إِنّا فَتَحنا لَكَ فَتحًا مُبينًا (آيت : 1) |
(اي پيغمبر!) بيشڪ اسان توکي فتح ڏني آهي، چٽي ۽ صاف فتح. |
لِيَغفِرَ لَكَ اللَّهُ ما تَقَدَّمَ مِن ذَنبِكَ وَما تَأَخَّرَ وَيُتِمَّ نِعمَتَهُ عَلَيكَ وَيَهدِيَكَ صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 2) |
انهيءَ لاءِ ته الله تعاليٰ تنهنجون اڳوڻيون (تدبيري) ڪوتاهيون ۽ جيڪي پوءِ ٿيڻيون آهن، سي سڀ ڍڪي ڇڏي (يعني انهن جو اثر پيدا نه ٿئي) ۽ توتي پنهنجي نعمت پوري ڪري (يعني توکي انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ) سڌي واٽ ڏيکاري ڇڏي. |
وَيَنصُرَكَ اللَّهُ نَصرًا عَزيزًا (آيت : 3) |
۽ الله تعاليٰ توکي اهڙي مدد ڪري جا وڏي زبردست مدد هجي. |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ السَّكينَةَ فى قُلوبِ المُؤمِنينَ لِيَزدادوا إيمٰنًا مَعَ إيمٰنِهِم وَلِلَّهِ جُنودُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 4) |
۽ اهوئي آهي جنهن مؤمنن جي دلين ۾ تسلي ۽ اطمينان وڌو انهيءَ لاءِ ته سندن پڪي ايمان ۾ اڃا به يقين جو واڌارو ڪري، (۽ ياد رکو ته) آسمانن ۽ زمين جا لشڪر سڀ الله جا آهن ۽ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت رکندڙ آهي. |
لِيُدخِلَ المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَيُكَفِّرَ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَكانَ ذٰلِكَ عِندَ اللَّهِ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 5) |
(اهو اطمينان جو نازل ڪيائين سو) هن لاءِ ته مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي جنت ۾ داخل ڪري جنهن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هجن ۽ جنهن ۾ هو هميشه لاءِ رهن ۽ سندن اوڻائيون ۽ تڪليفون کانئن دور ڪري ڇڏي. الله تعاليٰ جي نظر ۾ اها تمام وڏي ڪاميابي آهي. |
وَيُعَذِّبَ المُنٰفِقينَ وَالمُنٰفِقٰتِ وَالمُشرِكينَ وَالمُشرِكٰتِ الظّانّينَ بِاللَّهِ ظَنَّ السَّوءِ عَلَيهِم دائِرَةُ السَّوءِ وَغَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم وَلَعَنَهُم وَأَعَدَّ لَهُم جَهَنَّمَ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 6) |
۽ هن لاءِ (اطمينان نازل ڪيائين) ته منافق مردن ۽ منافق عورتن، مشرڪ مردن ۽ مشرڪ عورتن کي جيڪي الله تعاليٰ بابت بدگمانيون ڪندا رهيا آهن تن کي جوڳي سزا ڏئي، انهن کي خرابيءَ جو چڪر ويڙهي ويو آهي، ۽ الله تعاليٰ جو غضب مٿن پئجي چڪو آهي، ۽ هن مٿن لعنت وڌي آهي ۽ هنن جي لاءِ جهنم تيار ڪري رکيو آهي. اهو ڪهڙو نه خراب ٽڪاڻو آهي. |
