الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ أَضَلَّ أَعمٰلَهُم (آيت : 1) |
جن ڪفر ڪيو ۽ الله جي واٽ کان روڪيو، تن جي عملن کي (الله) ناس ڪيو. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَءامَنوا بِما نُزِّلَ عَلىٰ مُحَمَّدٍ وَهُوَ الحَقُّ مِن رَبِّهِم كَفَّرَ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَأَصلَحَ بالَهُم (آيت : 2) |
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ جيڪي محمد (ﷺ) تي سندن رب وٽان لاٿو ويو، ۽ اهو حق آهي تنهن کي مڃيائون، تن جون مدايون کانئن ميٽيائين ۽ سندن حال کي سڌاريائين. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ الَّذينَ كَفَرُوا اتَّبَعُوا البٰطِلَ وَأَنَّ الَّذينَ ءامَنُوا اتَّبَعُوا الحَقَّ مِن رَبِّهِم كَذٰلِكَ يَضرِبُ اللَّهُ لِلنّاسِ أَمثٰلَهُم (آيت : 3) |
اهو هن ڪري آهي، جو ڪافر ڪوڙ جي پٺيان لڳا؛ ۽ مؤمنن پنهنجي ڌڻيءَ جي سچ جي پيروي ڪئي- اهڙي طرح الله ماڻهن لاءِ سندن احوال بيان ڪندو آهي. |
فَإِذا لَقيتُمُ الَّذينَ كَفَروا فَضَربَ الرِّقابِ حَتّىٰ إِذا أَثخَنتُموهُم فَشُدُّوا الوَثاقَ فَإِمّا مَنًّا بَعدُ وَإِمّا فِداءً حَتّىٰ تَضَعَ الحَربُ أَوزارَها ذٰلِكَ وَلَو يَشاءُ اللَّهُ لَانتَصَرَ مِنهُم وَلٰكِن لِيَبلُوَا۟ بَعضَكُم بِبَعضٍ وَالَّذينَ قُتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ فَلَن يُضِلَّ أَعمٰلَهُم (آيت : 4) |
پوءِ جڏهين اوهين ڪافر سان ٽڪرو، تڏهن سندن ڪنڌ ڪپيو. تان جو جڏهن منجهن گهڻي رت ڇاڻ ڪريو، تڏهن مضبوط ٻڌو- پوءِ يا ته احسان ڪرڻ سان ڇڏيو، يا ڏنڊ وٺڻ سان؛ تان جو جنگ پنهنجا اوزار رکي ڇڏي (بند ٿئي)- بس ائين آهي. ۽ جيڪڏهن الله گهري ها، ته انهن کان بدلو وٺي ها، پر اوهان مان ڪن کي ڪن سان پرکي ٿو ۽جيڪي الله جي واٽ ۾ قتل ٿيا، تن جا عمل ڪڏهن به چٽ نه ڪندو. |
سَيَهديهِم وَيُصلِحُ بالَهُم (آيت : 5) |
انهن کي سڌو رستو ڏيکاريندو؛ ۽ سندن حال سڌاريندو. |
وَيُدخِلُهُمُ الجَنَّةَ عَرَّفَها لَهُم (آيت : 6) |
کين انهي بهشت ۾ داخل ڪندو- جيڪو کين ٻڌايو اٿس. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تَنصُرُوا اللَّهَ يَنصُركُم وَيُثَبِّت أَقدامَكُم (آيت : 7) |
اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن اوهين الله جي مدد ڪندؤ، ته هو اوهان جي مدد ڪندو ۽ اوهان جا هٿ پير مضبوط ڪندو. |
وَالَّذينَ كَفَروا فَتَعسًا لَهُم وَأَضَلَّ أَعمٰلَهُم (آيت : 8) |
۽ جن انڪار ڪيو، تن لاءِ شل بربادي هجي! ۽ انهن جا عمل ناس ٿيا. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كَرِهوا ما أَنزَلَ اللَّهُ فَأَحبَطَ أَعمٰلَهُم (آيت : 9) |
