إِنّا فَتَحنا لَكَ فَتحًا مُبينًا (آيت : 1) |
بيشڪ اسان توکي (اکين ڏٺي)پڌري فتح ڏني. |
لِيَغفِرَ لَكَ اللَّهُ ما تَقَدَّمَ مِن ذَنبِكَ وَما تَأَخَّرَ وَيُتِمَّ نِعمَتَهُ عَلَيكَ وَيَهدِيَكَ صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 2) |
ته جيئن الله تعالى توهان جي اڳين ۽ پوين سڀني ڪمي بيشين کي معاف ڪري ڇڏي. توهان جي مٿان پنھنجي نعمت پوري ڪري ۽ توهان کي بلڪل سڌو رستو ڏيکاري. |
وَيَنصُرَكَ اللَّهُ نَصرًا عَزيزًا (آيت : 3) |
۽ الله تعالى تنھنجي زبردست مدد ڪري. |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ السَّكينَةَ فى قُلوبِ المُؤمِنينَ لِيَزدادوا إيمٰنًا مَعَ إيمٰنِهِم وَلِلَّهِ جُنودُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 4) |
اهو (الله) ئي آهي جنھن مؤمنن جي دلين تي وڏو سڪون نازل ڪيو ته جيئن هو پنھنجي ايمان سان گڏ اڃا به ايمان وڌائين. آسمانن ۽ زمين جا (اصل) لشڪر ته الله تعالى وٽ آهن. الله تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
لِيُدخِلَ المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَيُكَفِّرَ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَكانَ ذٰلِكَ عِندَ اللَّهِ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 5) |
ته جيئن مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪري جن جي هيٺان (مختلف قسم جون) نھرون وهن ٿيون. هُو ان ۾ هميشه رهندا ۽ انهن جي براين کي اصل دفتر مان مٽائي ڇڏي. الله تعالى جي نزديڪ اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. |
وَيُعَذِّبَ المُنٰفِقينَ وَالمُنٰفِقٰتِ وَالمُشرِكينَ وَالمُشرِكٰتِ الظّانّينَ بِاللَّهِ ظَنَّ السَّوءِ عَلَيهِم دائِرَةُ السَّوءِ وَغَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم وَلَعَنَهُم وَأَعَدَّ لَهُم جَهَنَّمَ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 6) |
الله تعالى جي باري ۾ غلط گمان رکڻ جي ڪري منافق مردن ۽ منافق عورتن، مشرڪ مردن ۽ مشرڪ عورتن کي عذاب ڏي ( انهن بدگمانين جي ڪري) انهن جي مٿان اهو برو معاملو اچي ويو آهي، مٿن الله تعالى جو غضب پيو، ۽ هن انهن تي لعنت ڪئي ۽ انهن جي لاءِ جھنم کي تيار ڪري ڇڏيو، جيڪو برو ٺڪاڻو آهي. |
وَلِلَّهِ جُنودُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 7) |
آسمانن ۽ زمين جا (اصل) لشڪر ته الله تعالى جا ئي آهن ۽ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. |
إِنّا أَرسَلنٰكَ شٰهِدًا وَمُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 8) |
بيشڪ اسان توهان کي شاهدي ڏيندڙ، خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي. |
لِتُؤمِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتُعَزِّروهُ وَتُوَقِّروهُ وَتُسَبِّحوهُ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 9) |
ته جيئن (اي انسانو!) توهان سڀ الله تعالى ۽ سندس رسول سڳوري تي ايمان آڻيو، سندس هٿ مضبوط ڪريو، ان جي عزت ۽ احترام ڪريو ۽ صبح ۽ شام الله تعالى جي تسبيح ڪندا رهو. |
