حم (آيت : 1) |
پاڻ ئـِي ڄاڻي پاڪ ڌَڻِي، حَقِيقت حامِيم، |
تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
آهِن ڪِتاب قدِيم مان، هي اُتارا عَظِيم، ڪنان رَبَّ ڪَرِيم، سو سَٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو. |
ما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَأَجَلٍ مُسَمًّى وَالَّذينَ كَفَروا عَمّا أُنذِروا مُعرِضونَ (آيت : 3) |
اَسان نه اُڀ، ڀُون جوڙِيا، پڻ جيڪِي مَنجھسِ جِنسار، مگر سَڀ موجود سِي، اکين اَ ڳيان اِظهار، مُقرّر مُدّت سان، ڌارو ڌار ڄَمار، ۽ اُهي جَن ڪُفر ڪيو، سي آهِن مَنجھ اِنڪار، تِنهن هاڃي کان هيڪار، جِنهن جِي اون ڏني ويئـِي اُنهن کي. 641 |
قُل أَرَءَيتُم ما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ أَرونى ماذا خَلَقوا مِنَ الأَرضِ أَم لَهُم شِركٌ فِى السَّمٰوٰتِ ائتونى بِكِتٰبٍ مِن قَبلِ هٰذا أَو أَثٰرَةٍ مِن عِلمٍ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 4) |
چئو، سوچيان ڪِي؟ سائـِينءَ ري، جن کي دانهو ٿا دِلِگير!، ڀَلا ڏَسيومِ ته ڀُون مَنجھان، جوڙيؤن ڪو جاگير؟ يا اُنهن جو آھِ اُڀن ۾، ڪو ليکو لَهڻو لِير؟ ڪريو مِ پيش ڪتاب ڪو، اِنهيان اڳيون اَڪسِير، يا توڙان ڪا تَحرِير؟ جي سچاسخن ۾ آهيو؟ |
وَمَن أَضَلُّ مِمَّن يَدعوا مِن دونِ اللَّهِ مَن لا يَستَجيبُ لَهُ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ وَهُم عَن دُعائِهِم غٰفِلونَ (آيت : 5) |
۽ ڪُو اٽو ٻِيو ڪير ؟ آهي ويڪ اُن کان، جو اَلله ڇڏيو، اُن کي سَڏي وير سَوير، جو اونائي نه اُن جِي، وِيندي مَحشر وير، هِن دانهيندي ٿئي دير، هُو غافل سندن گوڙ کان. |
وَإِذا حُشِرَ النّاسُ كانوا لَهُم أَعداءً وَكانوا بِعِبادَتِهِم كٰفِرينَ (آيت : 6) |
ماڻهو جڏهن ميڙيا وِيا، مَنجھ قِيامت ڪارِي، اُهي هُوندا اُنهن جا، ويرِي تِنهن وارِي، ۽ ٿِيندا اِنڪارِي، سَندِن پُوڄا پاٺ کان. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلحَقِّ لَمّا جاءَهُم هٰذا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
۽ جڏهن اسان جون آيتون، نِشانيون نِروار، پَڙهبيون آهن اُنهن تي، جَن عبث ڪيو اِنڪار، ته چيائون صفا سچ کي، جڏهن پَهتو سَندِن پار، ته اکِين ڏِٺو اِظهار، هي ڪارو ڪُو ڪٽ آھِ ڪو. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل إِنِ افتَرَيتُهُ فَلا تَملِكونَ لى مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا هُوَ أَعلَمُ بِما تُفيضونَ فيهِ كَفىٰ بِهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم وَهُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 8) |