اهو هن ڪري، جو جيڪي الله لاٿو آهي، تنهن کي انهن ناپسند ڪيو، تنهن ڪري الله انهن جا عمل چٽ ڪيا. |
أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم دَمَّرَ اللَّهُ عَلَيهِم وَلِلكٰفِرينَ أَمثٰلُها (آيت : 10) |
ڇا، هو زمين ۾ نه گهميا آهن، جو ڏسن، ته جيڪي انهن کان اڳ هئا، تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ الله انهن تي تباهي آندي ۽ ڪافرن لاءِ اهڙي سزا آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ مَولَى الَّذينَ ءامَنوا وَأَنَّ الكٰفِرينَ لا مَولىٰ لَهُم (آيت : 11) |
اهو هن ڪري، جو الله مومنن جو مددگار آهي ۽ ڪافرن لاءِ ڪو به مددگار ناهي. |
إِنَّ اللَّهَ يُدخِلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَالَّذينَ كَفَروا يَتَمَتَّعونَ وَيَأكُلونَ كَما تَأكُلُ الأَنعٰمُ وَالنّارُ مَثوًى لَهُم (آيت : 12) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي الله اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو؛ جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون- ۽ جن ڪفر ڪيو، سي دنيا ۾ فائدو وٺن ٿا ۽ ڍورن وانگر کائين ٿا، پر سندن جاءِ باهه آهي. |
وَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ هِىَ أَشَدُّ قُوَّةً مِن قَريَتِكَ الَّتى أَخرَجَتكَ أَهلَكنٰهُم فَلا ناصِرَ لَهُم (آيت : 13) |
۽ تنهنجي ڳوٺ، جنهن جي ماڻهن توکي ڪڍي ڇڏيو؛ تنهن کان وڌيڪ سگهه وارا ٻيا ڪيترا ڳوٺ هئا، جن کي ناس ڪيوسون. پوءِ انهن جو ڪو مددگار نه هو. |
أَفَمَن كانَ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبِّهِ كَمَن زُيِّنَ لَهُ سوءُ عَمَلِهِ وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم (آيت : 14) |
ڀلا جيڪو شخص پنهنجي ڌڻيءَ کان پڌري حجت تي آهي، سو انهي جهڙو آهي ڇا، جنهن کي سندس بڇڙا ڪم چڱا ڏسڻ ۾ آيا ۽ پنهنجن سڌن پٺيان لڳا؟ |
مَثَلُ الجَنَّةِ الَّتى وُعِدَ المُتَّقونَ فيها أَنهٰرٌ مِن ماءٍ غَيرِ ءاسِنٍ وَأَنهٰرٌ مِن لَبَنٍ لَم يَتَغَيَّر طَعمُهُ وَأَنهٰرٌ مِن خَمرٍ لَذَّةٍ لِلشّٰرِبينَ وَأَنهٰرٌ مِن عَسَلٍ مُصَفًّى وَلَهُم فيها مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ وَمَغفِرَةٌ مِن رَبِّهِم كَمَن هُوَ خٰلِدٌ فِى النّارِ وَسُقوا ماءً حَميمًا فَقَطَّعَ أَمعاءَهُم (آيت : 15) |