إِنَّ الَّذينَ يُبايِعونَكَ إِنَّما يُبايِعونَ اللَّهَ يَدُ اللَّهِ فَوقَ أَيديهِم فَمَن نَكَثَ فَإِنَّما يَنكُثُ عَلىٰ نَفسِهِ وَمَن أَوفىٰ بِما عٰهَدَ عَلَيهُ اللَّهَ فَسَيُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 10) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو تنھنجي بيعت ڪري رهيا آهن سي (حقيقت ۾) الله تعالى سان بيعت ڪري رهيا آهن، انهن جي هٿن مٿان الله تعالى جو هٿ آهي. هاڻي جيڪو ان (بيعت ۽ انجام) کي ٽوڙيندو ته ان جو وبال ان جي مٿان ئي پوندو ۽ جيڪو الله تعالى سان ڪيل انجام کي پورو ڪندو ته ان کي الله تعالى وڏو اجرعطا ڪندو. |
سَيَقولُ لَكَ المُخَلَّفونَ مِنَ الأَعرابِ شَغَلَتنا أَموٰلُنا وَأَهلونا فَاستَغفِر لَنا يَقولونَ بِأَلسِنَتِهِم ما لَيسَ فى قُلوبِهِم قُل فَمَن يَملِكُ لَكُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا إِن أَرادَ بِكُم ضَرًّا أَو أَرادَ بِكُم نَفعًا بَل كانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 11) |
(اي نبيﷺ!) عرب جا اُهي ڳوٺاڻا جيڪي تنھنجي دعوت ڏيڻ جي باوجود عمري جي ادائگي کان پوئتي رهجي ويا، سي هاڻي تو وٽ (بهانا ٺاهي) اچي چوندا ته اسان کي پنھنجي مالن ۽ ٻار ٻچن مشغول ڪري ڇڏيوهو جنھن ڪري اسان توهان سان گڏ نه هلي سگهياسين. سو (مھرباني ڪري) اسان جي لاءِ بخشش جي دعا گهرو. (حالانڪه) هي ماڻهو اهڙي ڳالهه چون ٿا جيڪا سندن دلين ۾ نه هئي. چؤ ته جيڪڏهن الله تعالى توهان کي نقصان پھچائڻ چاهي يا فائدو پھچائڻ چاهي ته ان جي اڳيان ڪير آهي جيڪو توهان جي لاءِ ڪجهه ڪري سگهي؟ الله تعالى توهان جي هر عمل کان خوب واقف آهي. |
بَل ظَنَنتُم أَن لَن يَنقَلِبَ الرَّسولُ وَالمُؤمِنونَ إِلىٰ أَهليهِم أَبَدًا وَزُيِّنَ ذٰلِكَ فى قُلوبِكُم وَظَنَنتُم ظَنَّ السَّوءِ وَكُنتُم قَومًا بورًا (آيت : 12) |
(درحقيقت) توهان ڳوٺاڻن اهو پڪو گمان ڪري ڇڏيو هو ته رسول سڳورو ۽ مؤمن هاڻي ڪڏهن به پنھنجي ٻارن ٻچن ڏانھن واپس موٽي نه ايندا. توهان کي پنھنجي دلين ۾ اها ڳالهه ڏاڍي سٺي پئي لڳي ۽ توهان (انتھائي) برو گمان ڪيو، سو توهان تباهه ٿيندڙ قوم ٿي ويا. |
وَمَن لَم يُؤمِن بِاللَّهِ وَرَسولِهِ فَإِنّا أَعتَدنا لِلكٰفِرينَ سَعيرًا (آيت : 13) |
۽ جنھن ماڻهو الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) تي ايمان نه آندو ته اهڙن ڪافرن لاءِ ڀڙڪندڙ باهه تيار ڪري ڇڏي آهي. |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 14) |
آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي ان جي ئي آهي، هو جنھن کي چاهي معاف ڪري ۽ جنھن کي چاهي عذاب ڏي. الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
سَيَقولُ المُخَلَّفونَ إِذَا انطَلَقتُم إِلىٰ مَغانِمَ لِتَأخُذوها ذَرونا نَتَّبِعكُم يُريدونَ أَن يُبَدِّلوا كَلٰمَ اللَّهِ قُل لَن تَتَّبِعونا كَذٰلِكُم قالَ اللَّهُ مِن قَبلُ فَسَيَقولونَ بَل تَحسُدونَنا بَل كانوا لا يَفقَهونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 15) |
