الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ أَضَلَّ أَعمٰلَهُم (آيت : 1) |
جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ ٻين کي الله تعالى جي رستي کان روڪيائون ته (الله تعالى) انهن جي عملن کي برباد ڪري ڇڏيو. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَءامَنوا بِما نُزِّلَ عَلىٰ مُحَمَّدٍ وَهُوَ الحَقُّ مِن رَبِّهِم كَفَّرَ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَأَصلَحَ بالَهُم (آيت : 2) |
۽ جن ماڻهن (الله تعالى ۽ ان جي رسولﷺ تي) ايمان آندو، نيڪ عمل ڪيا ۽ ﷴ(ﷺ) تي نازل ڪيل ڪتاب (قرآن) تي ايمان آندو (۽ دل ۾ يقين ڪيائون ته) اِهوئي پنھنجي پالڻھار جي طرفان برحق ڪتاب آهي ته الله تعالى اهڙن ماڻهن جي ڪوتاهين کي دور ڪري سندن معاملات کي درست ڪري ڇڏيندو. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ الَّذينَ كَفَرُوا اتَّبَعُوا البٰطِلَ وَأَنَّ الَّذينَ ءامَنُوا اتَّبَعُوا الحَقَّ مِن رَبِّهِم كَذٰلِكَ يَضرِبُ اللَّهُ لِلنّاسِ أَمثٰلَهُم (آيت : 3) |
اهو ان ڪري آهي جو ڪافرن ڪوڙ جي پيروي ڪئي. ۽ ايمان آڻيندڙن پنھنجي پالڻھار جي طرفان آيل حق ڳالهه جي پيروي ڪئي، اهڙي طرح الله تعالى ماڻهن کي سندن (مختلف) حالتون بيان ڪري ٿو. |
فَإِذا لَقيتُمُ الَّذينَ كَفَروا فَضَربَ الرِّقابِ حَتّىٰ إِذا أَثخَنتُموهُم فَشُدُّوا الوَثاقَ فَإِمّا مَنًّا بَعدُ وَإِمّا فِداءً حَتّىٰ تَضَعَ الحَربُ أَوزارَها ذٰلِكَ وَلَو يَشاءُ اللَّهُ لَانتَصَرَ مِنهُم وَلٰكِن لِيَبلُوَا۟ بَعضَكُم بِبَعضٍ وَالَّذينَ قُتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ فَلَن يُضِلَّ أَعمٰلَهُم (آيت : 4) |
جڏهن جنگ جي ميدان ۾ توهان جو ڪافرن سان مقابلو ٿئي ته سندن سِسيُون لاهي ڇڏيو. ۽ جڏهن کين چڱي طرح چٿي ڇڏيو ته باقي (زندهه بچي ويلن) کي گرفتار ڪري مضبوط ٻڌي ڇڏيو. پوءِ توهان انهن تي احسان ڪري ڇڏي ڏيو يا انهن کان فديو وٺي آزاد ڪري ڇڏيو. اهو ايستائين آهي جو هو پنھنجا هٿيار ڦٽا ڪن. اهو ئي حڪم آهي ۽ جيڪڏهن الله تعالى چاهي ها ته انهن کان خود بدلو وٺي ها. پر هُن اِن لاءِ اهو حڪم ڏنو آهي ته جيئن توهان سڀني جي هڪ ٻئي جي ذريعي آزمائش ڪئي وڃي ۽ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي رستي ۾ مارجي وڃن ته هُو انهن جي عملن کي هرگز ضايع نه ڪندو. |
سَيَهديهِم وَيُصلِحُ بالَهُم (آيت : 5) |
۽ (الله تعالى) اُنهن ماڻهن جي (جنت ڏانھن وڃڻ جي) رهنمائي ڪندو ۽ انهن جي آخرت جي معاملات کي درست ڪندو. |
وَيُدخِلُهُمُ الجَنَّةَ عَرَّفَها لَهُم (آيت : 6) |
۽ کين اُن جنت ۾ داخل ڪندو جنھن جي کين اڳ ۾ ئي ڄاڻ ڪرائي چڪو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تَنصُرُوا اللَّهَ يَنصُركُم وَيُثَبِّت أَقدامَكُم (آيت : 7) |
اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان الله تعالى جي (دين جي) مدد ڪندا ته الله تعالى به توهان جي مدد ڪندو ۽ توهان جا پير پُختا ڪندو. |
وَالَّذينَ كَفَروا فَتَعسًا لَهُم وَأَضَلَّ أَعمٰلَهُم (آيت : 8) |
