إِنّا فَتَحنا لَكَ فَتحًا مُبينًا (آيت : 1) |
(اي پيغمبر) بيشڪ اسان توکي پڌري فتح ڏني. |
لِيَغفِرَ لَكَ اللَّهُ ما تَقَدَّمَ مِن ذَنبِكَ وَما تَأَخَّرَ وَيُتِمَّ نِعمَتَهُ عَلَيكَ وَيَهدِيَكَ صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 2) |
ته تنھنجا قُصور جيڪي اڳي گذريا ۽ جيڪي پوءِ تي رھيا سي (سڀ) الله توکي معاف ڪري ۽ توتي پنھنجي نعمت پوري ڪري ۽ توکي سِڌي واٽ ڏيکاري. |
وَيَنصُرَكَ اللَّهُ نَصرًا عَزيزًا (آيت : 3) |
۽ الله غالب سوڀ سان توکي سوڀارو ڪري. |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ السَّكينَةَ فى قُلوبِ المُؤمِنينَ لِيَزدادوا إيمٰنًا مَعَ إيمٰنِهِم وَلِلَّهِ جُنودُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 4) |
(الله) اُھو آھي جنھن مؤمنن جي دلين ۾ آرام نازل ڪيو ته (انھن جو) ايمان (اڳين) ايمان سان وڌيڪ ٿئي، ۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا (ئي) آھن، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي. |
لِيُدخِلَ المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَيُكَفِّرَ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَكانَ ذٰلِكَ عِندَ اللَّهِ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 5) |
ته مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪري جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن اُتي سدائين رھندا ۽ سندن مدايون کائن ميٽيندو، ۽ اِھا الله وٽ وڏي مراد ماڻڻ آھي. |
وَيُعَذِّبَ المُنٰفِقينَ وَالمُنٰفِقٰتِ وَالمُشرِكينَ وَالمُشرِكٰتِ الظّانّينَ بِاللَّهِ ظَنَّ السَّوءِ عَلَيهِم دائِرَةُ السَّوءِ وَغَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم وَلَعَنَهُم وَأَعَدَّ لَهُم جَهَنَّمَ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 6) |
۽ (ته) منافقن ۽ منافقياڻين کي ۽ مشرڪن ۽ مشرڪياڻين کي عذاب ڪري جي الله تي تمام بڇڙو گمان ڀانئيندڙ آھن، بڇڙي مصيبت مٿن ھجي شال، ۽ مٿن الله ڏمريو ۽ کين لعنت ڪيائين ۽ اُنھن لاءِ دوزخ تيار ڪيائين، ۽ اُھو بڇڙو ھنڌ آھي. |
وَلِلَّهِ جُنودُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 7) |
۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا آھن، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي. |
إِنّا أَرسَلنٰكَ شٰهِدًا وَمُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 8) |
بيشڪ اسان توکي شاھدي ڏيندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو. |
لِتُؤمِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتُعَزِّروهُ وَتُوَقِّروهُ وَتُسَبِّحوهُ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 9) |
ته اوھين الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ سندس (دين جي) مدد ڪريو ۽ سندس عِزّت ڪريو، ۽ صبح ۽ سانجھيءَ جو الله کي پاڪائيءَ سان ساراھيو. |
إِنَّ الَّذينَ يُبايِعونَكَ إِنَّما يُبايِعونَ اللَّهَ يَدُ اللَّهِ فَوقَ أَيديهِم فَمَن نَكَثَ فَإِنَّما يَنكُثُ عَلىٰ نَفسِهِ وَمَن أَوفىٰ بِما عٰهَدَ عَلَيهُ اللَّهَ فَسَيُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 10) |
بيشڪ جيڪي توسان بيعت ڪندا آھن سي الله ئي سان بيعت ڪندا آھن، سندن ھٿن مٿان الله جو ھٿ آھي، پوءِ جيڪو (انجام) ڀڃندو سو رڳو پنھنجي ڇيئي لاءِ ٿو ڀڃي، ۽ جنھن (ڳالھ) تي الله سان انجام ڪيو اٿس تنھنکي جيڪو پورو ڪندو پوءِ سگھو تنھن کي (الله) وڏو اجر ڏيندو. |