جنهن بهشت جو انجام نيڪن کي ڏنو ويو آهي، ان جو مثال هي آهي؛ جو ان ۾ اهڙي پاڻيءَ جون نهرون وهندڙ هونديون، جو نه سينواربو، ۽ اهڙي کير جون نهرون آهن، جن جو مزو نه مٽبو_ ۽ پيئندڙن کي مزو ڏيندڙ شراب جون نهرون آهن ۽ صفا ڪيل ماکيءَ جون به، ۽ انهن لاءِ ان ۾ هر جنس جا ميوا آهن ۽ سندن رب وٽان بخشش آهي_ اهي انهن جهڙا نه آهن، جيڪي هميشه باهه ۾ رهڻ وارا هجن ۽ جن کي ڪوسو پاڻي پياريو وڃي، جو سندن آنڊن کي ڇني ڇڏي. |
وَمِنهُم مَن يَستَمِعُ إِلَيكَ حَتّىٰ إِذا خَرَجوا مِن عِندِكَ قالوا لِلَّذينَ أوتُوا العِلمَ ماذا قالَ ءانِفًا أُولٰئِكَ الَّذينَ طَبَعَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم (آيت : 16) |
۽ منجهانئن ڪي اهڙا آهن، جي تو ڏانهن ڪن ٿا ڏين، پوءِ جڏهن تو وٽان نڪرندا آهن، تڏهن جن کي علم ڏنو ويو، تن کي ٿا چون، ته ”هينئر (نبيءَ) ڇا چيو؟“ اهي اهي آهن، جن جي دلين تي الله مهر هنئي آهي ۽ هو پنهنجين سڌن تي هليا. |
وَالَّذينَ اهتَدَوا زادَهُم هُدًى وَءاتىٰهُم تَقوىٰهُم (آيت : 17) |
۽ جن سڌو رستو ورتو، تن کي خدا هدايت ۾ وڌايو ۽ انهن کي سندين دينداري ڏني. |
فَهَل يَنظُرونَ إِلَّا السّاعَةَ أَن تَأتِيَهُم بَغتَةً فَقَد جاءَ أَشراطُها فَأَنّىٰ لَهُم إِذا جاءَتهُم ذِكرىٰهُم (آيت : 18) |
ڪافر رڳو پاڻ وٽ قيامت جي اوچتي اچڻ جي واٽ ٿا نهارين، پوءِ بيشڪ ان جون نشانيون اچي چڪيون آهن، پوءِ جڏهن وٽن ايندي، تڏهن کين نصيحت وٺڻ ڪهڙي ٿيندي! |
فَاعلَم أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلَّا اللَّهُ وَاستَغفِر لِذَنبِكَ وَلِلمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَاللَّهُ يَعلَمُ مُتَقَلَّبَكُم وَمَثوىٰكُم (آيت : 19) |
پوءِ ڄاڻ، ته الله کان سواءِ ڪو به عبادت جو لائق ڪونهي ۽ پنهنجين خواهه مؤمنن ۽ مؤمنياڻين جي غلطين لاءِ بخشش گهر_ الله اوهان جي اچڻ وڃڻ جو هنڌ ۽ اوهان جي رهڻ جي جاءِڄاڻي ٿو. |
وَيَقولُ الَّذينَ ءامَنوا لَولا نُزِّلَت سورَةٌ فَإِذا أُنزِلَت سورَةٌ مُحكَمَةٌ وَذُكِرَ فيهَا القِتالُ رَأَيتَ الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ يَنظُرونَ إِلَيكَ نَظَرَ المَغشِىِّ عَلَيهِ مِنَ المَوتِ فَأَولىٰ لَهُم (آيت : 20) |
۽ مؤمن چوندا آهن ته ”ڪا سورت ڇو نه نازل ڪئي وئي؟“ پوءِ جڏهن پڌري معنيٰ واري سورت لاهجي ۽ ان ۾ جنگ جو ذڪر ڪجي، تڏهن جن جي دل ۾ مرض آهي، سي توڏانهن ائين ٿا نهارين، جيئن ڪو موت وقت بيهوش ٿي نهاريندو هجي! پوءِ انهن لاءِ خرابي آهي. |
طاعَةٌ وَقَولٌ مَعروفٌ فَإِذا عَزَمَ الأَمرُ فَلَو صَدَقُوا اللَّهَ لَكانَ خَيرًا لَهُم (آيت : 21) |
(مؤمن کي به) حڪم مڃڻ گهرجي ۽ چڱي ڳالهه چوڻ گهرجي. پوءِ جڏهن ڪنهن ڪم جو پڪو مقصد ڪجي، تڏهن جيڪڏهن هو سچا رهن ته سندن ڀلو آهي- |