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن جي لاءِ تباهي آهي ۽ (الله تعالى) انهن جي عملن کي برباد ڪري ڇڏيو. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كَرِهوا ما أَنزَلَ اللَّهُ فَأَحبَطَ أَعمٰلَهُم (آيت : 9) |
اهو اِن ڪري جو اُنهن (الله تعالى جي) نازل ڪيل تعليم سان نفرت ڪئي. تنهنڪري هن انهن جي سڀني عملن کي چَٽ ڪري ڇڏيو. |
أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم دَمَّرَ اللَّهُ عَلَيهِم وَلِلكٰفِرينَ أَمثٰلُها (آيت : 10) |
ڇا هي ماڻهو زمين ۾ گهميا ڦريا نه آهن جو ڏسن ته انهن کان اڳ گذريل ماڻهن جو انجام ڪھڙو ٿيو؟ الله تعالى انهن جي مٿان تباهي آندي. ڪافرن لاءِ اهڙيون ئي سزائون آهن. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ مَولَى الَّذينَ ءامَنوا وَأَنَّ الكٰفِرينَ لا مَولىٰ لَهُم (آيت : 11) |
اهو ان ڪري آهي جو الله تعالى ئي مؤمنن جو مددگار آهي ۽ بيشڪ ڪافرن جو ڪو مددگار نه آهي. |
إِنَّ اللَّهَ يُدخِلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَالَّذينَ كَفَروا يَتَمَتَّعونَ وَيَأكُلونَ كَما تَأكُلُ الأَنعٰمُ وَالنّارُ مَثوًى لَهُم (آيت : 12) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، تن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪيو ويندو جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وهن ٿيون ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو، سي دنيا جا مزا وٺن پيا ۽ رڳو جانورن وانگر کائڻ پيئڻ ۾ لڳا پيا آهن. آخرڪار سندن رهڻ جي جاءِ باهه آهي. |
وَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ هِىَ أَشَدُّ قُوَّةً مِن قَريَتِكَ الَّتى أَخرَجَتكَ أَهلَكنٰهُم فَلا ناصِرَ لَهُم (آيت : 13) |
(اي نبي ﷺ!) ڪيترائي اهڙا شھر ٿي گذريا آهن جيڪي تنھنجي شھر (مڪي) کان وڏا طاقتور هئا جِتان هنن ماڻهن توکي ڪڍيو آهي. اسان انهن کي برباد ڪري ڇڏيوسين. پوءِ انهن کي ڪير به بچائڻ وارو نه هو. |
أَفَمَن كانَ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبِّهِ كَمَن زُيِّنَ لَهُ سوءُ عَمَلِهِ وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم (آيت : 14) |
ڇا جيڪو ماڻهو پنھنجي پالڻھار جي واضح دليل تي هجي سو ان ماڻهوءَ جھڙو ٿي سگهي ٿو جنھن جا برا عمل کيس سھڻا ڪري ڏيکاريا ويا هجن. (درحقيقت) هي ماڻهو پنھنجي خواهشن جي پويان هلن ٿا. |
مَثَلُ الجَنَّةِ الَّتى وُعِدَ المُتَّقونَ فيها أَنهٰرٌ مِن ماءٍ غَيرِ ءاسِنٍ وَأَنهٰرٌ مِن لَبَنٍ لَم يَتَغَيَّر طَعمُهُ وَأَنهٰرٌ مِن خَمرٍ لَذَّةٍ لِلشّٰرِبينَ وَأَنهٰرٌ مِن عَسَلٍ مُصَفًّى وَلَهُم فيها مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ وَمَغفِرَةٌ مِن رَبِّهِم كَمَن هُوَ خٰلِدٌ فِى النّارِ وَسُقوا ماءً حَميمًا فَقَطَّعَ أَمعاءَهُم (آيت : 15) |
