلىٰ نَفسِهِ وَمَن أَوفىٰ بِما عٰهَدَ عَلَيهُ اللَّهَ فَسَيُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 10) |
جيڪي هَٿ، هَٿ تي رَکِي، ٻَڌن توسان ٻول، اُهي ڪَن ٿا قول، خُود خدا پاڪ سان. آهي سَندو اَلله، هَٿ اُنهن جي، هَٿن تان، پوءِ ڀڳو جِنهن بَدخواھ، تنهِن وِرھ وِهايو پاڻ لئي. ۽ قادِر ساڻ قرار، جنهن ڪيو، سو پاريو، پوءِ ڏِيندو ڏيہ ڏاتار، اَجر وَڏوئـِي اُن کي. |
سَيَقولُ لَكَ المُخَلَّفونَ مِنَ الأَعرابِ شَغَلَتنا أَموٰلُنا وَأَهلونا فَاستَغفِر لَنا يَقولونَ بِأَلسِنَتِهِم ما لَيسَ فى قُلوبِهِم قُل فَمَن يَملِكُ لَكُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا إِن أَرادَ بِكُم ضَرًّا أَو أَرادَ بِكُم نَفعًا بَل كانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 11) |
سِگھو چَوندئـِي سامهون، گوسڙ گاموئـِي، ته مال، عيال اَسان کي، ڪاهِل ڪيوئـِي، پوءِ اَسان لئي عَفو گُھر، عُذر اِهوئـِي، سوچَوَن سَندنِ چَپن سان، جِئَ ۾ نه تن جوئـِي، چئو آن کي ڪير ڪَرِيم کان، اِيندو آڏوئي، جن آن کي ڏَک ڏِيڻ گُھري، يا سُک ڏِئي سَڀَوئـِي، ڪريو ڪم ڪوئـِي، ته آگو آگاھ اُن ڪنان. |
بَل ظَنَنتُم أَن لَن يَنقَلِبَ الرَّسولُ وَالمُؤمِنونَ إِلىٰ أَهليهِم أَبَدًا وَزُيِّنَ ذٰلِكَ فى قُلوبِكُم وَظَنَنتُم ظَنَّ السَّوءِ وَكُنتُم قَومًا بورًا (آيت : 12) |
بَلڪ اوهان ڀانيو، ته مُؤمن ۽ نَبِي نُور، سَدا سَندنِ عيال ڏي، موٽنڊا نه مُور، اُن کي اوهان جي اَندر ۾، ويئـِي زِينت ڏِنِي ضرور، بُڇڙو شَڪ شِڪست جو، ڀانيان بي شُعور، ۽ آهيو اَوهِين مَغرور، قوم بِنَہ بَرباد ڪا. |
وَمَن لَم يُؤمِن بِاللَّهِ وَرَسولِهِ فَإِنّا أَعتَدنا لِلكٰفِرينَ سَعيرًا (آيت : 13) |
۽ جنهن رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول تي، نه اندو اعتبار، پوءِ توڙان اَسان تيار، ڪيو ڪاڙهو ڪافِرن لئي. |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 14) |
۽ آهي هِڪ اَلله جو، اُڀ، ڀُون تي اِختيار، مَرهي تِنهن کي، مِهر سان، جنهن لئي گُھري غفار، وڻيسِ وَٺي تنهن کي، ڏِئي سَزا سَخت اَپار، صاحِب رَبُّ، ستار، آهي مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀَريو.. |
سَيَقولُ المُخَلَّفونَ إِذَا انطَلَقتُم إِلىٰ مَغانِمَ لِتَأخُذوها ذَرونا نَتَّبِعكُم يُريدونَ أَن يُبَدِّلوا كَلٰمَ اللَّهِ قُل لَن تَتَّبِعونا كَذٰلِكُم قالَ اللَّهُ مِن قَبلُ فَسَيَقولونَ بَل تَحسُدونَنا بَل كانوا لا يَفقَهونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 15) |
