الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ أَضَلَّ أَعمٰلَهُم (آيت : 1) |
جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ الله جي رستي کان روڪيائون، الله انهن جا عمل چــَـٽ ڪري ڇڏيا |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَءامَنوا بِما نُزِّلَ عَلىٰ مُحَمَّدٍ وَهُوَ الحَقُّ مِن رَبِّهِم كَفَّرَ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَأَصلَحَ بالَهُم (آيت : 2) |
۽ جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيائون ۽ انهيءَ شيءِ کي مڃي ورتائون، جيڪا محمد تي نازل ٿي آهي ۽ جيڪا آهي ئي سڄو سارو حق سندن رب وٽان ته الله سندن خطائون کانئن ميٽي ڇڏيون ۽ سندن حالت سڌاري ڇڏيائين |
ذٰلِكَ بِأَنَّ الَّذينَ كَفَرُوا اتَّبَعُوا البٰطِلَ وَأَنَّ الَّذينَ ءامَنُوا اتَّبَعُوا الحَقَّ مِن رَبِّهِم كَذٰلِكَ يَضرِبُ اللَّهُ لِلنّاسِ أَمثٰلَهُم (آيت : 3) |
ڇاڪاڻ ته ڪفر ڪرڻ وارن باطل جي پيروي ڪئي ۽ ايمان آڻڻ وارن انهيءَ حق جي پيروي ڪئي، جيڪو سندن رب وٽان آيو آهي، اهڙيءَ طرح الله ماڻهن کي سندن احوال ٻڌائي ٿو |
فَإِذا لَقيتُمُ الَّذينَ كَفَروا فَضَربَ الرِّقابِ حَتّىٰ إِذا أَثخَنتُموهُم فَشُدُّوا الوَثاقَ فَإِمّا مَنًّا بَعدُ وَإِمّا فِداءً حَتّىٰ تَضَعَ الحَربُ أَوزارَها ذٰلِكَ وَلَو يَشاءُ اللَّهُ لَانتَصَرَ مِنهُم وَلٰكِن لِيَبلُوَا۟ بَعضَكُم بِبَعضٍ وَالَّذينَ قُتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ فَلَن يُضِلَّ أَعمٰلَهُم (آيت : 4) |
پوءِ جڏهن توهان جو انهن ڪافرن سان مقابلو ٿئي ته پهريان سندن ڪنڌ ڪــُـٽـڻا آهن، تان جو جڏهن توهان کين چڱيءَ طرح ماري ناس ڪيو ته پوءِ قيدين کي سوگهو ڪري ٻــَـڌو، تنهن کان پوءِ (توهان کي اختيار آهي ته) مٿن احسان ڪريو يا ڏنڊ وٺي ڇڏي ڏيونِ، تان جو جنگ پنهنجا هٿيار ڦـٽا ڪري ڇڏي، اهوئي ڪم توهان کي ڪرڻو آهي. الله چاهي ها ته پاڻ ئي بدلو وٺين ها، پر (هن هيئن ان ڪري ڪيو آهي) ته جيئن توهان جي هڪ ٻئي جي وسيلي آزمائش لهي ۽ جيڪي ماڻهو الله جي راهه ۾ ماريا ويندا، الله انهن جا عمل ڪڏهن به نه وڃائيندو |
سَيَهديهِم وَيُصلِحُ بالَهُم (آيت : 5) |
هو کين دڳ لائيندو ۽ سندن حالت سڌاريندو |
وَيُدخِلُهُمُ الجَنَّةَ عَرَّفَها لَهُم (آيت : 6) |
۽ کين انهيءَ جنت ۾ داخل ڪندو، جنهن کان هو کين واقف ڪرائي چڪو آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تَنصُرُوا اللَّهَ يَنصُركُم وَيُثَبِّت أَقدامَكُم (آيت : 7) |
اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان الله جي مدد ڪندؤ ته هو توهان جي مدد ڪندو ۽ توهان جا قدم ڄمائي ڇڏيندو |
وَالَّذينَ كَفَروا فَتَعسًا لَهُم وَأَضَلَّ أَعمٰلَهُم (آيت : 8) |
باقي جن ڪفر ڪيو آهي تن لاءِ بربادي آهي ۽ الله سندن عملن کي برباد ڪري ڇڏيو آهي |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كَرِهوا ما أَنزَلَ اللَّهُ فَأَحبَطَ أَعمٰلَهُم (آيت : 9) |