فَهَل عَسَيتُم إِن تَوَلَّيتُم أَن تُفسِدوا فِى الأَرضِ وَتُقَطِّعوا أَرحامَكُم (آيت : 22) |
پوءِ (اي منافقو!) اوهان ۾ ته اهو به گمان آهي ته جيڪڏهن اوهان کي حڪومت ملي ته جيڪر ملڪ ۾ بگيڙ وجهو ۽ عزازتون (مٽيون مائٽيون) ٽوڙيو- |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَعَنَهُمُ اللَّهُ فَأَصَمَّهُم وَأَعمىٰ أَبصٰرَهُم (آيت : 23) |
اهڙا ئي شخص آهن، جن تي الله لعنت ڪئي، کين ٻوڙو ڪيائين ۽ سندن اکيون انڌيون ڪيائين. |
أَفَلا يَتَدَبَّرونَ القُرءانَ أَم عَلىٰ قُلوبٍ أَقفالُها (آيت : 24) |
ڇا هو قرآن ۾ ڌيان نٿا ڪن، يا سندن قلبن تي ڪلف لڳل آهن؟ |
إِنَّ الَّذينَ ارتَدّوا عَلىٰ أَدبٰرِهِم مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُمُ الهُدَى الشَّيطٰنُ سَوَّلَ لَهُم وَأَملىٰ لَهُم (آيت : 25) |
بيشڪ جيڪي کين سنئون رستو ظاهر ٿيڻ بعد به پنهنجي پٺين ڀر ڦريا، تن کي شيطان اهو چڱو ڪري ڏيکاريو، ۽ کين مهلت جو وعدو ڏنائين. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا لِلَّذينَ كَرِهوا ما نَزَّلَ اللَّهُ سَنُطيعُكُم فى بَعضِ الأَمرِ وَاللَّهُ يَعلَمُ إِسرارَهُم (آيت : 26) |
اهو هن ڪري، جو جيڪي الله نازل ڪيو، تنهن کي جن نا پسند ڪيو، تن کي انهن چيو ته، ”ڪن ڪمن ۾ اوهان جو چيو مڃينداسون.“ ۽ الله سندن ڳجهين ڳالهين کي ڄاڻندو آهي. |
فَكَيفَ إِذا تَوَفَّتهُمُ المَلٰئِكَةُ يَضرِبونَ وُجوهَهُم وَأَدبٰرَهُم (آيت : 27) |
پوءِ انهن جو ڪهڙو حال ٿيندو، جڏهن ملائڪ سندن روح ڪڍندا ۽ انهن جا منهن ۽ پٺيون ڪُٽيندا. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُمُ اتَّبَعوا ما أَسخَطَ اللَّهَ وَكَرِهوا رِضوٰنَهُ فَأَحبَطَ أَعمٰلَهُم (آيت : 28) |
اهو هن ڪري، جو جنهن الله کي ڏمرايو، تنهن جي پٺيان لڳا ۽ ان جي رضا منديءَ کي ناپسند ڪيائون! تنهن ڪري سندن ڪم چٽ ڪيائين. |
أَم حَسِبَ الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ أَن لَن يُخرِجَ اللَّهُ أَضغٰنَهُم (آيت : 29) |
ڇا جن جي دلين ۾ بيماري آهي، تن ڀانيو آهي ته الله سندن وير ظاهر نه ڪندو؟ |
وَلَو نَشاءُ لَأَرَينٰكَهُم فَلَعَرَفتَهُم بِسيمٰهُم وَلَتَعرِفَنَّهُم فى لَحنِ القَولِ وَاللَّهُ يَعلَمُ أَعمٰلَكُم (آيت : 30) |
۽ جيڪڏهن گهرون ها، ته اهي توکي ڏيکاريون ها، پوءِ انهن جي منهن مان کين سڃاڻين ها ۽ ضرور انهن جي ڳالهائڻ مان سهي ڪرين ها_ ۽ الله اوهان جا ڪرتوت ڄاڻي ٿو. |
وَلَنَبلُوَنَّكُم حَتّىٰ نَعلَمَ المُجٰهِدينَ مِنكُم وَالصّٰبِرينَ وَنَبلُوَا۟ أَخبارَكُم (آيت : 31) |