ويٺل وِهلور چوندا، جڏهن لٿو جَنگاھ، جڏهن جَنگي مال لئي، اوهين رَميا مَٿي راھ، تان رهيل مال ميڙيو، تڏهن وَراڻينِ وِڻاھ، ڇڏيو ته اَسِين اوهان سان، هَلون ٿِي هَمراھ، گُھرن ٿا گُمراھ، ته ڦيرِين اَمر الله جا. چئو، اَوهين اَسان جي پُٺ ۾، نه هَلندا ڪِنهين حال، اَڳيئـِي اَوهان کي چيو، جابِر جَلَّ جَلال، سَهو نه اسان کي اُٽلندو، پوِ چوندا اِهڙِي چال، سَمجھن ڪِين ڪُلال، ري ڳاڻ ڳڻي ڪِنهن ڳالهڙي. |
قُل لِلمُخَلَّفينَ مِنَ الأَعرابِ سَتُدعَونَ إِلىٰ قَومٍ أُولى بَأسٍ شَديدٍ تُقٰتِلونَهُم أَو يُسلِمونَ فَإِن تُطيعوا يُؤتِكُمُ اللَّهُ أَجرًا حَسَنًا وَإِن تَتَوَلَّوا كَما تَوَلَّيتُم مِن قَبلُ يُعَذِّبكُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 16) |
گوسڙ گامويَن کي، خبرڏي کري، ته سِگھو سَڏيان قوم ڏي، جا زَبر زور ڀَرِي، وِڙهندا اکِيَن وَرِي، يا اِيندا اُهي اسلام ۾. پوءِ جي حُڪم پاريان، صَحِي بَرصَواب، ته سُهڻو اَجر ثواب، ڏِيندو آن ڏيہ ڌڻِي. ۽ جي وَرِي وَريا پوءِ تي، جِيئن وَرِيا اڳ وَرِي، پوءِ سزا سَخت ڳَرِي، ڏِيندو آن کي ڏيہ ڌڻِي. |
لَيسَ عَلَى الأَعمىٰ حَرَجٌ وَلا عَلَى الأَعرَجِ حَرَجٌ وَلا عَلَى المَريضِ حَرَجٌ وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَمَن يَتَوَلَّ يُعَذِّبهُ عَذابًا أَليمًا (آيت : 17) |
اَنڌي، منڊي ۽ مريض تي، بِلڪُل ناهي بار، جو رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول جو، رهيو تابِعدار، ته باغن مَنجھ بهشت جي، ڏِيندسِ جاءِ جبار، نِيچي جَن جي ناليون، وَهن ويرو تار، جو وَريو پانهِين پار، تنهِن کي سَزا ڏِيندو سَخت گَھڻِي. |
لَقَد رَضِىَ اللَّهُ عَنِ المُؤمِنينَ إِذ يُبايِعونَكَ تَحتَ الشَّجَرَةِ فَعَلِمَ ما فى قُلوبِهِم فَأَنزَلَ السَّكينَةَ عَلَيهِم وَأَثٰبَهُم فَتحًا قَريبًا (آيت : 18) |
خُدا ڏاڍو خوش ٿيو، تن مُؤمنن کان مِير! توسان ٻول ٻَڌن پيا، وَڻ هيٺان، جي وِير، پوءِ سَڀ ڪُجھ پاڻ سَمجھيو، جو سَندنِ مَنجھ سَرِير، پوءِ اُتارِي اُنهن مَٿي، خاطرِي خَبِير، ۽ ڏِنو قول قَدِير، اُنهن کي اوڏِئَ سوڀ جو. |
وَمَغانِمَ كَثيرَةً يَأخُذونَها وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 19) |
پڻ ميدانِي مال گھڻا، هَٿِين وَٺندا هاڻ، آهي پَروَر پاڻ، سَٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو. |
وَعَدَكُمُ اللَّهُ مَغانِمَ كَثيرَةً تَأخُذونَها فَعَجَّلَ لَكُم هٰذِهِ وَكَفَّ أَيدِىَ النّاسِ عَنكُم وَلِتَكونَ ءايَةً لِلمُؤمِنينَ وَيَهدِيَكُم صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 20) |
