الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ أَضَلَّ أَعمٰلَهُم (آيت : 1) |
جن به ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ روڪيائون راهِه خدا کان، الله انهن جي عملن کي چٽ ڪري ڇڏيو. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَءامَنوا بِما نُزِّلَ عَلىٰ مُحَمَّدٍ وَهُوَ الحَقُّ مِن رَبِّهِم كَفَّرَ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَأَصلَحَ بالَهُم (آيت : 2) |
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سٺا عمل ڪيائون ۽ مڃيائون ان ڳالهه کي جيڪا نازل ٿي آهي محمد تي، ۽ اها ئي حق آهي سراسر رب جي طرفان، الله انهن جون برايون کانئن پري ڪيون ۽ سڌاريو انهن جي حال کي |
ذٰلِكَ بِأَنَّ الَّذينَ كَفَرُوا اتَّبَعُوا البٰطِلَ وَأَنَّ الَّذينَ ءامَنُوا اتَّبَعُوا الحَقَّ مِن رَبِّهِم كَذٰلِكَ يَضرِبُ اللَّهُ لِلنّاسِ أَمثٰلَهُم (آيت : 3) |
اهو ان ڪري جو جن ماڻهن ڪفر ڪيو پيروي ڪئي باطل جي ۽ انهن ماڻهن جن ايمان آندو انهن پيروي ڪئي حق، جي جيڪو سندن رب جي طرفان آهي، اهڙيءَ طرح الله ماڻهن کي سندن صحيح حيثيت ٻڌائي ڇڏيندو آهي |
فَإِذا لَقيتُمُ الَّذينَ كَفَروا فَضَربَ الرِّقابِ حَتّىٰ إِذا أَثخَنتُموهُم فَشُدُّوا الوَثاقَ فَإِمّا مَنًّا بَعدُ وَإِمّا فِداءً حَتّىٰ تَضَعَ الحَربُ أَوزارَها ذٰلِكَ وَلَو يَشاءُ اللَّهُ لَانتَصَرَ مِنهُم وَلٰكِن لِيَبلُوَا۟ بَعضَكُم بِبَعضٍ وَالَّذينَ قُتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ فَلَن يُضِلَّ أَعمٰلَهُم (آيت : 4) |
پوءِ جڏهن مقابلو ٿئي توهان جو انهن ماڻهن سان (جنگ ۾) جن ڪفر ڪيو ته پهريون ڪم سسيون ڪٽڻ آهي، پوءِ جڏهن توهان انهن کي چڱيءَ طرح چٿي ڇڏيو، تڏهن قيدين کي مضبوط ٻڌو، ان بعد (توهان کي اختيار آهي) احسان ڪريو يا وري بدلو (تاوان) وٺو، جيئن جنگ ۾ هٿيار ڦٽا ڪري، اهو ئي آهي توهان جي ڪرڻ جو ڪم، الله گهري ها ته پاڻ ئي انهن کان بدلو وٺي ها، (پر هن اهو طريقو ان لاءِ ورتو) جيئن توهان کي آزمائي، ۽ جيڪي ماڻهو قتل ڪيا ويندا الله جي راهه ۾، الله انهن ماڻهن جا هرگز ضايع نه ڪندو سندن عمل |
سَيَهديهِم وَيُصلِحُ بالَهُم (آيت : 5) |
اهو ئي انهن جي رهنمائي ڪندو، انهن جو حال درست ڪندو |
وَيُدخِلُهُمُ الجَنَّةَ عَرَّفَها لَهُم (آيت : 6) |
۽ انهن کي داخل ڪندو ان جنت ۾ جنهن کان انهن کي واقف ڪيو هو |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تَنصُرُوا اللَّهَ يَنصُركُم وَيُثَبِّت أَقدامَكُم (آيت : 7) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! جيڪڏهن توهان مدد ڪندؤ الله جي ته اهو توهان جي مدد ڪندو ۽ توهان جا قدم مضبوط ڄمائيندو |
وَالَّذينَ كَفَروا فَتَعسًا لَهُم وَأَضَلَّ أَعمٰلَهُم (آيت : 8) |
۽ باقي اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو ته بلڪل بربادي آهي انهن جي ۽ الله انهن جا سڀ عمل چٽ ڪندو |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كَرِهوا ما أَنزَلَ اللَّهُ فَأَحبَطَ أَعمٰلَهُم (آيت : 9) |
