حم (آيت : 1) |
حٰا- ميم |
تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
هن ڪتاب جو لاهڻ الله غالب، ڏاهپ واري وٽان آهي. |
ما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَأَجَلٍ مُسَمًّى وَالَّذينَ كَفَروا عَمّا أُنذِروا مُعرِضونَ (آيت : 3) |
اسان آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن وڏي مقصد سان ۽ هڪ مقرر وقت لاءِ ئي پيدا ڪيو آهي_ جن انڪار ڪيو، سي انهي کان منهن موڙين ٿا، جنهن کان ڊيڄاريا ويا. |
قُل أَرَءَيتُم ما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ أَرونى ماذا خَلَقوا مِنَ الأَرضِ أَم لَهُم شِركٌ فِى السَّمٰوٰتِ ائتونى بِكِتٰبٍ مِن قَبلِ هٰذا أَو أَثٰرَةٍ مِن عِلمٍ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 4) |
چئو ته ”ڏسو ته سهي، ته الله کان سواءِ جن کي پڪاريو ٿا، مون کي ڏيکاريو ته انهن زمين جي ڪهڙي شيءِ پيدا ڪئي آهي؟ يا آسمان ۾ انهن جي ڪا ڀائيواري آهي؟ جيڪڏهن سچا آهيو ته هن کان اڳ ڪو به ڪتاب يا ڪا علم جي سند مون وٽ آڻيو!“ |
وَمَن أَضَلُّ مِمَّن يَدعوا مِن دونِ اللَّهِ مَن لا يَستَجيبُ لَهُ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ وَهُم عَن دُعائِهِم غٰفِلونَ (آيت : 5) |
(نه ته ڀلا) انهي کان وڌيڪ ٻيو ڪير گمراهه آهي، جو الله کان سواءِ ٻئي اهڙي کي پڪاري ٿو جو قيامت تائين ان لاءِ سندس سڏ نٿو اونائي ۽ هو ته سندس پڪارڻ کان به بي خبر آهن! |
وَإِذا حُشِرَ النّاسُ كانوا لَهُم أَعداءً وَكانوا بِعِبادَتِهِم كٰفِرينَ (آيت : 6) |
۽ ماڻهن گڏ ٿيڻ (قيامت) وقت اهي سندن دشمن هوندا، ۽ انهن جي عبادت کان انڪاري هوندا! |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلحَقِّ لَمّا جاءَهُم هٰذا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
۽ جڏهن انهن تي اسان جون پڌريون آيتون پڙهجن ٿيون، تڏهن انڪار ڪندڙ، سچي ڳالهه جي وٽن پهچڻ تي، چون ٿا ته ”هي صفا جادو آهي.“ |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل إِنِ افتَرَيتُهُ فَلا تَملِكونَ لى مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا هُوَ أَعلَمُ بِما تُفيضونَ فيهِ كَفىٰ بِهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم وَهُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 8) |
بلڪ چون ٿا ته، ”هي نبيءَ جو ٺاهه آهي!“ چئو ته ”جيڪڏهن مون ان کي ٺاهيو آهي، ته پوءِ اوهين الله کان مون کي بچائڻ بابت ڪجهه ڪري نٿا سگهو، ان بابت جيڪا ڳالهه ڪريو ٿا، اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي_ الله منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ حق کي ظاهر ڪندڙ ڪافي آهي ۽ بخشڻهار مهربان آهي.“ |
قُل ما كُنتُ بِدعًا مِنَ الرُّسُلِ وَما أَدرى ما يُفعَلُ بى وَلا بِكُم إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ وَما أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 9) |
چئو ته آءُ رسولن مان ڪو نئون ناهيان، مون کي خبر ناهي ته مون سان ۽ اوهان سان ڇا ڪيو ويندو. آءُ ته رڳو انهي جي تابعداري ڪندڙ آهيان، جيڪي مون ڏي وحي ڪيو ٿو وڃي، ۽ آءُ فقط کُليءَ طرح ڊيڄاريندڙ آهيان. |
قُل أَرَءَيتُم إِن كانَ مِن عِندِ اللَّهِ وَكَفَرتُم بِهِ وَشَهِدَ شاهِدٌ مِن بَنى إِسرٰءيلَ عَلىٰ مِثلِهِ فَـٔامَنَ وَاستَكبَرتُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 10) |
