إِنّا فَتَحنا لَكَ فَتحًا مُبينًا (آيت : 1) |
بيشڪ اسان توکي پڌري فتح ڏني، |
لِيَغفِرَ لَكَ اللَّهُ ما تَقَدَّمَ مِن ذَنبِكَ وَما تَأَخَّرَ وَيُتِمَّ نِعمَتَهُ عَلَيكَ وَيَهدِيَكَ صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 2) |
ته الله تنهنجيون اڳيون پويون غلطيون سڀ معاف ڪري، توتي پنهنجي رحمت پوري ڪري، تو کي سڌو رستو ڏيکاري. |
وَيَنصُرَكَ اللَّهُ نَصرًا عَزيزًا (آيت : 3) |
۽ الله غالب، توکي سوڀ سان سوڀارو ڪري. |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ السَّكينَةَ فى قُلوبِ المُؤمِنينَ لِيَزدادوا إيمٰنًا مَعَ إيمٰنِهِم وَلِلَّهِ جُنودُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 4) |
الله اهو آهي، جنهن مؤمنن جي دلين ۾ آرام وڌو، ته انهن جي ايمان سان يقين وڌي_ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر خدا جا آهن ۽ الله ڄاڻندڙ، ڏاهپ وارو آهي. |
لِيُدخِلَ المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَيُكَفِّرَ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَكانَ ذٰلِكَ عِندَ اللَّهِ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 5) |
انهي لاءِ، ته مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪري، جن جي هيٺان نهرون ٿيون وهن_ هو انهن ۾ هميشه رهندا_ ۽ انهن کان سندن مدايون ميٽي- الله وٽ اها وڏي مراد ماڻڻ آهي. |
وَيُعَذِّبَ المُنٰفِقينَ وَالمُنٰفِقٰتِ وَالمُشرِكينَ وَالمُشرِكٰتِ الظّانّينَ بِاللَّهِ ظَنَّ السَّوءِ عَلَيهِم دائِرَةُ السَّوءِ وَغَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم وَلَعَنَهُم وَأَعَدَّ لَهُم جَهَنَّمَ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 6) |
۽ منافقن ۽ منافقياڻين کي ۽ مشرڪن ۽ مشرڪياڻين کي عذاب ڪري، جي الله تي بلڪل بڇڙو گمان ڪندڙ آهن- شال مٿن بڇڙي مصيبت هجي! مٿن الله ڏمريو کين لعنت ڪيائين- انهن لاءِ دوزخ تيار ڪيائين ۽ اهو بڇڙو ٺڪاڻو آهي. |
وَلِلَّهِ جُنودُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 7) |
آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا آهن ۽ الله غالب ڏاهپ وارو آهي. |
إِنّا أَرسَلنٰكَ شٰهِدًا وَمُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 8) |
بيشڪ اسان توکي شاهدي ڏيندڙ، خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي. |
لِتُؤمِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتُعَزِّروهُ وَتُوَقِّروهُ وَتُسَبِّحوهُ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 9) |
ته اوهين الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيو ۽ ان جي مدد ڪريو ۽ سندس عزت ڪريو ۽ صبح شام اُن (الله) کي پاڪائي سان ساراهيو. |
إِنَّ الَّذينَ يُبايِعونَكَ إِنَّما يُبايِعونَ اللَّهَ يَدُ اللَّهِ فَوقَ أَيديهِم فَمَن نَكَثَ فَإِنَّما يَنكُثُ عَلىٰ نَفسِهِ وَمَن أَوفىٰ بِما عٰهَدَ عَلَيهُ اللَّهَ فَسَيُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 10) |
بيشڪ جيڪي تنهنجي بيعت ٿا ڪن، اهي سچ ته الله جي بيعت ٿاڪن، انهن جي هٿن تي الله جو هٿ آهي- پوءِ جيڪو (انجام) ڀڃندو، سو فقط پنهنجي پاڻ لاءِ ئي ٿو ڀڃي- ۽ جنهن الله سان ڪيل انجام پورو ڪيو، تنهن کي سگهو ئي الله وڏو اجر ڏيندو. |
