إِنّا فَتَحنا لَكَ فَتحًا مُبينًا (آيت : 1) |
بيشڪ اسان فتح ڏني توکي فتح چٽي . |
لِيَغفِرَ لَكَ اللَّهُ ما تَقَدَّمَ مِن ذَنبِكَ وَما تَأَخَّرَ وَيُتِمَّ نِعمَتَهُ عَلَيكَ وَيَهدِيَكَ صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 2) |
تانته بخشي تنهنجي ڪري الله جيڪو اڳي ٿيوتنهنجي (امت جي) گناھه مان ۽ جيڪو پوءِ ٿيو ۽ پوري ڪري پنهنجي نعمت توتي ۽ هلائي توکي واٽ سڌيءَ تي . |
وَيَنصُرَكَ اللَّهُ نَصرًا عَزيزًا (آيت : 3) |
۽ مدد ڪري تنهنجي الله مدد غلبي واري . |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ السَّكينَةَ فى قُلوبِ المُؤمِنينَ لِيَزدادوا إيمٰنًا مَعَ إيمٰنِهِم وَلِلَّهِ جُنودُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 4) |
(الله) اهو آهي جنهن لاٿو سڪون دلين مؤمنن جي ۾ تانته وڌن ايمان ۾ پنهنجي (اڳئين) ايمان سان ۽ الله جا آهن لشڪر آسمانن ۽ زمين وارا ۽ آهي ڄاڻندڙ،حڪمت وارو . |
لِيُدخِلَ المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَيُكَفِّرَ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَكانَ ذٰلِكَ عِندَ اللَّهِ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 5) |
تانته داخل ڪري مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي بهشتن ۾ وهن پيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ رهندڙ انهن ۾ ۽ مٽائي انهن کان مدايون انهن جون ۽ آهي اها الله وٽ ڪاميابي وڏي . |
وَيُعَذِّبَ المُنٰفِقينَ وَالمُنٰفِقٰتِ وَالمُشرِكينَ وَالمُشرِكٰتِ الظّانّينَ بِاللَّهِ ظَنَّ السَّوءِ عَلَيهِم دائِرَةُ السَّوءِ وَغَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم وَلَعَنَهُم وَأَعَدَّ لَهُم جَهَنَّمَ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 6) |
۽ عذاب ڪري منافقن کي منافقياڻين کي ۽ مشرڪن ۽ مشرڪياڻين کي جيڪي گمان ڪندڙ آهن الله سان برو گمان انهن تي آهي گردش بري ۽ ڪاوڙيو الله انهن تي ۽ لعنت ڪيائين انهن کي ۽ تيار ڪيائين انهن جي لاءِ جهنم بري جاءِ آهي. |
وَلِلَّهِ جُنودُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 7) |
۽ الله جا آهن لشڪر آسمانن جا ۽ زمين جا ۽ آهي الله غالب، حڪمت وارو. |
إِنّا أَرسَلنٰكَ شٰهِدًا وَمُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 8) |
بيشڪ اسان موڪليو توکي شاهدي ڏيندڙ ۽ بشارت ڏيندر ڊيڄاريندڙ . |
لِتُؤمِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتُعَزِّروهُ وَتُوَقِّروهُ وَتُسَبِّحوهُ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 9) |
تانته ايمان آڻيو الله تي ۽ ان جي رسول تي ۽ مدد ڪيو ان جي ۽ تعظيم ڪيو ان جي ۽ ان جي پاڪائي بيان ڪيو صبح ۽ شام . |
إِنَّ الَّذينَ يُبايِعونَكَ إِنَّما يُبايِعونَ اللَّهَ يَدُ اللَّهِ فَوقَ أَيديهِم فَمَن نَكَثَ فَإِنَّما يَنكُثُ عَلىٰ نَفسِهِ وَمَن أَوفىٰ بِما عٰهَدَ عَلَيهُ اللَّهَ فَسَيُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 10) |
بيشڪ جيڪي بيعت ڪن ٿا تنهنجي بيشڪ بيعت ڪن ٿا الله جي الله جو (قدرتي) هٿ انهن جي هٿن جي مٿان آهي پوءِ جيڪو (انجام) ٽوڙيندو پوءِ تحقيق ڀڃي ٿو پنهنجي سر تي ۽ جنهن وفاداري ڪئي ان جي جنهن تي عهد ڪيائين الله سان پوءِ جلد ڏيندو ان کي اجر وڏو. ع |