چئو ته ڏسو ته سهي، جيڪڏهن هيءُ الله وٽان آيل آهي ۽ اوهان انڪار ڪيو ۽ بني اسرائيل مان هڪ شاهد انهي بابت شاهدي ڏني ۽ ايمان به آندائين پر اوهان هٺ ڪيو- بيشڪ الله ظالم قوم کي ڪامياب نٿو ڪري. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا لَو كانَ خَيرًا ما سَبَقونا إِلَيهِ وَإِذ لَم يَهتَدوا بِهِ فَسَيَقولونَ هٰذا إِفكٌ قَديمٌ (آيت : 11) |
۽ مؤمنن بابت ڪافرن چيو ته ”جيڪڏهن اهو دين چڱو هجي ها، ته اسين هنن کان وڌيڪ ان ڏانهن اڳرائي ڪريون ها.“ ۽ جڏهن ان سان رستو نه لڌائون؛ تڏهن چون ٿا ته ”هي هڪ پراڻو ڪوڙ آهي.“ |
وَمِن قَبلِهِ كِتٰبُ موسىٰ إِمامًا وَرَحمَةً وَهٰذا كِتٰبٌ مُصَدِّقٌ لِسانًا عَرَبِيًّا لِيُنذِرَ الَّذينَ ظَلَموا وَبُشرىٰ لِلمُحسِنينَ (آيت : 12) |
۽ هن کان اڳ موسيٰ جو ڪتاب اڳواڻ ۽ رحمت هو ۽ هي ڪتاب ان کي سچو ڪندڙ عربي ٻوليءَ ۾ آهي. ته ظالمن کي ڊيڄاري ۽ نيڪو ڪارن لاءِ مبارڪ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ قالوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ استَقٰموا فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 13) |
بيشڪ جن چيو ته ”اسان جو ڌڻي الله آهي“ پوءِ انهي تي مضبوط ٿي بيٺا، تن تي نڪو ڊپ آهي ۽ نه اهي غمگين ٿيندا. |
أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ خٰلِدينَ فيها جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 14) |
اهي بهشتي آهن، جنهن ۾ هميشه رهندا. اهو ان جو بدلو آهي، جيڪي ڪمايائون. |
وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ إِحسٰنًا حَمَلَتهُ أُمُّهُ كُرهًا وَوَضَعَتهُ كُرهًا وَحَملُهُ وَفِصٰلُهُ ثَلٰثونَ شَهرًا حَتّىٰ إِذا بَلَغَ أَشُدَّهُ وَبَلَغَ أَربَعينَ سَنَةً قالَ رَبِّ أَوزِعنى أَن أَشكُرَ نِعمَتَكَ الَّتى أَنعَمتَ عَلَىَّ وَعَلىٰ وٰلِدَىَّ وَأَن أَعمَلَ صٰلِحًا تَرضىٰهُ وَأَصلِح لى فى ذُرِّيَّتى إِنّى تُبتُ إِلَيكَ وَإِنّى مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 15) |
اسان انسان کي پنهنجي ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪرڻ جو حڪم ڪيو، ان جي ماءُ کيس تڪليف سان پيٽ ۾ کنيو ۽ تڪليف سان ڄڻيو_ ۽ سندس حمل ۽ ٿڃ ڇڏرائڻ ٽيهه مهينا آهي_ تان جو جڏهن جواني کي پهتو ۽ چاليهن سالن جو ٿيو، تڏهن چوي ٿو ”اي منهنجا ڌڻي! مون کي توفيق ڏي، ته تنهنجي انهيءَ نعمت جو شڪر ڪريان، جيڪا مون تي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ تي ڪئي اٿئي_ ۽ چڱا ڪم ڪريان، جن کان تون راضي رهين_ ۽ منهنجي اولاد ۾ سڌارو ڪر، بيشڪ آءُ توڏي موٽان ٿو ۽ آءُ مسلمانن مان آهيان.“ |
أُولٰئِكَ الَّذينَ نَتَقَبَّلُ عَنهُم أَحسَنَ ما عَمِلوا وَنَتَجاوَزُ عَن سَيِّـٔاتِهِم فى أَصحٰبِ الجَنَّةِ وَعدَ الصِّدقِ الَّذى كانوا يوعَدونَ (آيت : 16) |
اهي شخص ئي آهن جن کان سندن چڱا ڪم ڪيل قبول ٿا ڪريون، سندن مداين کان ٽارو ٿا ڪريون؛ هو بهشتن ۾ هوندا، انهيءَ وعدي جي ڪري، جو ساڻن ڪيو ويو هو. |
وَالَّذى قالَ لِوٰلِدَيهِ أُفٍّ لَكُما أَتَعِدانِنى أَن أُخرَجَ وَقَد خَلَتِ القُرونُ مِن قَبلى وَهُما يَستَغيثانِ اللَّهَ وَيلَكَ ءامِن إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَيَقولُ ما هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 17) |
۽ جنهن شخص پنهنجي ماءُ پيءُ کي چيو ته ”اوهان کي حيف آهي، اوهين مون کي انجام ٿا ڏيو ته (قبر مان) ڪڍيو ويندس؛ ۽ بيشڪ مون کان اڳ ڪيترا جڳ گذري ويا آهن؟“ هو ٻئي الله کي ٻاڏائين ٿا (۽ چونس ٿا) ”ويل آهي تنهنجي لاءِ! تون ايمان آڻ. بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي.“ پوءِ هو چوي ٿو ته ”هي رڳو اڳوڻن جون آکاڻيون آهن.“ |