سَيَقولُ لَكَ المُخَلَّفونَ مِنَ الأَعرابِ شَغَلَتنا أَموٰلُنا وَأَهلونا فَاستَغفِر لَنا يَقولونَ بِأَلسِنَتِهِم ما لَيسَ فى قُلوبِهِم قُل فَمَن يَملِكُ لَكُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا إِن أَرادَ بِكُم ضَرًّا أَو أَرادَ بِكُم نَفعًا بَل كانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 11) |
(اي پيغمبر) ٻھراڙيءَ وارن مان پوءِ تي رھيل توکي چوندا ته اسان کي پنھنجن مالن ۽ پنھنجي گھر جي ڀاتين رُجھايو تنھنڪري اسان لاءِ بخشش گھر، پنھنجين زبانن سان اھا (ڳالھ) چوندا آھن جا اُنھن جي دلين ۾ نه آھي، (کين) چؤ ته جيڪڏھن (الله) اوھان کي ڏک پھچائڻ جو ارادو ڪري يا اوھان کي سُک پھچائڻ جو ارادو ڪري ته الله جي سامھون اوھان لاءِ ڪير ڪجھ ڪري سگھي ٿو، بلڪ جيڪي ڪجھ ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي. |
بَل ظَنَنتُم أَن لَن يَنقَلِبَ الرَّسولُ وَالمُؤمِنونَ إِلىٰ أَهليهِم أَبَدًا وَزُيِّنَ ذٰلِكَ فى قُلوبِكُم وَظَنَنتُم ظَنَّ السَّوءِ وَكُنتُم قَومًا بورًا (آيت : 12) |
بلڪ ڀانيوَ ته پيغمبر ۽ مؤمن پنھنجن گھرن ڏانھن اصلي ڪڏھن نه موٽندا ۽ اِھو (گمان) اوھان جي دلين ۾ چڱو (ڪري) ڏيکاريو ويو ۽ (تمام) بڇڙو گمان ڀانيوَ، ۽ (اوھين) ھلاڪ ٿيل قوم ٿيؤ. |
وَمَن لَم يُؤمِن بِاللَّهِ وَرَسولِهِ فَإِنّا أَعتَدنا لِلكٰفِرينَ سَعيرًا (آيت : 13) |
۽ جنھن الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان نه آندو ته بيشڪ اسان انھن ڪافرن لاءِ ٻرندڙ باھ تيار ڪئي آھي. |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 14) |
۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي خاص الله جي آھي، جنھن کي وڻيس تنھن کي بخشي ۽ جنھن کي وڻيس تنھن کي عذاب ڪري، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي. |
سَيَقولُ المُخَلَّفونَ إِذَا انطَلَقتُم إِلىٰ مَغانِمَ لِتَأخُذوها ذَرونا نَتَّبِعكُم يُريدونَ أَن يُبَدِّلوا كَلٰمَ اللَّهِ قُل لَن تَتَّبِعونا كَذٰلِكُم قالَ اللَّهُ مِن قَبلُ فَسَيَقولونَ بَل تَحسُدونَنا بَل كانوا لا يَفقَهونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 15) |
جڏھن غنيمتن جي ھٿ ڪرڻ لاءِ ويندؤ تڏھن پوءِ تي رھيل چوندا اسان کي ڇڏيو ته اوھان سان ھلون، گھرندا آھن ته الله جي وعدي جي مخالفت ڪن، (کين) چؤ ته اسان سان ڪڏھن نه ھلندؤ اھڙي طرح الله اڳي ئي فرمائي چڪو آھي، پوءِ سگھو چوندا ته بلڪ اوھين اسان سان حسد ٿا ڪريو، بلڪ (ھميشه) ٿورڙي کانسواءِ (ڪجھ به) نه سمجھندا ھوا. |
قُل لِلمُخَلَّفينَ مِنَ الأَعرابِ سَتُدعَونَ إِلىٰ قَومٍ أُولى بَأسٍ شَديدٍ تُقٰتِلونَهُم أَو يُسلِمونَ فَإِن تُطيعوا يُؤتِكُمُ اللَّهُ أَجرًا حَسَنًا وَإِن تَتَوَلَّوا كَما تَوَلَّيتُم مِن قَبلُ يُعَذِّبكُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 16) |
(اي پيغمبر) پوءِ تي رھيلن ٻھراڙي وارن کي چؤ ته سخت ويڙھ واريءَ قوم (جي جنگ) ڏانھن (اوھين) سگھو سڏيا ويندؤ جو ساڻن ويڙھ ڪندؤ يا ته (اُھي) مُسلمان ٿيندا، پوءِ جيڪڏھن چيو مڃيندؤ ته الله اوھان کي چڱو اجر ڏيندو، ۽ جيڪڏھن (ائين) ڦرندؤ جيئن (اوھين) ھن کان اڳ ڦريا ھئو ته (الله) اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو. |