سَيَقولُ لَكَ المُخَلَّفونَ مِنَ الأَعرابِ شَغَلَتنا أَموٰلُنا وَأَهلونا فَاستَغفِر لَنا يَقولونَ بِأَلسِنَتِهِم ما لَيسَ فى قُلوبِهِم قُل فَمَن يَملِكُ لَكُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا إِن أَرادَ بِكُم ضَرًّا أَو أَرادَ بِكُم نَفعًا بَل كانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 11) |
ٻهراڙيءَ وارن مان پوئتي رهيل سگهوئي توکي چوندا ته ”اسين پنهنجي مال ۽ گهر وارن سبب واندا ٿي نه سگهياسون_ تنهن ڪري اسان لاءِ بخشش گهر“! اهو رڳو زبانن سان ٿا چون، انهن جي دلين ۾ ناهي_ چئو ته جيڪڏهن الله اوهان کي نقصان پهچائڻ چاهي، يا اوهان کي سک پهچائڻ جو ارادو ڪري، ته الله جي سامهون اوهان لاءِ ڪير ڪجهه ڪري ٿو سگهي؟ بلڪ جيڪي به ڪريو ٿا، ان جي خبر الله کي آهي. |
بَل ظَنَنتُم أَن لَن يَنقَلِبَ الرَّسولُ وَالمُؤمِنونَ إِلىٰ أَهليهِم أَبَدًا وَزُيِّنَ ذٰلِكَ فى قُلوبِكُم وَظَنَنتُم ظَنَّ السَّوءِ وَكُنتُم قَومًا بورًا (آيت : 12) |
بلڪ اوهان ڀانيو ته رسول ۽ مؤمن پنهنجي گهر وارن ڏانهن ڪڏهن نه موٽندا- اهو خيال اوهان جي دلين ۾ سهڻو ڪري ڏيکاريو ويو، اوهان بڇڙو گمان ڪيو ۽ اوهين ناس ٿيندڙ قوم آهيو. |
وَمَن لَم يُؤمِن بِاللَّهِ وَرَسولِهِ فَإِنّا أَعتَدنا لِلكٰفِرينَ سَعيرًا (آيت : 13) |
۽ جنهن الله ۽ سندس رسول تي ايمان نه آندو، ته بيشڪ اسان انهن ڪافرن لاءِ ٻرندڙ باهه تيار ڪئي آهي. |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 14) |
۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي فقط الله جي آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي بخشي ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي عذاب ڪري- الله بخشڻهار ۽ مهربان آهي. |
سَيَقولُ المُخَلَّفونَ إِذَا انطَلَقتُم إِلىٰ مَغانِمَ لِتَأخُذوها ذَرونا نَتَّبِعكُم يُريدونَ أَن يُبَدِّلوا كَلٰمَ اللَّهِ قُل لَن تَتَّبِعونا كَذٰلِكُم قالَ اللَّهُ مِن قَبلُ فَسَيَقولونَ بَل تَحسُدونَنا بَل كانوا لا يَفقَهونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 15) |
جڏهن لُٽ جي مال هٿ ڪرڻ لاءِ ويندؤ، ته اهي پوئتي رهيل به يڪدم اچي چوندا، ته ”اسان کي ڇڏيو، ته اوهان سان هلون“ گهرن ٿا ته الله جي وعدي جي مخالفت ڪن؛ انهن کي چئو ته ”اوهين اسان سان هر گز نه هلندؤ، اهڙي طرح الله اڳيئي چئي چڪو آهي“. پوءِ سگهو ئي چوندا ته ”بلڪ اوهين اسان سان حسد ٿا ڪريو“ پر اهي بلڪل ٿورڙو ٿا سمجهن. |
قُل لِلمُخَلَّفينَ مِنَ الأَعرابِ سَتُدعَونَ إِلىٰ قَومٍ أُولى بَأسٍ شَديدٍ تُقٰتِلونَهُم أَو يُسلِمونَ فَإِن تُطيعوا يُؤتِكُمُ اللَّهُ أَجرًا حَسَنًا وَإِن تَتَوَلَّوا كَما تَوَلَّيتُم مِن قَبلُ يُعَذِّبكُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 16) |
پوئتي رهيل ٻهراڙي وارن کي چئو ته ”اوهان کي ترت ئي سخت ويڙهه واريءَ قوم ڏانهن سڏبو، جو يا ته اوهين انهن سان وڙهندا يا اهي مسلمان ٿيندا، پوءِ جيڪڏهن تابعداري ڪندؤ، ته الله اوهان کي چڱو اجر ڏيندو- پر جيڪڏهن ڦري ويندؤ، جيئن هن کان اڳ ڦريا هئو، ته الله اوهان کي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو.“ |
لَيسَ عَلَى الأَعمىٰ حَرَجٌ وَلا عَلَى الأَعرَجِ حَرَجٌ وَلا عَلَى المَريضِ حَرَجٌ وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَمَن يَتَوَلَّ يُعَذِّبهُ عَذابًا أَليمًا (آيت : 17) |