ڇاڪاڻ ته انهن کي اها شيءِ نه وڻي، جنهن کي الله نازل ڪيو آهي، تنهنڪري الله سندن عمل وڃائي ڇڏيا |
أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم دَمَّرَ اللَّهُ عَلَيهِم وَلِلكٰفِرينَ أَمثٰلُها (آيت : 10) |
ڇا هو زمين ۾ گهميا ڦريا ناهن جو انهن ماڻهن جي پڇاڙي ڏسن ها، جيڪي کانئن اڳ ٿي گذريا آهن؟ الله انهن جو سڀ ڪجهه اونڌو ڪري مٿانئن وڌو ۽ هو بهو ساڳيا نتيجا انهن ڪافرن جي مقدر ۾ آهن |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ مَولَى الَّذينَ ءامَنوا وَأَنَّ الكٰفِرينَ لا مَولىٰ لَهُم (آيت : 11) |
ڇو جو ايمان وارن جي مالڪي ڪندڙ ته الله آهي، باقي ڪافرن جي مالڪي ڪندڙ ڪوئي به ڪونهي |
إِنَّ اللَّهَ يُدخِلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَالَّذينَ كَفَروا يَتَمَتَّعونَ وَيَأكُلونَ كَما تَأكُلُ الأَنعٰمُ وَالنّارُ مَثوًى لَهُم (آيت : 12) |
ايمان آڻڻ وارن ۽ نيڪ عمل ڪرڻ وارن کي الله انهن جنتن ۾ داخل ڪندو، جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون ۽ ڪفر ڪرڻ وارا ته بس هن چند ڏهاڙن واري زندگيءَ جا ٿا مزا ماڻن ۽ پيا ٿا ڍورن وانگر کائن پيئن ۽ سندن آخري ٺڪاڻو جهنم آهي |
وَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ هِىَ أَشَدُّ قُوَّةً مِن قَريَتِكَ الَّتى أَخرَجَتكَ أَهلَكنٰهُم فَلا ناصِرَ لَهُم (آيت : 13) |
اي نبي! ڪيتريون ئي آباديون اهڙيون ٿي گذريون آهن، جيڪي تنهنجي انهيءَ آباديءَ کان طاقت ۾ نهايت ڏاڍيون هيون، جنهن توکي ڪڍي ڇڏيو آهي. اسان کين ائين تباهه ڪيو جو کين ڪو بچائڻ وارو ئي ڪونه هو |
أَفَمَن كانَ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبِّهِ كَمَن زُيِّنَ لَهُ سوءُ عَمَلِهِ وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم (آيت : 14) |
ڀلا ڪو ائين ٿي سگهي ٿو ته جيڪو پنهنجي رب وٽان پڌريءَ هدايت تي هجي، سو انهن وانگر ٿي وڃي، جن جا بڇڙا ڪم انهن لاءِ ڏسڻ ۾ سهڻا بڻايا ويا آهن ۽ اهي پنهنجين خواهشن جي ڪڍ لڳي پيا آهن |
مَثَلُ الجَنَّةِ الَّتى وُعِدَ المُتَّقونَ فيها أَنهٰرٌ مِن ماءٍ غَيرِ ءاسِنٍ وَأَنهٰرٌ مِن لَبَنٍ لَم يَتَغَيَّر طَعمُهُ وَأَنهٰرٌ مِن خَمرٍ لَذَّةٍ لِلشّٰرِبينَ وَأَنهٰرٌ مِن عَسَلٍ مُصَفًّى وَلَهُم فيها مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ وَمَغفِرَةٌ مِن رَبِّهِم كَمَن هُوَ خٰلِدٌ فِى النّارِ وَسُقوا ماءً حَميمًا فَقَطَّعَ أَمعاءَهُم (آيت : 15) |
متـقين لاءِ جنهن جنت جو وعدو ڪيو ويو آهي، ان جو شان ته هي آهي، جو ان ۾ واهيون پيون وهنديون، اهڙي پاڻيءَ جون، جيڪو سينواريل نه هوندو ۽ واهيون کير جون، جنهن جو ذائقو مٽيل نه هوندو ۽ واهيون شراب جون، جيڪو پيئڻ وارن لاءِ مزيدار هوندو ۽ پڻ صاف ڪيل ماکيءَ جون واهيون ۽ منجهس انهن لاءِ هر قسم جا ميوا هوندا ۽ سندن رب وٽان گناهن کان بخشش. (ڇا اهو ماڻهو جنهن کي اها جنت ملڻي آهي) انهن ماڻهن وانگر ٿي سگهي ٿو، جيڪي سدائين جهنم ۾ رهندا ۽ اهڙو گرم پاڻي پيئاريا ويندا، جيڪو سندن آنڊا ئي وڍي ڇڏيندو |
