حم (آيت : 1) |
حٰـمۗ |
تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
(هيءُ) قرآن ڪريم الله تعالى جي طرفان نازل ڪيل آهي، جيڪو غالب (۽) حڪمت وارو آهي |
ما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَأَجَلٍ مُسَمًّى وَالَّذينَ كَفَروا عَمّا أُنذِروا مُعرِضونَ (آيت : 3) |
نه پيدا ڪيو اسان آسمانن ۽ زمينن کي ۽ جيڪي شيون انهن جي وچ ۾ آهن، مگر حق سان ۽ (توهان لاءِ) قيامت جو ڏينهن مقرر آهي. ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو اهي قرآن ڪريم کان منهن ڦيرندڙ آهن |
قُل أَرَءَيتُم ما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ أَرونى ماذا خَلَقوا مِنَ الأَرضِ أَم لَهُم شِركٌ فِى السَّمٰوٰتِ ائتونى بِكِتٰبٍ مِن قَبلِ هٰذا أَو أَثٰرَةٍ مِن عِلمٍ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 4) |
رسولِ عربي توهان فرمايو، توهان مون کي اهي بت ڏيکاريو جن جي توهان الله تعالى کانسواءِ عبادت ڪريو ٿا، توهان مون کي ڏيکاريو ته انهن زمين مان ڇا خلقيو؟ يا انهن لاءِ آسمانن ۾ ڪو حصو آهي؟ توهان مون وٽ هن کان اڳيون (آسماني) ڪتاب آڻيو يا ڪا علمي لکت ڏيکاريو جيڪڏهن توهان سچا آهيو |
وَمَن أَضَلُّ مِمَّن يَدعوا مِن دونِ اللَّهِ مَن لا يَستَجيبُ لَهُ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ وَهُم عَن دُعائِهِم غٰفِلونَ (آيت : 5) |
۽ ان کان وڌيڪ ڪير گمراه آهي جيڪو الله تعالى کانسواءِ ٻين (بتن) جي عبادت ڪري ٿو، جيڪي قيامت تائين ان جو نٿا ٻڌن ۽ اهي انهن جي عبادت کان غافل آهن |
وَإِذا حُشِرَ النّاسُ كانوا لَهُم أَعداءً وَكانوا بِعِبادَتِهِم كٰفِرينَ (آيت : 6) |
۽ جڏهن (قيامت ۾) ماڻهو گڏ ڪيا ويندا اهي انهن جا دشمن هوندا ۽ اهي انهن جي عبادت کان انڪاري هوندا |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلحَقِّ لَمّا جاءَهُم هٰذا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
۽ جڏهن انهن تي اسان جون صاف صاف آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته ڪافر انهن وٽ آيل حق (قرآن ڪريم) لاءِ چون ٿا ته هيءُ (قرآن ڪريم) صاف جادو آهي |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل إِنِ افتَرَيتُهُ فَلا تَملِكونَ لى مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا هُوَ أَعلَمُ بِما تُفيضونَ فيهِ كَفىٰ بِهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم وَهُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 8) |
ڇا اهي چون ٿا ته ان کي رسولِ عربي پاڻ ٺاهيو آهي، رسولِ عربي توهان فرمايو جيڪڏهن مون ان کي (بالفرض) پاڻ ٺاهيو آهي پوءِ توهان مون لاءِ الله تعالى وٽان ڪنهن شيءِ جو اختيار نٿا رکو، اهو توهان جي اعتراضن کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي، اهو منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ گواه ڪافي آهي. ۽ اهو بخشيندڙ ٻاجھارو آهي |
قُل ما كُنتُ بِدعًا مِنَ الرُّسُلِ وَما أَدرى ما يُفعَلُ بى وَلا بِكُم إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ وَما أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 9) |