ڇاڪاڻ ته انهن ان شيءِ کي پسند نه ڪيو آهي جيڪا نازل ڪئي آهي الله، پوءِ چٽ ٿي ويا انهن جا (سڀ) عمل |
أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم دَمَّرَ اللَّهُ عَلَيهِم وَلِلكٰفِرينَ أَمثٰلُها (آيت : 10) |
ڇا اهي گهميا ڦريا نه هئا زمين ۾، جو ڏسن ها انهن ماڻهن جي پڄاڻي، جيڪي ماڻهو انهن کان اڳي گذري چڪا آهن، اٿلائي ڇڏيو الله سڀ ڪجهه ۽ انهن ڪافرن لاءِ اهڙا ئي نتيجا مقدر آهن |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ مَولَى الَّذينَ ءامَنوا وَأَنَّ الكٰفِرينَ لا مَولىٰ لَهُم (آيت : 11) |
اهو ان ڪري جو الله حامي ۽ ڪارساز آهي انهن ايمان وارن جو ۽ بيشڪ ڪافرن جو ڪير به حامي ۽ سڄڻ نه آهي |
إِنَّ اللَّهَ يُدخِلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَالَّذينَ كَفَروا يَتَمَتَّعونَ وَيَأكُلونَ كَما تَأكُلُ الأَنعٰمُ وَالنّارُ مَثوًى لَهُم (آيت : 12) |
بيشڪ الله داخل ڪندو انهن ايمان آڻڻ وارن ۽ عمل سٺا ڪندڙن کي انهن جنتن ۾، وهي رهيون هونديون جن جي هيٺان نهرون، ۽ اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو آهي بس دنيا جي چند ڏينهن جي زندگيءَ جا مزا ماڻي رهيا آهن ۽ جهنم ئي سندن آخري ٺڪاڻو آهي |
وَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ هِىَ أَشَدُّ قُوَّةً مِن قَريَتِكَ الَّتى أَخرَجَتكَ أَهلَكنٰهُم فَلا ناصِرَ لَهُم (آيت : 13) |
۽ (اي نبي!) ڪيتريون ئي وستيون اهڙيون گذريون آهن جيڪي وڌيڪ زور واريون هيون تنهنجي وستيءَ کان جنهن مان توکي ڪڍيو، کين اسان ائين ناس ڪيو جو ڪوبه سندن مددگار نه هو |
أَفَمَن كانَ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبِّهِ كَمَن زُيِّنَ لَهُ سوءُ عَمَلِهِ وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم (آيت : 14) |
ڀلا ڪڏهن ائين ٿي سگهي ٿو ته جيڪو چٽي هدايت تي هجي پنهنجي رب جي طرفان سو انهن ماڻهن وانگر ٿي وڃي جن لاءِ سهڻو بڻايو ويو هجي سندن برو عمل ۽ اهي پٺيان لڳل هجن پنهنجي سَڌن جي |
مَثَلُ الجَنَّةِ الَّتى وُعِدَ المُتَّقونَ فيها أَنهٰرٌ مِن ماءٍ غَيرِ ءاسِنٍ وَأَنهٰرٌ مِن لَبَنٍ لَم يَتَغَيَّر طَعمُهُ وَأَنهٰرٌ مِن خَمرٍ لَذَّةٍ لِلشّٰرِبينَ وَأَنهٰرٌ مِن عَسَلٍ مُصَفًّى وَلَهُم فيها مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ وَمَغفِرَةٌ مِن رَبِّهِم كَمَن هُوَ خٰلِدٌ فِى النّارِ وَسُقوا ماءً حَميمًا فَقَطَّعَ أَمعاءَهُم (آيت : 15) |
جنهن جنت جو وعدو ڪيو ويو آهي پرهيزگارن لاءِ، ان جو شان هي آهي جو ان ۾ نهرون وهنديون هونديون ان پاڻي جون جيڪو آٺريل (صاف) هوندو، ۽ نهرون وهنديون هونديون اهڙي کير جون جنهن جي سواد ۾ فرق نه هوندو، ۽ نهرون وهنديون هونديون اهڙي شراب جون جيڪو لذيذ هوندو پيئڻ وارن لاءِ، ۽ نهرون وهنديون هونديون صاف شفاف ماکيءَ جون. ۽ انهن ۾ هر قسم جا ميوا هوندا انهن جي لاءِ ۽ بخشش هوندي سندن رب طرفان (ڇا اهو شخص جنتني) انهن ماڻهن وانگر ٿي سگهي ٿو جيڪي سدائين دوزخ ۾ رهندا، جن کي اهڙو ته گرم پاڻي پياريو ويندو، جيڪو سندن آنڊا وڍي ڇڏي؟ |