وَلِلَّهِ جُنودُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 7) |
۽ آسمانن ۽ زمين جا سڀ لشڪر الله ئي جا آهن، ۽ الله تعاليٰ وڏي طاقت ۽ حڪمت وارو آهي. |
إِنّا أَرسَلنٰكَ شٰهِدًا وَمُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 8) |
يقيناً اسان توکي (اي پيغمبر حق جي) شاهدي ڏيندڙ ڪري موڪليو آهي ۽ (نيڪ عمل ڪندڙن لاءِ ڪاميابيءَ جي) خوشخبري ڏيندڙ ۽ (بدعملن جي بدنتيجن بابت) خبردار ڪندڙ ڪري موڪليو آهي. |
لِتُؤمِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتُعَزِّروهُ وَتُوَقِّروهُ وَتُسَبِّحوهُ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 9) |
انهيءَ لاءِ ته اوهان (انسان) الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو (يعني قرآن مجيد جي تعليم قبول ڪيو) ۽ الله جي (دين قائم ڪرڻ ۾ سندس) مدد ڪيو ۽ سندس تعظيم ڪيو ۽ صبح توڙي شام (يعني هر وقت) سندس شان ۽ پاڪائي بيان ڪرڻ ۾ سرگرم رهو (يعني سندس نظام قائم ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ۽ ڪوششون ڪندا رهو). |
إِنَّ الَّذينَ يُبايِعونَكَ إِنَّما يُبايِعونَ اللَّهَ يَدُ اللَّهِ فَوقَ أَيديهِم فَمَن نَكَثَ فَإِنَّما يَنكُثُ عَلىٰ نَفسِهِ وَمَن أَوفىٰ بِما عٰهَدَ عَلَيهُ اللَّهَ فَسَيُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 10) |
يقيناً اهي (مؤمن) جيڪي تنهنجي بيعت ڪري رهيا آهن سي يقيناً الله جي ئي بيعت ڪري رهيا آهن. الله جو هٿ هنن جي هٿن جي مٿان آهي. پوءِ جيڪو پنهنجو (قسم تي ڏنل) عهد ٽوڙيندو سو ان جي ٽوڙڻ سان پنهنجو ئي نقصان ڪندو، ۽ جيڪو اهو عهد پاڙيندو جو هن الله تعاليٰ سان ڪيو آهي تنهن کي الله تعاليٰ تمام وڏو اجر ۽ انعام ڏيندو. |
سَيَقولُ لَكَ المُخَلَّفونَ مِنَ الأَعرابِ شَغَلَتنا أَموٰلُنا وَأَهلونا فَاستَغفِر لَنا يَقولونَ بِأَلسِنَتِهِم ما لَيسَ فى قُلوبِهِم قُل فَمَن يَملِكُ لَكُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا إِن أَرادَ بِكُم ضَرًّا أَو أَرادَ بِكُم نَفعًا بَل كانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 11) |
ٻهراڙيءَ جي عربن مان جيڪي پٺتي رهجي پيا (۽ حديبيه واري سفر ۾ شامل نه ٿيا) سي (تنهن جي مديني موٽڻ بعد ڪوڙا عذر ٺاهي) چوندا ته اسان کي مال ۽ اهل اولاد (يعني رڍن ٻڪرين ۽ ٻارن ٻڍن جي سنڀال) مشغول رکيو (تنهن ڪري سفر ۾ شريڪ نه ٿي سگهياسين) سو اسان جي خطا جي بخشجڻ لاءِ دعا گهر. اُهي (اعرابي) ماڻهو پنهنجي زبان سان اهي ڳالهيون چوندا جي سندن دلين ۾ ناهن، (اي پيغمبر!) کين چئي ڏي ته، جيڪڏهن الله تعاليٰ توهان کي ڪو نقصان پهچائڻ يا نفعو پهچائڻ جو ارادو ڪري ته پوءِ ڪنهن کي طاقت آهي جو اوهان جي لاءِ الله وٽ ڪجهه ڪري سگهي. (توهان جيڪي سمجهيو آهي سو غلط آهي) حقيقت هيءَ آهي ته توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهن جي الله تعاليٰ کي پوري پوري خبر آهي. |