نڪي انڌي تي گناهه آهي، نڪي منڊي تي ڪا ميار آهي ۽ نڪي بيمار تي ڪو ڏوهه آهي- جيڪو الله ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪندو، تنهن کي الله اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو، جن جي هيٺان نهرون وهندڙ آهن- ۽ جيڪو ڦرندو تنهن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو. |
لَقَد رَضِىَ اللَّهُ عَنِ المُؤمِنينَ إِذ يُبايِعونَكَ تَحتَ الشَّجَرَةِ فَعَلِمَ ما فى قُلوبِهِم فَأَنزَلَ السَّكينَةَ عَلَيهِم وَأَثٰبَهُم فَتحًا قَريبًا (آيت : 18) |
بيشڪ الله مومنن کان راضي ٿيو، جنهن وقت وڻ هيٺ توسان بيعت ٿي ڪيائون، پوءِ جيڪي سندن دلين ۾ هو، سو ڄاتائين، پوءِ مٿن آرام لاٿائين، پوءِ کين هڪ ويجهي سوڀ جو انجام ڏنائين. |
وَمَغانِمَ كَثيرَةً يَأخُذونَها وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 19) |
۽ گهڻا لُٽ جا مال به سندن هٿ ايندا ۽ الله غالب ڏاهپ وارو آهي. |
وَعَدَكُمُ اللَّهُ مَغانِمَ كَثيرَةً تَأخُذونَها فَعَجَّلَ لَكُم هٰذِهِ وَكَفَّ أَيدِىَ النّاسِ عَنكُم وَلِتَكونَ ءايَةً لِلمُؤمِنينَ وَيَهدِيَكُم صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 20) |
الله اوهان کي گهڻن لُٽ جي مالن جو وعدو ڏنو آهي، جن کي حاصل ڪندؤ، هينئر هي مال اوهان کي عطا ڪيائين ۽ اوهان کان ماڻهن جا هٿ روڪيائين_ ان ڪري، ته مومنن لاءِ هڪ نشاني هجي ۽ اوهانکي سڌو رستو ڏيکاري. |
وَأُخرىٰ لَم تَقدِروا عَلَيها قَد أَحاطَ اللَّهُ بِها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرًا (آيت : 21) |
۽ ٻيا مال به ڏياريندو، جن تي اڃا اوهين قادر نه ٿيا آهيو، مگر الله پاڪ انهي کي گهيري ڇڏيو آهي ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت ٿو رکي. |
وَلَو قٰتَلَكُمُ الَّذينَ كَفَروا لَوَلَّوُا الأَدبٰرَ ثُمَّ لا يَجِدونَ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 22) |
جيڪڏهن ڪافر اوهان سان لڙائي ڪن ها، ته ضرور ڀاڄ کائي ڀڄن ها؛ پوءِ نه ڪو دوست ڏسن ها، نڪو مددگار. |
سُنَّةَ اللَّهِ الَّتى قَد خَلَت مِن قَبلُ وَلَن تَجِدَ لِسُنَّةِ اللَّهِ تَبديلًا (آيت : 23) |
اهو الله جو دستور آهي، جو اڳ کان هليو ٿو اچي ۽ الله جي قانون ۾ ڪڏهن به ڦير گهير نه ڏسندين. |
وَهُوَ الَّذى كَفَّ أَيدِيَهُم عَنكُم وَأَيدِيَكُم عَنهُم بِبَطنِ مَكَّةَ مِن بَعدِ أَن أَظفَرَكُم عَلَيهِم وَكانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرًا (آيت : 24) |
الله اهو آهي، جنهن مڪي جي وچ ۾ اوهان کي ڪافرن تي سوڀارو ڪرڻ کانپوءِ ڪافرن جا هٿ اوهان کان ۽ اوهان جا هٿ انهن کان روڪيا- ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا، تنهن کي الله ڏسڻ وارو آهي. |
هُمُ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوكُم عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ وَالهَدىَ مَعكوفًا أَن يَبلُغَ مَحِلَّهُ وَلَولا رِجالٌ مُؤمِنونَ وَنِساءٌ مُؤمِنٰتٌ لَم تَعلَموهُم أَن تَطَـٔوهُم فَتُصيبَكُم مِنهُم مَعَرَّةٌ بِغَيرِ عِلمٍ لِيُدخِلَ اللَّهُ فى رَحمَتِهِ مَن يَشاءُ لَو تَزَيَّلوا لَعَذَّبنَا الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 25) |