ڇا، اُهي اِئين ٿا چون، ته مُون ٺاهيو هِي ٺاھ؟ چئو، مون جي ٺاهيو ٺاھ اِهو، ته سزا وقت صُباح، بنہ بَچائيندَو نه مُون، اَوهين ڪنان اَلله، اِنهيان اُهو آگاھ، جنهن ۾ پَل پَل پَلٽِي ٿا پئو. مون ۽ اَوهان جي وِچ ۾، ساکيِ بَس سوئـِي، ۽ آهي اُهوئـِي، مَرهيندڙ ۽ مِهر ڀَريو. |
قُل ما كُنتُ بِدعًا مِنَ الرُّسُلِ وَما أَدرى ما يُفعَلُ بى وَلا بِكُم إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ وَما أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 9) |
چَئو، آئون نه آهيان ڪا، نَبِيَّن مان نَئـِين ڳالھ، ۽ پَريان آئون نه پَروڙيان، ته سَچ پَچ صُباح ڪالھ، مون ۽ اوهان نال، ڪِهڙِي ڪار ڪَئـِي وَڃي. نه هَلان مگر حُڪم تي، جِيئن پُهچي مُنهنجي پارِ، ۽ آئون ٻِيو نه آهيان، ڪو دانهن وِجھندڙ ڌار، سَنديون پَرئـِين پار، کولي ڏِيندڙ خبرون. |
قُل أَرَءَيتُم إِن كانَ مِن عِندِ اللَّهِ وَكَفَرتُم بِهِ وَشَهِدَ شاهِدٌ مِن بَنى إِسرٰءيلَ عَلىٰ مِثلِهِ فَـٔامَنَ وَاستَكبَرتُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 10) |
چئو، ڪيان ڪو وِيچار، ته جي هُوندؤ پاران حق جي، اُن اهڙي حال ۾، اُوهان ڪيو اِنڪار، ۽ اِسرائـِيل جي اولاد مان، هِڪ ساکِي مَرد سچار، ساک ڏِنائـِينسِ سَچ جِي، پڻ آندئـِين اِعتبار، ۽ اَوهان ڪيو اُٽلندو، تَڪَبُّر تڪرار، ڏاڍن کي ڏاتار، سَنئـِين سُهائي ڪِين ڪِي. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا لَو كانَ خَيرًا ما سَبَقونا إِلَيهِ وَإِذ لَم يَهتَدوا بِهِ فَسَيَقولونَ هٰذا إِفكٌ قَديمٌ (آيت : 11) |
۽ تَن کي ڪهيو ڪافِرِين، مَڃيو جَن مَذڪور، تَه ڀلو هُجي ها جيڪڏهن، هِي دِين ڪِنهن دَستور، ته مَهند اسان کان مُور، پيرو نه وِيا اُن پار ڏي. ۽ جڏهن نه پِرايؤن اُن مَنجھان، پوءِ سِگھو چون اِن چال، ته آهي هِي هَر حال ڪُوڙ پُڙاڻو پَڌرو. |
وَمِن قَبلِهِ كِتٰبُ موسىٰ إِمامًا وَرَحمَةً وَهٰذا كِتٰبٌ مُصَدِّقٌ لِسانًا عَرَبِيًّا لِيُنذِرَ الَّذينَ ظَلَموا وَبُشرىٰ لِلمُحسِنينَ (آيت : 12) |
۽ آهي مُوسٰى مِير جو، اِن کان قَبل ڪِتاب، سُونهون سَچي ساٿ جو، پَڻ بَرڪت بي حساب، ۽ آهي عَربِي زبان ۾، هِي مُصحف مُستطاب، ڪَندڙ اُن ڪتاب کي صَحِي بَرصواب، تان جَن آزارِيو اُنهن کي، ڏِئي اونُو سَخت عَذاب، پڻ سَندا سُود ثَواب، ڏِئي نِياپا نيڪن کي. |
إِنَّ الَّذينَ قالوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ استَقٰموا فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 13) |
جَن چَيو، ته آهي اَسان جو، پَروَر پالڻهار، موٽِي پَنهنجي ماڳ تي، بِيٺا بَرقرار، پوءِ تَن کي نه ڀَو ڀُلڪار، ۽ نه ڳڻتِي ڪِنهِين ڳالھ جِي. |
أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ خٰلِدينَ فيها جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 14) |
اُهي آهِن اَهل بهشت جا، مَنجھسِ خُوش مُدام، اُن عَملن جِي اِنعام، جيڪِي ڪن جھان ۾. |
وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ إِحسٰنًا حَمَلَتهُ أُمُّهُ كُرهًا وَوَضَعَتهُ كُرهًا وَحَملُهُ وَفِصٰلُهُ ثَلٰثونَ شَهرًا حَتّىٰ إِذا بَلَغَ أَشُدَّهُ وَبَلَغَ أَربَعينَ سَنَةً قالَ رَبِّ أَوزِعنى أَن أَشكُرَ نِعمَتَكَ الَّتى أَنعَمتَ عَلَىَّ وَعَلىٰ وٰلِدَىَّ وَأَن أَعمَلَ صٰلِحًا تَرضىٰهُ وَأَصلِح لى فى ذُرِّيَّتى إِنّى تُبتُ إِلَيكَ وَإِنّى مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 15) |
۽ اَسان هَر اِنسان کي، ڏِنِي موچارِي مَت، ته خُوب ڪري خدمت، پَنهنجي پِئُ ۽ ماءُ کي. عرصو اُن جي حَمل جو، ۽ ٽوڙڻ جو ٽِيھ ماھ، تان پُهتو پَنهنجي زور کي، ٿِيو هِمّت ۾ هَمراھ، ۽ وَڃِي چالِيهن کي چَڙهيو، ته دانهِين مَنجھ درگاھ، ته سانـيَمِ! مون ساڄو ڪرِين، اي بالم بادشاھ! مُون ۽ مُنهنجن مائـِٽن، جي دَان ڏِنيئـِي دِلخواھ، ته ڳايان ڳُڻ تُنهنجا، سُکن ڪريان ساراھ، ۽ ڪَم چڱيرا ڪريان، جي توکي وَڻنِ واھ! پڻ مُنهنجي ٻَچن ٻارڙن، نيڪِي ڪَج نيباھ، وريس توڏي ور ڇڏي، جھليم پاند پناھ، آئون آهيان يا اَلله، تهدل تابِعن مان. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ نَتَقَبَّلُ عَنهُم أَحسَنَ ما عَمِلوا وَنَتَجاوَزُ عَن سَيِّـٔاتِهِم فى أَصحٰبِ الجَنَّةِ وَعدَ الصِّدقِ الَّذى كانوا يوعَدونَ (آيت : 16) |
اِهيئـِي آهِن سي، ته جي ڪيائون ڪَم ڪار، اَسِين اَگھايون اُنهن مان، نيڪيون صاف نِبار، ۽ مَٽي ڇَڏيون مِهرسان، اُنهن جا عيب اَپار، آهِن اَهل بهشت سان، ڀيڙا برقرار، سَچو قول قرار، جِنهن جو اَنجام ڏِجي ٿو اُنهن کي. |
وَالَّذى قالَ لِوٰلِدَيهِ أُفٍّ لَكُما أَتَعِدانِنى أَن أُخرَجَ وَقَد خَلَتِ القُرونُ مِن قَبلى وَهُما يَستَغيثانِ اللَّهَ وَيلَكَ ءامِن إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَيَقولُ ما هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 17) |
۽ چَيو جنهن چَنڊال، پَنهنجي پِئُ ۽ ماءُ کي، ته حيف اوهان جي حال کي، ٿا ڪريو ڪِهڙِي ڳالھ، ته ڪَڍ بَسِ آئون قبر مان، ۽ هوڏانهن اِهو حال، ته سَهسِين صَديون سال، مون کان مَهند گُذرِي وِيا. اِهي ٻَئـِي اَلله کي، پِيا دانهِين دِل وجان، ته وِيا! تولئي وَيل ٻَريو، نه ته آڻ تون اِيمان، آهِن ٻول اَلله جا، بَرحق بي گُمان، ته به بَڪي پِيو بُوزان، ته هِي آکاڻيون اَ ڳيَن جون. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ حَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ فى أُمَمٍ قَد خَلَت مِن قَبلِهِم مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنَّهُم كانوا خٰسِرينَ (آيت : 18) |