بَل ظَنَنتُم أَن لَن يَنقَلِبَ الرَّسولُ وَالمُؤمِنونَ إِلىٰ أَهليهِم أَبَدًا وَزُيِّنَ ذٰلِكَ فى قُلوبِكُم وَظَنَنتُم ظَنَّ السَّوءِ وَكُنتُم قَومًا بورًا (آيت : 12) |
(ڳالهه ائين ناهي ته توهان مشغول هئو) بلڪه حقيقت هيءَ آهي ته توهان ڀانئيو هو ته، حضرت رسولﷺ ۽ مؤمن ڪڏهن به پنهنجن ٻارن ٻڍن ڏي ڪونه موٽندا (ڇو ته مڪي جا ڪافر ڪن کي قتل ڪري ڇڏيندا ته ڪن کي گرفتار ڪري غلام بنائيندا) ۽ اهو خيال ۽ اها ڳالهه توهان جي دلين کي ڏاڍي وڻي پئي. توهان ڏاڍو خراب خيال ڪيو هو، سو توهان برباد ٿيڻ وارا آهيو. |
وَمَن لَم يُؤمِن بِاللَّهِ وَرَسولِهِ فَإِنّا أَعتَدنا لِلكٰفِرينَ سَعيرًا (آيت : 13) |
۽ (ياد رکو ته) جيڪي به الله ۽ سندس رسول تي ايمان نٿا رکن (سي ڪافر آهن) سو اسان يقيناً ڪافرن جي لاءِ سخت ڄڀي ڪندڙ باهه تيا ڪري رکي آهي. |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 14) |
۽ (ياد رکو ته) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي فقط الله جي آهي. هو جنهن کي چاهي تنهن کي بخشي ڇڏي ٿو ۽ جنهن کي چاهي تنهن کي سزا ڏئي ٿو، ۽ الله تعاليٰ غفور ۽ رحيم آهي. |
سَيَقولُ المُخَلَّفونَ إِذَا انطَلَقتُم إِلىٰ مَغانِمَ لِتَأخُذوها ذَرونا نَتَّبِعكُم يُريدونَ أَن يُبَدِّلوا كَلٰمَ اللَّهِ قُل لَن تَتَّبِعونا كَذٰلِكُم قالَ اللَّهُ مِن قَبلُ فَسَيَقولونَ بَل تَحسُدونَنا بَل كانوا لا يَفقَهونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 15) |
جيڪي ماڻهو (حديبيه جي سفر وقت) پٺتي ويهي رهيا هئا سي، جڏهن توهان مؤمن اهڙي جهاد لاءِ نڪري پوندو جنهن ۾ غنيمت جو مال ملڻ جو امڪان آهي تڏهن چوندا ته اسان کي به پاڻ سان هلڻ ڏيو. اهي ماڻهو الله جي حڪم کي مٽائڻ ٿا گهرن. (اي پيغمبر انهن کي) چئو ته، اهڙيءَ حالت ۾ (يعني غنيمت جي مال جي حاصل ڪرڻ جي نيت سان) اوهان کي هرگز پاڻ سان هلڻ ڪونه ڏينداسين. الله تعاليٰ اڳئي اهڙو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پوءِ هو چوندا ته، (الله جو نالو ته هونئن ئي ٿا وچ ۾ آڻيو) حقيقت هيءَ آهي ته توهان اسان سان حسد ٿا رکو (تنهن ڪري اسان کي پاڻ سان شامل نٿا ڪيو)، پر سچي حقيقت هيءَ آهي ته اهي ماڻهو (خود غرضيءَ جي ڳالهين کان سواءِ) ٻيو ڪجهه به نٿا سمجهن. |