وَمِنهُم مَن يَستَمِعُ إِلَيكَ حَتّىٰ إِذا خَرَجوا مِن عِندِكَ قالوا لِلَّذينَ أوتُوا العِلمَ ماذا قالَ ءانِفًا أُولٰئِكَ الَّذينَ طَبَعَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم (آيت : 16) |
انهن مان ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي ڪَـنُ لائي تنهنجي ڳالهه ٻڌن ٿا ۽ پوءِ جڏهن تو وٽان نڪري هليا وڃن ٿا ته انهن کان جن کي علم عطا ڪيو ويو آهي، پڇن ٿا ته اجهو هاڻي انهيءَ (نبيءَ) ڇا پئي چيو؟ اهي ئي ته آهن، اُهي ماڻهو جن جي دلين تي الله مهر هڻي ڇڏي آهي ۽ اهي پنهنجي خواهشن جي ڪڍ لڳل آهن |
وَالَّذينَ اهتَدَوا زادَهُم هُدًى وَءاتىٰهُم تَقوىٰهُم (آيت : 17) |
باقي جن هدايت لڌي آهي، انهن کي الله هدايت ۾ وڌائي ٿو ۽ کين سندن (ڀاڱي جي) تقويٰ به عطا ڪري ٿو |
فَهَل يَنظُرونَ إِلَّا السّاعَةَ أَن تَأتِيَهُم بَغتَةً فَقَد جاءَ أَشراطُها فَأَنّىٰ لَهُم إِذا جاءَتهُم ذِكرىٰهُم (آيت : 18) |
پوءِ ڀلا هاڻي اهي بس قيامت جو ئي ٿا انتظار ڪن ڇا جو اها اوچتو ئي اچي مٿن ڪڙڪي؟ ان جون نشانيون ته اچي چڪيون آهن. پوءِ جڏهن اها ايندي ته انهن لاءِ نصيحت قبول ڪرڻ جو ڪهڙو موقعو باقي بچندو؟ |
فَاعلَم أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلَّا اللَّهُ وَاستَغفِر لِذَنبِكَ وَلِلمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَاللَّهُ يَعلَمُ مُتَقَلَّبَكُم وَمَثوىٰكُم (آيت : 19) |
پوءِ اي نبي، تون ڄاڻي ڇڏ ته الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جي لائق ڪونهي ۽ معافي گهر پنهنجي قصور لاءِ به ۽ مؤمنن ۽ مؤمنياڻين لاءِ به. الله توهان جي ڦرڻ گهرڻ (ڊڪ ڊوڙ) کي به ڄاڻي ٿو ته توهان جي ٺڪاڻي کان به واقف آهي |
وَيَقولُ الَّذينَ ءامَنوا لَولا نُزِّلَت سورَةٌ فَإِذا أُنزِلَت سورَةٌ مُحكَمَةٌ وَذُكِرَ فيهَا القِتالُ رَأَيتَ الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ يَنظُرونَ إِلَيكَ نَظَرَ المَغشِىِّ عَلَيهِ مِنَ المَوتِ فَأَولىٰ لَهُم (آيت : 20) |
جن ماڻهن ايمان آندو آهي، تن چيو ته ڪا سورة ڇونه ٿي نازل ڪئي وڃي، (جنهن ۾ جنگ جو حڪم هجي) پر پوءِ جڏهن هڪڙي چٽي معنيٰ واري سورة لاٿي وئي، جنهن ۾ جنگ ڪرڻ جي ڳالهه هئي ته تو ڏٺو ته جن جي دلين ۾ بيماري هئي، سي توڏانهن ائين ٿا ڏسن ڄڻ ته موت واري بيهوشيءَ ۾ آهن. حيف آهي سندن حال تي |
طاعَةٌ وَقَولٌ مَعروفٌ فَإِذا عَزَمَ الأَمرُ فَلَو صَدَقُوا اللَّهَ لَكانَ خَيرًا لَهُم (آيت : 21) |
(زبان تي ته اٿن) تابعداريءَ جو اقرار ۽ ڀليون ڳالهيون، پر جڏهن کين قطعي حڪم ڏنو ويو ته جيڪڏهن پنهنجي الله سان ڪيل عهد اقرار ۾ سچا نڪرن ها ته ڏاڍو چڱو ٿئين ها |
فَهَل عَسَيتُم إِن تَوَلَّيتُم أَن تُفسِدوا فِى الأَرضِ وَتُقَطِّعوا أَرحامَكُم (آيت : 22) |
پوءِ ڀلا هاڻ توهان کان ان کانسواءِ ٻي ڪهڙي اميد رکجي ته جيڪڏهن (اسلام کان) ڦري ويئو (يا اوهان کي حڪومت ملي) ته وري زمين ۾ فساد برپا ڪندؤ ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان رت جا رشتا به ڇني ڇڏيندؤ |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَعَنَهُمُ اللَّهُ فَأَصَمَّهُم وَأَعمىٰ أَبصٰرَهُم (آيت : 23) |
اِهي اُهي ماڻهو آهن، جن تي الله لعنت ڪئي آهي ۽ کين ٻوڙو ۽ انڌو بڻائي ڇڏيو اٿائين |
أَفَلا يَتَدَبَّرونَ القُرءانَ أَم عَلىٰ قُلوبٍ أَقفالُها (آيت : 24) |
ڇا انهن قرآن تي ڪو غور نه ڪيو آهي يا دلين تي انهن جا قلف لڳل اٿن؟ |
إِنَّ الَّذينَ ارتَدّوا عَلىٰ أَدبٰرِهِم مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُمُ الهُدَى الشَّيطٰنُ سَوَّلَ لَهُم وَأَملىٰ لَهُم (آيت : 25) |
اصل ڳالهه هي آهي ته جيڪي ماڻهو هدايت چــِـٽي ٿي وڃڻ کان پوءِ ان کان ڦري ويا، تن لاءِ شيطان انهيءَ هلت کي سؤلو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ڪوڙين اميدن وارو سلسلو ڊگهو ڪري ڇڏيو اٿائين |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا لِلَّذينَ كَرِهوا ما نَزَّلَ اللَّهُ سَنُطيعُكُم فى بَعضِ الأَمرِ وَاللَّهُ يَعلَمُ إِسرارَهُم (آيت : 26) |
تنهنڪري انهن الله جي نازل ڪيل دين کي ناپسند ڪرڻ وارن کي چئي ڇڏيو ته ڪن ڳالهين ۾ اسان توهان جي چئي تي هلنداسون، الله سندن ڳجهيون ڳالهيون خوب ڄاڻي ٿو |
فَكَيفَ إِذا تَوَفَّتهُمُ المَلٰئِكَةُ يَضرِبونَ وُجوهَهُم وَأَدبٰرَهُم (آيت : 27) |
پوءِ ان وقت ڇا حالت ٿيندن، جنهن وقت ملائڪ سندن روح قبض ڪندا ۽ سندن منهن ۽ پٺيون ڪــُـٽيندا کين وٺيو ويندا؟ |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُمُ اتَّبَعوا ما أَسخَطَ اللَّهَ وَكَرِهوا رِضوٰنَهُ فَأَحبَطَ أَعمٰلَهُم (آيت : 28) |
اهو ان ڪري ٿيندو جو اهي انهيءَ طريقي تي هليا جيڪو الله کي ناراض ڪرڻ وارو آهي ۽ سندس رضا واري رستي کي اختيار ڪرڻ پسند نه ڪيائون، تنهنڪري ان سندن سڀ عمل چٽ ڪري ڇڏيا |
أَم حَسِبَ الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ أَن لَن يُخرِجَ اللَّهُ أَضغٰنَهُم (آيت : 29) |
پوءِ جن ماڻهن جي دلين ۾ بيماري آهي، انهن ائين سمجهيو آهي ڇا ته الله سندن دلين جا کوٽ ظاهر نه ڪندو؟ |
وَلَو نَشاءُ لَأَرَينٰكَهُم فَلَعَرَفتَهُم بِسيمٰهُم وَلَتَعرِفَنَّهُم فى لَحنِ القَولِ وَاللَّهُ يَعلَمُ أَعمٰلَكُم (آيت : 30) |
اسان چاهيون ته اهي توکي اکين سان ڏيکاري ڇڏيون، جو پوءِ تون سندن شڪلين سان کين سڃاڻي وٺين. (پر هونئن به) سندن ڳالهائڻ مان تون کين سڃاڻي ئي وٺندين. الله توهان سڀني جي عملن کان چڱيءَ طرح واقف آهي |
وَلَنَبلُوَنَّكُم حَتّىٰ نَعلَمَ المُجٰهِدينَ مِنكُم وَالصّٰبِرينَ وَنَبلُوَا۟ أَخبارَكُم (آيت : 31) |