سَيَقولُ لَكَ المُخَلَّفونَ مِنَ الأَعرابِ شَغَلَتنا أَموٰلُنا وَأَهلونا فَاستَغفِر لَنا يَقولونَ بِأَلسِنَتِهِم ما لَيسَ فى قُلوبِهِم قُل فَمَن يَملِكُ لَكُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا إِن أَرادَ بِكُم ضَرًّا أَو أَرادَ بِكُم نَفعًا بَل كانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 11) |
جلد چوندا اوهان کي پوئتي ڇڏيل ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙن مان ته مشغول ڪيو اسان کي اسان جي مالن ۽ اسان جي اهلن پوءِ مغفرت طلب ڪر اسان جي لاءِ چون ٿا پنهنجين زبانن سان جيڪو ناهي انهن جي دلين ۾ فرماءِ ته پوءِ ڪير ٿو مالڪ ٿئي اوهان جي لاءِ الله کان ڪنهن شيءِ جو جيڪڏهن ارادو فرمائي اوهان سان نقصان جو يا ارادو فرمائي اوهان سان نفعي ڏيڻ جو بلڪ الله ان جي جيڪي اوهان ڪيو ٿا خبر رکندڙ آهي . |
بَل ظَنَنتُم أَن لَن يَنقَلِبَ الرَّسولُ وَالمُؤمِنونَ إِلىٰ أَهليهِم أَبَدًا وَزُيِّنَ ذٰلِكَ فى قُلوبِكُم وَظَنَنتُم ظَنَّ السَّوءِ وَكُنتُم قَومًا بورًا (آيت : 12) |
بلڪ گمان ڪيو اوهان هي ته هرگز نه موٽندو رسول ۽ مؤمن پنهنجن اهلن ڏانهن هميشہ ۽ سينگاريو ويو اهو (گمان) اوهان جي دلين ۾ ۽ گمان ڪيو اوهان گمان بڇڙو ۽ هيئو اوهان قوم هلاڪ ٿيندڙ . |
وَمَن لَم يُؤمِن بِاللَّهِ وَرَسولِهِ فَإِنّا أَعتَدنا لِلكٰفِرينَ سَعيرًا (آيت : 13) |
۽ جنهن ايمان نه آندو الله تي ۽ ان جي رسول تي پوءِ بيشڪ اسان تيار ڪئي اسان ڪافرن جي لاءِ ساڙيندڙ باهه . |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 14) |
۽ الله جي لاءِ بادشاهي آسمانن جي ۽ زمين جي آهي بخشي ٿو جنهن کي گهري ۽ عذاب ٿو ڪري جنهن کي گهري ۽ الله بخشيندڙ، مهربان آهي. |
سَيَقولُ المُخَلَّفونَ إِذَا انطَلَقتُم إِلىٰ مَغانِمَ لِتَأخُذوها ذَرونا نَتَّبِعكُم يُريدونَ أَن يُبَدِّلوا كَلٰمَ اللَّهِ قُل لَن تَتَّبِعونا كَذٰلِكُم قالَ اللَّهُ مِن قَبلُ فَسَيَقولونَ بَل تَحسُدونَنا بَل كانوا لا يَفقَهونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 15) |
جلد چوندا پٺتي رهايل جڏهن ويندؤ غنيمتن ڏانهن تانته وٺو انهن کي، ته ڇڏيو اسان کي ته هلون اوهان سان ارادو ڪن ٿا ته بدلائين الله جي فرمان کي فرماءِ ته هرگز نه هلندؤ اسان سان اهڙي طرح فرمايو الله اڳيئي پوءِ جلد چوندا بلڪ حسد ڪيو ٿا اوهان اسان سان بلڪ نٿي سمجهيا مگر ٿورو . |
قُل لِلمُخَلَّفينَ مِنَ الأَعرابِ سَتُدعَونَ إِلىٰ قَومٍ أُولى بَأسٍ شَديدٍ تُقٰتِلونَهُم أَو يُسلِمونَ فَإِن تُطيعوا يُؤتِكُمُ اللَّهُ أَجرًا حَسَنًا وَإِن تَتَوَلَّوا كَما تَوَلَّيتُم مِن قَبلُ يُعَذِّبكُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 16) |
فرماءِ پٺتي رهايلن جي لاءِ بدوين مان ته جلد سڏيا ويندؤ قوم سگهه واريءَ سختي ڪندڙ ڏانهن جنگ ڪندؤ انهن سان يا مسلمان ٿيندا پوءِ جيڪڏهن اطاعت ڪندؤ ته ڏيندو اوهان کي الله اجر سهڻو ۽ جيڪڏهن ڦرندؤ جيئن ڦريا هيئو اڳي ته عذاب ڪندو اوهان کي عذاب دردناڪ . |
