إِنّا فَتَحنا لَكَ فَتحًا مُبينًا (آيت : 1) |
(اي نبي!) اسان توکي فتح عطا ڪئي ظاهر ظهور |
لِيَغفِرَ لَكَ اللَّهُ ما تَقَدَّمَ مِن ذَنبِكَ وَما تَأَخَّرَ وَيُتِمَّ نِعمَتَهُ عَلَيكَ وَيَهدِيَكَ صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 2) |
جيئن درگذر ڪري تنهنجي لاءِ الله اڳئين ۽ پوئين هر ڪنهن ڪوتاهيءَ کي، ۽ مڪمل ڪري پنهنجي هرڪا نعمت توتي ۽ توکي ڏيکاري واٽ سڌي |
وَيَنصُرَكَ اللَّهُ نَصرًا عَزيزًا (آيت : 3) |
۽ توکي ڪاميابي عطا ڪري الله (هر طرح سان) آهي زبردست |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ السَّكينَةَ فى قُلوبِ المُؤمِنينَ لِيَزدادوا إيمٰنًا مَعَ إيمٰنِهِم وَلِلَّهِ جُنودُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 4) |
هو اهو ئي ته آهي جنهن نازل ڪيو اطمينان دلين ۾ مؤمنن جي لاءِ، جيئن اهي وڌائين پنهنجي اڳئين ايمان سان وري پنهنجي ايمان کي، ۽ الله ئي آهي جنهن جي قبضي ۾ آهن سڀ لشڪر آسمانن ۽ زمين جا، ۽ اهو ئي الله سڀڪجهه ڄاڻندڙ ۽ حڪمت وارو آهي |
لِيُدخِلَ المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَيُكَفِّرَ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَكانَ ذٰلِكَ عِندَ اللَّهِ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 5) |
(هن اهو ڪم ان لاءِ ڪيو) جيئن داخل ڪري مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي جنت جي اهڙن باغن ۾، جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون ۽ ميٽي ختم ڪري ڇڏي سندن براين کي، ۽ اها ئي الله وٽ سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي |
وَيُعَذِّبَ المُنٰفِقينَ وَالمُنٰفِقٰتِ وَالمُشرِكينَ وَالمُشرِكٰتِ الظّانّينَ بِاللَّهِ ظَنَّ السَّوءِ عَلَيهِم دائِرَةُ السَّوءِ وَغَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم وَلَعَنَهُم وَأَعَدَّ لَهُم جَهَنَّمَ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 6) |
۽ سزا ڏئي انهن منافقن ۽ منافقياڻين کي، ۽ مشرڪن ۽ مشرڪياڻين کي (جيڪي) برا گمان رکن ٿا الله جي باري ۾، اهي برائيءَ جي چڪر ۾ پاڻ اچي ويا آهن ۽ ڏمر آهي انهن تي الله جو، ۽ لعنت ڪئي انهن تي ۽ تيار ڪئي انهن لاءِ دوزخ، ۽ (جيڪو) تمام برو ٺڪاڻو آهي |
وَلِلَّهِ جُنودُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 7) |
۽ الله جي لاءِ ئي قبضي ۾ آهن سڀ لشڪر آسمانن ۽ زمين جا ۽ الله ئي زبردست ۽ حڪمت وارو آهي |
إِنّا أَرسَلنٰكَ شٰهِدًا وَمُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 8) |
(اي نبي!) بيشڪ اسان موڪليو آهي توکي شاهدي ڏيندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ خبردار ڪرڻ وارو ڪري |
لِتُؤمِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتُعَزِّروهُ وَتُوَقِّروهُ وَتُسَبِّحوهُ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 9) |