اِهي سي صَحِي، قول قراريو جَن تي، تَن گِروهن گڏيا، سزا سَخت لَهِي، جِن ۽ ماڻهو مَهند تِنيان، جي وِيا ڪالھ ڪَهِي، حال جَن جو هِي، اُهي کاٽائو کوٽ جا. |
وَلِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِمّا عَمِلوا وَلِيُوَفِّيَهُم أَعمٰلَهُم وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 19) |
۽ هَر ڪِنهن لئي، جي هتي، ڪيائون ڪم ڪار، تِنهن مُوجب آهِن، اُنهن لئي دَرجا ڌاروڌار، ۽ ڏِيندنِ پَنهنجا پورهيا، پُورا پُورا پار، ۽ تَنِين سان تڪرار، ذرو ظُلم نه ڪيو وَڃي. |
وَيَومَ يُعرَضُ الَّذينَ كَفَروا عَلَى النّارِ أَذهَبتُم طَيِّبٰتِكُم فى حَياتِكُمُ الدُّنيا وَاستَمتَعتُم بِها فَاليَومَ تُجزَونَ عَذابَ الهونِ بِما كُنتُم تَستَكبِرونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَبِما كُنتُم تَفسُقونَ (آيت : 20) |
۽ جنهن ڏِينهن چِيہ چاڙهبا، نِظاري نِروار، ته هَيا! حَياتئَ هن ۾، جا نَنڍڙِي ۽ نيڪار، کاڌان، کوهيان پَنهنجون، نِعمتون نِبار، ۽ مَزا ماڻيا اُن مان، جِيئن وَڻيان ويرو تار، پوءِ سَزا خُوارِي خُوب جِي، کائو اَڄ خوار!، ته ڀُون ۾ ڀَنوارِيا آهيون، بي واجبِي بَدڪار! ٻِيو پڻ ٻَهار، هَلندا حُڪم کان آهيو. |
وَاذكُر أَخا عادٍ إِذ أَنذَرَ قَومَهُ بِالأَحقافِ وَقَد خَلَتِ النُّذُرُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 21) |
۽ ڪر ياد ڀاءُ عاد جو، صالِح مَرد صراف، جڏهن ڪيائين سَندسِ قوم کي، آگاھ مَنجھ اَحقاف، گھڻا گُذريا جَن ۾، اِطلاعِي اَشراف، اَڳيان پويان اُنهن جي، آيا مَنجھ اَطراف، ته سُهڻو سَنِيهو صاف، ري پَروَر، پُوڄيو ڪِين ٻِيو. خَبر آهي کَرِي ، ته آئون ٿو ڀَو ڀايان، وَڏي ڏِينهن وَرِي، اَوهان تي عَذاب جو. |
قالوا أَجِئتَنا لِتَأفِكَنا عَن ءالِهَتِنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 22) |
چي، اَسان آئـِين تون، ڇا، ڪَم اِنهِئَ ڪاڻ، ته ٿيڙينئون ٿانن ڪنان، جِتي ڏيون، ڏينهَنْ کان ڏاڻ؟ اَسان کي جِنهن عذاب جا، ٿو هُل ٻُڌائـِين هاڻ، پوءِ اُهو اَسان تي آڻ، جي صَحِي سَچن مان آهِيـين. |
قالَ إِنَّمَا العِلمُ عِندَ اللَّهِ وَأُبَلِّغُكُم ما أُرسِلتُ بِهِ وَلٰكِنّى أَرىٰكُم قَومًا تَجهَلونَ (آيت : 23) |
چي، آهي عِلم اُن جو، صاحِب وَٽ سُڄاڻ، ۽ مُون کي مُڪو جَن سان وِيو، سي پُهچايان پَرياڻ، ۽ آئون تن اوهان کي ٿو ڏِسان، اِهڙِي قوم اَڄاڻ، ته پُرجَھڻ بَدران پاڻ، ٻَڌو جھيڙو جِھل جو. |
فَلَمّا رَأَوهُ عارِضًا مُستَقبِلَ أَودِيَتِهِم قالوا هٰذا عارِضٌ مُمطِرُنا بَل هُوَ مَا استَعجَلتُم بِهِ ريحٌ فيها عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 24) |
