حم (آيت : 1) |
حم |
تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
(هي) ڪتاب (۽) زبردست حڪمت واري خدا جي طرفان نازل ٿيو آهي. |
ما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَأَجَلٍ مُسَمًّى وَالَّذينَ كَفَروا عَمّا أُنذِروا مُعرِضونَ (آيت : 3) |
اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن کي پوري تدبير سان ۽ هڪ مقرر (ڪيل) مدت لاءِ پيدا ڪيو آهي ۽ ڪافر جن ڳالهين کان ڊيڄاريا ويا آهن تن کان منهن موڙ ڪندڙ آهن. |
قُل أَرَءَيتُم ما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ أَرونى ماذا خَلَقوا مِنَ الأَرضِ أَم لَهُم شِركٌ فِى السَّمٰوٰتِ ائتونى بِكِتٰبٍ مِن قَبلِ هٰذا أَو أَثٰرَةٍ مِن عِلمٍ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 4) |
(اي رسول! کين) چئو (ته مون کي ٻڌايو ته سهي) ته خدا کان سواءِ جن جي اوهين عبادت ڪيو ٿا تنهن کي اوهان ڏٺو آهي؟ مون کي ڏيکاريو ته ڪهڙي شيءِ انهن زمين ۾ پيدا ڪئي آهي؟يا آسمانن (جي بنائڻ) ۾ ڪا انهن جي ڀائيواري آهي ڇا؟ هن کان اڳ جو ڪو ڪتاب يا (اڳين جي) علمي روايت ته مون وٽ آڻيو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو، |
وَمَن أَضَلُّ مِمَّن يَدعوا مِن دونِ اللَّهِ مَن لا يَستَجيبُ لَهُ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ وَهُم عَن دُعائِهِم غٰفِلونَ (آيت : 5) |
۽ ان کان وڏو گمراھ ڪير آهي جو خدا کان سواءِ اهڙن کي پڪاري ٿو جي قيامت جي ڏينهن تائين کيس جواب نه ٿا ڏين ۽ اهي سندن سڏڻ کان بي خبر آهن. |
وَإِذا حُشِرَ النّاسُ كانوا لَهُم أَعداءً وَكانوا بِعِبادَتِهِم كٰفِرينَ (آيت : 6) |
۽ جڏهن (قيامت ۾) گڏ ڪيا ويندا ته اهي (معبود) انهن جا دشمن هوندا ۽ سندس پوڄا (پاٽ) کان انڪار ڪندا. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلحَقِّ لَمّا جاءَهُم هٰذا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
۽ جڏهن کين اسان جون پڌريون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته ڪافر حق ڳالھ کي جنهن مهل وٽن پهچي ٿي چون ٿا ته هي پڌرو جادو آهي. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل إِنِ افتَرَيتُهُ فَلا تَملِكونَ لى مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا هُوَ أَعلَمُ بِما تُفيضونَ فيهِ كَفىٰ بِهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم وَهُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 8) |
(اي رسول) هو چون ٿا ڇا ته قرآن کي پاڻ ٺاهيو اٿس (کين) چئو ته جيڪڏهن مون ان کي ٺاهيو آهي ته خدا جي مقابلي ۾ مون لاءِ (اوهين) ڪجھ به ڪم نه ايندا ته جيڪي ڳالهيون اوهين هن باري ۾ ڪندا رهو ٿا تنهن کي اهو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ اهو شاهد بس آهي ۽ اهو گهڻو بخشندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
قُل ما كُنتُ بِدعًا مِنَ الرُّسُلِ وَما أَدرى ما يُفعَلُ بى وَلا بِكُم إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ وَما أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 9) |