جيئن ايمان آڻيو الله تي ۽ سندس رسول تي ۽ ان جو ساٿ ڏيو ۽ ان جي تعظيم ڪريو، ۽ صبح شام سندس تسبِح بيان ڪندا رهو پاڪائيءَ سان |
إِنَّ الَّذينَ يُبايِعونَكَ إِنَّما يُبايِعونَ اللَّهَ يَدُ اللَّهِ فَوقَ أَيديهِم فَمَن نَكَثَ فَإِنَّما يَنكُثُ عَلىٰ نَفسِهِ وَمَن أَوفىٰ بِما عٰهَدَ عَلَيهُ اللَّهَ فَسَيُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 10) |
بيشڪ (اي نبي!) جيڪي ماڻهو تنهنجي بيعت ڪري رهيا هئا سي ته اصل ۾ بيعت ڪن پيا الله سان، الله جو هٿ هو سندن هٿن تي، هاڻي جيڪا به (ڌر) ٽوڙيندي ته ان جي وعدي ٽوڙڻ جو وبال سندس ذات تي پوندو ۽ جيڪو وفا ڪندو پنهنجي ان وعدي سان جيڪو الله سان ڪيل آهي، ته اهو کيس وڏو اجر عطا ڪندو |
سَيَقولُ لَكَ المُخَلَّفونَ مِنَ الأَعرابِ شَغَلَتنا أَموٰلُنا وَأَهلونا فَاستَغفِر لَنا يَقولونَ بِأَلسِنَتِهِم ما لَيسَ فى قُلوبِهِم قُل فَمَن يَملِكُ لَكُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا إِن أَرادَ بِكُم ضَرًّا أَو أَرادَ بِكُم نَفعًا بَل كانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 11) |
(اي نبي!) هاڻي چوندا توکي اهي پوئتي رهجي ويل ڳوٺاڻا عرب ته، اسان کي مشغول رکيو اسان جي مال ۽ اولاد، پوءِ تون اسان جي لاءِ بخشش جي دعا گُهر. اهي چوندا آهن پنهنجي زبانن سان اهڙيون ڳالهيون جيڪي نه هونديون آهن سندن دلين ۾، کين چؤ، چڱو جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته ڪير به توهان جي معاملي ۾ الله جي فيصلي کي روڪڻ جو ڪجهه به اختيار نٿو رکي، جيڪڏهن اهو ارادو ڪري توهان کي نقصان پهچائڻ يا نفعي ڏيڻ جو، اهو ئي الله توهان جي عملن کان بلڪل باخبر آهي |
بَل ظَنَنتُم أَن لَن يَنقَلِبَ الرَّسولُ وَالمُؤمِنونَ إِلىٰ أَهليهِم أَبَدًا وَزُيِّنَ ذٰلِكَ فى قُلوبِكُم وَظَنَنتُم ظَنَّ السَّوءِ وَكُنتُم قَومًا بورًا (آيت : 12) |
(اصل ڳالهه اها ناهي جيڪا توهان چئو ٿا) توهان ته ائين پئي سمجهيو ته رسول ۽ مؤمن پنهنجي گهر وارن ڏانهن واپس ڪڏهن نه ايندا ۽ اهو ئي خيال توهان جي دلين کي ڏاڍو وڻيو پئي، ۽ توهان ته ڏاڍا برا گمان پئي رکيا، ۽ توهان ته (اهي ماڻهو آهيو) جيڪي اندر جا تمام کوٽا آهيو |
وَمَن لَم يُؤمِن بِاللَّهِ وَرَسولِهِ فَإِنّا أَعتَدنا لِلكٰفِرينَ سَعيرًا (آيت : 13) |
۽ جيڪي ايمان نٿا رکن الله ۽ سندس رسول تي، بيشڪ اهڙن ئي ڪافرن جي لاءِ اسان ڀڙڪندڙ باهه تيار ڪئي آهي |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 14) |
۽ الله جي لاءِ ئي آهي بادشاهي آسمانن ۽ زمين جي، معاف ڪري جنهن کي وڻيس ۽ سزا ڏئي جنهن کي وڻيس، ۽ اهو ئي الله آهي جيڪو وڏو بخشڻهار ۽ مهربان آهي |