رسولِ عربي توهان فرمايو آئون ڪو نئون سنئون پيغمبر نه آهيان ۽ آئون (ذاتي طور) اندازي سان نٿو ڄاڻان ته مون سان ۽ توهان سان ڇا ٿيندو. آئون ته وحي ربانيءَ جي تابعداري ڪريان ٿو جيڪا مون ڏانهن اچي ٿي ۽ آئون صاف ڊيڄاريندڙ آهيان |
قُل أَرَءَيتُم إِن كانَ مِن عِندِ اللَّهِ وَكَفَرتُم بِهِ وَشَهِدَ شاهِدٌ مِن بَنى إِسرٰءيلَ عَلىٰ مِثلِهِ فَـٔامَنَ وَاستَكبَرتُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 10) |
توهان فرمايو، ته توهان کي مون ٻڌايو جيڪڏهن قرآن ڪريم الله جي طرفان آهي ته ڇو توهان ان جو انڪار ڪيو؟ ۽ بني اسرائيل مان هڪ شخص (حضرت عبدالله بن سلام) ان جي گواهي ڏني پوءِ ان ايمان آندو (ان جي باوجود) توهان تڪبر ڪيو، بيشڪ الله تعالى ظالمن جي قوم کي هدايت نٿو ڏئي |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا لَو كانَ خَيرًا ما سَبَقونا إِلَيهِ وَإِذ لَم يَهتَدوا بِهِ فَسَيَقولونَ هٰذا إِفكٌ قَديمٌ (آيت : 11) |
۽ (مڪه جي) ڪافرن، مؤمنن کي چيو ته جيڪڏهن (ايمان آڻڻ) بهتر هجي ها ته اهي (غريب) ان ڏانهن اسان کان اڳرائي نه ڪن ها ۽ جڏهن انهن کي (قرآن ڪريم جي) هدايت نه مِلي پوءِ فوراً چون ٿا ته هي پراڻو ڪوڙ آهي |
وَمِن قَبلِهِ كِتٰبُ موسىٰ إِمامًا وَرَحمَةً وَهٰذا كِتٰبٌ مُصَدِّقٌ لِسانًا عَرَبِيًّا لِيُنذِرَ الَّذينَ ظَلَموا وَبُشرىٰ لِلمُحسِنينَ (آيت : 12) |
۽ قرآن ڪريم کان اڳ ۾ تورات (نازل ٿيو) جيڪو اڳواڻ ۽ رحمت هو، ۽ هيءُ ڪتاب تصديق ڪندڙ آهي عربي زبان ۾ ان لاءِ ته ظالمن کي ڊيڄاري. ۽ نيڪوڪارن لاءِ بشارت آهي |
إِنَّ الَّذينَ قالوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ استَقٰموا فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 13) |
بيشڪ جن ماڻهن چيو ته اسان جو رب الله تعالى آهي ان کان پوءِ (توحيد ۽ شريعت محمدي) تي قائم رهيا، پوءِ انهن تي ڪو خوف ناهي ۽ نه انهن کي ڪو ڏک پهچندو |
أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ خٰلِدينَ فيها جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 14) |
اهي جنتي آهن اهي هميشه هميشه جنت ۾ رهندا، (اها) سندن نيڪ عملن جي جزا آهي |
وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ إِحسٰنًا حَمَلَتهُ أُمُّهُ كُرهًا وَوَضَعَتهُ كُرهًا وَحَملُهُ وَفِصٰلُهُ ثَلٰثونَ شَهرًا حَتّىٰ إِذا بَلَغَ أَشُدَّهُ وَبَلَغَ أَربَعينَ سَنَةً قالَ رَبِّ أَوزِعنى أَن أَشكُرَ نِعمَتَكَ الَّتى أَنعَمتَ عَلَىَّ وَعَلىٰ وٰلِدَىَّ وَأَن أَعمَلَ صٰلِحًا تَرضىٰهُ وَأَصلِح لى فى ذُرِّيَّتى إِنّى تُبتُ إِلَيكَ وَإِنّى مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 15) |