(اي رسول کين) چئو ته آءُ رسولن مان ڪو نئو رسول نه آهيان ۽ آءُ نه ٿو ڄاڻان ته آئينده مون سان ڇا ڪيو ويندو ۽ نه (هيءَ ڳالھ ته) اوهان سان (ڇا ڪيو ويندو) آءُ ته رڳو ان جو پابند آهيان جنهن جو مون ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو ۽ آءُ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان. |
قُل أَرَءَيتُم إِن كانَ مِن عِندِ اللَّهِ وَكَفَرتُم بِهِ وَشَهِدَ شاهِدٌ مِن بَنى إِسرٰءيلَ عَلىٰ مِثلِهِ فَـٔامَنَ وَاستَكبَرتُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 10) |
(اي رسول کين) چئو ته ڀلا ڏسو، جيڪڏهن (هي) قرآن خدا جي طرفان آهي ۽ اوهان ان کان انڪار ڪيو هوڏانهن بني اسرائيلن مان هڪ شاهد اهڙي (ڪتاب) جي شاهدي ڏني آهي ۽ ايمان به آندائين ۽ اوهان وڏائي ڪئي (ته توهان جي ظالم هجڻ ۾ ڪهڙو شڪ) بيشڪ خدا ظالم ماڻهن کي منزل مقصود تائين نه ٿو پهچائي. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا لَو كانَ خَيرًا ما سَبَقونا إِلَيهِ وَإِذ لَم يَهتَدوا بِهِ فَسَيَقولونَ هٰذا إِفكٌ قَديمٌ (آيت : 11) |
۽ ڪافر ماڻهو مومنن جي باري ۾ چون ٿا ته جيڪڏهن اهو (دين) چڱو هجي ها ته اهي ماڻهو ان ڏي اسان کي اڳتي نه ڌڪن ها، ۽ جڏهن قرآن جي وسيلي سنئين راھ تي نه آيا ته هاڻي چوندا، هي ته پراڻو ڪوڙ آهي. |
وَمِن قَبلِهِ كِتٰبُ موسىٰ إِمامًا وَرَحمَةً وَهٰذا كِتٰبٌ مُصَدِّقٌ لِسانًا عَرَبِيًّا لِيُنذِرَ الَّذينَ ظَلَموا وَبُشرىٰ لِلمُحسِنينَ (آيت : 12) |
هوڏانهن قرآن کان اڳ موسى جو ڪتاب هو جو اڳواڻ ۽ وڏي رحمت هو. ۽ هي (قرآن) اهو ڪتاب آهي جو عربي زبان ۾ (ان کي) سچو چوندڙ آهي هن لاءِ ته (هن سان) ظالمن کي ڊيڄاري ۽ چڱن ڪمن ڪندڙن لاءِ خوش خبري آهي. |
إِنَّ الَّذينَ قالوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ استَقٰموا فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 13) |
بيشڪ جن ماڻهن چيو ته اسان جو پاليندڙ الله آهي وري (ان عقيدي تي) ثابت رهيا تن کي نه ڪو ڊپ آهي ۽ نه اهي غمگين ئي ٿيندا. |
أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ خٰلِدينَ فيها جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 14) |
اهي جنت وارا آهن جو سدائين ان ۾ رهندا جيڪي عمل (دنيا ۾) پيا ڪن تن جو کين بدلو ڏنو ويندو. |
وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ إِحسٰنًا حَمَلَتهُ أُمُّهُ كُرهًا وَوَضَعَتهُ كُرهًا وَحَملُهُ وَفِصٰلُهُ ثَلٰثونَ شَهرًا حَتّىٰ إِذا بَلَغَ أَشُدَّهُ وَبَلَغَ أَربَعينَ سَنَةً قالَ رَبِّ أَوزِعنى أَن أَشكُرَ نِعمَتَكَ الَّتى أَنعَمتَ عَلَىَّ وَعَلىٰ وٰلِدَىَّ وَأَن أَعمَلَ صٰلِحًا تَرضىٰهُ وَأَصلِح لى فى ذُرِّيَّتى إِنّى تُبتُ إِلَيكَ وَإِنّى مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 15) |
