الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ أَضَلَّ أَعمٰلَهُم (آيت : 1) |
جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو ۽ (خلق کي) خدا جي راھ کان روڪيو خدا انهن جا عمل اڪارت ڪري ڇڏيا. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَءامَنوا بِما نُزِّلَ عَلىٰ مُحَمَّدٍ وَهُوَ الحَقُّ مِن رَبِّهِم كَفَّرَ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَأَصلَحَ بالَهُم (آيت : 2) |
۽ جن ايمان قبول ڪيو ۽ سٺا (سٺا) ڪم ڪيا ۽ جو (ڪتاب) محمد تي سندس پروردگار جي طرفان نازل ٿيو آهي ۽ اهو برحق آهي تنهن تي ايمان آندائون ته خدا تن جون بڇڙايون انهن تان ميٽي ڇڏيون ۽ سندن حالت سڌاري اٿس. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ الَّذينَ كَفَرُوا اتَّبَعُوا البٰطِلَ وَأَنَّ الَّذينَ ءامَنُوا اتَّبَعُوا الحَقَّ مِن رَبِّهِم كَذٰلِكَ يَضرِبُ اللَّهُ لِلنّاسِ أَمثٰلَهُم (آيت : 3) |
اهو هن ڪري جو ڪافر ڪوڙ جي پٺيان لڳا ۽ ايمان وارن سندن پالڻهار جي طرفان سچ (حق دين) جي پيروي ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح خدا ماڻهن (جي سمجهڻ لاءِ مثال بيان ڪري ٿو. |
فَإِذا لَقيتُمُ الَّذينَ كَفَروا فَضَربَ الرِّقابِ حَتّىٰ إِذا أَثخَنتُموهُم فَشُدُّوا الوَثاقَ فَإِمّا مَنًّا بَعدُ وَإِمّا فِداءً حَتّىٰ تَضَعَ الحَربُ أَوزارَها ذٰلِكَ وَلَو يَشاءُ اللَّهُ لَانتَصَرَ مِنهُم وَلٰكِن لِيَبلُوَا۟ بَعضَكُم بِبَعضٍ وَالَّذينَ قُتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ فَلَن يُضِلَّ أَعمٰلَهُم (آيت : 4) |
پوءِ جڏهن اوهين ڪافرن سان مقابلو ڪريو ته (انهن جا) ڪنڌ ڪپيو ايتري تائين جو انهن کي جڏهن زخمن سان چور ڪيو ته انهن کي ٻنڌڻن سان مضبوط ٻڌو. ۽ تنهن کان پوءِ يا ته احسان رکي (ڇڏي ڏيو) يا بدلو وٺي (آزاد) ڪري ڇڏيو. ايتري تائين جو (دشمن) جنگ جا هٿيار ڦٽي ڪن. اها ڳالھ ياد رکو) ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته (ٻيءَ طرح) بدلو وٺي ها پر ان گهريو ته اوهان جو امتحان هڪ ٻئي سان (ويڙهائي) ڪري. ۽ جيڪي خدا جي راھ ۾ شهيد ڪيا ويا تن جي ڪار گذارين کي خدا هرگز اڪارت نه ڪندو. |
سَيَهديهِم وَيُصلِحُ بالَهُم (آيت : 5) |
کين جلد ئي منزو مقصود تائين پهچائيندو ۽ سندن حالت سنواريندو. |
وَيُدخِلُهُمُ الجَنَّةَ عَرَّفَها لَهُم (آيت : 6) |
۽ انهن کي ان بهشت ۾ داخل ڪندو جنهن جي کين (اڳي ئي) واقفيت ڪرايل آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تَنصُرُوا اللَّهَ يَنصُركُم وَيُثَبِّت أَقدامَكُم (آيت : 7) |
اي ايمان وارو! جيڪڏهن اوهين خدا (جي دين) جي مدد ڪندو ته اهو به اوهان جي مدد ڪندو ۽ اوهان کي ثابت قدم رکندو. |
وَالَّذينَ كَفَروا فَتَعسًا لَهُم وَأَضَلَّ أَعمٰلَهُم (آيت : 8) |
۽ جي ڪافر آهن تن جي لاءِ ته لغزش (ڊگمگاهٽ) آهي ۽ خدا سندن اعمال برباد ڪري ڇڏيندو. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كَرِهوا ما أَنزَلَ اللَّهُ فَأَحبَطَ أَعمٰلَهُم (آيت : 9) |
اهو هن لاءِ ته جا ڳالھ خدا نازل ڪئي تنهن کي انهن نا پسند ڪيو ته (پوءِ) خدا سندن ڪمن کي برباد ڪري ڇڏيو. |
أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم دَمَّرَ اللَّهُ عَلَيهِم وَلِلكٰفِرينَ أَمثٰلُها (آيت : 10) |
ڇا هو زمين ۾ نه گهميا آهن جو ڏسن ته ڪئين انهن جي پڇاڙي ٿي جي انهن کان اڳ هئا. خدا مٿن بربادي وڌي. ۽ (هنن) ڪافرن لاءِ به اهڙيون (ئي سزائون) آهن. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ مَولَى الَّذينَ ءامَنوا وَأَنَّ الكٰفِرينَ لا مَولىٰ لَهُم (آيت : 11) |
اهو هن ڪري ته خدا ايمان وارن جو مددگار آهي ۽ ڪافرن جو ڪو به مددگار نه آهي. |
إِنَّ اللَّهَ يُدخِلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَالَّذينَ كَفَروا يَتَمَتَّعونَ وَيَأكُلونَ كَما تَأكُلُ الأَنعٰمُ وَالنّارُ مَثوًى لَهُم (آيت : 12) |
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي بيشڪ الله اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي (وڻن) هيٺان واھ وهن ٿا ۽ جن ڪفر ڪيو سي (دنيا ۾ ته) مزا ڪن ٿا ۽ ائين کائن (پيئن) ٿا جيئن جانور کائي (پيئن) ٿا ۽ (نيٺ ته) سندن جاءِ جهنم آهي. |
وَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ هِىَ أَشَدُّ قُوَّةً مِن قَريَتِكَ الَّتى أَخرَجَتكَ أَهلَكنٰهُم فَلا ناصِرَ لَهُم (آيت : 13) |
۽ جنهن ڳوٺ مان تو کي ماڻهن ڪڍيو تنهن کان وڌيڪ طاقت ۾ ڪيئي اهڙا ڳوٺ هئا جن کي اسان تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو ته انهن جو ڪو به مددگار نه ٿيو. |
أَفَمَن كانَ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبِّهِ كَمَن زُيِّنَ لَهُ سوءُ عَمَلِهِ وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم (آيت : 14) |
ته ڇا جو شخص پنهنجي پالڻهار جي طرفان ظاهر دليل تي آهي سو ان جهڙو ٿيندو جنهن کي سندس بڇڙو ڪم چڱو ڪري ڏيکاريو ويو آهي ۽ اهي پنهنجن خواهشن تي هلن ٿا. |
مَثَلُ الجَنَّةِ الَّتى وُعِدَ المُتَّقونَ فيها أَنهٰرٌ مِن ماءٍ غَيرِ ءاسِنٍ وَأَنهٰرٌ مِن لَبَنٍ لَم يَتَغَيَّر طَعمُهُ وَأَنهٰرٌ مِن خَمرٍ لَذَّةٍ لِلشّٰرِبينَ وَأَنهٰرٌ مِن عَسَلٍ مُصَفًّى وَلَهُم فيها مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ وَمَغفِرَةٌ مِن رَبِّهِم كَمَن هُوَ خٰلِدٌ فِى النّارِ وَسُقوا ماءً حَميمًا فَقَطَّعَ أَمعاءَهُم (آيت : 15) |
جنهن جنت جو پرهيزگارن سان وعدو ڪيو وڃي ٿو تنهن جي صفت هي آهي ته ان ۾ پاڻي جا واھ آهن جن ۾ ذرو به بوءِ نه آهي ۽ کير جون نهرون آهن جن جو مزو ڪڏهن نه بدليو، ۽ (پاڪ پاڪيزه) شراب جون نهرون آهن جيڪو پيئڻ وارن لاءِ (سراسر) لذت آهي. پڻ صاف شفاف ماکيءَ جون نهرون آهن ۽ اتي انهن لاءِ هر قسم جا ميوه آهن ۽ سندن پروردگار جي طرفان بخشش (معافي) آهي. (ڀلا اهڙا شخص) انهن جي برابر ٿي سگهن ٿا جيڪي دوزخ ۾ رهندا ۽ جن کي ٽهڪندڙ پاڻي پياريو ويندو ته اهو آنڊن کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندن. |
وَمِنهُم مَن يَستَمِعُ إِلَيكَ حَتّىٰ إِذا خَرَجوا مِن عِندِكَ قالوا لِلَّذينَ أوتُوا العِلمَ ماذا قالَ ءانِفًا أُولٰئِكَ الَّذينَ طَبَعَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم (آيت : 16) |
۽ (اي رسول) انهن مان ڪي اهڙا به آهن جي تو ڏي ڪن ڏين ٿا، تان جو جڏهن ٻڌي (سڌي) تو وٽان نڪرن ٿا ته جن شخصن کي (قرآن جو) علم ڏنو ويو آهي تن کان پڇن ٿا ته هينئر هن شخص ڇا چيو هو؟ هي اهي ماڻهو آهن جن جي دلين تي خدا (ڪفر جي) مهر هڻي ڇڏي آهي ۽ اهي پنهنجي نفساني خواهشن تي هلي رهيا آهن. |
وَالَّذينَ اهتَدَوا زادَهُم هُدًى وَءاتىٰهُم تَقوىٰهُم (آيت : 17) |
۽ جي هدايت وارا آهن تن جي هدايت کي خدا (قرآن جي ذريعي) اڃا به وڌائي ٿو ۽ کين پرهيزگار عطا فرمائي ٿو. |
فَهَل يَنظُرونَ إِلَّا السّاعَةَ أَن تَأتِيَهُم بَغتَةً فَقَد جاءَ أَشراطُها فَأَنّىٰ لَهُم إِذا جاءَتهُم ذِكرىٰهُم (آيت : 18) |
ته ڇا اهي ماڻهو رڳو قيامت جا ئي منتظر آهن ته مٿن اوچتي اچي، ته سندس نشانيون ته اچي چڪيون آهن. ته پوءِ جڏهن قيامت انهن (جي سرن) تي اچي پوندي پوءِ کين نصيحت وٺڻ ڪٿان سود مند ٿيندي. |
فَاعلَم أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلَّا اللَّهُ وَاستَغفِر لِذَنبِكَ وَلِلمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَاللَّهُ يَعلَمُ مُتَقَلَّبَكُم وَمَثوىٰكُم (آيت : 19) |
ته سمجهو ته خدا کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي ۽ (اسان کان) پنهنجي ۽ ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين عورتن جي گناهن جي معافي گهرندو رھ! ۽ خدا توهان جي گهمڻ ڦرڻ ۽ رهڻ جي جاءِ کان چڱيءَ طرح واقف آهي. |
وَيَقولُ الَّذينَ ءامَنوا لَولا نُزِّلَت سورَةٌ فَإِذا أُنزِلَت سورَةٌ مُحكَمَةٌ وَذُكِرَ فيهَا القِتالُ رَأَيتَ الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ يَنظُرونَ إِلَيكَ نَظَرَ المَغشِىِّ عَلَيهِ مِنَ المَوتِ فَأَولىٰ لَهُم (آيت : 20) |
۽ مومن چون ٿا ته (جهاد جي لاءِ) ڪا سورت ڇو نه ٿي نازل ٿئي؟ پر جڏهن ڪا صاف کليل معنى سان سورت نازل ٿئي ۽ ان ۾ جهاد جي ڳالھ هجي ته جن ماڻهن جي دلين ۾ (نفاق جو) روڳ آهي تن کي ڏسندين ته تو ڏي اهڙيءَ طرح ڏسن ٿا جيئن ڪنهن تي موت جي بيهوشيءَ (ڇانيل) هجي (جو ان جون اکيون ڦريل هجن) پوءِ انهن لاءِ ويل هجي. |
طاعَةٌ وَقَولٌ مَعروفٌ فَإِذا عَزَمَ الأَمرُ فَلَو صَدَقُوا اللَّهَ لَكانَ خَيرًا لَهُم (آيت : 21) |
(انهن لاءِ چڱو ڪم ته) حڪم مڃڻ ۽ چڱي ڳالھ چوڻ آهي. پوءِ جڏهن (جنگ ڪرڻ جو) ارادو پڪو ٿئي تڏهن اهي الله سان سچا رهن ته سندن حق ۾ تمام بهتر آهي. |