پرهيزگارن سان جنھن جنت جو وعدو ڪيو ويو آهي ان جو (مختصر) بيان هي آهي ته ان ۾ اهڙي قسم جون نھرون وهنديون جنھن جو پاڻي ڪڏهن به نه سينواربو، کير جون نھرون هونديون جنھن جو ذائقو نه مٽبو، پيئڻ وارن لاءِ مزيدار شراب جون نھرون ۽ صاف ڪيل ماکيءَ جون نھرون هونديون، ان ۾ مختلف قسم جا ميوا هوندا ۽ الله تعالى جي بخشش ۽ مھرباني به (گڏ) هوندي. (ڇا هي جنتي ماڻهو) انهن ماڻهن جھڙا ٿي سگهن ٿا جيڪي هميشه باهه ۾ رهڻ وارا آهن؟ جن کي اهڙو ته گرم پاڻي پياريو ويندو جو انهن جا آنڊا ئي ڳاري ڇڏيندو. |
وَمِنهُم مَن يَستَمِعُ إِلَيكَ حَتّىٰ إِذا خَرَجوا مِن عِندِكَ قالوا لِلَّذينَ أوتُوا العِلمَ ماذا قالَ ءانِفًا أُولٰئِكَ الَّذينَ طَبَعَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم (آيت : 16) |
(تُنهنجي محفل ۾ ويٺل) ماڻهن مان ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن جيڪي تنھنجي ڳالهه کي وڏي غور سان ٻڌندا آهن. پر جڏهن توهان وٽان ٻاهر نڪري ايندا آهن ته علم وارن کي چوندا آهن ته هِن (رسولَ) ڇا چيو؟ الله تعالى اُنهن جي دلين تي مھر هڻي ڇڏي آهي، تنھنڪري هو پنھنجي خواهشن جي پويان لڳل آهن. |
وَالَّذينَ اهتَدَوا زادَهُم هُدًى وَءاتىٰهُم تَقوىٰهُم (آيت : 17) |
۽ جن ماڻهن سڌو رستو اختيار ڪيو ته الله تعالى انهن کي هدايت ۾ اڃا به وڌايو ۽ کين پرهيزگاري عطا ڪئي. |
فَهَل يَنظُرونَ إِلَّا السّاعَةَ أَن تَأتِيَهُم بَغتَةً فَقَد جاءَ أَشراطُها فَأَنّىٰ لَهُم إِذا جاءَتهُم ذِكرىٰهُم (آيت : 18) |
ڇا (ڪافر) ان انتظار ۾ آهن ته انهن تي قيامت اوچتو اچي. بيشڪ قيامت جي اچڻ جون نشانيون ته هنن وٽ اچي چڪيون آهن.باقي جڏهن قيامت ايندي ته انهن کي نصيحت وٺڻ جو موقعو ڪٿان ملندو؟ |
فَاعلَم أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلَّا اللَّهُ وَاستَغفِر لِذَنبِكَ وَلِلمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَاللَّهُ يَعلَمُ مُتَقَلَّبَكُم وَمَثوىٰكُم (آيت : 19) |
(اي نبي ﷺ!) پختو يقين رک ته الله تعالى کان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آهي ۽ تون پنهنجي ۽ مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن جي لاءِ ڪمي بيشي ٿي وڃڻ جي معافي گهرندو رهه ۽ الله تعالى کي توهان جي سڀني مصروفيتن ۽ رهڻ جي جاين جي خوب خبر آهي. |
وَيَقولُ الَّذينَ ءامَنوا لَولا نُزِّلَت سورَةٌ فَإِذا أُنزِلَت سورَةٌ مُحكَمَةٌ وَذُكِرَ فيهَا القِتالُ رَأَيتَ الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ يَنظُرونَ إِلَيكَ نَظَرَ المَغشِىِّ عَلَيهِ مِنَ المَوتِ فَأَولىٰ لَهُم (آيت : 20) |
۽ ايمان وارا چون ٿا ته (جھاد جي باري ۾) ڪا هڪ به سورت ڇو نه نازل ڪئي وئي؟ پوءِ جڏهن واضح سورت نازل ڪئي وئي ۽ ان ۾ جھاد ڪرڻ جو کليل حڪم ڏنو ويو ته توهان ڏٺو ته جن جي دل ۾ (منافقت جي) بيماري هئي سو توڏي اهڙي طرح ڏسن پيا جيئن موت واري بيهوشيءَ ۾ ورتل ماڻهو ڏسندو آهي. سو انهن (جي حال) تي افسوس آهي. |
طاعَةٌ وَقَولٌ مَعروفٌ فَإِذا عَزَمَ الأَمرُ فَلَو صَدَقُوا اللَّهَ لَكانَ خَيرًا لَهُم (آيت : 21) |
زبان تي ته فرمانبرداري ۽ سٺين ڳالهين جو اقرار هو پوءِ جڏهن کين جھاد جو پڪو حڪم ڏنو ويو ته ان وقت هو پنھنجي قول ۾ الله تعالى سان سچائي اختيار ڪن ها ته انهن لاءِ بھتر هو. |