۽ اسان انسان کي پيءُ ماءُ سان احسان ڪرڻ جو حڪم فرمايو، ان کي سندس ماءُ پنهنجي پيٽ ۾ تڪليف سان رکيو ۽ ان کي تڪليف سان ڄڻيو، ۽ مدت حمل جي ۽ کير ڇڏائڻ جي ٽيهه (30) مهينا ٿي، ايستائين جو اهو جڏهن پنهنجي قوت کي پهتو ۽ چاليهه (40) سالن کي رسيو. اهو چوي ٿو ته اي منهنجا رب تون مون کي توفيق ڏي ته آئون تنهنجي نعمتن جو شڪر ادا ڪريان جيڪي نعمتون تو منهنجي مٿان ڪيون ۽ منهنجي پيءُ ماءُ تي ڪيون ۽ آئون اهو عمل صالح ڪريان جيڪو توکي پسند اچي ۽ تون منهنجي اولاد ۾ (ديني دنيوي) صلاحيت پيدا ڪر. بيشڪ آئون تو ڏانهن موٽيس بيشڪ آئون مسلمانن مان آهيان |
أُولٰئِكَ الَّذينَ نَتَقَبَّلُ عَنهُم أَحسَنَ ما عَمِلوا وَنَتَجاوَزُ عَن سَيِّـٔاتِهِم فى أَصحٰبِ الجَنَّةِ وَعدَ الصِّدقِ الَّذى كانوا يوعَدونَ (آيت : 16) |
اِهي اُهي ماڻهو آهن جن جا نيڪ عمل اسين قبول ڪريون ٿا ۽ اسين انهن جا گناه معاف ڪريون ٿا، (اهي ماڻهو) جنتي آهن. الله تعالى (دنيا ۾) انهن سان (بهشت جو) سچو وعدو فرمايو |
وَالَّذى قالَ لِوٰلِدَيهِ أُفٍّ لَكُما أَتَعِدانِنى أَن أُخرَجَ وَقَد خَلَتِ القُرونُ مِن قَبلى وَهُما يَستَغيثانِ اللَّهَ وَيلَكَ ءامِن إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَيَقولُ ما هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 17) |
۽ جنهن ماڻهو (ڪافر) (دعوتِ اسلام وقت) پنهنجي پيءُ ماءُ کي اُف چيو (۽ چيائين) ڇا توهان مون کي ڊيڄاريو ٿا ته آئون ٻِئي دفعي زنده ٿيندس حالانڪ مون کان اڳ ۾ ڪيترا ماڻهو گذريا، ۽ پيءُ ماءُ (ان لاءِ) الله تعالى کان فرياد ڪن ٿا، ويل پونئين تون ايمان آڻ. بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي. پوءِ اهو چوي ٿو ناهي هيءُ مگر اڳين ماڻهن جون آکاڻيون |
أُولٰئِكَ الَّذينَ حَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ فى أُمَمٍ قَد خَلَت مِن قَبلِهِم مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنَّهُم كانوا خٰسِرينَ (آيت : 18) |
اِهي اُهي ماڻهو آهن جن تي عذاب ثابت ٿي چڪو انهن امتن ۾ جيڪي انهن کان اڳ ۾ جِنن ۽ انسانن مان گذريون، بيشڪ اهي نقصان ڪندڙ هئا |
وَلِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِمّا عَمِلوا وَلِيُوَفِّيَهُم أَعمٰلَهُم وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 19) |
۽ هر هڪ لاءِ سندن عملن مطابق درجا آهن ۽ ضرور انهن کي سندن عملن جي جزا ڏني ويندي ۽ انهن تي ظلم نه ڪيو ويندو |
وَيَومَ يُعرَضُ الَّذينَ كَفَروا عَلَى النّارِ أَذهَبتُم طَيِّبٰتِكُم فى حَياتِكُمُ الدُّنيا وَاستَمتَعتُم بِها فَاليَومَ تُجزَونَ عَذابَ الهونِ بِما كُنتُم تَستَكبِرونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَبِما كُنتُم تَفسُقونَ (آيت : 20) |
۽ قيامت جي ڏينهن ڪافرن کي باه جي سامهون پيش ڪيو ويندو. (انهن کي چيو ويندو) توهان پنهنجي حصي جون پاڪ شيون پنهنجي دنيا جي حياتي ۾ استعمال ڪيون ۽ توهان انهن مان نفعو ورتو، پوءِ اڄ ڏينهن توهان کي ان جي عيوض خواريءَ وارو عذاب ڏنو ويندو انهيءَ سببان جو توهان زمين ۾ ناحق تڪبر ڪندا هئا ۽ انهيءَ سببان جو توهان گناه ڪندا هئا |
وَاذكُر أَخا عادٍ إِذ أَنذَرَ قَومَهُ بِالأَحقافِ وَقَد خَلَتِ النُّذُرُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 21) |