لَيسَ عَلَى الأَعمىٰ حَرَجٌ وَلا عَلَى الأَعرَجِ حَرَجٌ وَلا عَلَى المَريضِ حَرَجٌ وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَمَن يَتَوَلَّ يُعَذِّبهُ عَذابًا أَليمًا (آيت : 17) |
ناهي انڌي تي ڪو گناھه ۽ نه منڊي تي ڪو گناھ ۽ نه بيمار تي ڪو گناھ ۽ جيڪو فرمانبرداري ڪندو الله جي ۽ ان جي رسول جي ته داخل ڪندو ان کي بهشتن ۾ جو وهن پيون هيٺان انهن جي نهرون ۽ جيڪو ڦرندو ته عذاب ڪندو ان کي عذاب دردناڪ . |
لَقَد رَضِىَ اللَّهُ عَنِ المُؤمِنينَ إِذ يُبايِعونَكَ تَحتَ الشَّجَرَةِ فَعَلِمَ ما فى قُلوبِهِم فَأَنزَلَ السَّكينَةَ عَلَيهِم وَأَثٰبَهُم فَتحًا قَريبًا (آيت : 18) |
البته تحقيق راضي ٿيو الله مؤمنن کان جڏهن بيعت ڪن پيا تنهنجي وڻ هيٺان پوءِ ڄاتائين اهو جيڪو سندن دلين ۾ آهي پوءِ لاٿائين سڪون انهن تي ۽ عطا ڪيائين انهن کي فتح ويجهي . |
وَمَغانِمَ كَثيرَةً يَأخُذونَها وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 19) |
۽ غنيمتون گهڻيون جو حاصل ڪندا انهن کي ۽ آهي الله غالب حڪمت وارو . |
وَعَدَكُمُ اللَّهُ مَغانِمَ كَثيرَةً تَأخُذونَها فَعَجَّلَ لَكُم هٰذِهِ وَكَفَّ أَيدِىَ النّاسِ عَنكُم وَلِتَكونَ ءايَةً لِلمُؤمِنينَ وَيَهدِيَكُم صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 20) |
وعدو ڏنو اوهان کي الله غنيمتن گهڻين جو حاصل ڪندؤ اوهان انهن کي پوءِ جلدي ڏنائين اوهان کي هي ۽ روڪيائين هٿ ماڻهن جا اوهان کان ۽ تانته هجي نشاني ٿي مؤمنن جي لاءِ ۽ ڏيکاري اوهان کي واٽ سڌي . |
وَأُخرىٰ لَم تَقدِروا عَلَيها قَد أَحاطَ اللَّهُ بِها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرًا (آيت : 21) |
۽ ٻيون جو نه قادر ٿيئو اوهان انهن تي تحقيق گهيري ۾ رکيو انهن کي الله ۽ آهي الله هر شيءِ تي قادر . |
وَلَو قٰتَلَكُمُ الَّذينَ كَفَروا لَوَلَّوُا الأَدبٰرَ ثُمَّ لا يَجِدونَ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 22) |
۽ جيڪڏهن جنگ ڪن ها اوهان سان ڪافر ته البته ڦيرائي ڏين ها پٺيون ان کان پوءِ نه لهن ها ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار . |
سُنَّةَ اللَّهِ الَّتى قَد خَلَت مِن قَبلُ وَلَن تَجِدَ لِسُنَّةِ اللَّهِ تَبديلًا (آيت : 23) |
الله جو قانون جيڪو گذريو اڳي ۽ هرگز نه لهندين تون الله جي قانون ۾ ڪا تبديلي . |
وَهُوَ الَّذى كَفَّ أَيدِيَهُم عَنكُم وَأَيدِيَكُم عَنهُم بِبَطنِ مَكَّةَ مِن بَعدِ أَن أَظفَرَكُم عَلَيهِم وَكانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرًا (آيت : 24) |
۽ اهو ئي آهي جنهن روڪيو هٿن انهن جي کي اوهان کان ۽ اهان جي هٿن کي انهن کان مڪي جي وچ ۾ ان کان پوءِ جو ڪامياب ڪيائين اوهان کي انهن تي ۽ الله جيڪي ڪيو ٿا ڏسندڙ آهي . |
هُمُ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوكُم عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ وَالهَدىَ مَعكوفًا أَن يَبلُغَ مَحِلَّهُ وَلَولا رِجالٌ مُؤمِنونَ وَنِساءٌ مُؤمِنٰتٌ لَم تَعلَموهُم أَن تَطَـٔوهُم فَتُصيبَكُم مِنهُم مَعَرَّةٌ بِغَيرِ عِلمٍ لِيُدخِلَ اللَّهُ فى رَحمَتِهِ مَن يَشاءُ لَو تَزَيَّلوا لَعَذَّبنَا الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 25) |