۽ اسين ضرور اوهان کي پرکينداسون، ته اوهان مان مجاهدن ۽ صابرن کي ظاهر ڪريون ۽ اوهان جا احوال پڌرا ڪريون. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ وَشاقُّوا الرَّسولَ مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُمُ الهُدىٰ لَن يَضُرُّوا اللَّهَ شَيـًٔا وَسَيُحبِطُ أَعمٰلَهُم (آيت : 32) |
بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ الله جي واٽ کان روڪيو، ۽ انهن لاءِ سنئون رستو ظاهر ٿيڻ کانپوءِ رسول جي مخالفت ڪيائون، سي الله جو هر گز نقصان نه ڪندا ۽ انهن جو عمل سگهو ئي الله چٽ ڪندو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَلا تُبطِلوا أَعمٰلَكُم (آيت : 33) |
اي مؤمنو! الله جو چيو مڃيو ۽ رسول جي تابعداري ڪريو ۽ پنهنجا عمل چٽ نه ڪريو. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ ثُمَّ ماتوا وَهُم كُفّارٌ فَلَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم (آيت : 34) |
بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ الله جي راهه کان روڪيو، پوءِ ڪافر ٿي مري ويا، تن کي الله ڪڏهن به نه بخشيندو. |
فَلا تَهِنوا وَتَدعوا إِلَى السَّلمِ وَأَنتُمُ الأَعلَونَ وَاللَّهُ مَعَكُم وَلَن يَتِرَكُم أَعمٰلَكُم (آيت : 35) |
پوءِ سست نه ٿيو ۽ (ازخود پاڻئون) صلح ڏانهن نه سڏيو، توهين ئي غالب آهيو ۽ الله اوهان ساڻ آهي، هو اوهان جي عملن کي ڪڏهن به چٽ نه ڪندو. |
إِنَّمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَإِن تُؤمِنوا وَتَتَّقوا يُؤتِكُم أُجورَكُم وَلا يَسـَٔلكُم أَموٰلَكُم (آيت : 36) |
دنيا جي حياتي ته رڳو راند ۽ تما شو آهي- جيڪڏهن ايمان آڻيندؤ ۽ دينداري ڪندؤ، ته اوهان جو اجر اوهان کي ڏيندو ۽ اوهان کان اوهان جو سڀ مال نه گهرندو. |
إِن يَسـَٔلكُموها فَيُحفِكُم تَبخَلوا وَيُخرِج أَضغٰنَكُم (آيت : 37) |
جيڪڏهن اوهان کان مال گهري ۽ اوهان کي (گهرڻ ۾) تنگ ڪري، ته ضرور بخيلي ڪندؤ ۽ هو اوهان جون بدنيتون ظاهر ڪندو. |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ تُدعَونَ لِتُنفِقوا فى سَبيلِ اللَّهِ فَمِنكُم مَن يَبخَلُ وَمَن يَبخَل فَإِنَّما يَبخَلُ عَن نَفسِهِ وَاللَّهُ الغَنِىُّ وَأَنتُمُ الفُقَراءُ وَإِن تَتَوَلَّوا يَستَبدِل قَومًا غَيرَكُم ثُمَّ لا يَكونوا أَمثٰلَكُم (آيت : 38) |
ياد رکو! اوهين اهي شخص آهيو؛ جو اوهان کي سڏيو وڃي ٿو؛ ته الله جي واٽ ۾ خرچ ڪريو؛ ته اوهان مان ڪو اهڙو آهي جو بخيلي ٿو ڪري- ۽ جيڪو بخيلي ٿو ڪري سو رڳو پاڻ سان بخيلي ٿو ڪري، ۽ الله بي پرواهه آهي ۽ اوهين ان جا محتاج آهيو ۽ جيڪڏهن منهن موڙيندؤ ته اوهان کان سواءِ ٻي ڪنهن قوم کي بدلائي آڻيندو، جي اوهان جهڙا نه هوندا. |