رسولِ عربي توهان عاد جي قوم جو ذڪر ڪريو، جنهن وقت (ان پيغمبر) پنهنجي قوم کي احقاف جي واديءَ ۾ ڊيڄاريو ۽ بيشڪ ان کان اڳ ۾ ۽ ان کان پوءِ پيغمبر گذريا، ان چيو توهان نه عبادت ڪريو مگر الله جي، بيشڪ مون کي توهان لاءِ هڪ عظيم ڏينهن جي عذاب جو خوف آهي |
قالوا أَجِئتَنا لِتَأفِكَنا عَن ءالِهَتِنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 22) |
انهن چيو ڇا تون اسان وٽ ان لاءِ آيو آهين ته تون اسان کي پنهنجي معبودن کان ڦيرائين. پوءِ تون اهو (عذاب) آڻ جنهنجو تون اسان کي وعدو ڏين ٿو، جيڪڏهن تون سچن مان آهين |
قالَ إِنَّمَا العِلمُ عِندَ اللَّهِ وَأُبَلِّغُكُم ما أُرسِلتُ بِهِ وَلٰكِنّى أَرىٰكُم قَومًا تَجهَلونَ (آيت : 23) |
هود چيو ان جو علم الله تعالى وٽ آهي، ۽ آئون توهان کي اهو پهچايان ٿو جيڪو مون ڏانهن موڪليو وڃي ٿو پر آئون توهان کي جاهل قوم ڏسان پيو |
فَلَمّا رَأَوهُ عارِضًا مُستَقبِلَ أَودِيَتِهِم قالوا هٰذا عارِضٌ مُمطِرُنا بَل هُوَ مَا استَعجَلتُم بِهِ ريحٌ فيها عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 24) |
پوءِ جڏهن انهن ان عذاب کي ڪڪر وانگر سندين وادين تي ڇانيل ڏٺو ته چوڻ لڳا هيءُ ڪڪر آهي جيڪو اسان تي وسايو ويندو. بلڪ اِهو اُهو (عذاب) آهي جنهن لاءِ توهان تڪڙ ڪئي ٿي (هيءُ) طوفان آهي جنهن ۾ دردناڪ عذاب آهي |
تُدَمِّرُ كُلَّ شَيءٍ بِأَمرِ رَبِّها فَأَصبَحوا لا يُرىٰ إِلّا مَسٰكِنُهُم كَذٰلِكَ نَجزِى القَومَ المُجرِمينَ (آيت : 25) |
(اهو) پنهنجي رب جي حڪم سان هر شيءِ کي برباد ڪري ڇڏيندو پوءِ ايئن ڦري ٿيا جو انهن جي گھرن کانسواءِ (ڪجھه به) ڏسڻ ۾ نه ٿي آيو. اهڙيءَ طرح اسين مجرمن جي قوم کي جزا ڏيون ٿا |
وَلَقَد مَكَّنّٰهُم فيما إِن مَكَّنّٰكُم فيهِ وَجَعَلنا لَهُم سَمعًا وَأَبصٰرًا وَأَفـِٔدَةً فَما أَغنىٰ عَنهُم سَمعُهُم وَلا أَبصٰرُهُم وَلا أَفـِٔدَتُهُم مِن شَيءٍ إِذ كانوا يَجحَدونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 26) |
۽ بيشڪ تحقيق اسان انهن کي اها قوت عطا ڪئي جيڪا توهان کي نه ڏني سين ۽ اسان انهن لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دل پيدا فرمايا، پوءِ انهن تان سندن ڪنن ۽ اکين ۽ سندن دلين ڪا شيءِ دفع نه ڪئي. ڇو ته اهي الله جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا. ۽ انهن کي ان عذاب گھيريو جنهنجي اهي مذاق ڪندا هئا |
وَلَقَد أَهلَكنا ما حَولَكُم مِنَ القُرىٰ وَصَرَّفنَا الءايٰتِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 27) |
۽ بيشڪ تحقيق اسان توهان جي چوڌاري ڪيترا ڳوٺ هلاڪ ڪيا. ۽ اسان (مختلف) نشانيون آنديون ته من اهي موٽن |
فَلَولا نَصَرَهُمُ الَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ قُربانًا ءالِهَةً بَل ضَلّوا عَنهُم وَذٰلِكَ إِفكُهُم وَما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 28) |
پوءِ انهن جي معبودن (بتن) انهن جي ڇو نه مدد ڪئي جن کي انهن قربِ خداوندي حاصل ڪرڻ لاءِ معبود بنايو، بلڪ اهي انهن کان غائب ٿي ويا، ۽ اهو انهن جو ڪوڙ ۽ بهتان هو |