پوءِ جڏهن ڏِٺائون اُن کي، ڪَنڌِئَ ڀَرڪِنار،وَرندڙ سَندنِ وَلهارن تي، ڪَڪر ڪارُونڀار، ڀيڄ، بادَل! ڀيڄ ڪَري، چَوڻ لڳا چوڌار، ته وَسڻِي آهي اَسان تي، اِها ڪَر وارِي ڪار، اِي، سو آهي اُٽلندو، جنهن لئي تَڪڙ ڪيان تڪرار، حَقِيقت ۾ هو اُهو، ڌُو ڌُو وَاءُ ڌَمڪار، اُنهِئَ مَنجھ اَپار، ٻارڻ ٻَرندڙ آھِ ڪو. |
تُدَمِّرُ كُلَّ شَيءٍ بِأَمرِ رَبِّها فَأَصبَحوا لا يُرىٰ إِلّا مَسٰكِنُهُم كَذٰلِكَ نَجزِى القَومَ المُجرِمينَ (آيت : 25) |
سَندسِ صاحِب پاڪ جي، اَمر سڳوري ساڻ، هَڻيو هَر شئِ ناس ڪري، پوءِ پِرھ ڪيائون پاڻ، نه ڏِسجن مگر ڏيہ ۾، وِلها سَندنِ وَٿاڻ، ڏِيون اِهڙا ڏاڻ، ڪُل ڪانهيارِئَ قوم کي. |
وَلَقَد مَكَّنّٰهُم فيما إِن مَكَّنّٰكُم فيهِ وَجَعَلنا لَهُم سَمعًا وَأَبصٰرًا وَأَفـِٔدَةً فَما أَغنىٰ عَنهُم سَمعُهُم وَلا أَبصٰرُهُم وَلا أَفـِٔدَتُهُم مِن شَيءٍ إِذ كانوا يَجحَدونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 26) |
بي شڪ بَخشيائون اُنهن کي، ماڙِيون مَحل مَڪان، آن کي ڏِنِيسون ڪانه، جَن جِھڙِي جاءِ جَهان ۾. ۽ ڪَن ڪياسون اُنهن جا، پڻ اَکيون هيئان هوشيار، پوءِ ڪَن، مَن اکين تَن جي، نه ڏِننِ وَٽابو وار، جڏهن ڪَندا هئا ڪَرِيم جي، آيتنِيان اِنڪار، ۽ جيڪي کِليا ٿي خُوار، تِنهن مَنجھو مَنجھ مُنجھائيا. |
وَلَقَد أَهلَكنا ما حَولَكُم مِنَ القُرىٰ وَصَرَّفنَا الءايٰتِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 27) |
۽ ڪَئـِين ڳوٺ ڪيترا، رَتا راڄ ستار، اوسي پاسي اَنهنجي، ڪياسون چَٽ چوڌار، ۽ ڦيرايون سون وَرِي وَرِي، نِشانِيون نِروار، ته پَسِي مانَ مُصيبتون، هَٽِي اَچنِ حق پار، |
فَلَولا نَصَرَهُمُ الَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ قُربانًا ءالِهَةً بَل ضَلّوا عَنهُم وَذٰلِكَ إِفكُهُم وَما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 28) |
۽ ڪَئـِين ڳوٺ ڪيترا، رَتا راڄ ستار، اوسي پاسي اَنهنجي، ڪياسون چَٽ چوڌار، ۽ ڦيرايون سون وَرِي وَرِي، نِشانِيون نِروار، ته پَسِي مانَ مُصيبتون، هَٽِي اَچنِ حق پار، |
وَإِذ صَرَفنا إِلَيكَ نَفَرًا مِنَ الجِنِّ يَستَمِعونَ القُرءانَ فَلَمّا حَضَروهُ قالوا أَنصِتوا فَلَمّا قُضِىَ وَلَّوا إِلىٰ قَومِهِم مُنذِرينَ (آيت : 29) |
۽ توڏي جَماعت جِنن مان، وارِيسون جنهن وار، پِيا ٻُڌن قرآن ڪرِيم جِي، تو وَٽان تَنوار، پوءِ جڏهن اَچِي اُن تي، حاضِر ٿيا هيڪار، چيائون، ته چُپ ڪريو، پوءِ جڏهن پورِي ٿِئي پَچار، وَريا پوءِ وِينجھار، ٿِي قاصِد سَندنِ قوم ڏي. |