۽ اسان انسان کي پنهنجيءَ ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي. (ڇو ته) سندن ماءُ ان کي رنج سان پيٽ ۾ رکيو ۽ کيس رنج سان ئي ڄڻيو. ۽ ان جي پيٽ ۾ رهڻ ۽ ان جي ٿڃ ڇڏائڻ جي (مدت) ٽيھ مهينا آهي تان جو جڏهن پوري جوانيءَ کي پهتو ۽ چاليهن ورهين (جي عمر) کي پهچي ٿو ته چوي ٿو: اي منهنجا پالڻهار! تون مون کي توفيق عطا فرمائي ته تو جيڪي احسان مون تي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ تي ڪيا آهن آءُ تن جو شڪر ادا ڪريان ۽ اها (به توفيق عطا فرمائي) ته مان اهڙو (ته) نيڪ ڪم ڪريان جنهن کي تون پسند ڪرين. ۽ مون لاءِ منهنجي اولاد ۾ نيڪي ۽ تقوى پيدا فرمائي آءُ ته تو ڏي رجوع ٿيس ۽ آءُ بيشڪ تابعدارن مان آهيان. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ نَتَقَبَّلُ عَنهُم أَحسَنَ ما عَمِلوا وَنَتَجاوَزُ عَن سَيِّـٔاتِهِم فى أَصحٰبِ الجَنَّةِ وَعدَ الصِّدقِ الَّذى كانوا يوعَدونَ (آيت : 16) |
هي اهي آهن جن جا چڱن کان چڱا ڪم جي ڪيا اٿن سي قبول ڪنداسون ۽ بهشت (۾ وڃڻ) وارن ۾ اسين سندن گناهن کان درگذر ڪنداسون. (هي اهو) سچو وعدو آهي جيڪو انهن سان ڪيو ويندو هو. |
وَالَّذى قالَ لِوٰلِدَيهِ أُفٍّ لَكُما أَتَعِدانِنى أَن أُخرَجَ وَقَد خَلَتِ القُرونُ مِن قَبلى وَهُما يَستَغيثانِ اللَّهَ وَيلَكَ ءامِن إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَيَقولُ ما هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 17) |
۽ جنهن پنهنجي ماءُ پيءُ کي چيو ته اوهان تي حيف آهي. ڇا اوهين مون کي ڌمڪايو ٿا ته آءُ ٻيو ڀيرو (قبر مان) ڪڍيو ويندس هوڏانهن مون کان اڳي ڪيترائي ماڻهو مري چڪا آهن (۽ ڪو به وري جيئرو نه ٿيو). اهي ٻئي (ماءُ پيءُ) دانهون ڪري رهيا هئا ته تو تي افسوس آهي، ايمان آڻ! (خدا جو) بيشڪ سچو وعدو آهي. پوءِ چوي ٿو ته هي رڳو اڳين ماڻهن جون آکاڻيون آهن. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ حَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ فى أُمَمٍ قَد خَلَت مِن قَبلِهِم مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنَّهُم كانوا خٰسِرينَ (آيت : 18) |
هي اهي آهن جن تي (سزا جي) ڳالھ لازم ٿي چڪي آهي اهڙن امتين سان گڏ جيڪي انهن کان اڳ جنن ۽ انسانن مان گذري چڪيون آهن. بيشڪ اهي خساري وارا آهن. |
وَلِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِمّا عَمِلوا وَلِيُوَفِّيَهُم أَعمٰلَهُم وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 19) |
۽ جنهن جا جهڙا ڪم هوندا تهڙا سندن درجا هوندا ۽ اهو هن لاءِ جو خدا سندن ڪمن جو بلڪل پورو عوض ڏيندو ۽ مٿن ظلم نه ڪيو ويندو. |
وَيَومَ يُعرَضُ الَّذينَ كَفَروا عَلَى النّارِ أَذهَبتُم طَيِّبٰتِكُم فى حَياتِكُمُ الدُّنيا وَاستَمتَعتُم بِها فَاليَومَ تُجزَونَ عَذابَ الهونِ بِما كُنتُم تَستَكبِرونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَبِما كُنتُم تَفسُقونَ (آيت : 20) |
۽ جنهن ڏينهن ڪافرن کي باھ جي اڳيان پيش ڪيو ويندو (تڏهن جيئن ته) اوهان پنهنجي دنيوي زندگيءَ ۾ پنهنجا مزا ماڻي چڪا آهيو ۽ ان ۾ عيش آرام ڪري چڪا آهيو سو اڄ اوهان کي خواريءَ جي سزا جو بدلو هن ڪري ڏنو ويندو جو اوهين زمين ۾ ناحق وڏائي ڪندا هئا. ۽ هن ڪري (به) ته اوهين بدڪاريون ڪندا هئا. |
وَاذكُر أَخا عادٍ إِذ أَنذَرَ قَومَهُ بِالأَحقافِ وَقَد خَلَتِ النُّذُرُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 21) |
۽ (اي رسول) تون عاد جي ڀاءُ (هود) کي ياد ڪر جڏهن ان پنهنجي قوم کي احقاف (جي علائقي ۾) ڊيڄاريو. هوڏانهن هن کان اڳ ۽ ان کان پوءِ (به) ڊيڄارڻ وارا گذري چڪا هئا ۽ هود (پنهنجي قوم کي چيو) ته خدا کان سواءِ ڪنهين جي عبادت نه ڪريو. مون کي ته تمام سخت ڏينهن جي عذاب کان اوهان جو ڊپ آهي. |