وَإِذ صَرَفنا إِلَيكَ نَفَرًا مِنَ الجِنِّ يَستَمِعونَ القُرءانَ فَلَمّا حَضَروهُ قالوا أَنصِتوا فَلَمّا قُضِىَ وَلَّوا إِلىٰ قَومِهِم مُنذِرينَ (آيت : 29) |
۽ جڏهن اسان جِنن جي هڪ ٽولي کي توهان ڏانهن موٽايو جن قرآن ڪريم (غور سان) ٻڌو، پوءِ جڏهن اهي رسولِ عربي وٽ حاضر ٿيا انهن پاڻ ۾ چيو ته خاموش ٿيو، پوءِ جڏهن تلاوت پوري ٿي ته اهي پنهنجي قوم کي ڊيڄارڻ لاءِ موٽيا |
قالوا يٰقَومَنا إِنّا سَمِعنا كِتٰبًا أُنزِلَ مِن بَعدِ موسىٰ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ يَهدى إِلَى الحَقِّ وَإِلىٰ طَريقٍ مُستَقيمٍ (آيت : 30) |
جِنن چيو، اي اسان جي قوم بيشڪ اسان قرآن ڪريم کي ٻڌو جيڪو (حضرت) موسيٰ کان پوءِ نازل ڪيو ويو جيڪو اڳين ڪتابن جي تصديق فرمائي حق ۽ سنئين واٽ ڏانهن هدايت ڏئي ٿو |
يٰقَومَنا أَجيبوا داعِىَ اللَّهِ وَءامِنوا بِهِ يَغفِر لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُجِركُم مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 31) |
اي اسان جي قوم توهان رسولِ عربيءَ جو حڪم مڃو ۽ رسولِ عربي تي ايمان آڻيو الله تعالى توهان جا گناه بخشيندو ۽ توهان کي دردناڪ عذاب کان بچائيندو |
وَمَن لا يُجِب داعِىَ اللَّهِ فَلَيسَ بِمُعجِزٍ فِى الأَرضِ وَلَيسَ لَهُ مِن دونِهِ أَولِياءُ أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 32) |
۽ جيڪو ماڻهو رسولِ عربيءَ جو حڪم نه مڃيندو، پوءِ اهو زمين ۾ (الله تعالى جي) پڪڙ کان بچي نٿو سگھي ۽ ان لاءِ الله تعالى کانسواءِ ڪو مددگار ناهي، اهي صاف گمراهي ۾ آهن |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَلَم يَعىَ بِخَلقِهِنَّ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يُحۦِىَ المَوتىٰ بَلىٰ إِنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 33) |
ڇا انهن اهو نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى اهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمينن کي تخليق ڪيو ۽ انهن جي ٺاهڻ ۾ پاڻ نه ٿڪو، اهو قادر آهي جو مُئلن کي جياري، ها! بيشڪ اهو هر شيءِ تي قادر آهي |
وَيَومَ يُعرَضُ الَّذينَ كَفَروا عَلَى النّارِ أَلَيسَ هٰذا بِالحَقِّ قالوا بَلىٰ وَرَبِّنا قالَ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 34) |
۽ قيامت جي ڏينهن ڪافرن کي باه تي پيش ڪيو ويندو، ڇا هيءُ حق ناهي؟ اهي چوندا ها. اسان کي اسان جي رب جو قسم آهي، الله تعالى فرمائيندو پوءِ توهان عذاب چکو انهيءَ سببان جو توهان ڪفر ڪندا هئا |
فَاصبِر كَما صَبَرَ أُولُوا العَزمِ مِنَ الرُّسُلِ وَلا تَستَعجِل لَهُم كَأَنَّهُم يَومَ يَرَونَ ما يوعَدونَ لَم يَلبَثوا إِلّا ساعَةً مِن نَهارٍ بَلٰغٌ فَهَل يُهلَكُ إِلَّا القَومُ الفٰسِقونَ (آيت : 35) |
پوءِ رسولِ عربي توهان صبر ڪريو جيئنڪ اُولُوالۡعَزَم (همت وارن) پيغمبرن صبر ڪيو ۽ توهان (انهن جي عذاب لاءِ) تڪڙ نه ڪريو، گوياڪ اهي اُهو ڏينهن ڏسن ٿا جنهنجو کين وعدو ڏنو ويو، اهي نه رهيا (دنيا ۾) مگر هڪ ساعت ڏينهن مان (هيءُ) نصيحت آهي، پوءِ نٿي هلاڪ ڪئي وڃي مگر قوم فاسقن جي |