هي اُهي آهن، جن ڪفر ڪيو ۽ اوهان کي عزت واريءَ مسجد کان روڪيو ۽ قربانيءَ کي به روڪيو ته پنهنجي جاءِ تي نه پهچي سگهي_ ۽ جيڪڏهن (ڪي) مڙس مؤمن ۽ زالون مؤمنياڻيون نه هجن ها، جن کي اوهين نٿا ڄاڻو، ته متان کين لتاڙي ڇڏيو، پوءِ بي خبري ۾ انهن جو اوهان کي گناهه پهچي؛ ته جنهن کي الله گهري پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري_ جيڪڏهن ٻئي (ٽوليون) ڌار هجن ها، ته ضرور مڪي وارن مان ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب ڏيون ها. |
إِذ جَعَلَ الَّذينَ كَفَروا فى قُلوبِهِمُ الحَمِيَّةَ حَمِيَّةَ الجٰهِلِيَّةِ فَأَنزَلَ اللَّهُ سَكينَتَهُ عَلىٰ رَسولِهِ وَعَلَى المُؤمِنينَ وَأَلزَمَهُم كَلِمَةَ التَّقوىٰ وَكانوا أَحَقَّ بِها وَأَهلَها وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 26) |
جڏهن ڪافرن پنهنجي دلين ۾ جاهليت جو جوش پيدا ڪيو، تڏهن الله پنهنجي رسول تي ۽ مؤمنن تي بي فڪري موڪلي ۽ انهن کي دينداريءَ جي ڳالهه تي قائم ڪيائين، جو اُهي ان جا حقدار هئا ۽ الله کي هر شيءِ جي خبر آهي. |
لَقَد صَدَقَ اللَّهُ رَسولَهُ الرُّءيا بِالحَقِّ لَتَدخُلُنَّ المَسجِدَ الحَرامَ إِن شاءَ اللَّهُ ءامِنينَ مُحَلِّقينَ رُءوسَكُم وَمُقَصِّرينَ لا تَخافونَ فَعَلِمَ ما لَم تَعلَموا فَجَعَلَ مِن دونِ ذٰلِكَ فَتحًا قَريبًا (آيت : 27) |
بيشڪ الله سندس رسول جو خواب به چڱيءَ طرح سچو ڪيو- ته جيڪڏهن الله گهريو آهي ته پنهنجا مٿا ڪوڙائي ۽ وار ڪترائي، عزت واري مسجد ۾ بي ڊپا ٿي ضرور داخل ٿيندؤ ۽ ڪو به ڊپ نه هوندوَ، پوءِ جيڪي نٿا ڄاڻو، سو الله ڄاڻي ٿو ۽ پڻ انهي کان سواءِ ٻي ويجهي فتح به ڏنائين. |
هُوَ الَّذى أَرسَلَ رَسولَهُ بِالهُدىٰ وَدينِ الحَقِّ لِيُظهِرَهُ عَلَى الدّينِ كُلِّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 28) |
الله اهو آهي، جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچي دين سان موڪليو، ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري ۽ الله شاهد بس آهي. |
مُحَمَّدٌ رَسولُ اللَّهِ وَالَّذينَ مَعَهُ أَشِدّاءُ عَلَى الكُفّارِ رُحَماءُ بَينَهُم تَرىٰهُم رُكَّعًا سُجَّدًا يَبتَغونَ فَضلًا مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنًا سيماهُم فى وُجوهِهِم مِن أَثَرِ السُّجودِ ذٰلِكَ مَثَلُهُم فِى التَّورىٰةِ وَمَثَلُهُم فِى الإِنجيلِ كَزَرعٍ أَخرَجَ شَطـَٔهُ فَـٔازَرَهُ فَاستَغلَظَ فَاستَوىٰ عَلىٰ سوقِهِ يُعجِبُ الزُّرّاعَ لِيَغيظَ بِهِمُ الكُفّارَ وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنهُم مَغفِرَةً وَأَجرًا عَظيمًا (آيت : 29) |
محمد (ﷺ) الله جو رسول آهي ۽ جيڪي ان سان شامل آهن، سي ڪافرن تي ڏاڍا سخت آهن ۽ پاڻ ۾ مهربان آهن، تون انهن کي رڪوع ڪندڙ ۽ سجدو ڪندڙ ٿو ڏسين، هو الله جو فضل ۽ رضا مندي ٿا ڳولين- انهن جي نشاني سندن منهن ۾ سجدن جي اثر کان ظاهر ٿئي ٿي، سندن اها وصف توريت ۾ آهي ۽ سندن واکاڻ انجيل ۾ آهي- هو انهي پوک وانگر آهن، جنهن پنهنجو سلو ڪڍيو، پوءِ ان کي مضبوط ڪيائين، پوءِ ٿلهو ٿيو، پوءِ پنهنجي سلي تي سڌي ٿي بيٺي، جو ڪڙميءَ کي پيئي وڻي- ته ان جي وسيلي ڪافرن کي ڪاوڙائي- ۽ جن انهن مان ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي الله بخشش ۽ وڏي اجر جو وعدو ڏنو آهي. |