اهي ئي آهن جن ڪفر ڪيو ۽ روڪيائون اوهان کي عزت واري مسجد کان ۽ قربانيءَ جي جانور روڪيل کي هن کان ته پهچي پنهنجي جاءِ کي ۽ جيڪڏهن نه هجن ها مرد مؤمن ۽ عورتون مؤمنياڻيون جو نه پيا ڄاڻو انهن کي هي ته (متان) لتاڙيو انهن کي پوءِ پهچي اوهان کي انهن کان گناھه علم کان سواءِ تانته داخل ڪري الله پنهنجي رحمت ۾ جنهن کي گهري جيڪڏهن ڌار هجن ها ته البته عذاب ڪيون ها انهن کي جن ڪفر ڪيو انهن مان عذاب دردناڪ . |
إِذ جَعَلَ الَّذينَ كَفَروا فى قُلوبِهِمُ الحَمِيَّةَ حَمِيَّةَ الجٰهِلِيَّةِ فَأَنزَلَ اللَّهُ سَكينَتَهُ عَلىٰ رَسولِهِ وَعَلَى المُؤمِنينَ وَأَلزَمَهُم كَلِمَةَ التَّقوىٰ وَكانوا أَحَقَّ بِها وَأَهلَها وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 26) |
جڏهن ڪيو انهن جن ڪفر ڪيو پنهنجين دلين ۾ ضد جاهليت وارو ضد پوءِ لاٿو الله پنهنجو سڪون پنهنجي رسول تي ۽ مؤمنن تي ۽ مضبوط رکيائين انهن کي تقوى جي ڪلمي تي ۽ هئا وڌيڪ حقدار ان جا ۽ لائق ان جا ۽ الله هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي . |
لَقَد صَدَقَ اللَّهُ رَسولَهُ الرُّءيا بِالحَقِّ لَتَدخُلُنَّ المَسجِدَ الحَرامَ إِن شاءَ اللَّهُ ءامِنينَ مُحَلِّقينَ رُءوسَكُم وَمُقَصِّرينَ لا تَخافونَ فَعَلِمَ ما لَم تَعلَموا فَجَعَلَ مِن دونِ ذٰلِكَ فَتحًا قَريبًا (آيت : 27) |
البته تحقيق سچو ڏيکاريو الله پنهنجي رسول کي خواب حق سان ته البته ضرور داخل ٿيندؤ مسجد حرام ۾ جڏهن گهريو الله امن وارا ٿيندڙ، ڪوڙائيندڙ مٿا پنهنجا ۽ ڪترائيندڙ نه ڊڄندؤ پوءِ ڄاڻي پيو جيڪي اوهان نه پيا ڄاڻو پوءِ ڪيائين ان کان سواءِ ويجهي فتح . |
هُوَ الَّذى أَرسَلَ رَسولَهُ بِالهُدىٰ وَدينِ الحَقِّ لِيُظهِرَهُ عَلَى الدّينِ كُلِّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 28) |
(الله) اهو آهي جنهن موڪليو پنهنجو رسول هدايت ۽ سچي دين سان تانته غالب بنائي ان کي سڀني دينن تي ۽ ڪافي آهي الله شاهدي ڏيندڙ . |
مُحَمَّدٌ رَسولُ اللَّهِ وَالَّذينَ مَعَهُ أَشِدّاءُ عَلَى الكُفّارِ رُحَماءُ بَينَهُم تَرىٰهُم رُكَّعًا سُجَّدًا يَبتَغونَ فَضلًا مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنًا سيماهُم فى وُجوهِهِم مِن أَثَرِ السُّجودِ ذٰلِكَ مَثَلُهُم فِى التَّورىٰةِ وَمَثَلُهُم فِى الإِنجيلِ كَزَرعٍ أَخرَجَ شَطـَٔهُ فَـٔازَرَهُ فَاستَغلَظَ فَاستَوىٰ عَلىٰ سوقِهِ يُعجِبُ الزُّرّاعَ لِيَغيظَ بِهِمُ الكُفّارَ وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنهُم مَغفِرَةً وَأَجرًا عَظيمًا (آيت : 29) |
محمد الله جو رسول آهي ۽ جيڪي ان سان گڏ آهن ڏاڍا سخت آهن ڪافرن تي رحم ڪندڙ پاڻ ۾ ڏسندين انهن کي رڪوع ڪندڙ، سجدا ڪندڙ طلب ڪن ٿا مهرباني الله کان ۽ رضامندو نشاني انهن جي انهن جي منهن ۾ سجدي جي اثر کان آهي اها وصف انهن جي توراة ۾(ذڪر ڪيل) آهي ۽ انهن جي وصف انجيل ۾ آهي ان پوک وانگر (آهي جنهن) ڪڍيو سلو پنهنجو پوءِ مضبوظ ڪيائين ان کي پوءِ ٿلهو ٿيو پوءِ سڌو ٿي بيٺو پنهنجي تيليءَ تي، وڻي پئي پوکيندڙ کي تانته ڪاوڙ ڏياري انهن سان ڪافرن کي وعدو ڏنو الله انهن کي جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل انهن مان بخشش ۽ ثواب وڏي جو . |