قُل لِلمُخَلَّفينَ مِنَ الأَعرابِ سَتُدعَونَ إِلىٰ قَومٍ أُولى بَأسٍ شَديدٍ تُقٰتِلونَهُم أَو يُسلِمونَ فَإِن تُطيعوا يُؤتِكُمُ اللَّهُ أَجرًا حَسَنًا وَإِن تَتَوَلَّوا كَما تَوَلَّيتُم مِن قَبلُ يُعَذِّبكُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 16) |
ٻهراڙيءَ جي بدوين مان جيڪي (حديبيه جي سفر وقت) پٺتي رهجي پيا هئا تن کي (اي پيغمبر) چئو ته، جلد اوهان کي اهڙن ماڻهن (سان لڙائي ڪرڻ) لاءِ سڏيو ويندو جيڪي سخت جنگ ڪندڙ آهن. توهان انهن سان جنگ ڪندا رهندؤ، جيستائين هو (اسلامي نظام جي) تابعداري ڪن. سو جيڪڏهن توهان فرمانبرداري ڪندو (يعني اسان جو حڪم مڃي انهن جنگين ۾ شريڪ ٿيندو) ته پوءِ الله تعاليٰ اوهان کي چڱو اجر ڏيندو (يعني غنيمت جو مال به ملندو ۽ آخرت ۾ بهشت به ملندو. بشرطيڪه سچي نيت سان شريڪ ٿيندؤ) پر جيڪڏهن توهان منهن موڙيندؤ جيئن اڳي (حديبيه جي سفر وقت) منهن موڙيو هيوَ ته پوءِ الله تعاليٰ اوهان کي دردناڪ عذاب واري سخت سزا ڏيندو. |
لَيسَ عَلَى الأَعمىٰ حَرَجٌ وَلا عَلَى الأَعرَجِ حَرَجٌ وَلا عَلَى المَريضِ حَرَجٌ وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَمَن يَتَوَلَّ يُعَذِّبهُ عَذابًا أَليمًا (آيت : 17) |
انڌي تي ڪا ميار ڪانهي، نڪي منڊي تي، نڪي بيمار تي (جيڪڏهن هو لڙائي ۾ شريڪ نه ٿئي) ۽ (ياد رکو ته) جيڪو به الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو تنهن کي الله تعاليٰ اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن، ۽ جيڪو به (اطاعت کان) منهن موڙيندو تنهن کي الله تعاليٰ دردناڪ عذاب جي سخت سزا ڏيندو. |
لَقَد رَضِىَ اللَّهُ عَنِ المُؤمِنينَ إِذ يُبايِعونَكَ تَحتَ الشَّجَرَةِ فَعَلِمَ ما فى قُلوبِهِم فَأَنزَلَ السَّكينَةَ عَلَيهِم وَأَثٰبَهُم فَتحًا قَريبًا (آيت : 18) |
(اي پيغمبر!) الله تعاليٰ مؤمنن جي هن جماعت کان ڏاڍو راضي ٿيو آهي. جو هنن هن وڻ جي هيٺان ويهي تنهنجي بيعت ڪئي آهي (ته اسان مڪي جي ڪافرن سان وڙهڻ لاءِ دل و جان سان تيار آهيون) ۽ الله تعاليٰ کي سندن دلين (جي سچائيءَ) جو حال پوريءَ طرح معلوم هو. تنهن ڪري الله تعاليٰ (ان وقت) انهن جي دلين ۾ تسلي ۽ بي ڊپائي (جي لهر) پيدا ڪري ڇڏي ۽ کين هڪڙي ويجهي فتح بروقت عطا فرمائي. |
وَمَغانِمَ كَثيرَةً يَأخُذونَها وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 19) |
۽ (ان فتح سان گڏ) گهڻيون ئي غنيمتون به ڏنائين جي هي (مسلمان وڏي خوشيءَ سان) وٺي رهيا آهن، ۽ الله تعاليٰ وڏو زبردست طاقت، حڪمت ۽ دانائيءَ وارو آهي. |