قالوا أَجِئتَنا لِتَأفِكَنا عَن ءالِهَتِنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 22) |
انهن چيو ته تون اسان وٽ هن لاءِ آيو آهين ڇا ته تون اسان جي معبودن کان اسان کي ڦيرين؟ ته جيڪڏهن تون سچو آهين ته جنهن عذاب جي تون اسان کي ڌمڪي ڏئين ٿو سو آڻي ڏيکار. |
قالَ إِنَّمَا العِلمُ عِندَ اللَّهِ وَأُبَلِّغُكُم ما أُرسِلتُ بِهِ وَلٰكِنّى أَرىٰكُم قَومًا تَجهَلونَ (آيت : 23) |
هود چيو ته (ان جي) خبر اڳي الله کي آهي ۽ آءُ اوهان کي اهو (پيغام) پهچايان ٿو جنهن سان مون کي موڪليو ويو آهي پر آءُ ڏسان ٿو ته اوهين جاهل قوم آهيو. |
فَلَمّا رَأَوهُ عارِضًا مُستَقبِلَ أَودِيَتِهِم قالوا هٰذا عارِضٌ مُمطِرُنا بَل هُوَ مَا استَعجَلتُم بِهِ ريحٌ فيها عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 24) |
پوءِ جڏهن انهن ماڻهن ان (عذاب) کي ڏٺو جو ڪڪر وانگر سندن ميدانن ڏي اڀرندو ٿي آيو ته چوڻ لڳا ته اسان تي وسڻ وارو ڪڪر آهي، نه! نه! هي (ڪڪر) اهو (عذاب) آهي جنهن جي جلد اچڻ جي اوهان گهر ڪئي هئي. اها هوا آهي جنهن ۾ دردناڪ عذاب آهي. |
تُدَمِّرُ كُلَّ شَيءٍ بِأَمرِ رَبِّها فَأَصبَحوا لا يُرىٰ إِلّا مَسٰكِنُهُم كَذٰلِكَ نَجزِى القَومَ المُجرِمينَ (آيت : 25) |
جا سڀ ڪنهن شيءِ کي پنهنجي پروردگار جي حڪم سان تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيندي ته اهي اهڙا (برباد) ٿيا جو سندن گهرن کان سواءِ ڪجھ به نظر نه ٿي آيو. اسين اهڙي طرح ڏوهاري کي بدلو ڏيون ٿا. |
وَلَقَد مَكَّنّٰهُم فيما إِن مَكَّنّٰكُم فيهِ وَجَعَلنا لَهُم سَمعًا وَأَبصٰرًا وَأَفـِٔدَةً فَما أَغنىٰ عَنهُم سَمعُهُم وَلا أَبصٰرُهُم وَلا أَفـِٔدَتُهُم مِن شَيءٍ إِذ كانوا يَجحَدونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 26) |
۽ بيشڪ اسان عاد (جي قوم) کي اهڙين ڳالهين جي طاقت ڏني هئي جن جي اسان اوهان کي طاقت نه ڏني آهي ۽ اسان کين ڪن ۽ اکيون ۽ دليون ڏنيون پوءِ نه سندن ڪنن ۽ نه سندن اکين ۽ نه سندن دلين انهن کي ڪجھ به فائدو ڏنو ڇو ته اهي الله جي نشانين جو انڪار ڪندا هئا ۽ جنهن ڳالھ تي ٺٺوليون ڪندا هئا سو مٿن اچي ڪڙڪيو. |
وَلَقَد أَهلَكنا ما حَولَكُم مِنَ القُرىٰ وَصَرَّفنَا الءايٰتِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 27) |
۽ (مڪي وارو!) اسان اوهان جي آس پاس وارا ڳوٺ برباد ڪيا ۽ پنهنجي (قدرت جون) ڪيئي نشانيون انهن کي ڏيکاري (سمجهايوسون) ته من اهي ماڻهو باز اچن (پر ڪير ٿو ٻڌي!) |
فَلَولا نَصَرَهُمُ الَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ قُربانًا ءالِهَةً بَل ضَلّوا عَنهُم وَذٰلِكَ إِفكُهُم وَما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 28) |
ته پوءِ خدا کان سواءِ جن (بتن کي) انهن ماڻهن (خدا) جي تقرب لاءِ معبود بنائي رکيو هو تن سندن مدد ڇو نه ڪئي؟ پر اهي ته (مصيبت جي وقت) انهن کان گم ٿي ويا ۽ اهو سندن ڪوڙ ۽ ٺاھ هو جنهن کي گهڙيندا هئا. |