فَهَل عَسَيتُم إِن تَوَلَّيتُم أَن تُفسِدوا فِى الأَرضِ وَتُقَطِّعوا أَرحامَكُم (آيت : 22) |
(حقيقت هي آهي ته) توهان کان اها ڳالهه پري نه آهي جو توهان (جھاد کان) منھن موڙيندا ته پوءِ توهان زمين ۾ فساد ڦھلائيندا ۽ ويجهن رشته دارن سان مٽي مائٽي ختم ڪري ڇڏيندا. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَعَنَهُمُ اللَّهُ فَأَصَمَّهُم وَأَعمىٰ أَبصٰرَهُم (آيت : 23) |
اهي ئي ماڻهو آهن جن تي الله تعالى لعنت ڪئي آهي پوءِ کين (ڪَنَن هوندي) ٻوڙو ۽ (اکين هوندي) انڌو ڪري ڇڏيو. |
أَفَلا يَتَدَبَّرونَ القُرءانَ أَم عَلىٰ قُلوبٍ أَقفالُها (آيت : 24) |
ڇا هي ماڻهو قرآن (جي تعليم) ۾ غور نٿا ڪن يا انهن جي دلين تي تالا چڙهيل آهن؟ (جو حق ڳالهه انهن جي دلين تائين پھچي ئي نٿي) |
إِنَّ الَّذينَ ارتَدّوا عَلىٰ أَدبٰرِهِم مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُمُ الهُدَى الشَّيطٰنُ سَوَّلَ لَهُم وَأَملىٰ لَهُم (آيت : 25) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو، هدايت وارو رستو واضح ٿيڻ کان پوءِ به پُٺي ڦيري (ڪفر ڏي) ويا، شيطان انهن جي لاءِ اهو عمل آسان ڪري ڇڏيو ۽ کين وڏن (ڪوڙن) آسرن ۾ رکيو. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا لِلَّذينَ كَرِهوا ما نَزَّلَ اللَّهُ سَنُطيعُكُم فى بَعضِ الأَمرِ وَاللَّهُ يَعلَمُ إِسرارَهُم (آيت : 26) |
(ان بنياد تي) وري منافقن الله تعالى جي طرفان نازل ڪيل دين کان نفرت ڪندڙ (يھودين ۽ عيسائين) کي چيو ته ڪن معاملن ۾ اسان توهان جي اطاعت ڪنداسين. (بھرحال) الله تعالى انهن جي رازن کي (خوب) ڄاڻي ٿو. |
فَكَيفَ إِذا تَوَفَّتهُمُ المَلٰئِكَةُ يَضرِبونَ وُجوهَهُم وَأَدبٰرَهُم (آيت : 27) |
پوءِ انهن ماڻهن جو ڇا حال هوندو جڏهن ملائڪ انهن جو ساهه ڪڍندا ۽ انهن جي چھرن ۽ پٺين کي ڪُٽيندا ويندا؟ |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُمُ اتَّبَعوا ما أَسخَطَ اللَّهَ وَكَرِهوا رِضوٰنَهُ فَأَحبَطَ أَعمٰلَهُم (آيت : 28) |
( انهن کي) اها سزا ان ڪري ملندي جو انهن اهڙين ڳالهين جي پيروي ڪئي جيڪي الله تعالى کي ناراض ڪرڻ واريون هيون ۽ الله تعالى جي رضامندي واري رستي کان نفرت ڪئي هئي پوءِ (الله تعالى) انهن جي سڀني عملن کي برباد ڪري ڇڏيو. |
أَم حَسِبَ الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ أَن لَن يُخرِجَ اللَّهُ أَضغٰنَهُم (آيت : 29) |
جن ماڻهن جي دلين ۾ بيماري آهي ڇا اُهي ان گمان ۾ آهن ته الله تعالى ڪڏهن به انهن جي دلين جي کوٽ کي ظاهر نه ڪندو. |
وَلَو نَشاءُ لَأَرَينٰكَهُم فَلَعَرَفتَهُم بِسيمٰهُم وَلَتَعرِفَنَّهُم فى لَحنِ القَولِ وَاللَّهُ يَعلَمُ أَعمٰلَكُم (آيت : 30) |
(اي نبي ﷺ!) جيڪڏهن اسان چاهيون ته توکي اهڙا منافق ظاهر ڪري ڏيکاري ڇڏيون ته جيئن تون انهن کي سندن چھرن ۽ ڳالهائڻ واري انداز مان ئي سڃاڻي وٺين. الله تعالى توهان جي عملن کي (خوب) ڄاڻي ٿو. |
وَلَنَبلُوَنَّكُم حَتّىٰ نَعلَمَ المُجٰهِدينَ مِنكُم وَالصّٰبِرينَ وَنَبلُوَا۟ أَخبارَكُم (آيت : 31) |