اسان ضرور توهان کي آزمائينداسين ته جيئن اسان کي خبر پوي ته توهان مان مجاهد ۽ صبر ڪرڻ وارا ڪير آهن |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ وَشاقُّوا الرَّسولَ مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُمُ الهُدىٰ لَن يَضُرُّوا اللَّهَ شَيـًٔا وَسَيُحبِطُ أَعمٰلَهُم (آيت : 32) |
جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ الله جي راهه کان روڪيائون ۽ رسول سان تڪرار ڪيائون، جڏهن جو مٿن هدايت واري واٽ پڌري ٿي چڪي هئي، اهي الله جو ڪوبه نقصان نٿا ڪري سگهن، پر الله ئي سندن سمورا عمل چٽ ڪري ڇڏيندو |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَلا تُبطِلوا أَعمٰلَكُم (آيت : 33) |
اي ايمان آڻڻ وارؤ! الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پنهنجا عمل برباد نه ڪريو |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ ثُمَّ ماتوا وَهُم كُفّارٌ فَلَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم (آيت : 34) |
بيشڪ ڪفر ڪرڻ وارن ۽ الله جي راهه کان روڪڻ وارن ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ڪفر تي قائم رهڻ وارن کي ته الله ڪڏهن به معاف نه ڪندو |
فَلا تَهِنوا وَتَدعوا إِلَى السَّلمِ وَأَنتُمُ الأَعلَونَ وَاللَّهُ مَعَكُم وَلَن يَتِرَكُم أَعمٰلَكُم (آيت : 35) |
تنهنڪري توهان سست نه ٿيو ۽ صلح جي درخواست نه ڪريو، توهان ئي ڪامياب ٿيندؤ، الله توهان جو ساڻي آهي ۽ توهان جي عملن کي هو ڪڏهن به نه وڃائيندو |
إِنَّمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَإِن تُؤمِنوا وَتَتَّقوا يُؤتِكُم أُجورَكُم وَلا يَسـَٔلكُم أَموٰلَكُم (آيت : 36) |
هيءَ دنيا واري زندگي ته بس رڳو هڪڙو کيل تماشو آهي، جيڪڏهن توهان کي ايمان هوندو ۽ تقويٰ اختيار ڪندؤ ته الله توهان کي توهان جا اجورا ڏيندو ۽ توهان کان توهان جا مال نه گهرندو |
إِن يَسـَٔلكُموها فَيُحفِكُم تَبخَلوا وَيُخرِج أَضغٰنَكُم (آيت : 37) |
جيڪڏهن هو توهان کان توهان جا مال گهري ۽ سڀ جا سڀ توهان کان گهري وٺي ته توهان ڪنجوسائپ ڪندؤ ۽ ائين هو توهان جا کوٽ ظاهر ڪري وجهندو |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ تُدعَونَ لِتُنفِقوا فى سَبيلِ اللَّهِ فَمِنكُم مَن يَبخَلُ وَمَن يَبخَل فَإِنَّما يَبخَلُ عَن نَفسِهِ وَاللَّهُ الغَنِىُّ وَأَنتُمُ الفُقَراءُ وَإِن تَتَوَلَّوا يَستَبدِل قَومًا غَيرَكُم ثُمَّ لا يَكونوا أَمثٰلَكُم (آيت : 38) |
ڏسو! توهان کي سڏيو ٿو وڃي ته الله جي راهه ۾ مال خرچ ڪريو، ته پوءِ توهان مان ڪي ماڻهو ڪنجوسائپ ٿا ڪن، حالانڪه جيڪو بخل ٿو ڪري سو ته حقيقت ۾ پنهنجو پاڻ سان ئي ٿو بخل ڪري. الله بي نياز آهي، توهان ئي سندس محتاج آهيو. جيڪڏهن توهان منهن موڙيندؤ ته الله توهان جي جاءِ تي ڪا ٻي قوم آڻيندو ۽ اهي توهان جهڙا نه هوندا |