أُولٰئِكَ الَّذينَ حَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ فى أُمَمٍ قَد خَلَت مِن قَبلِهِم مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنَّهُم كانوا خٰسِرينَ (آيت : 18) |
اهڙن شخصن تي اهڙي ئي سزا لازم ٿي، جهڙي انهن ٽولين تي ٿي، جي انهن کان اڳ جنن ۽ انسانن مان گذري ويون- بيشڪ اهي نقصان پائيندڙ آهن. |
وَلِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِمّا عَمِلوا وَلِيُوَفِّيَهُم أَعمٰلَهُم وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 19) |
۽ هر ڪنهن لاءِ، ڪمائيءَ موجب درجا آهن، ته الله کين سندس ڪمن جو پورو بدلو ڏئي ۽ مٿن ظلم نه ڪبو- |
وَيَومَ يُعرَضُ الَّذينَ كَفَروا عَلَى النّارِ أَذهَبتُم طَيِّبٰتِكُم فى حَياتِكُمُ الدُّنيا وَاستَمتَعتُم بِها فَاليَومَ تُجزَونَ عَذابَ الهونِ بِما كُنتُم تَستَكبِرونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَبِما كُنتُم تَفسُقونَ (آيت : 20) |
۽ جنهن ڏينهن منڪرن کي باهه تي آڻبو- (چئبو ته) ”اوهين پنهنجيون نعمتون دنيا جي حياتيءَ ۾ وٺي چڪا ۽ انهن سان آسودا رهيا، تنهن ڪري اڄ اوهان کي خواري جي عذاب جو بدلو ڏبو، جو اوهين ناحق زمين ۾ وڏائي ڪندا هئا ۽ پڻ بدڪاري ڪندا هئا.“ |
وَاذكُر أَخا عادٍ إِذ أَنذَرَ قَومَهُ بِالأَحقافِ وَقَد خَلَتِ النُّذُرُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 21) |
۽ عاد قوم جي ڀاءُ (هود) کي ياد ڪر. جڏهن ”احقاف“ ۾ پنهنجي قوم کي ڊيڄاريائين ۽ سندن اڳيان ۽ پويان به ڊيڄاريندڙ ئي گذريا هئا_ ته ”الله کان سواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪريو، بيشڪ آءُ اوهان تي وڏي ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.“ |
قالوا أَجِئتَنا لِتَأفِكَنا عَن ءالِهَتِنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 22) |
چيائون ته ”اسان وٽ ان لاءِ آيو آهين ڇا، ته اسان کي پنهنجن ساٿين کان ڦيرائين؟ جي سچو آهين ته جيڪو وعدو اسان کي ڏين ٿو سو اسان وٽ آڻ!“ |
قالَ إِنَّمَا العِلمُ عِندَ اللَّهِ وَأُبَلِّغُكُم ما أُرسِلتُ بِهِ وَلٰكِنّى أَرىٰكُم قَومًا تَجهَلونَ (آيت : 23) |
جواب ڏنائين ته ”اها خبر رڳو الله کي آهي، آءُ جنهن سان موڪليو ويو آهيان، سو اوهان کي پهچايان ٿو، پر آءُ اوهان کي جاهل قوم ٿو ڏسان.“ |
فَلَمّا رَأَوهُ عارِضًا مُستَقبِلَ أَودِيَتِهِم قالوا هٰذا عارِضٌ مُمطِرُنا بَل هُوَ مَا استَعجَلتُم بِهِ ريحٌ فيها عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 24) |
پوءِ جڏهن سندن ماٿرين ڏي ڪڪر (جهڙو عذاب) ايندو ڏٺائون، ته چيائون ”هيءُ ڪڪر آهي، جو اسان تي وسندو. مگر نه، هي اهو آهي جنهن کي جلد ئي گهرو ٿا. اهو هڪ طوفان آهي جنهن ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آهي. |
تُدَمِّرُ كُلَّ شَيءٍ بِأَمرِ رَبِّها فَأَصبَحوا لا يُرىٰ إِلّا مَسٰكِنُهُم كَذٰلِكَ نَجزِى القَومَ المُجرِمينَ (آيت : 25) |
اهو سندس رب جي حڪم سان سڀ ڪنهن شيءِ کي ناس ڪندو.“ پوءِ سندن حال اهڙو ٿيو جو سندن گهرن کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿي ڏٺو ويو_ اهڙيءَ طرح ڏوهاري قوم کي سزا ڏيندا آهيون. |
وَلَقَد مَكَّنّٰهُم فيما إِن مَكَّنّٰكُم فيهِ وَجَعَلنا لَهُم سَمعًا وَأَبصٰرًا وَأَفـِٔدَةً فَما أَغنىٰ عَنهُم سَمعُهُم وَلا أَبصٰرُهُم وَلا أَفـِٔدَتُهُم مِن شَيءٍ إِذ كانوا يَجحَدونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 26) |
۽ بيشڪ اسان انهن کي اهڙي جاءِ ