الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ أَضَلَّ أَعمٰلَهُم (آيت : 1) |
اُهي، جَن اِنڪار ڪيو، پڻ روڪيؤن ربَّ جِي راھ، اُنهن جِي اَلله، ڪَئـِي ڪَمائـِي ڪُٽ ڪَئـِي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَءامَنوا بِما نُزِّلَ عَلىٰ مُحَمَّدٍ وَهُوَ الحَقُّ مِن رَبِّهِم كَفَّرَ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَأَصلَحَ بالَهُم (آيت : 2) |
۽ اُهي، جَن مَڃيو ۽ چَڱِي ڪيائون ڪار، پڻ مَڃيؤن، جو مُڪو وِيو، مُحمّد سِر، مُختار، ۽ جو ثابِتَ سَندنِ سائـِين کان، بَرحق برقرار، لاٿائـِينِ لُطف سان، تَن جي بَديَن جا بار، پڻ تَنِين جو تڪرار، هادِئَ حال سُڌاريو. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ الَّذينَ كَفَرُوا اتَّبَعُوا البٰطِلَ وَأَنَّ الَّذينَ ءامَنُوا اتَّبَعُوا الحَقَّ مِن رَبِّهِم كَذٰلِكَ يَضرِبُ اللَّهُ لِلنّاسِ أَمثٰلَهُم (آيت : 3) |
اِهو سَڀ اِن ڪري، ته جي پِيا ڪُفر ۾ ڪاهي، سي لاڳاپا لاهي، لڳا پُٺَئَ ڪِي ڪِين جي. |
فَإِذا لَقيتُمُ الَّذينَ كَفَروا فَضَربَ الرِّقابِ حَتّىٰ إِذا أَثخَنتُموهُم فَشُدُّوا الوَثاقَ فَإِمّا مَنًّا بَعدُ وَإِمّا فِداءً حَتّىٰ تَضَعَ الحَربُ أَوزارَها ذٰلِكَ وَلَو يَشاءُ اللَّهُ لَانتَصَرَ مِنهُم وَلٰكِن لِيَبلُوَا۟ بَعضَكُم بِبَعضٍ وَالَّذينَ قُتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ فَلَن يُضِلَّ أَعمٰلَهُم (آيت : 4) |
پوءِ جڏهن جوٽيو اُنهن سان، جي ڦريا کون فرمان، پوءِ ڪاٽي رکونِ ڪَنڌن کان، مَٿا مَنجھ ميدان، تان جڏهن رت ريليونِ گھڻو؛ نَمايونِ نِڌان، ته جَڪڙيو زنجيرن ۾، ٻَڌِي ڪريونِ ٻان، پوءِ ٿورو ٿاڦڻو، يا ڏَنڊ وَٺڻ ۽ ڏان، جا سِين جَنگ جولان، ويڙهي وَسلا پنهنجا. بَس، ۽ گُھري جي بادشاھ، ته وير وَٺينِ پاڻ، پَر هِڪ ٻِئي تي حَملي ساڻ، ٿو پَرکي آن کي، پاڪ ڌَڻِي. ۽ جيڪي ربَّ جي راھ ۾، شَهِيد ٿيا شاھ، اُنهن جا عَمل اَلله، ڪڏهن وِڃائـِيندو ڪِين ڪي. |
سَيَهديهِم وَيُصلِحُ بالَهُم (آيت : 5) |
سِگھو سُهائـِيندنِ سَنئين، پڻ سَندنِ سُڌارِيندو حال، |
وَيُدخِلُهُمُ الجَنَّةَ عَرَّفَها لَهُم (آيت : 6) |
ڏِيندُنِ جاءِ جَنت ۾، ڀَلو ڪري ڀال، اُنهئَ جو اَحوال، اڳواٽ ڏِنائـِين اُنهن کي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تَنصُرُوا اللَّهَ يَنصُركُم وَيُثَبِّت أَقدامَكُم (آيت : 7) |
اي اُهي! جَن الله ۾، آندو اِعتبار، ڪَندا ڌَڻئَ جي دِين جي، آئي ويل وَهار، ته ڏِيندان ڏَڍ ڏاتار، پڻ پُختا، اَنهنجا پير ڪري. |
وَالَّذينَ كَفَروا فَتَعسًا لَهُم وَأَضَلَّ أَعمٰلَهُم (آيت : 8) |
۽ اُهي، جَن ڪُفر ڪيو، پوءِ حيف تَنِين جي حال!، ۽ اُنهن جا اَعمال، بارِئَ سَڀ بَرباد ڪيا. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كَرِهوا ما أَنزَلَ اللَّهُ فَأَحبَطَ أَعمٰلَهُم (آيت : 9) |
اِهو اِن آڌار، ته مُرڳو مَٺِين ڀائـِيون، جيڪِي اَلله اُتاريو، پوءِ ڪُل سَندِن ڪم ڪار، قادِر رَبَّ ڪلتار، ليکي تان لاهي ڇڏيا. |
أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم دَمَّرَ اللَّهُ عَلَيهِم وَلِلكٰفِرينَ أَمثٰلُها (آيت : 10) |
ڇا، گُھمِي گُمراهن نَه ڪيو، ڌَرِتئَ جو دِيدار؟ پوءِ پاڻان اڳ پِهرِيَن جا، پَسن پَڇاڙِئَ پار، ته قادِر جي قَهر جِي، ٿِي ساڻنِ ڪِهڙي ڪار، اَلله نِيو اُنهن کي، نِرگھٽ نِگون سار، ۽ آهِن اُن آچار، اِنڪارِيَن لئي آفتون. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ مَولَى الَّذينَ ءامَنوا وَأَنَّ الكٰفِرينَ لا مَولىٰ لَهُم (آيت : 11) |
سو سَڀ اِن سَبب کان، ته آندو جَن اِيمان، اَلله آهي اُنهن جو، مولا مَددگار، ۽ سَر ۾ سَنڀاليدار، ڪو ڪونهِي ڪافِرن جو. |
إِنَّ اللَّهَ يُدخِلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَالَّذينَ كَفَروا يَتَمَتَّعونَ وَيَأكُلونَ كَما تَأكُلُ الأَنعٰمُ وَالنّارُ مَثوًى لَهُم (آيت : 12) |
جَن مَڃيو مالِڪ هڪڙو، چڱِي ڪيائون ڪار، باغن مَنجھ بهشت جي، تن ڏِيندو جاءِ جبار، هيٺان جَن هَر وار، واهڙ ڪن ٿا وَهڪرا. ۽ اُهي جَن اِنڪار ڪيو، سي مِڙن مِرون آچار، ۽ کائـِڻ کِيَڻ اِهڙو، جِيئن ڍور چَرن مَنجھ ڍار، ۽ آهي آخِرڪار، دوزخ ديرو اُنهن جو. |
وَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ هِىَ أَشَدُّ قُوَّةً مِن قَريَتِكَ الَّتى أَخرَجَتكَ أَهلَكنٰهُم فَلا ناصِرَ لَهُم (آيت : 13) |
۽ ڪَئـِين ڳوٺ، تُنهنجي ڳوٺ کان، قُوَّت مَنجھ ڪَثر، جَن توکي تَڙي ڪڍيو، گڏ ساٿِيَن سَربَسر، آندِيسون اُنهن مَٿان، بَربادِي بَرسِر، پوءِ اَندر ساري سَر، ڪو هُئو نَه، حِمايتِي اُنهن جو. |
أَفَمَن كانَ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبِّهِ كَمَن زُيِّنَ لَهُ سوءُ عَمَلِهِ وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم (آيت : 14) |
پوءِ، جو صفا سَچ مَٿي، قائـِم برقرار، ثابِت سَندسِ سائـِينءَ کان؛ ڇا اُهو به اُن آچار؟ اوڳ سَندسِ عَمل جِي، جنهن کي لڳي نيڪ نِبار، ۽ لڳا، لڳاتار، سَندِن سَڌن پُٺيان. |
مَثَلُ الجَنَّةِ الَّتى وُعِدَ المُتَّقونَ فيها أَنهٰرٌ مِن ماءٍ غَيرِ ءاسِنٍ وَأَنهٰرٌ مِن لَبَنٍ لَم يَتَغَيَّر طَعمُهُ وَأَنهٰرٌ مِن خَمرٍ لَذَّةٍ لِلشّٰرِبينَ وَأَنهٰرٌ مِن عَسَلٍ مُصَفًّى وَلَهُم فيها مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ وَمَغفِرَةٌ مِن رَبِّهِم كَمَن هُوَ خٰلِدٌ فِى النّارِ وَسُقوا ماءً حَميمًا فَقَطَّعَ أَمعاءَهُم (آيت : 15) |
صُورت باغ بهشت جِي، جِنهن جو سَچن سان اَنجام، اَڻ پارو ٿي پاڻِئَ جون، جنهن ۾ جُويون آهنِ جام، ڪي ناليون خالِص کِير جون، جنهن جو مَزو ڦِٽي نَه مُدام، ڪي شاخون پاڪ شراب جون، جَن ۾ نَشي جو نه نام، اِهي سڀ اِنعام، چکندڙن جي چاش لئي. پڻ ماکِئَ صَفا، صاف جون، نهرون وَهن نِبار، پڻ طرحِين تِنهن ۾ تَن لئي، ميوا مَڃر ڏار، پڻ بَخْشَشون بِسيار، سَندِن ربَّ، ستارکان. اُهو ڇا، آهي اُن جِيئن، جو ڄيري مَنجھ ڄَمار، ۽ پاڻِي وِيَن پِياريو، ٻَڙهڪندڙ ٻِيهار، پوءِ ڦاڙي ڦاڙُون ڦار، ڪيائين آنڊا اُنهن جا؟ |
وَمِنهُم مَن يَستَمِعُ إِلَيكَ حَتّىٰ إِذا خَرَجوا مِن عِندِكَ قالوا لِلَّذينَ أوتُوا العِلمَ ماذا قالَ ءانِفًا أُولٰئِكَ الَّذينَ طَبَعَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم (آيت : 16) |
۽ توڏي ڪي تَن مَنجھان، ڪَندا آهِن ڪَن، تان جڏهن نِڪتا تو وَٽان، ته عِلم عَطا ٿيو جَن، تڏهن چيائون تَن، ته حَضرت هاڻي ڇا، چيو؟ اُهيئـِي آهِين سي، ته خدا هَٿ کَڻِي؟ هَيَن مُهر هِنيِـين تان، ڌُران پاڪ ڌَڻِي، ۽ هَليا هام هَڻِي، سَندنِ سَڌنِ پُٺ ۾. |
وَالَّذينَ اهتَدَوا زادَهُم هُدًى وَءاتىٰهُم تَقوىٰهُم (آيت : 17) |
اُهي، جي هِدايَت حَق مٿي، هَليا اڳ همراھ، سائـِينءَ سُونهپ راھ ۾، وَرِي وَڌايَنِ واھ!، پڻ اُنهن کي اَلله، نيڪِي سَندنِ نَصِيب ڪَئـِي. |
فَهَل يَنظُرونَ إِلَّا السّاعَةَ أَن تَأتِيَهُم بَغتَةً فَقَد جاءَ أَشراطُها فَأَنّىٰ لَهُم إِذا جاءَتهُم ذِكرىٰهُم (آيت : 18) |
پوءِ اُهي اِنتظار، ٻِيو ڪَڍن ئـِي ڪِين ٿا، مگر اَچينِ اوچتِي، سا اُهکِي ويل اَپار، پوءِ اُوس آيون اُن جون، نِشانيون نِروار، پوءِ جڏهن اَچِي اُن ڪيو، ڪڙڪو سِرڪِپار، تڏهن وِيچارڻ جِي وار، آئـِي ڪٿان اُنهن لئي. |
فَاعلَم أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلَّا اللَّهُ وَاستَغفِر لِذَنبِكَ وَلِلمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَاللَّهُ يَعلَمُ مُتَقَلَّبَكُم وَمَثوىٰكُم (آيت : 19) |
پوءِ سَچ پَچ سَمجِھي وَڃ تون هِئَ حَقِيقت هيڪار، ته سَر ۾ نَه ، شيوا جِھڙو، ڪو سوا رَبَّ، سَتار، ۽ پَر۾ پَڇتائي پَنهنجا، بخشائِي بَديون بار، ۽ مُؤمن ۽ مؤمنياڻِيَن لئي، ٻاجھون گُھر ٻِيهار، ۽ ڄاڻي جاءِ جَبّار، پڻ ماڳ اَوهان جي موٽ جو. |
وَيَقولُ الَّذينَ ءامَنوا لَولا نُزِّلَت سورَةٌ فَإِذا أُنزِلَت سورَةٌ مُحكَمَةٌ وَذُكِرَ فيهَا القِتالُ رَأَيتَ الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ يَنظُرونَ إِلَيكَ نَظَرَ المَغشِىِّ عَلَيهِ مِنَ المَوتِ فَأَولىٰ لَهُم (آيت : 20) |
۽ وايون ڪن، جي وِسهيا، ته ڪاسُورت سُنهاري، اُميد ته اُتارِي وَڃي، جڏهن ويئـِي اُتارِي، سُورت صاف حُڪم سان جنهن ۾ ذِڪر جَنگ جارِي، تڏهن ڏِٺئـِي تَن کي، جَن جي بُت ۾ بِيماري، ته ڏِسَنِ توڏي ڏِسَڻِي، اُنهِئ اَگھي وارِي، جَن جِي موت مَت مارِي، پوءِ آهي وَيل اُنهي لئي. |
طاعَةٌ وَقَولٌ مَعروفٌ فَإِذا عَزَمَ الأَمرُ فَلَو صَدَقُوا اللَّهَ لَكانَ خَيرًا لَهُم (آيت : 21) |
مَڃڻ آهي مُراد، پڻ چَوڻ چڱائـِي جو، پوءِ جڏهن پَچايو پَھ وِيو، سَندو جنگ جِھاد، هُوند سَچا صاف رهيا، ڌڻِئَ سان دِل شاد، اِهوئـِي اِرشاد، هُئو بِلڪُل ڀَلو اُنهن لئي. |
فَهَل عَسَيتُم إِن تَوَلَّيتُم أَن تُفسِدوا فِى الأَرضِ وَتُقَطِّعوا أَرحامَكُم (آيت : 22) |
پوءِ ڇا، اِهڙا آهيو ته، تابِع ڪريو ڪو تَڪ؟ ته ڀُون بِگيڙيو بي شڪ، پڻ ڪَپيو قرابتون پَنهنجون. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَعَنَهُمُ اللَّهُ فَأَصَمَّهُم وَأَعمىٰ أَبصٰرَهُم (آيت : 23) |
اُهيئي آهِين سي، جَن تي ڌَڻِئَ ڪَئـِي ڌِڪار، ڪَر ڪيائـِين اُنهن کي، ٻوڙو چٽ ٻِيهار، ڪيون پڻ ڪَلتار، اَنڌيون اََکيون اُنهن جون. |
أَفَلا يَتَدَبَّرونَ القُرءانَ أَم عَلىٰ قُلوبٍ أَقفالُها (آيت : 24) |
پوءِ قرآن کي ڪوه، وِيچارِين نَه وُجود ۾؟ ڇا، لڳا آهن لوه، ڪي قُفل سَندنِ قُلوب تي؟ |
إِنَّ الَّذينَ ارتَدّوا عَلىٰ أَدبٰرِهِم مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُمُ الهُدَى الشَّيطٰنُ سَوَّلَ لَهُم وَأَملىٰ لَهُم (آيت : 25) |
پَنهنجي پُئاڏن تي، هَٽيا جي حيران، صَحِي سُونهپ اُنهن لئي، جنهن بعد ٿئـِي بيان، سَندنِ لئي سِينگاريون، شرارتون شيطان، ۽ تن کي ڏِنان تَعبان، عُمر وَڏِئَ جا آسرا. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا لِلَّذينَ كَرِهوا ما نَزَّلَ اللَّهُ سَنُطيعُكُم فى بَعضِ الأَمرِ وَاللَّهُ يَعلَمُ إِسرارَهُم (آيت : 26) |
اِهو اِن آڌارتي، ته آن کي آکيو تن، اَلله جو اُتاريو، سو بُرو ڀانيو جَن، ته ڪي ڪم ڪنداسون اَهنجا، مَنجھين پردي پَن، ۽ مَخفِي مام سَندنِ، پَڪ ڄاڻي ٿو پاڪ ڌڻيٖ. |
فَكَيفَ إِذا تَوَفَّتهُمُ المَلٰئِكَةُ يَضرِبونَ وُجوهَهُم وَأَدبٰرَهُم (آيت : 27) |
پوءِ ڇا، هُوندن حال، اچي آخِر وقت ۾ ؟ پُورو ڪَندنِ پِڙ مَٿي، فِرشتا فِى الحال، مُنهن پُٺيون پَيمال، ڪُٽي ڪَندا اُنهن جون. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُمُ اتَّبَعوا ما أَسخَطَ اللَّهَ وَكَرِهوا رِضوٰنَهُ فَأَحبَطَ أَعمٰلَهُم (آيت : 28) |
اِهو سَڀ اِن ڪرِي ته، ٿيا تِنهن جا تابعدار، ڏاڍو جنهن ڏمرايو، ڏيهن جو ڏاتار، ۽ مَٺِي ڀانيؤ مَن ۾، رضا ربَّ، ستار، پوءِ سَندنِ ڪُل ڪَم ڪار، قادِر ڪُٽ ڪري ڇَڏيا. |
أَم حَسِبَ الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ أَن لَن يُخرِجَ اللَّهُ أَضغٰنَهُم (آيت : 29) |
ڇا،ڀانئـِن ٿا بي دِين، ڪِينون جَن جي قُلوب ۾، ته ٻاهِر ڪڍندو ڪِين، ڌَڻِي سَندنِ دُشمنيون؟ |
وَلَو نَشاءُ لَأَرَينٰكَهُم فَلَعَرَفتَهُم بِسيمٰهُم وَلَتَعرِفَنَّهُم فى لَحنِ القَولِ وَاللَّهُ يَعلَمُ أَعمٰلَكُم (آيت : 30) |
۽ هُوند گُھرون هيڪار، توکي ڏيکاريون تُرت سي، پوءِ صَحِي سُڃاتو کِيَن تو، پَسِي سَندنِ پار، پڻ سُڃاڻيون سَگِھين تون، گڙٻڙ، مان گُفتار، پڻ ڄاڻي ڄاڻڻهار، اوهان جي عملن کي. |
وَلَنَبلُوَنَّكُم حَتّىٰ نَعلَمَ المُجٰهِدينَ مِنكُم وَالصّٰبِرينَ وَنَبلُوَا۟ أَخبارَكُم (آيت : 31) |
۽ آزمائـِيندا سون آن کي، بِلڪُل برابر، تان مانجِهي مَرد اوهان مان، سَمجھون پڻ صابِر، پڻ خبرون سڀ خابِر، آزمائـِيون اَنهنجون. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ وَشاقُّوا الرَّسولَ مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُمُ الهُدىٰ لَن يَضُرُّوا اللَّهَ شَيـًٔا وَسَيُحبِطُ أَعمٰلَهُم (آيت : 32) |
بي شڪ جَن ڪُفر ڪيو، پڻ روڪيؤن ربَّ جِي راھ، ۽ مُخالِفت مُرسل سان، بِيٺا ٻَڌِي بَدخواھ، جڏهن کُلِي خُوب اُنهن تي، هِدايت هَرگاھ، ذَرو زِيان نه ڏِين سي، اَصلًا، کي الله، ۽ ڪندو تُرت تباھ، طَبل تياريون تَن جون. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَلا تُبطِلوا أَعمٰلَكُم (آيت : 33) |
اي اُهي جَن اَلله ۾، آندو اِعتبار!، مَڃيو مالِڪ پاڪ کي، پڻ مُرسل مڻيادار، ۽ ٻوڙيو ڪِين ٻِيهار، پَنهنجا پورهيا پاڻهِين. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ ثُمَّ ماتوا وَهُم كُفّارٌ فَلَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم (آيت : 34) |
بي شڪ جَن ڪفر ڪيو، پڻ روڪيؤن ربَّ جِي راھ، ڪافِر ٿِي ڪُفر مَٿي، موٽِي مُئا ماڏاھ، پوءِ اُنهن کي اَللهَ، ڪَڏهين مَرهِيندو ڪِين ڪِي. |
فَلا تَهِنوا وَتَدعوا إِلَى السَّلمِ وَأَنتُمُ الأَعلَونَ وَاللَّهُ مَعَكُم وَلَن يَتِرَكُم أَعمٰلَكُم (آيت : 35) |
پوءِ ڪانئـِر ڪِين ٿيو، ۽ وِيجھو صُلح جو سَڏ، ۽ اَوهِين آهيو اوپرِي، ۽ الله اوهان سان گڏ، ۽ هادِي نه ڪندو هَڏ، ڪَمِي اَنهنجي ڪمن ۾. |
إِنَّمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَإِن تُؤمِنوا وَتَتَّقوا يُؤتِكُم أُجورَكُم وَلا يَسـَٔلكُم أَموٰلَكُم (آيت : 36) |
هِئَ حَياتِي نَنڍڙِي، آهي رُڳو راڳ راند، ۽ جي مَڃيو مالِڪ مَن سان پڻ پاڪ رکو پاند، ته اَهنجا اَجر اوهان کي، پَلئي وِجھي پاڇاند، ۽ مال هَمه هيڪاند، مڱي ته اوهان کان مُورهين. |
إِن يَسـَٔلكُموها فَيُحفِكُم تَبخَلوا وَيُخرِج أَضغٰنَكُم (آيت : 37) |
جي سو سَڀ گُھري اَوهان کان، پوءِ گُھڻينيان گھڻو ته ٻَڌو سَچ تي سَندرو، ڪڍو ڪِين ڪَڻو، ۽ ڪَڍِي ڪنجو سَڀڻو، اَهنجا ضِد ظاهِر ڪري. |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ تُدعَونَ لِتُنفِقوا فى سَبيلِ اللَّهِ فَمِنكُم مَن يَبخَلُ وَمَن يَبخَل فَإِنَّما يَبخَلُ عَن نَفسِهِ وَاللَّهُ الغَنِىُّ وَأَنتُمُ الفُقَراءُ وَإِن تَتَوَلَّوا يَستَبدِل قَومًا غَيرَكُم ثُمَّ لا يَكونوا أَمثٰلَكُم (آيت : 38) |
اوهين اُهي ته ڪوٺجو مَنجھ سائـِينءَ جي سَبيل، ته ڏِيو ڏِني ما ڏان تَن، جي ڏکيا اَندر ڏِيل، پوءِ اُٽلو اوهان مان بَخل ڪَن، ڪي قارونِي ڪَٽِيل، ۽ پوءِ بَني جو بَخِيل، سو بَخِيل بَني ٿو پاڻ لئي. ۽ دُنيا دار هِڪ ڌڻِي، اوهِين مِڙائـِي مِسڪِين، ۽ جي ڦِرندا ته، ڪندان ٻِئَ قوم مان، بَدل بِاليَقِين، اُهي، اَوهان جِيئن ڪِين، موٽِي ٿِيَن مُورِهين |