وَعَدَكُمُ اللَّهُ مَغانِمَ كَثيرَةً تَأخُذونَها فَعَجَّلَ لَكُم هٰذِهِ وَكَفَّ أَيدِىَ النّاسِ عَنكُم وَلِتَكونَ ءايَةً لِلمُؤمِنينَ وَيَهدِيَكُم صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 20) |
الله تعاليٰ اوهان سان گهڻين ئي (اهڙين) غنيمتن جو واعدو ڪري ڇڏيو آهي جي توهان (ايندڙ وقتن ۾) حاصل ڪندؤ. في الحال هيءَ غنيمت توهان کي تڪڙي ڏني اٿس، ۽ (ڪافرن دشمن) ماڻهن جا هٿ توهان (کي قتل ڪرڻ) کان روڪيا اٿس، ۽ اهو هن لاءِ (ڪيو اٿس) ته (اهو واقعو) مؤمنن جي لاءِ هڪ نشاني ٿئي ۽ هن لاءِ ته الله تعاليٰ اوهان کي (ڪاميابي ۽ سعادت جي) سڌي واٽ ڏانهن رهنمائي ڪري. |
وَأُخرىٰ لَم تَقدِروا عَلَيها قَد أَحاطَ اللَّهُ بِها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرًا (آيت : 21) |
۽ هڪ ٻي فتح به (اوهان کي ملڻي آهي) جا هاڻي اوهان جي قبضي کان ٻاهر آهي. پر اها الله تعاليٰ جي قدرت ۽ قبضي ۾ آهي ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ هر شيء تي قادر آهي. |
وَلَو قٰتَلَكُمُ الَّذينَ كَفَروا لَوَلَّوُا الأَدبٰرَ ثُمَّ لا يَجِدونَ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 22) |
۽ جيڪڏهن توهان سان اهي ماڻهو، جن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي آهي، کڻي لڙائي ڪن به ها ته به (يقيناً) پٺي ڏئي ڀڄي وڃن ها، (۽) پوءِ انهن کي ڪو يار ۽ مددگار ڪونه لڀي ها (يعني سر لڪائڻ لاءِ ڪٿي به پناهه نه ملين ها). |
سُنَّةَ اللَّهِ الَّتى قَد خَلَت مِن قَبلُ وَلَن تَجِدَ لِسُنَّةِ اللَّهِ تَبديلًا (آيت : 23) |
اهو خدا جو اهو طريقو آهي، ۽ (اي پيغمبر!) تون خدا جي طريقي ۾ ڪابه ڦيرڦار نه ڏسندين. (يعني خدا جو قانون فتح يا سزا ڏيڻ جو هميشه عمل ۾ ايندو رهندو). |
وَهُوَ الَّذى كَفَّ أَيدِيَهُم عَنكُم وَأَيدِيَكُم عَنهُم بِبَطنِ مَكَّةَ مِن بَعدِ أَن أَظفَرَكُم عَلَيهِم وَكانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرًا (آيت : 24) |
۽ اهوئي آهي جنهن مڪي جي ويجهڙائيءَ ۾ (يعني حديبيه وٽ) اوهان جي هٿن کي هنن (جي قتل) کان ۽ هنن جي هٿن کا اوهان جي (قتل) کان پري رکيو، انهيءَ کان پوءِ جو هن اوهان (مسلمانن) کي هنن (ڪافرن) تي غلبو ڏنو، ۽ الله تعاليٰ (ان وقت به) اوهان جي ڪمن کي ڏسي رهيو آهي. |
هُمُ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوكُم عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ وَالهَدىَ مَعكوفًا أَن يَبلُغَ مَحِلَّهُ وَلَولا رِجالٌ مُؤمِنونَ وَنِساءٌ مُؤمِنٰتٌ لَم تَعلَموهُم أَن تَطَـٔوهُم فَتُصيبَكُم مِنهُم مَعَرَّةٌ بِغَيرِ عِلمٍ لِيُدخِلَ اللَّهُ فى رَحمَتِهِ مَن يَشاءُ لَو تَزَيَّلوا لَعَذَّبنَا الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 25) |