واحِد ڏِنوَ واعِدا، گھڻا غنيمت مال، پوءِ تَڪڙِي هئَ، هِڪڙِي فتح، ڏِنيان فِى الحال، ۽ هَٿ مَڪي جي ماڻهِين، آن کان جَھليا جَلَّ جَلال، ۽ مَر ته مڃيندڙن لئي، موجُود هُجي مِثال، پڻ ڀَلو ڪري ڀال، سُهائـِينان واٽ سَنِئين. |
وَأُخرىٰ لَم تَقدِروا عَلَيها قَد أَحاطَ اللَّهُ بِها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرًا (آيت : 21) |
۽ ٻيون به گھڻيون غنِيمتون، پُهتا نه جَن پار، گھيريون سي غفار، قادِر، رَبَّ ڪُل شئِ مَٿي. |
وَلَو قٰتَلَكُمُ الَّذينَ كَفَروا لَوَلَّوُا الأَدبٰرَ ثُمَّ لا يَجِدونَ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 22) |
۽ جي جوٽيؤن جنگ اوهان سان، ته پُوريون پويِين پار، نه يار، نه مددگار، موٽِي لَهن مُورهِين. |
سُنَّةَ اللَّهِ الَّتى قَد خَلَت مِن قَبلُ وَلَن تَجِدَ لِسُنَّةِ اللَّهِ تَبديلًا (آيت : 23) |
اِهو اَڳ هَليو اَچي، ڌَڻِئَ جو دَستور، ۽ مَٽ سَٽ نه لهندِين مُور، ڌَڻِئَ جي دَستور ۾. |
وَهُوَ الَّذى كَفَّ أَيدِيَهُم عَنكُم وَأَيدِيَكُم عَنهُم بِبَطنِ مَكَّةَ مِن بَعدِ أَن أَظفَرَكُم عَلَيهِم وَكانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرًا (آيت : 24) |
۽ اُهو، سو خُداوند، جِنهن مَڪي مُبارڪ وِِچ ۾، اُنهن جا آن کان، ۽ اَنهنجا اُنهن کان، بازُو ڪيا بَند، اِنهيان پوءِ ڪيان، اُنهن تي، فائـِق فتح مَند، ۽ جا حاج ڪريو هَر هَنڌ، سا ڏِسندڙ آهي ڏيہ ڌَڻِي. |
هُمُ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوكُم عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ وَالهَدىَ مَعكوفًا أَن يَبلُغَ مَحِلَّهُ وَلَولا رِجالٌ مُؤمِنونَ وَنِساءٌ مُؤمِنٰتٌ لَم تَعلَموهُم أَن تَطَـٔوهُم فَتُصيبَكُم مِنهُم مَعَرَّةٌ بِغَيرِ عِلمٍ لِيُدخِلَ اللَّهُ فى رَحمَتِهِ مَن يَشاءُ لَو تَزَيَّلوا لَعَذَّبنَا الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 25) |
اُهيئـِي آهِين سي، جَن ڪيو ڪُفر پَسند، ۽ منع وارِئَ مَسجد کان، روڪِي بِيٺا رَند، پڻ ڀيٽائون بَند، پَنهنجي هَنڌ پُهچڻ کان. مُؤمن مَرد ۽ عورتون، مَنجِھين تِنهن مَڪان، متان ماريو اُنهن کي، جَن جِي ڪَر اَوهان کي ڪانه، پوءِ اوهان کي نقصان، پُهچي نَه پُورِئَ سُڌ ڪري. تان جِنهن کي گُھري غفار،راهيسِ پَنهنجِي رحمت ۾، ۽ اُهي جَن ڪُفر ڪيو، هُوندهُئا، جي ڌار، تَنِين کي تڪرار، سَزا ڏِنِي سون سَخت گَھڻِي. |
إِذ جَعَلَ الَّذينَ كَفَروا فى قُلوبِهِمُ الحَمِيَّةَ حَمِيَّةَ الجٰهِلِيَّةِ فَأَنزَلَ اللَّهُ سَكينَتَهُ عَلىٰ رَسولِهِ وَعَلَى المُؤمِنينَ وَأَلزَمَهُم كَلِمَةَ التَّقوىٰ وَكانوا أَحَقَّ بِها وَأَهلَها وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 26) |