۽ اسان توهان جي ضرور آزمائش ڪندا رهنداسين، جيستائين اسان توهان مان مجاهدن ۽ ثابت قدم رهڻ وارن کي ظاهر ڪريون ۽ توهان جي حالتن کي ڏسي وٺون. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ وَشاقُّوا الرَّسولَ مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُمُ الهُدىٰ لَن يَضُرُّوا اللَّهَ شَيـًٔا وَسَيُحبِطُ أَعمٰلَهُم (آيت : 32) |
بيشڪ (واضح هدايت اچڻ کان پوءِ به) جن ماڻهن ڪفر ڪيو، الله تعالى جي رستي کان روڪيو ۽ رسول سڳوري سان جهڳڙو ڪيو، اهڙا ماڻهو ڪڏهن به الله تعالى کي نقصان نٿا پھچائي سگهن. الله تعالى اُنهن جا سڀ عمل جلد برباد ڪري ڇڏيندو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَلا تُبطِلوا أَعمٰلَكُم (آيت : 33) |
اي ايمان وارؤ! الله تعالى جي اطاعت ڪريو ۽ رسول سڳوري جي اطاعت ڪريو. ۽ توهان پنھنجي اعمال کي برباد نه ڪريو. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ ثُمَّ ماتوا وَهُم كُفّارٌ فَلَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم (آيت : 34) |
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ الله تعالى جي رستي کان روڪيو ۽ ڪافر ٿي مُئا ته (هاڻي) الله تعالى انهن کي ڪڏهن به نه بخشيندو. |
فَلا تَهِنوا وَتَدعوا إِلَى السَّلمِ وَأَنتُمُ الأَعلَونَ وَاللَّهُ مَعَكُم وَلَن يَتِرَكُم أَعمٰلَكُم (آيت : 35) |
(اي ايمان وارؤ!) توهان سستي ۽ ڪمزوري نه ڏيکاريو ۽ نه ئي صلح لاءِ هٿ وڌايو. توهان ئي غالب رهندا. الله تعالى توهان سان گڏ آهي ۽ هُو توهان جي اعمال کي ضايع نه ڪندو. |
إِنَّمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَإِن تُؤمِنوا وَتَتَّقوا يُؤتِكُم أُجورَكُم وَلا يَسـَٔلكُم أَموٰلَكُم (آيت : 36) |
هي دنيا جي زندگي ته رڳو کيل تماشو آهي. جيڪڏهن توهان ايمان آڻيندا ۽ پرهيزگاري اختيار ڪندا ته هو توهان کي اجرڏيندو ۽ توهان کان توهان جا مال به نه گهرندو. |
إِن يَسـَٔلكُموها فَيُحفِكُم تَبخَلوا وَيُخرِج أَضغٰنَكُم (آيت : 37) |
پر جيڪڏهن هُو (هن وقت) توهان کان توهان جا مال گهري به وَٺي ۽ توهان تي مال ڏيڻ لازمي ڪري ۽ توهان کي صفا ڏتڙيل ڪري ڇڏي ته پوءِ توهان (ضرور) ڪنجوسي ڪندا، اهڙي طريقي سان الله تعالى توهان جي (دلين جي) کوٽ کي ظاهر ڪندو. |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ تُدعَونَ لِتُنفِقوا فى سَبيلِ اللَّهِ فَمِنكُم مَن يَبخَلُ وَمَن يَبخَل فَإِنَّما يَبخَلُ عَن نَفسِهِ وَاللَّهُ الغَنِىُّ وَأَنتُمُ الفُقَراءُ وَإِن تَتَوَلَّوا يَستَبدِل قَومًا غَيرَكُم ثُمَّ لا يَكونوا أَمثٰلَكُم (آيت : 38) |
توهان ئي اُهي ماڻهو آهيو جن کي الله تعالى جي رستي ۾ مال خرچ ڪرڻ لاءِ سڏيو وڃي ٿو ته توهان مان ڪجهه ماڻهو ڪنجوسي ڪري رهيا آهن. سو (ٻڌي وٺو) جيڪو به ڪنجوسي ڪري ٿو درحقيقت هو پاڻ سان ئي ڪنجوسي ڪري ٿو، الله تعالى جي ذات بي پرواهه آهي ۽ توهان سڀ (ان جا ئي) محتاج آهيو، ۽ جيڪڏهن توهان منھن موڙيندا ته الله تعالى توهان جي جاءِ تي ٻي اهڙي قوم کي آڻيندو جيڪا توهان جھڙي نه هوندي. |