(هاڻي) جڏهن توهان غنيمت جو مال حاصل ڪرڻ لاءِ (جنگ تي) روانا ٿيندا ته هي پوئتي رهجي ويندڙ توکي چوندا ته اسان کي به توهان پاڻ سان گڏ (جنگ تي) هلڻ جي اجازت ڏيو. هي ماڻهو الله تعالى جي (اڳ طئي ٿيل) ڳالهه کي بدلائڻ چاهين ٿا، کين صفا جواب ڏي ته توهان اسان سان (جنگ تي) هرگز نٿا هلي سگهو. توهان جي لاءِ الله تعالى اڳ ۾ ئي حڪم ڏئي چڪو آهي. ان تي هو چوندا ته توهان اسان ماڻهن سان ساڙ ڪريو ٿا (اِيئَن هرگز نه آهي) بلڪه اهي ماڻهو صحيح ڳالهه کي گهٽ ئي سمجهندا آهن. |
قُل لِلمُخَلَّفينَ مِنَ الأَعرابِ سَتُدعَونَ إِلىٰ قَومٍ أُولى بَأسٍ شَديدٍ تُقٰتِلونَهُم أَو يُسلِمونَ فَإِن تُطيعوا يُؤتِكُمُ اللَّهُ أَجرًا حَسَنًا وَإِن تَتَوَلَّوا كَما تَوَلَّيتُم مِن قَبلُ يُعَذِّبكُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 16) |
تون انهن پوئتي رهجي ويندڙ ڳوٺاڻن کي چؤ ته (ٺيڪ آ) هاڻي توهان کي جلد ئي اهڙي قوم سان وڙهڻ لاءِ سڏيو ويندو جيڪا وڏي جنگجو آهي. توهان کي ان سان جنگ ڪرڻي پوندي. يا (ٿي سگهي ٿو ته) اُهي شڪست مڃين (ان جنگ جي دوران) جيڪڏهن توهان اطاعت ڪئي ته الله تعالى توهان کي بھترين اجرڏيندو ۽ جيڪڏهن توهان پھريان وانگر پُٺي ڦيريندا ته الله تعالى توهان کي دردناڪ عذاب ڏيندو. |
لَيسَ عَلَى الأَعمىٰ حَرَجٌ وَلا عَلَى الأَعرَجِ حَرَجٌ وَلا عَلَى المَريضِ حَرَجٌ وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَمَن يَتَوَلَّ يُعَذِّبهُ عَذابًا أَليمًا (آيت : 17) |
(هن جنگ ۾) انڌڙي، مَنڊڙي ۽ بيمار ماڻهوءَ جي نه هلڻ تي ڪوبه گناهه نه آهي. (بھرحال) جيڪو ماڻهو الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي اطاعت ڪندو ته هو ان کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وهنديون. پر جيڪڏهن ڪير پُٺي ڦيريندو ته اُن کي دردناڪ عذاب ڏيندو. |
لَقَد رَضِىَ اللَّهُ عَنِ المُؤمِنينَ إِذ يُبايِعونَكَ تَحتَ الشَّجَرَةِ فَعَلِمَ ما فى قُلوبِهِم فَأَنزَلَ السَّكينَةَ عَلَيهِم وَأَثٰبَهُم فَتحًا قَريبًا (آيت : 18) |
(اي نبي ﷺ!) الله تعالى مؤمنن کان ان وقت خوش ٿي ويو جڏهن هو وڻ جي هيٺان تنھنجي بيعت ڪري رهيا هئا ۽ (ان وقت) سندن دلين جي ڪيفيت (۽ خلوص) کي به ڄاڻي ڇڏيو هو. پوءِ انهن جي مٿان دلي سڪون نازل فرمايو ۽ کين بدلي ۾ جلد ئي هڪ ويجهي فتح (ملڻ جي خوشخبري) ڏنائين. |
وَمَغانِمَ كَثيرَةً يَأخُذونَها وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 19) |
(ان فتح ۾ هُو) وڏو غنيمت جو مال حاصل ڪندا. بيشڪ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. |
وَعَدَكُمُ اللَّهُ مَغانِمَ كَثيرَةً تَأخُذونَها فَعَجَّلَ لَكُم هٰذِهِ وَكَفَّ أَيدِىَ النّاسِ عَنكُم وَلِتَكونَ ءايَةً لِلمُؤمِنينَ وَيَهدِيَكُم صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 20) |
الله تعالى توهان سان غنيمت جو وڏو مال ملڻ جو وعدو ڪري ٿو، جيڪو توهان کي (ضرور) ملندو. پر (هن وقت) توهان کي هن فوري طور تي اها فتح عطا ڪئي جو (صلح حديبيه جي ڪري) توهان جي مٿان (دشمن جا) اٿندڙ هٿ (هميشه لاءِ) روڪي ڇڏيا ته جيئن هي واقعو (دنيا جي اکين اڳيان) ايمان وارن جي لاءِ نشاني بڻجي وڃي ۽ توهان کي صفا سڌو رستو ڏيکاري. |