جڏهن جَن ڪُفر ڪيو، سَندنِ هِينيِـين ۾ هيڪار، جاهِليت جو جوش ڪيو، خالِي کامڻ خار، پوءِ رَبَّ، سَندسِ رَسول تي، لاٿو قلب قرار، پڻ مٿي مؤمِنين، پڻ سندِي سِيل ستار، ڳنڍِي اُنهن سان ڳالھ سَچِي، ۽ هُئا اُنهِئ جا حقدار، ۽ لاشڪ لائق اُن جا، صَحِي هُئا سچار، ۽ رَبُّ تعالىٰ تڪرار، آهي سَمجھندڙ سَڀ ڳالھ کي. |
لَقَد صَدَقَ اللَّهُ رَسولَهُ الرُّءيا بِالحَقِّ لَتَدخُلُنَّ المَسجِدَ الحَرامَ إِن شاءَ اللَّهُ ءامِنينَ مُحَلِّقينَ رُءوسَكُم وَمُقَصِّرينَ لا تَخافونَ فَعَلِمَ ما لَم تَعلَموا فَجَعَلَ مِن دونِ ذٰلِكَ فَتحًا قَريبًا (آيت : 27) |
ڪيو رَبَّ سَندسِ رَسول جو، سچو خواب خيال، ته مانائتِئَ مَسجد ۾، لاشڪ گِھڙندا لال!، انشاءَ اللهُ اَمن سان، نِعمت سان نِهال، صافي سِر اوهان جا، پڻ ڪتريل ڪَئنچِئَ نال، خوف نه خطرو ڪِنهن کان، تڏهن ڀائيندابحال، پوءِ صَحِي پاڻ سَمجھيو، اوهان نه سمجھيو سال، پوءِ فتح ڪَئـِين فِى الحال، اُنهيان اوري، اوڏڙِي. |
هُوَ الَّذى أَرسَلَ رَسولَهُ بِالهُدىٰ وَدينِ الحَقِّ لِيُظهِرَهُ عَلَى الدّينِ كُلِّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 28) |
پَنهنجو مُرسل موڪليو، جِنهن مالِڪ مِهربان، سُونهپ ۽ سَچي دِين سان، قاعِدو قُرآن، ته ڪريسِ، قَوي ڪُل دِين کان، جيڪِي مَنجھ جھان، ۽ هَر شئِ تي نِگھبان، بَس آهي، هادِي هيڪڙو. |
مُحَمَّدٌ رَسولُ اللَّهِ وَالَّذينَ مَعَهُ أَشِدّاءُ عَلَى الكُفّارِ رُحَماءُ بَينَهُم تَرىٰهُم رُكَّعًا سُجَّدًا يَبتَغونَ فَضلًا مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنًا سيماهُم فى وُجوهِهِم مِن أَثَرِ السُّجودِ ذٰلِكَ مَثَلُهُم فِى التَّورىٰةِ وَمَثَلُهُم فِى الإِنجيلِ كَزَرعٍ أَخرَجَ شَطـَٔهُ فَـٔازَرَهُ فَاستَغلَظَ فَاستَوىٰ عَلىٰ سوقِهِ يُعجِبُ الزُّرّاعَ لِيَغيظَ بِهِمُ الكُفّارَ وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنهُم مَغفِرَةً وَأَجرًا عَظيمًا (آيت : 29) |
مُحَمَّدُ رَسُوْل رَبَّ جو، پڻ ساڻِس جي سَچار، هِڪ ٻِئي جا هَڏ ڏوکِي، گھڻو ڪَٺڻ سِرڪُفار، نمندڙنائـِيندڙ سِر کي، ڏِسينِ وَٽ ڏاتار، رضامندو ربَّ کان، ٻِيون ٻاجُھون گُھرن ٻِيهار، مُنهن ۾ سَندنِ سُجود کان، نِشانِي نِروار، اِئَ صفت سَندنِ توريت ۾، پڻ اِنجيل ۾ اَذڪار، آهِن اُنهِئَ پوک جِيئن، پَڌرا تَن جا پار، جنهن ڪڍيو ڪُنڊو پَنهنجو، ٿـِئـِي ڌَرتِي ڪنان ڌار، پوءِ ڪانِي چڙِهي ڪوڏ مان، ٿِئي ٿُلهي هَڻِي ٿار، پاڙن مٿي پَنهنجي، پوءِ بِيٺِي بَرقرار، پَسنديئـِي پَسند اَچي، هارِئ کي هيڪار، تان تَنِين سان تڪرار، ڏئي ڪاڙهو ڪافِرن کي. |