وَإِذ صَرَفنا إِلَيكَ نَفَرًا مِنَ الجِنِّ يَستَمِعونَ القُرءانَ فَلَمّا حَضَروهُ قالوا أَنصِتوا فَلَمّا قُضِىَ وَلَّوا إِلىٰ قَومِهِم مُنذِرينَ (آيت : 29) |
۽ جڏهن اسان جنن مان ڪي (جن) تو ڏي متوجه ڪيا ته دل لائي قرآن ٻڌن. ۽ جڏهن اتي پهتا تڏهن (هڪ ٻئي کي) چوڻ لڳا ته ماٺ ڪري ٻڌو. پوءِ جڏهن (پڙهڻ) پورو ٿيو ته پنهنجي قوم ڏي واپس موٽيا ته (کين عذاب کان) ڊيڄاريون. |
قالوا يٰقَومَنا إِنّا سَمِعنا كِتٰبًا أُنزِلَ مِن بَعدِ موسىٰ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ يَهدى إِلَى الحَقِّ وَإِلىٰ طَريقٍ مُستَقيمٍ (آيت : 30) |
ته انهن کي چيائون اي ڀائرو! اسان هڪ اهڙو ڪتاب ٻڌي آيا آهيون جو موسى کان پوءِ نازل ٿيو آهي (۽) جي (ڪتاب) اڳ ۾ (نازل ٿيا) آهن تن کي سچو چوندڙ آهي سچي (دين) جو ۽ سڌي راھ جو ڏس ڏسيندڙ آهي. |
يٰقَومَنا أَجيبوا داعِىَ اللَّهِ وَءامِنوا بِهِ يَغفِر لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُجِركُم مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 31) |
اي اسان جي قوم! خدا جي طرف سڏڻ واري جي ڳالھ مڃو ۽ خدا تي ايمان آڻيو اهو اوهان جا گناھ بخشيندو ۽ (قيامت ۾) اوهان کي دردناڪ عذاب کان پناھ ۾ رکندو. |
وَمَن لا يُجِب داعِىَ اللَّهِ فَلَيسَ بِمُعجِزٍ فِى الأَرضِ وَلَيسَ لَهُ مِن دونِهِ أَولِياءُ أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 32) |
۽ جنهن خدا ڏي سڏڻ واري جي ڳالھ نه مڃي ته (ياد رکو! ته) اهو (خدا کي روءِ زمين ۾) ڪو عاجز (ته) ڪري نه سگهندو ۽ نه (وري) ان کان سواءِ سندس ڪو به سرپرست ئي ٿيندو. (پوءِ) اهي ئي ظاهر گمراهي ۾ آهن. |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَلَم يَعىَ بِخَلقِهِنَّ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يُحۦِىَ المَوتىٰ بَلىٰ إِنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 33) |
ڇا انهن ماڻهن سوچيو ڪين آهي ته جنهن خدا آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ انهن جي پيدا ڪرڻ ۾ ٿڪيو ڪين، سو ان ڳالھ تي بيشڪ قادر آهي ته مردن کي جيئرو ڪندو اهو بيشڪ سڀ ڪنهن ڳالھ تي قادر آهي. |
وَيَومَ يُعرَضُ الَّذينَ كَفَروا عَلَى النّارِ أَلَيسَ هٰذا بِالحَقِّ قالوا بَلىٰ وَرَبِّنا قالَ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 34) |
۽ جنهن ڏينهن ڪافر (دوزخ جي) باھ جي اڳيان پيش ڪيا ويندا (ته انهن کان پڇيو ويندو ته) ڇا هاڻي به هي برحق نه آهي؟ اهي چوندا ته پنهنجي پروردگار جو قسم هاءُ (برابر حق آهي) خدا فرمائيندو ته وٺو هاڻي پنهنجي انڪار ۽ ڪفر جي بدلي عذاب جا مزا چکو. |
فَاصبِر كَما صَبَرَ أُولُوا العَزمِ مِنَ الرُّسُلِ وَلا تَستَعجِل لَهُم كَأَنَّهُم يَومَ يَرَونَ ما يوعَدونَ لَم يَلبَثوا إِلّا ساعَةً مِن نَهارٍ بَلٰغٌ فَهَل يُهلَكُ إِلَّا القَومُ الفٰسِقونَ (آيت : 35) |
ته (اي رسول) پيغمبرن مان جيئن اولو العزم (عالي همت) صبر ڪندا رهيا تون به صبر ڪندو رھ! ۽ انهن لاءِ (عذاب) جلد اچڻ جي گهر نه ڪر! جنهن ڏينهن اهي ماڻهو ان قيامت کي ڏسندا جنهن جو انهن سان انجام ڪيل آهي ته ائين ڀائيندا ته ڄڻ اهي ڏينهن جي هڪ گهڙيءَ کان سواءِ (دنيا ۾) رهيا ئي نه هئا. هي پيغام پهچائڻ آهي ته پوءِ اهي ئي هلاڪ ٿيندا جي بدڪار هئا. |