وَمِنهُم مَن يَستَمِعُ إِلَيكَ حَتّىٰ إِذا خَرَجوا مِن عِندِكَ قالوا لِلَّذينَ أوتُوا العِلمَ ماذا قالَ ءانِفًا أُولٰئِكَ الَّذينَ طَبَعَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم (آيت : 16) |
۽ انهن مان ڪي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي ڪَن لائي ٻڌندا آهن تنهنجي ڳالهه، ۽ پوءِ جڏهن تو وٽان نڪرندا آهن ته انهن ماڻهن کان پڇندا آهن جن کي اها علم جي دولت بخشي وئي آهي ته اجهو هينئر ان ڇا چيو هو؟ هي اهي ئي ماڻهو آهن جن تي مهر لڳائي آهي الله سندن دلين تي ۽ انهن پيروي ڪئي آهي پنهنجي خواهشن جي |
وَالَّذينَ اهتَدَوا زادَهُم هُدًى وَءاتىٰهُم تَقوىٰهُم (آيت : 17) |
۽ اهي ماڻهو جن هدايت حاصل ڪئي، الله انهن کي وڌيڪ هدايت ڏيندو آهي ۽ کين عطا ڪندو آهي سندن حصي جي تقويٰ |
فَهَل يَنظُرونَ إِلَّا السّاعَةَ أَن تَأتِيَهُم بَغتَةً فَقَد جاءَ أَشراطُها فَأَنّىٰ لَهُم إِذا جاءَتهُم ذِكرىٰهُم (آيت : 18) |
ڇا اهي ماڻهو انتظار ڪري رهيا آهن قيامت جو جيڪا اوچتو ئي اچي مٿن ڪڙڪي؟ ان جون نشانيون ته اچي ويون آهن، ۽ جڏهن اها اچي ويندي ته انهن وٽ نصيحت قبول ڪرڻ جو باقي ڪهڙو موقعو آهي؟ |
فَاعلَم أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلَّا اللَّهُ وَاستَغفِر لِذَنبِكَ وَلِلمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَاللَّهُ يَعلَمُ مُتَقَلَّبَكُم وَمَثوىٰكُم (آيت : 19) |
پوءِ (اي نبي!) چڱيءَ طرح ڄاڻي ڇڏ ته الله کان سواءِ ڪوبه عبادت جو حقدار ناهي، ۽ معافي گُهر پنهنجي ڏوهن جي، ۽ مؤمنن ۽ مؤمنياڻين لاءِ معافي گُهر، ۽ الله ڄاڻي ٿو توهان جي ڪوششن کي ۽ توهان جي ٺڪاڻن کي |
وَيَقولُ الَّذينَ ءامَنوا لَولا نُزِّلَت سورَةٌ فَإِذا أُنزِلَت سورَةٌ مُحكَمَةٌ وَذُكِرَ فيهَا القِتالُ رَأَيتَ الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ يَنظُرونَ إِلَيكَ نَظَرَ المَغشِىِّ عَلَيهِ مِنَ المَوتِ فَأَولىٰ لَهُم (آيت : 20) |
۽ چئي رهيا هئا اهي ماڻهو جن ايمان آندو هو ته ڪا سورت ڇو نٿي نازل ٿئي (جو جنگ جو حڪم ڏنل هجي) پر جڏهن نازل ڪئي وئي هڪ سورت محڪم، جنهن ۾ ذڪر بيان ڪيل هو جنگ جو، ته تو ڏٺو ته جن ماڻهن جي دلين ۾ بيماري هئي سي اهڙيءَ طرح ڏسي رهيا آهن تو ڏانهن جيئن ڇانئجي ويو هجي ڪنهن تي موت، افسوس انهن جي حال تي |
طاعَةٌ وَقَولٌ مَعروفٌ فَإِذا عَزَمَ الأَمرُ فَلَو صَدَقُوا اللَّهَ لَكانَ خَيرًا لَهُم (آيت : 21) |
اطاعت جو اقرار آهي (انهن جي زبانن تي) ۽ چڱيون ڳالهيون، پر جڏهن قطعي پڪو حڪم ڏنو ويو، ان وقت سچا هجن ها الله سان پنهنجي وعدي مطابق، ته چڱو هو انهن لاءِ |
فَهَل عَسَيتُم إِن تَوَلَّيتُم أَن تُفسِدوا فِى الأَرضِ وَتُقَطِّعوا أَرحامَكُم (آيت : 22) |
هاڻي ڇا توهان ماڻهن مان ڪا ٻي اميد ڪري سگهجي ٿي، جيڪڏهن توهان (اسلام کان موٽ کاڌي) زمين ۾ فساد پکيڙيندؤ ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي جون سسيون لڻندؤ |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَعَنَهُمُ اللَّهُ فَأَصَمَّهُم وَأَعمىٰ أَبصٰرَهُم (آيت : 23) |
هي اهي ماڻهو آهن جن تي لعنت وڌي الله ۽ انهن کي بڻائي ڇڏيائين ٻوڙو ۽ نابين |
أَفَلا يَتَدَبَّرونَ القُرءانَ أَم عَلىٰ قُلوبٍ أَقفالُها (آيت : 24) |
ڇا انهن ماڻهن غور نه ڪيو قرآن تي يا وري انهن جي دلين تي قفل لڳل آهن؟ |
إِنَّ الَّذينَ ارتَدّوا عَلىٰ أَدبٰرِهِم مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُمُ الهُدَى الشَّيطٰنُ سَوَّلَ لَهُم وَأَملىٰ لَهُم (آيت : 25) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو هدايت اچڻ بعد ان کان ڦري ويا (پوئين پيرين) ان کان پوءِ جو سڌي واٽ ظاهر ٿي انهن جي لاءِ هدايت جي، شيطان سندن دلين ۾ اهو خيال ويهاريو، ۽ انهن کي ڊگهيون اميدون ڏيکاريون |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا لِلَّذينَ كَرِهوا ما نَزَّلَ اللَّهُ سَنُطيعُكُم فى بَعضِ الأَمرِ وَاللَّهُ يَعلَمُ إِسرارَهُم (آيت : 26) |
اهو ان ڪري ته انهن چيو انهن ماڻهن کي جيڪي ناپسند ڪن ٿا الله جي نازل ڪيل دين کي ته مڃينداسين توهان جي ڳالهه ڪن معاملن ۾، بيشڪ الله انهن جون اهي لڪل ڳالهيون چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو |
فَكَيفَ إِذا تَوَفَّتهُمُ المَلٰئِكَةُ يَضرِبونَ وُجوهَهُم وَأَدبٰرَهُم (آيت : 27) |
پوءِ ان وقت ڪهڙو حال هوندو جڏهن فرشتا انهن جا قبض ڪندا روح ۽ سندن منهن ۽ پٺيون ڪٽيندا کين وٺي ويندا؟ |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُمُ اتَّبَعوا ما أَسخَطَ اللَّهَ وَكَرِهوا رِضوٰنَهُ فَأَحبَطَ أَعمٰلَهُم (آيت : 28) |
اهو ان ڪري هوندو جو انهن پيروي ڪئي ان راهه جي، جيڪا ناراض ڪندڙ آهي الله کي ۽ سندس رضا وٺڻ وارو رستو پسند نه ڪيو ۽ سندن سڀ عمل ضايع ڪري ڇڏيا |
أَم حَسِبَ الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ أَن لَن يُخرِجَ اللَّهُ أَضغٰنَهُم (آيت : 29) |
ڇا اهي شخص جن جي دلين ۾ بيماري آهي، هي سمجهيو ويٺا آهن ته ظاهر نه ڪندو الله سندن دلين جا کوٽ؟ |
وَلَو نَشاءُ لَأَرَينٰكَهُم فَلَعَرَفتَهُم بِسيمٰهُم وَلَتَعرِفَنَّهُم فى لَحنِ القَولِ وَاللَّهُ يَعلَمُ أَعمٰلَكُم (آيت : 30) |
جيڪڏهن اسان گهرون ها ته اهي توکي اکين سان ڏيکاريون ۽ انهن جي چهرن مان تون کين سڃاڻي به وٺندين پر سندن ڳالهائڻ جي ڍنگ سان به سڃاڻي وٺندين، ۽ الله ڄاڻي ٿو توهان سڀني جي عملن کي |
وَلَنَبلُوَنَّكُم حَتّىٰ نَعلَمَ المُجٰهِدينَ مِنكُم وَالصّٰبِرينَ وَنَبلُوَا۟ أَخبارَكُم (آيت : 31) |