وَأُخرىٰ لَم تَقدِروا عَلَيها قَد أَحاطَ اللَّهُ بِها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرًا (آيت : 21) |
۽ ٻيا اهڙا غنيمت جا مال (به توهان کي عطا ڪري) جن تائين توهان اڃا نه پھتا آهيو. پر الله تعالى انهن کي (توهان جي لاءِ) گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي. الله تعالى هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
وَلَو قٰتَلَكُمُ الَّذينَ كَفَروا لَوَلَّوُا الأَدبٰرَ ثُمَّ لا يَجِدونَ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 22) |
جيڪڏهن ڪافر توهان سان (حديبيہ واري مُقام تي) وڙهن به ها ته هُو (ضرور ان وقت به) پُٺي ڏئي ڀڄن ها پوءِ انهن کي ڪير به حامي ۽ مددگار نه ملي سگهي ها. |
سُنَّةَ اللَّهِ الَّتى قَد خَلَت مِن قَبلُ وَلَن تَجِدَ لِسُنَّةِ اللَّهِ تَبديلًا (آيت : 23) |
اهو الله تعالى جو طريقو آهي جيڪو شروع کان هلندو اچي ٿو. سو تون الله تعالى جي طريقي ۾ (ڪڏهن به) تبديلي نه ڏسندين. |
وَهُوَ الَّذى كَفَّ أَيدِيَهُم عَنكُم وَأَيدِيَكُم عَنهُم بِبَطنِ مَكَّةَ مِن بَعدِ أَن أَظفَرَكُم عَلَيهِم وَكانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرًا (آيت : 24) |
اهو (الله) ئي آهي جنھن مڪي جي وادي (حديبيہ) ۾ توهان کي ۽ انهن (ڪافرن) کي پاڻ ۾ جنگ ڪرڻ کان روڪيو. حالانڪه توهان کي (الله تعالى جي مدد سان) اُنهن (ڪافرن) جي مٿان غلبو به حاصل هو ۽ الله تعالى جي توهان جي عملن تي (گهري) نظر آهي. |
هُمُ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوكُم عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ وَالهَدىَ مَعكوفًا أَن يَبلُغَ مَحِلَّهُ وَلَولا رِجالٌ مُؤمِنونَ وَنِساءٌ مُؤمِنٰتٌ لَم تَعلَموهُم أَن تَطَـٔوهُم فَتُصيبَكُم مِنهُم مَعَرَّةٌ بِغَيرِ عِلمٍ لِيُدخِلَ اللَّهُ فى رَحمَتِهِ مَن يَشاءُ لَو تَزَيَّلوا لَعَذَّبنَا الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 25) |
انهن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ توهان کي مسجد حرام (يعني خانه ڪعبه) ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ۽ قرباني جي جانورن کي قربان گاهه تائين پھچڻ ئي نه ڏنو. (ان عمل جي ڪري انهن سان جنگ ٿيڻي هئي پر جيڪڏهن) مڪي ۾ مؤمن مرد ۽ عورتون موجود نه هجن ها،جن جي موجودگي جو توهان کي علم نه هو ته جنگ جي صورت ۾ توهان انهن کي بي خبري ۾ لتاڙي ڇڏيو ها، پوءِ توهان کي (پنھنجي ئي مؤمن ڀائرن جي نقصان تي) تڪليف پھچي ها. تنھنڪري توهان کي انهن ڪافرن سان (حديبيه واري مقام تي) ٽڪرائجڻ کان روڪيو ويو ته جيئن الله تعالى جنھن کي گهري پنھنجي رحمت ۾ داخل ڪري. جيڪڏهن (مڪي جا رهندڙ) مسلمان (ڪافرن کان) الڳ ٿي وڃن ها ته اسان ضرور انهن مان ڪفر ڪندڙن کي دردناڪ عذاب ڏيون ها. |
إِذ جَعَلَ الَّذينَ كَفَروا فى قُلوبِهِمُ الحَمِيَّةَ حَمِيَّةَ الجٰهِلِيَّةِ فَأَنزَلَ اللَّهُ سَكينَتَهُ عَلىٰ رَسولِهِ وَعَلَى المُؤمِنينَ وَأَلزَمَهُم كَلِمَةَ التَّقوىٰ وَكانوا أَحَقَّ بِها وَأَهلَها وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 26) |
۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن ڪافرن پنھنجي دل ۾ ضد ڪيو جيڪو سراسر جاهليت وارو ضد هو (يعني مسجد حرام ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ ۽ حديبيه جا شرط پنھنجي مرضيءَ مطابق مڃرائڻ) ته (اهڙي ضد واري ماحول ۾) الله تعالى پنھنجي رسول سڳوري ۽ مؤمنن جي مٿان دلي سڪون نازل فرمايو ۽ انهن کي (پاڻ تي قابو پائڻ لاءِ) پرهيزگاري واري ڳالهه تي قائم رکيو ڇو جو هي (مؤمن) ئي ان جا وڌيڪ حقدار ۽ لائق هئا. الله تعالى هر شيءِ کي خوب ڄاڻندڙ آهي. |
لَقَد صَدَقَ اللَّهُ رَسولَهُ الرُّءيا بِالحَقِّ لَتَدخُلُنَّ المَسجِدَ الحَرامَ إِن شاءَ اللَّهُ ءامِنينَ مُحَلِّقينَ رُءوسَكُم وَمُقَصِّرينَ لا تَخافونَ فَعَلِمَ ما لَم تَعلَموا فَجَعَلَ مِن دونِ ذٰلِكَ فَتحًا قَريبًا (آيت : 27) |
بيشڪ الله تعالى پنھنجي رسول سڳوري جي خواب کي سچو ڪري ڏيکاريو ته ان شاء الله تعاليٰ توهان مان ڪجهه ماڻهو پنھنجا مَٿا ڪوڙائي ۽ ڪجهه وار ننڍا ڪري امن سان بغير خوف جي مسجد حرام ۾ ضرور داخل ٿيندا. اِن جي توهان کي خبر نه هئي (پر) الله تعالى کي خبر هئي. تنھن ڪري هُن (توهان جي خواب پوري ٿيڻ کان اڳ) هڪ ويجهي فتح (يعني خيبر جي فتح) نصيب فرمائي. |
هُوَ الَّذى أَرسَلَ رَسولَهُ بِالهُدىٰ وَدينِ الحَقِّ لِيُظهِرَهُ عَلَى الدّينِ كُلِّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 28) |
اهو (الله) ئي آهي جنھن پنھنجي رسول سڳوري کي هدايت ۽ سچو دين ڏئي موڪليو ته جيئن هو هن دين کي ٻين سڀني دينن تي غالب ڪري. ۽ الله تعالى ئي ان تي گواهه ڪافي آهي. |
مُحَمَّدٌ رَسولُ اللَّهِ وَالَّذينَ مَعَهُ أَشِدّاءُ عَلَى الكُفّارِ رُحَماءُ بَينَهُم تَرىٰهُم رُكَّعًا سُجَّدًا يَبتَغونَ فَضلًا مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنًا سيماهُم فى وُجوهِهِم مِن أَثَرِ السُّجودِ ذٰلِكَ مَثَلُهُم فِى التَّورىٰةِ وَمَثَلُهُم فِى الإِنجيلِ كَزَرعٍ أَخرَجَ شَطـَٔهُ فَـٔازَرَهُ فَاستَغلَظَ فَاستَوىٰ عَلىٰ سوقِهِ يُعجِبُ الزُّرّاعَ لِيَغيظَ بِهِمُ الكُفّارَ وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنهُم مَغفِرَةً وَأَجرًا عَظيمًا (آيت : 29) |
(حضرت) ﷴ(ﷺ) الله تعالى جو رسول آهي ۽ ان سان گڏ جيڪي ماڻهو آهن سي ڪافرن تي تمام سخت ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڏاڍا رحمدل آهن. تون (گهڻو ڪري) انهن کي رڪوع ۽ سجدي واري حالت ۾ ڏسندين ۽ (هميشه) الله تعالى جي فضل ۽ رضا جي تلاش ۾ هوندا آهن. گهڻن سجدن جي ڪري هو پنھنجي چھرن کان سڃاتا وڃن ٿا. انهن جي ان صفت جو مثال تورات ۽ انجيل ۾ به (بيان ٿيل) آهي. هي ماڻهو اهڙي پوک وانگر آهن جنھن پهريان پنھنجا سلا ڪڍيا پوءِ (آهستي آهستي) ان کي مضبوط ڪيو پوءِ ٿلهي ٿي پنھنجي تيلين تي سڌي بيهي رهي، اُها هاريءَ کي تمام گهڻي پئي وڻي، ڪافرن جي دل پئي سڙي. ماڻهن مان جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا الله تعالى انهن سان بخشش ۽ وڏي اجرجو وعدو ڪيو آهي. |