سَيَقولُ المُخَلَّفونَ إِذَا انطَلَقتُم إِلىٰ مَغانِمَ لِتَأخُذوها ذَرونا نَتَّبِعكُم يُريدونَ أَن يُبَدِّلوا كَلٰمَ اللَّهِ قُل لَن تَتَّبِعونا كَذٰلِكُم قالَ اللَّهُ مِن قَبلُ فَسَيَقولونَ بَل تَحسُدونَنا بَل كانوا لا يَفقَهونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 15) |
اهي ضرور چوندا توهان کي جيڪي پوئتي رهيل هوندا جڏهن توهان غنيمت جو مال هٿ ڪرڻ لاءِ وڃڻ لڳندؤ، ته اسان کي به پاڻ سان هلڻ ڏيو، اهي اهو چاهيندا آهن ته تبديل ڪري ڇڏين الله جي فرمان کي، کين صاف چئي ڇڏ ته، توهان هرگز اسان سان گڏ هلي نٿا سگهو، الله اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو آهي، پر اهي چوندا ته، توهان اسان سان حسد ٿا ڪريو، (جڏهن ته اها حسد جي ڳالهه ناهي) پر نٿا سمجهن اهي ماڻهو صحيح ڳالهه کي پر تمام ٿورا |
قُل لِلمُخَلَّفينَ مِنَ الأَعرابِ سَتُدعَونَ إِلىٰ قَومٍ أُولى بَأسٍ شَديدٍ تُقٰتِلونَهُم أَو يُسلِمونَ فَإِن تُطيعوا يُؤتِكُمُ اللَّهُ أَجرًا حَسَنًا وَإِن تَتَوَلَّوا كَما تَوَلَّيتُم مِن قَبلُ يُعَذِّبكُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 16) |
تون چؤ انهن پوئتي رهڻ وارن بدو عربن کي ته، تمام جلد سڏيو ويندو توهان کي اهڙن ماڻهن سان وڙهڻ جي لاءِ، جيڪي ڏاڍا ويڙهاڪا آهن، توهان کي انهن سان ئي جنگ ڪرڻي پوندي، يا ته اهي مسلمان ٿيندا (تابعدار) پوءِ توهان جيڪر جهاد جي حڪم جي اطاعت ڪئي ته الله توهان کي سٺو اجر ڏيندو، پر جيڪڏهن توهان ساڳئي نموني منهن ڦيرائي ويا جيئن اڳي توهان ڪيو هو ته الله توهان کي عذاب ڏيندو تمام دردناڪ |
لَيسَ عَلَى الأَعمىٰ حَرَجٌ وَلا عَلَى الأَعرَجِ حَرَجٌ وَلا عَلَى المَريضِ حَرَجٌ وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَمَن يَتَوَلَّ يُعَذِّبهُ عَذابًا أَليمًا (آيت : 17) |
ها جي انڌو (جهاد تي) نه اچي ته حرج ناهي ۽ جيڪڏهن منڊو نه اچي (جهاد تي) ته حرج ناهي ۽ جيڪڏهن نه اچي (جهاد تي) ڪو مريض ته حرج ناهي، ۽ جيڪو اطاعت ڪندو الله ۽ سندس رسول جي، ته ان کي داخل ڪندو (الله) اهڙن باغن ۾ جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون، ۽ جيڪو منهن ڦيرائيندو ته ان کي سخت ڏکوئيندڙ دردناڪ عذاب ڏيندو |
لَقَد رَضِىَ اللَّهُ عَنِ المُؤمِنينَ إِذ يُبايِعونَكَ تَحتَ الشَّجَرَةِ فَعَلِمَ ما فى قُلوبِهِم فَأَنزَلَ السَّكينَةَ عَلَيهِم وَأَثٰبَهُم فَتحًا قَريبًا (آيت : 18) |
(اي نبي!) بيشڪ خوش ٿي ويو الله انهن مؤمنن کان جڏهن اهي توهان سان بيعت ڪري رهيا هئا وڻ جي هيٺان، کيس معلوم هو انهن جي دلين جو حال، ان ڪري نازل ڪيائين اطمينان انهن تي ۽ کين بخشيائين فتح (جيڪا) ويجهي هئي |
وَمَغانِمَ كَثيرَةً يَأخُذونَها وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 19) |
۽ مالِ غنيمت ڪيترو ئي عطا ڪيائين، جيڪو سِگهوئي حاصل ڪندا، ۽ بيشڪ آهي الله زبردست حڪمت وارو |