لَيسَ عَلَى الأَعمىٰ حَرَجٌ وَلا عَلَى الأَعرَجِ حَرَجٌ وَلا عَلَى المَريضِ حَرَجٌ وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَمَن يَتَوَلَّ يُعَذِّبهُ عَذابًا أَليمًا (آيت : 17) |
(جھاد جي رھڻ کان) نڪي انڌي تي ڪو گناھ آھي، ۽ نڪي مندي تي ڪو گناھ آھي ۽ نڪي بيمار تي ڪو گناھ آھي، ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيندو تنھن کي (الله اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، ۽ جيڪو ڦرندو تنھنکي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو. |
لَقَد رَضِىَ اللَّهُ عَنِ المُؤمِنينَ إِذ يُبايِعونَكَ تَحتَ الشَّجَرَةِ فَعَلِمَ ما فى قُلوبِهِم فَأَنزَلَ السَّكينَةَ عَلَيهِم وَأَثٰبَهُم فَتحًا قَريبًا (آيت : 18) |
بيشڪ الله مؤمنن کان راضي ٿيو جنھن وقت وڻ ھيٺ توسان بيعت ٿي ڪيائون پوءِ جيڪي سندين دلين ۾ ھو سو ڄاتائين پوءِ مٿن (دل جو) آرام لاٿائين ۽ کين ھڪ ويجھي سوڀ انعام ڏنائين. |
وَمَغانِمَ كَثيرَةً يَأخُذونَها وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 19) |
۽ گھڻيون غنيمتون (به) جو اُنھن کي (اُھي) ھٿ آڻيندا، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي. |
وَعَدَكُمُ اللَّهُ مَغانِمَ كَثيرَةً تَأخُذونَها فَعَجَّلَ لَكُم هٰذِهِ وَكَفَّ أَيدِىَ النّاسِ عَنكُم وَلِتَكونَ ءايَةً لِلمُؤمِنينَ وَيَهدِيَكُم صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 20) |
الله اوھان کي گھڻن غنيمتن جو وعدو ڏنو آھي جن کي ھٿ آڻيندؤ پوءِ ھيُ (خيبر جون غنيمتون) اوھان کي عطا ڪيائين ۽ اوھان کان ماڻھن جا ھٿ جھلي ڇڏيائين، ۽ ھن لاءِ ته مؤمنن لاءِ ھڪ نشاني ھجي ۽ اوھان کي (الله) سڌو رستو ڏيکاري. |
وَأُخرىٰ لَم تَقدِروا عَلَيها قَد أَحاطَ اللَّهُ بِها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرًا (آيت : 21) |
۽ ٻيون (به) جن تي سگھارانه ٿيا آھيو بيشڪ الله کي انھن جي خبر آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھي. |
وَلَو قٰتَلَكُمُ الَّذينَ كَفَروا لَوَلَّوُا الأَدبٰرَ ثُمَّ لا يَجِدونَ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 22) |
۽ جيڪڏھن ڪافر اوھان سان جنگ ڪن ھا ته ضرور پٺيون ڦيرائين ھا وري نڪو دوست ۽ نڪو مددگار لھن ھا. |
سُنَّةَ اللَّهِ الَّتى قَد خَلَت مِن قَبلُ وَلَن تَجِدَ لِسُنَّةِ اللَّهِ تَبديلًا (آيت : 23) |
(اھوئي) الله جو قانون آھي جو اڳ ھليو ايندو آھي، ۽ الله جي قانون کي ڪڏھن ڪا ڦير ڦار نه ڏسندين. |
وَهُوَ الَّذى كَفَّ أَيدِيَهُم عَنكُم وَأَيدِيَكُم عَنهُم بِبَطنِ مَكَّةَ مِن بَعدِ أَن أَظفَرَكُم عَلَيهِم وَكانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرًا (آيت : 24) |
۽ (الله) اُھو آھي جنھن ڪافرن جا ھٿ اوھان کان ۽ اوھان جا ھٿ انھن کان جھليا مڪّي جي وچ ۾ اوھان کي مٿن سوڀاري ڪرڻ کان پوءِ، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کي الله ڏسندڙ آھي. |
هُمُ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوكُم عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ وَالهَدىَ مَعكوفًا أَن يَبلُغَ مَحِلَّهُ وَلَولا رِجالٌ مُؤمِنونَ وَنِساءٌ مُؤمِنٰتٌ لَم تَعلَموهُم أَن تَطَـٔوهُم فَتُصيبَكُم مِنهُم مَعَرَّةٌ بِغَيرِ عِلمٍ لِيُدخِلَ اللَّهُ فى رَحمَتِهِ مَن يَشاءُ لَو تَزَيَّلوا لَعَذَّبنَا الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 25) |