(اي مسلمانو) هي اُهي ماڻهو اٿوَ جن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي ۽ اوهان کي (عمرو ڪرڻ کان باز رکڻ لاءِ) ڪعبت الله (ڏي وڃڻ) کان روڪيو ۽ پڻ قربانيءَ جي جانورن کي سندن خاص (قربانيءَ واري) جاءِ تي پهچڻ نه ڏنو، ۽ جيڪڏهن (مڪي ۾) ڪي مؤمن ۽ ڪي مؤمنياڻيون نه هجن ها، جن جي اوهان کي خبر به ڪانه هئي (ته اهي سچا مؤمن ۽ مؤمنياڻيون آهن) (يعني) جيڪڏهن انهن (مڪي جي مسلمانن) جي سببان اوهان کي بي خبريءَ ۾ نقصان پهچي ها (ته الله تعاليٰ اوهان کي مڪي ۾ داخل ڪري ها ۽ توهان ڪافرن سان گڏ ڪن مسلمانن کي به قتل ڪري وجهو ها. پر الله تعاليٰ ائين نه ڪيو) انهيءَ لاءِ ته الله تعاليٰ جنهن کي چاهي تنهن کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري. جيڪڏهن اهي (مظلوم مسلمان مڪي ۾ ڪٿي) جدا ٿي وڃن ها ته اسان انهن ماڻهن کي جن ڪفر جي واٽ ورتي هئي دردناڪ عذاب ۾ وجهون ها (يعني اهي ڪافر انهيءَ عذاب کان هن ڪري بچي ويا جو مڪي ۾ ڪي مسلمان به موجود هئا جن جي ڪري عذاب نازل نه ڪيو ويو.). |
إِذ جَعَلَ الَّذينَ كَفَروا فى قُلوبِهِمُ الحَمِيَّةَ حَمِيَّةَ الجٰهِلِيَّةِ فَأَنزَلَ اللَّهُ سَكينَتَهُ عَلىٰ رَسولِهِ وَعَلَى المُؤمِنينَ وَأَلزَمَهُم كَلِمَةَ التَّقوىٰ وَكانوا أَحَقَّ بِها وَأَهلَها وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 26) |
(اي مسلمانو!) جڏهن هنن ڪافرن پنهنجي دلين ۾ جوش ۽ ضد کي جاءِ ڏني (جوش ۽ ضد به ڪهڙو؟) جاهليت جي زماني وارو. تڏهن (ان جي مقابلي ۾) الله تعاليٰ پنهنجي رسول ۽ مسلمانن تي تسلي ۽ اطيمنان نازل ڪيو ۽ انهن کي تقويٰ (يعني پاڻ تي ضابطو رکڻ) جي ڳالهه تي محڪم ڪري رکيو، ۽ اهي (يعني رسولﷺ ۽ مسلمان في الحقيقت) ان جا وڌيڪ لائق ۽ حقدار به آهن، ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ هر شيء ۽ هر ڳالهه جو علم رکي ٿو. |
لَقَد صَدَقَ اللَّهُ رَسولَهُ الرُّءيا بِالحَقِّ لَتَدخُلُنَّ المَسجِدَ الحَرامَ إِن شاءَ اللَّهُ ءامِنينَ مُحَلِّقينَ رُءوسَكُم وَمُقَصِّرينَ لا تَخافونَ فَعَلِمَ ما لَم تَعلَموا فَجَعَلَ مِن دونِ ذٰلِكَ فَتحًا قَريبًا (آيت : 27) |