فَهَل عَسَيتُم إِن تَوَلَّيتُم أَن تُفسِدوا فِى الأَرضِ وَتُقَطِّعوا أَرحامَكُم (آيت : 22) |
پوءِ (اي منافقو) اوهان کان اها (ڳالھ) پري آهي ته جيڪڏهن اوهان کي حڪومت ملي وڃي ته ملڪ ۾ فساد ڪريو ۽ پنهنجيون مائٽيون ڇنو. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَعَنَهُمُ اللَّهُ فَأَصَمَّهُم وَأَعمىٰ أَبصٰرَهُم (آيت : 23) |
اهي ئي اهي آهن جن تي خدا لعنت ڪئي آهي ۽ (ڄڻ ته خود خدا) سندن (ڪنن) کي ٻوڙو ۽ انهن جي اکين کي انڌو ڪيو آهي. |
أَفَلا يَتَدَبَّرونَ القُرءانَ أَم عَلىٰ قُلوبٍ أَقفالُها (آيت : 24) |
ته ڇا اهي ماڻهو قرآن ۾ (ذرو به) تدبير نه ٿا ڪن يا سندن دلين تي قلف (لڳل) آهن. |
إِنَّ الَّذينَ ارتَدّوا عَلىٰ أَدبٰرِهِم مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُمُ الهُدَى الشَّيطٰنُ سَوَّلَ لَهُم وَأَملىٰ لَهُم (آيت : 25) |
بيشڪ جي ماڻهو هدايت جي راھ صاف (۽ کليل) ڄاڻڻ کان پوءِ به پوئين پير (ڪفر ڏي) موٽيا شيطان کين فريب ڏنو ۽ انهن کي ڊگهيون (اميدون) ڏيکاريون. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا لِلَّذينَ كَرِهوا ما نَزَّلَ اللَّهُ سَنُطيعُكُم فى بَعضِ الأَمرِ وَاللَّهُ يَعلَمُ إِسرارَهُم (آيت : 26) |
اهو هن ڪري ته جي ماڻهو خدا جي نازل ڪيل (ڪتاب) کان بيزار آهن تن کي (منافقن) چيو ته ڪجھ ڪمن ۾ اسين اوهان جو چيو مڃينداسون. هوڏانهن خدا سندن لڪي مشورن ڪرڻ کي (چڱيءَ طرح) ڄاڻي ٿو. |
فَكَيفَ إِذا تَوَفَّتهُمُ المَلٰئِكَةُ يَضرِبونَ وُجوهَهُم وَأَدبٰرَهُم (آيت : 27) |
پوءِ (تڏهن سندن ڪهڙو حال ٿيندو جڏهن فرشتا سندن ساھ ڪڍندا ۽ سندس منهن ۽ پٺين کي ماريندا ڪٽيندا ويندا. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُمُ اتَّبَعوا ما أَسخَطَ اللَّهَ وَكَرِهوا رِضوٰنَهُ فَأَحبَطَ أَعمٰلَهُم (آيت : 28) |
اها (سزا) هن ڪري آهي ته جنهن ڳالھ ۾ خدا ناخوش آهي تنهن جي اهي پيروي ڪن ٿا ۽ جنهن ۾ خدا جي خوشيءَ آهي تنهن کان بيزار آهن ته خدا به سندن ڪمن کي ناس ڪري ڇڏيو. |
أَم حَسِبَ الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ أَن لَن يُخرِجَ اللَّهُ أَضغٰنَهُم (آيت : 29) |
ڇا اهي ماڻهو جن جي دلين ۾ (نفاق جو) روڳ آهي سي هي خيال ڪن ٿا ته خدا سندن (دل جي) ڪينن کي ڪڏهن به ظاهر نه ڪندو؟ |
وَلَو نَشاءُ لَأَرَينٰكَهُم فَلَعَرَفتَهُم بِسيمٰهُم وَلَتَعرِفَنَّهُم فى لَحنِ القَولِ وَاللَّهُ يَعلَمُ أَعمٰلَكُم (آيت : 30) |
۽ (اي رسول) جيڪڏهن اسين گهرون ها ته اهي (ماڻهو) تو کي ڏيکاري ڇڏيون ته تون سندن منهن مان کين سڃاڻي وٺين ۽ تون سندن ڳالهائڻ جي ڍنگ مان کين سڃاڻي وٺندين. ۽ خدا اوهان جي ڪمن کي ڄاڻي ٿو. |
وَلَنَبلُوَنَّكُم حَتّىٰ نَعلَمَ المُجٰهِدينَ مِنكُم وَالصّٰبِرينَ وَنَبلُوَا۟ أَخبارَكُم (آيت : 31) |