قالوا يٰقَومَنا إِنّا سَمِعنا كِتٰبًا أُنزِلَ مِن بَعدِ موسىٰ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ يَهدى إِلَى الحَقِّ وَإِلىٰ طَريقٍ مُستَقيمٍ (آيت : 30) |
پَنهنجي پاڙيچِيَن کي ڪيؤن خاص خِطاب، ته بي شڪ ٻُڌوسون ڀائـِرو!، ڪَنن سان ڪِتاب، لَٿو مُوسٰى مِير پُئان، سو مُصحف مُستطاب، ڪَندڙ اِنهيان اََڳيَن کي، صَحِي بَرصواب، ڏَسي حَقَّ هَر باب، پڻ سُهائي ٿو واٽ سَنئـِين. |
يٰقَومَنا أَجيبوا داعِىَ اللَّهِ وَءامِنوا بِهِ يَغفِر لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُجِركُم مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 31) |
اي قوم ! قبوليو، ڪوٺارِي ڪَلتار، ۽ مَڃيوسِ ته مَرهيَو مهرسان، ڪي بَديون ۽ بار، پڻ ڏِينيان اَمن ڏاتار، سُورن واري ساڙ کان. |
وَمَن لا يُجِب داعِىَ اللَّهِ فَلَيسَ بِمُعجِزٍ فِى الأَرضِ وَلَيسَ لَهُ مِن دونِهِ أَولِياءُ أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 32) |
۽ ڪوٺارِي ڪَرِيم جو، جنهن قبوليو ڪِين، پوءِ ناهي ڏاڍو ڏيہ ۾، نه ڪو زور مَنجھ زَمِين، ۽ اُن ڌاران ناهِن اُن جا، يا وَر، ساڻ يَقِين، اِهيئـِي آهِينِ، وَرتل پَڌرِي وِرس ۾. |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَلَم يَعىَ بِخَلقِهِنَّ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يُحۦِىَ المَوتىٰ بَلىٰ إِنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 33) |
ڇا، ورتئون نه وِيچار؟، ته اَلله آهي ئـِي اُهو، جنهن ڀُون، اُڀ بَنائيا، عَجب رنگ اَسرار، ۽ بنائڻ ۾ اُن جي، بِنہ نه ٿيو بيزار، سو پاڻهِين آهي پُهچڻو، هِن ڪم کي ڪلتار، ته مئا مقامن مان، جِياري جَبَّار، هائو، حَقِيقت ۾، آهي اِي اِظهار، قادِر بَرقرار، سگھارو سَڀ ڳالھ ۾. |
وَيَومَ يُعرَضُ الَّذينَ كَفَروا عَلَى النّارِ أَلَيسَ هٰذا بِالحَقِّ قالوا بَلىٰ وَرَبِّنا قالَ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 34) |
۽ جِنهن ڏِينهن آڻِبا آگ تي، جِن اَنڌن ڪيو انڪار،ته ڇا، حق ناهي هي؟ دوزخ دهشت دار، آهي، سُنهن سانـيَمِ جو، هائو ڪيون هيڪار، پوءِ وَٺو سواد ساڙ جو، ڪَهيو رَبَّ، قَهّار، مُوجِب تِنهن مَيار، جِيئن ڪُفر ڪَندائـِي رهيا. |
فَاصبِر كَما صَبَرَ أُولُوا العَزمِ مِنَ الرُّسُلِ وَلا تَستَعجِل لَهُم كَأَنَّهُم يَومَ يَرَونَ ما يوعَدونَ لَم يَلبَثوا إِلّا ساعَةً مِن نَهارٍ بَلٰغٌ فَهَل يُهلَكُ إِلَّا القَومُ الفٰسِقونَ (آيت : 35) |
پوءِ سَہ، جِيئن سَهندا هُئا، ڪي پُختا پيغمبر، ۽ تَڪڙي سَزا تن لئي، گُھرمَ تون گوهر! جنهن ڏينهن ڏِسَندسِ، جنهن جو ٻول ڏجينِ ٻِيهر، ڪر گھاريون ئي نه گَھر، ري پَل پَهر ڪو ڏِينهن مان. پُورِي طرح پُهچائـِڻان، حُڪم پاڪ حُضُور؛ پوءِ مارِيو نه وَڃي مُور، ڪو ڪانهيارِي قوم ري. |