۽ اسان ضرور توهان کي آزمائينداسين جيئن معلوم ٿئي ته مجاهدن مان توهان ۾ ڪير آهن ۽ ثابت قدم ڪير آهي ۽ جيئن توهان جي حالتن جي پروڙ لهون |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ وَشاقُّوا الرَّسولَ مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُمُ الهُدىٰ لَن يَضُرُّوا اللَّهَ شَيـًٔا وَسَيُحبِطُ أَعمٰلَهُم (آيت : 32) |
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ روڪيائون انهيءَ راهه کان جيڪا الله جي آهي ۽ جهيڙا ڪيائون رسول سان، جڏهن ته اها پڌري ٿي وئي هئي انهن لاءِ سڌي راهه، حقيقت ۾ اهي نقصان نٿا پهچائي سگهن الله کي ڪنهن به قسم جو، پر چٽ ڪري ڇڏيندو (الله) انهن جا سڀ عمل |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَلا تُبطِلوا أَعمٰلَكُم (آيت : 33) |
اي لوڪو جن آندو آهي ايمان! اطاعت ڪريو الله جي ۽ اطاعت ڪريو رسول جي، ۽ برباد نه ڪريو پنهنجي عملن کي |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ ثُمَّ ماتوا وَهُم كُفّارٌ فَلَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم (آيت : 34) |
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ روڪيو الله جي راهه کان (ماڻهن کي) پوءِ اهي مرڻ گهڙيءَ تائين ڄميا رهيا ڪفر تي، الله ڪڏهن به معاف نه ڪندو اهڙن ماڻهن کي |
فَلا تَهِنوا وَتَدعوا إِلَى السَّلمِ وَأَنتُمُ الأَعلَونَ وَاللَّهُ مَعَكُم وَلَن يَتِرَكُم أَعمٰلَكُم (آيت : 35) |
پوءِ توهان سست نه ٿيو ۽ درخواست نه ڪريو صلح جي، ۽ توهان ئي غالب رهڻ وارا آهيو ۽ الله ته توهان سان گڏ آهي ۽ اهو ڪڏهن به ضايع نه ڪندو توهان جي عملن کي |
إِنَّمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَإِن تُؤمِنوا وَتَتَّقوا يُؤتِكُم أُجورَكُم وَلا يَسـَٔلكُم أَموٰلَكُم (آيت : 36) |
بيشڪ اها حياتي جيڪا دنيا جي آهي راند ۽ تماشو آهي، ۽ جيڪڏهن ايمان رکو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪريو ته توهان جا اجر توهان کي ملندا رهندا ۽ نه گهرندو توهان جو مال توهان کان |
إِن يَسـَٔلكُموها فَيُحفِكُم تَبخَلوا وَيُخرِج أَضغٰنَكُم (آيت : 37) |
جيڪڏهن اهو توهان جا مال توهان کان گهري (سڀ جا سڀ به ته) توهان بخل نه ڪجؤ، ۽ هو توهان جا کوٽ ڪڍي ظاهر ڪندو |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ تُدعَونَ لِتُنفِقوا فى سَبيلِ اللَّهِ فَمِنكُم مَن يَبخَلُ وَمَن يَبخَل فَإِنَّما يَبخَلُ عَن نَفسِهِ وَاللَّهُ الغَنِىُّ وَأَنتُمُ الفُقَراءُ وَإِن تَتَوَلَّوا يَستَبدِل قَومًا غَيرَكُم ثُمَّ لا يَكونوا أَمثٰلَكُم (آيت : 38) |
ڏسو! توهان کي دعوت ڏجي ٿي، ته خرچ ڪريو پنهنجا مال الله جي راهه ۾، پوءِ توهان مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي بخل (ڪنجوسي) ڪن ٿا، جيڪو ڪنجوسي ڪري ٿو سو حقيقت ۾ پاڻ سان ئي ڪنجوسي ڪري رهيو آهي، بيشڪ الله ته غني آهي ۽ توهان ئي سندس محتاج آهيو، ۽ جي توهان منهن موڙيندؤ ته الله ٻي قوم (توهان جي جاءِ) تي آڻيندو، جيڪي (يقينًا) توهان جهڙا نه هوندا |