بيشڪ الله تعاليٰ پنهنجي رسول کي سچو خواب ڏيکاريو آهي، جو واقعي جي (بلڪل) مطابق آهي ته توهان (مسلمان) انشاء الله مسجد الحرام (يعني مڪي) ۾ امن امان سان ضرور داخل ٿيندؤ. توهان مان ڪن جا مٿا ڪوڙيل هوندا ته ڪن جا وار ڪتريل هوندا. توهان کي ڪنهن به قسم جو خوف خطرو ڪونه هوندو. الله تعاليٰ انهن ڳالهين کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جن کي توهان ڪونه ٿا ڄاڻو. وري (هيءَ حقيقت آهي ته) الله تعاليٰ اوهان کي هڪ ويجهي (تڪڙي) فتح ڏني آهي. |
هُوَ الَّذى أَرسَلَ رَسولَهُ بِالهُدىٰ وَدينِ الحَقِّ لِيُظهِرَهُ عَلَى الدّينِ كُلِّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 28) |
اهوئي آهي جنهن پنهنجي رسول کي صحيح دين (يعني زندگيءَ جو صحيح نظام) ۽ سچي هدايت ڏيئي (دنيا ۾) موڪليو آهي، انهيءَ لاءِ ته ان (دين) کي سڀني دينن (يعني ٻين نظامن) تي غالب ڪري ڇڏي، ۽ الله ئي (اسلام جي حق ۽ سچائيءَ بابت) ڪافي شاهد آهي. |
مُحَمَّدٌ رَسولُ اللَّهِ وَالَّذينَ مَعَهُ أَشِدّاءُ عَلَى الكُفّارِ رُحَماءُ بَينَهُم تَرىٰهُم رُكَّعًا سُجَّدًا يَبتَغونَ فَضلًا مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنًا سيماهُم فى وُجوهِهِم مِن أَثَرِ السُّجودِ ذٰلِكَ مَثَلُهُم فِى التَّورىٰةِ وَمَثَلُهُم فِى الإِنجيلِ كَزَرعٍ أَخرَجَ شَطـَٔهُ فَـٔازَرَهُ فَاستَغلَظَ فَاستَوىٰ عَلىٰ سوقِهِ يُعجِبُ الزُّرّاعَ لِيَغيظَ بِهِمُ الكُفّارَ وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنهُم مَغفِرَةً وَأَجرًا عَظيمًا (آيت : 29) |
حضرت محمد (ﷺ) الله جو رسول ۽ جيڪي ساڻس گڏ (سچا ۽ پاڪ مؤمن) آهن (تن جي وڏي خصوصيت هيءَ آهي ته) هو حق کان انڪار ڪرڻ وارن لاءِ (جبل جهڙا) سخت آهن، پر هڪٻئي سان سراسر رحم (۽ شفقت همدردي ۽ محبت) سان ڀرپور آهن. (هو دنيا ۾ ڪنهن به طاغوتي طاقت جي اڳيان نٿا جهڪن، هو فقط الله جي اڳيان جهڪن ٿا) (اي پيغمبر!) تون کين ڏسين ٿو ته الله جي فضل ۽ راضپي حاصل ڪرڻ جي نيت سان رڪوع ۽ سجدا ڪندا رهن ٿا ۽ سجدن جي اثر کان سندن پيشانين تي نشان ٺهي بيٺا آهن. تورات توڙي انجيل ۾ انهن (مؤمنن) جو بيان اهڙيءَ ئي طرح آيل آهي. (مؤمنن جي ڪوشش ۽ جهاد جو مثال ائين آهي) جيئن ٻنيءَ ۾ ٻج وجهڻ. جو (پهريائين) سلو (زمين مان) باهر ڪڍي ٿو. پوءِ اهو ٿلهو ٿو ٿئي ۽ پنهنجي ڪاني تي محڪم ٿي بيهي ٿو. (اهڙيءَ طرح پوک ڀلي ٿئي ٿي ۽) ڪڙمين کي خوشي ۽ عجب سان ڀرپور ڪري ٿي ڇڏي، ۽ ڪافرن کي ساڻن حسد ۽ ساڙ ۾ ساڙي ٿي ڇڏي. انهن مان جن ايمان آندو آهي ۽ صالح عمل به ڪندا رهن ٿا تن کي الله تعاليٰ مغفرت (بخشش) ۽ تمام وڏي اجر جو واعدو ڪري ڇڏيو آهي. (جو ڏسو ته هاڻي حديبيه جي صلح بعد پورو ٿيڻ تي آهي ۽ سچي دين اسلام جو نظام سڄي عربستان ۾ قائم ٿيڻ تي آهي). |