اِھي اُھي آھن جن انڪار ڪيو ۽ اوھان کي تعظيم واري مسجد کان جھليو ۽ قرباني کي به جو پنھنجي جاءِ تي پھچڻ کان روڪيل رھي، ۽ جيڪڏھن (اھڙا ڪي) مڙس مؤمن ۽ (ڪي) زالون مؤمنياڻيون (مڪي ۾) نه ھجن ھا جن کي اوھان نه ڄاڻندا آھيو ته (متان) کين لتاڙي ڇڏيو پوءِ بي خبريءَ ۾ انھن جو اوھان کي گناھ پھچي (ته ھاڻي ئي فتح ٿئي ھا)، جنھن کي الله گھري پنھنجي ٻاجھ ۾ داخل ڪري، جيڪڏھن (ٻئي ٽوليون) ڌار ھجن ھا ته ضرور مڪي وارن مان ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب ڪريون ھا. |
إِذ جَعَلَ الَّذينَ كَفَروا فى قُلوبِهِمُ الحَمِيَّةَ حَمِيَّةَ الجٰهِلِيَّةِ فَأَنزَلَ اللَّهُ سَكينَتَهُ عَلىٰ رَسولِهِ وَعَلَى المُؤمِنينَ وَأَلزَمَهُم كَلِمَةَ التَّقوىٰ وَكانوا أَحَقَّ بِها وَأَهلَها وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 26) |
جڏھن ڪافرن پنھنجن دلين ۾ جاھليت جو جوش پيدا ڪيو تڏھن الله پنھنجي پيغمبر تي ۽ مؤمنن تي پنھنجو آرام نازل ڪيو ۽ کين پرھيزگاريءَ جي ڳالھ تي قائم رکيائين ۽ (اِھي) ان جا وڌيڪ حقدار ۽ اُن جا جوڳا ھوا، ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي. |
لَقَد صَدَقَ اللَّهُ رَسولَهُ الرُّءيا بِالحَقِّ لَتَدخُلُنَّ المَسجِدَ الحَرامَ إِن شاءَ اللَّهُ ءامِنينَ مُحَلِّقينَ رُءوسَكُم وَمُقَصِّرينَ لا تَخافونَ فَعَلِمَ ما لَم تَعلَموا فَجَعَلَ مِن دونِ ذٰلِكَ فَتحًا قَريبًا (آيت : 27) |
بيشڪ الله پنھنجي پيغمبر کي سچو خواب ڏيکاريو، ته جيڪڏھن الله گھريو آھي ته پنھنجا مٿا ڪوڙائي ۽ وار ڪترائي تعظيم واريءَ مسجد ۾ بي ڀوا ٿي ضرور گھڙندؤ (۽) نه ڊڄندؤ، پوءِ جيڪي نه ڄاڻندا آھيو سو الله ڄاتو پوءِ اُن کان اڳ ھڪ ويجھي فتح ڏني. |
هُوَ الَّذى أَرسَلَ رَسولَهُ بِالهُدىٰ وَدينِ الحَقِّ لِيُظهِرَهُ عَلَى الدّينِ كُلِّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 28) |
(الله) اُھو آھي جنھن پنھنجي پيغمبر کي ھدايت ۽ سچي دين سان موڪليو ته اُن کي سڀني دينن تي غالب ڪري، ۽ الله شاھد ڪافي آھي. |
مُحَمَّدٌ رَسولُ اللَّهِ وَالَّذينَ مَعَهُ أَشِدّاءُ عَلَى الكُفّارِ رُحَماءُ بَينَهُم تَرىٰهُم رُكَّعًا سُجَّدًا يَبتَغونَ فَضلًا مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنًا سيماهُم فى وُجوهِهِم مِن أَثَرِ السُّجودِ ذٰلِكَ مَثَلُهُم فِى التَّورىٰةِ وَمَثَلُهُم فِى الإِنجيلِ كَزَرعٍ أَخرَجَ شَطـَٔهُ فَـٔازَرَهُ فَاستَغلَظَ فَاستَوىٰ عَلىٰ سوقِهِ يُعجِبُ الزُّرّاعَ لِيَغيظَ بِهِمُ الكُفّارَ وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنهُم مَغفِرَةً وَأَجرًا عَظيمًا (آيت : 29) |
مُحمّد الله جو موڪليل آھي، ۽ جيڪي سندس سنگتي آھن سي ڪافرن تي ڏاڍا سخت آھن ۽ پاڻ ۾ مھربان آھن کين رڪوع ڪندڙ سجدو ڪندڙ ڏسندو آھين الله جو فضل ۽ رضامندي طلبيندا آھن، انھن جي نشاني سندن منھن ۾ سجدي جي اثر کان (پڌري) آھي، اھا سندن وصف توريت ۾ آھي، ۽ سندس وصف اِنجيل ۾ آھي، (اھي) اُنھيءَ پوک وانگر آھن جنھن پنھنجو سَلو ڪڍيو پوءِ اُن کي مضبوط ڪيائين پوءِ ٿلھو ٿيو پوءِ پنھنجي سلي تي سڌي بيٺي جو ڪڙمين کي پئي وڻي (اسلامي غلبي جو به آخر اھڙو حال آھي) تانجو مؤمنن جي (ڏسڻ) ڪري ڪافرن کي ڪاوڙائي، جن ايمان آندو ۽ منجھائن چڱا ڪم ڪيا (تن کي) بخشش ۽ وڏي اجر جو الله انجام ڏنو آھي. |