۽ ضرور اسين اوهان کي آزمائينداسون تان جو اوهان مان جهاد ڪرڻ وارن ۽ (تڪليف تي) صبر ڪرڻ وارن کي ڏسون ۽ اوهان جون حالتون جاچيون. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ وَشاقُّوا الرَّسولَ مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُمُ الهُدىٰ لَن يَضُرُّوا اللَّهَ شَيـًٔا وَسَيُحبِطُ أَعمٰلَهُم (آيت : 32) |
بيشڪ جن ماڻهن تي (دين اسلام جي) سڌي راھ ظاهر ٿي چڪي تنهن کان پوءِ (انهن) انڪار ڪيو ۽ (ماڻهن کي) خدا جي راھ کان روڪيو ۽ رسول جي مخالفت ڪئي سي خدا جو ڪجھ به بگاڙي نه سگهندا ۽ خدا سندن اعمال ناس ڪري ڇڏيندو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَلا تُبطِلوا أَعمٰلَكُم (آيت : 33) |
اي ايمان وارو! خدا جو حڪم مڃو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪريو. ۽ پنهنجي عملن کي ناس نه ڪريو. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ ثُمَّ ماتوا وَهُم كُفّارٌ فَلَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم (آيت : 34) |
بيشڪ جن انڪار ڪيو ۽ ماڻهن کي خدا جي راھ کان رويڪو ۽ ڪافر ٿي مئا تن کي خدا ڪڏهين به معاف نه ڪندو. |
فَلا تَهِنوا وَتَدعوا إِلَى السَّلمِ وَأَنتُمُ الأَعلَونَ وَاللَّهُ مَعَكُم وَلَن يَتِرَكُم أَعمٰلَكُم (آيت : 35) |
ته (اي مسلمانو) اوهين به همت نه هاريو ۽ نه (دشمن کي) صلح ڏي سڏيو ۽ اوهين ئي غالب آهيو، ۽ الله اوهان ساڻ آهي ۽ هرگز اوهان جي اعمال (جي ثواب) کي گهٽ نه ڪندو. |
إِنَّمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَإِن تُؤمِنوا وَتَتَّقوا يُؤتِكُم أُجورَكُم وَلا يَسـَٔلكُم أَموٰلَكُم (آيت : 36) |
دنيا جي حياتي رڳو راند ۽ تماشو آهي. جيڪڏهن اوهين (خدا تي) ڀروسو رکندو ۽ پرهيزگاري ڪندو ته اهو اوهان کي اوهان جا اجر عنايت ڪندو اوهان کان اوهان جا مال نه گهرندو. |
إِن يَسـَٔلكُموها فَيُحفِكُم تَبخَلوا وَيُخرِج أَضغٰنَكُم (آيت : 37) |
۽ جيڪڏهن اوهان کان اوهان جا سڀ مال (متاع) گهري ۽ (گهرڻ ۾) اوهان کي تنگ ڪري ته اوهين بخل ڪندو ۽ خدا ته اوهان جا ڪينا ضرور ظاهر ڪري ڇڏيندو. |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ تُدعَونَ لِتُنفِقوا فى سَبيلِ اللَّهِ فَمِنكُم مَن يَبخَلُ وَمَن يَبخَل فَإِنَّما يَبخَلُ عَن نَفسِهِ وَاللَّهُ الغَنِىُّ وَأَنتُمُ الفُقَراءُ وَإِن تَتَوَلَّوا يَستَبدِل قَومًا غَيرَكُم ثُمَّ لا يَكونوا أَمثٰلَكُم (آيت : 38) |
هوش ڌاريو! اوهين ته اهڙا آهيو جو اوهان کي سڏيو ٿو وڃي ته خدا جي راھ ۾ خرچ ڪريو ته اوهان مان ڪي اهڙا به آهن جي بخل ڪن ٿا ۽ (ياد رکو! ته) جو بخل ڪري ٿو ته سو پاڻ سان ئي بخل ٿو ڪري. ۽ خدا ته بي نياز (بادشاھ) آهي ۽ اوهين (سندس) محتاج آهيو. پر جيڪڏهن اوهين (خدا جي حڪم کان) منهن موڙ ڪندو ته خدا اوهان کان سواءِ ٻين کي اوهان جي جاءِ تي آڻيندو ۽ اهي اوهان جهڙا (بخيل) نه هوندا. |