وَعَدَكُمُ اللَّهُ مَغانِمَ كَثيرَةً تَأخُذونَها فَعَجَّلَ لَكُم هٰذِهِ وَكَفَّ أَيدِىَ النّاسِ عَنكُم وَلِتَكونَ ءايَةً لِلمُؤمِنينَ وَيَهدِيَكُم صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 20) |
۽ وعدو ڪري ٿو توهان سان الله مالِ غنيمت جو جيڪو تمام گهڻو آهي توهان کي ملڻ وارو، فوري طور تي توهان کي هي فتح ڏني ۽ روڪيائين وڌندڙ هٿ ماڻهن جا توهان ڏي، جيئن اها ٿي پوي نشاني مؤمنن جي لاءِ ۽ (الله) بخشي توهان کي (اها) راهه (جيڪا) سڌي آهي |
وَأُخرىٰ لَم تَقدِروا عَلَيها قَد أَحاطَ اللَّهُ بِها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرًا (آيت : 21) |
۽ ان کان علاوه ٻين غنيمتن جو پڻ وعدو ڪري ٿو الله، جن تي توهان جو اڃا وس نه آهي ۽ بيشڪ (وڪوڙي رکيو اٿس انهن کي)، ۽ الله وس وارو آهي هر ڪنهن شيءِ مٿان |
وَلَو قٰتَلَكُمُ الَّذينَ كَفَروا لَوَلَّوُا الأَدبٰرَ ثُمَّ لا يَجِدونَ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 22) |
۽ جيڪڏهن جنگ ڪن ها اهي ڪافر توهان سان ان وقت، ته پڪ سان پٺيون ڦيرائين ها پوءِ ته ڪوبه نه ڏسن ها پنهنجو حمايتي ۽ مددگار |
سُنَّةَ اللَّهِ الَّتى قَد خَلَت مِن قَبلُ وَلَن تَجِدَ لِسُنَّةِ اللَّهِ تَبديلًا (آيت : 23) |
اها سنت (قانون) آهي الله جي، جيڪا هلندي اچي اڳي کان ئي، ۽ تون (اي نبي!) نه ڏسندين الله جي سنت ۾ ڪابه ڦير ڦار (مٽا سٽا) |
وَهُوَ الَّذى كَفَّ أَيدِيَهُم عَنكُم وَأَيدِيَكُم عَنهُم بِبَطنِ مَكَّةَ مِن بَعدِ أَن أَظفَرَكُم عَلَيهِم وَكانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرًا (آيت : 24) |
۽ اهو ئي آهي جنهن روڪي ڇڏيا هئا هٿ انهن جا توهان کان ۽ توهان جا هٿ انهن کان جنهن واديءِ مڪي ۾ ان کان پوءِ، جڏهن ته هن انهن کي غلبو ڏنو هو توهان تي، ۽ اهو الله (اهي جو ڪجهه ڪري رهيا هئا) ان کي ڏسي رهيو هو |
هُمُ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوكُم عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ وَالهَدىَ مَعكوفًا أَن يَبلُغَ مَحِلَّهُ وَلَولا رِجالٌ مُؤمِنونَ وَنِساءٌ مُؤمِنٰتٌ لَم تَعلَموهُم أَن تَطَـٔوهُم فَتُصيبَكُم مِنهُم مَعَرَّةٌ بِغَيرِ عِلمٍ لِيُدخِلَ اللَّهُ فى رَحمَتِهِ مَن يَشاءُ لَو تَزَيَّلوا لَعَذَّبنَا الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 25) |
هي اهي ئي ته آهن جن ڪفر ڪيو ۽ جهليو هئائون توهان کي مسجد حرام (احترام واري) کان ۽ قربانيءَ جي اُٺن کي ان جي منزل تي پهچڻ نه ڏنو، ۽ جيڪڏهن اهڙا ماڻهو جيڪي مؤمن ۽ مؤمنياڻيون نه هجن ها (مڪي ۾) جن کي توهان نٿا ڄاڻو ته اهو خطرو نه هجي ها ته توهان کين لتاڙي ڇڏيندؤ بي خبري ۾، (ان مان توهان تي حرف ايندو ته جنگ نه روڪي وڃي ها) جيئن الله پنهنجي رحمت ۾ جنهن کي گُهري داخل ڪري، جيڪر اهي مؤمن ڌار ٿي وڃن ها ته (مڪي ۾) جيڪي ڪافر هئا، تن کي اسان ضرور سخت عذاب ڏيون ها |
إِذ جَعَلَ الَّذينَ كَفَروا فى قُلوبِهِمُ الحَمِيَّةَ حَمِيَّةَ الجٰهِلِيَّةِ فَأَنزَلَ اللَّهُ سَكينَتَهُ عَلىٰ رَسولِهِ وَعَلَى المُؤمِنينَ وَأَلزَمَهُم كَلِمَةَ التَّقوىٰ وَكانوا أَحَقَّ بِها وَأَهلَها وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 26) |
(اهو ئي سبب آهي جو) جڏهن انهن ڪافرن پنهنجي دلين ۾ جاهلاڻو جوش پيدا ڪيو هو ته نازل ڪيو الله اطمينان پنهنجي رسول تي ۽ مؤمنن کي پابند رکيو پرهيزگاريءَ جي ڳالهه جو، ڇاڪاڻ ته اهي ئي وڌيڪ حقدار ۽ اهل هئا، ۽ اهو الله ئي هر شيءِ جو علم رکي ٿو |
لَقَد صَدَقَ اللَّهُ رَسولَهُ الرُّءيا بِالحَقِّ لَتَدخُلُنَّ المَسجِدَ الحَرامَ إِن شاءَ اللَّهُ ءامِنينَ مُحَلِّقينَ رُءوسَكُم وَمُقَصِّرينَ لا تَخافونَ فَعَلِمَ ما لَم تَعلَموا فَجَعَلَ مِن دونِ ذٰلِكَ فَتحًا قَريبًا (آيت : 27) |
بيشڪ الله تعاليٰ ئي پنهنجي رسول کي سچو خواب ڏيکاريو جيڪو حق جي مطابق هو، ته داخل ٿيندؤ مسجد الحرام (عزت واري جاءِ) ۾ اِن شاءَ الله پوري امن سان، پنهنجا ڪوڙائيندؤ مٿا ۽ ڪترائيندؤ وار، ۽ ڪوبه ڊپ نه هوندو توهان کي، اهو ان ڳالهه کي ڄاڻي ٿو جنهن کي توهان نٿي ڄاتو، تنهن ڪري اهو خواب پوري ٿيڻ کان اڳي توهان کي اها فتح عطا ڪئي اڃا ويجهي |
هُوَ الَّذى أَرسَلَ رَسولَهُ بِالهُدىٰ وَدينِ الحَقِّ لِيُظهِرَهُ عَلَى الدّينِ كُلِّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 28) |
اهو ئي (الله) آهي جنهن موڪليو پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچي دين سان جيئن غالب ڪري ان کي سڀني دينن تي، ۽ ان حقيقت تي ڪافي آهي الله جي شاهدي |
مُحَمَّدٌ رَسولُ اللَّهِ وَالَّذينَ مَعَهُ أَشِدّاءُ عَلَى الكُفّارِ رُحَماءُ بَينَهُم تَرىٰهُم رُكَّعًا سُجَّدًا يَبتَغونَ فَضلًا مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنًا سيماهُم فى وُجوهِهِم مِن أَثَرِ السُّجودِ ذٰلِكَ مَثَلُهُم فِى التَّورىٰةِ وَمَثَلُهُم فِى الإِنجيلِ كَزَرعٍ أَخرَجَ شَطـَٔهُ فَـٔازَرَهُ فَاستَغلَظَ فَاستَوىٰ عَلىٰ سوقِهِ يُعجِبُ الزُّرّاعَ لِيَغيظَ بِهِمُ الكُفّارَ وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنهُم مَغفِرَةً وَأَجرًا عَظيمًا (آيت : 29) |
محمد رسول (موڪليل) آهي الله جو، ۽ جيڪي سندس ساٿي آهن سي ڏاڍا سخت آهن ڪافرن تي، مهربان آهن پاڻ ۾ تون جڏهن ڏسندين ته کين رڪوع، سجدي ۽ طلب رضامندي الله جي ۾ مشغول ڏسندين، تون ڏسندين ته سندن چهرن ۾ موجود آهن نشان سجدن جا، جن سان اهي ڌار سڃاتا وڃن ٿا تورات ۾، ۽ اها ئي وصف آهي سندن انجيل ۾، مثال ائين آهي ڄڻ هڪ پوک آهي جنهن پهريون سلو ڪڍيو پوءِ ان کي مضبوط ڪيائين، پوءِ ٿلهو ڪيو پوءِ سلي تي سڌو ٿي بيٺو، پوکيندڙ کي وڻي ٿو، ڪافر ان تي سڙن ٿا (مؤمنن جي وڌڻ تي)، وعدو ڪيو آهي الله انهن ماڻهن سان جن ايمان آندو ۽ سٺا عمل ڪيا انهن جي بخشش ڪندو ۽ وڏو اجر ڏيندو |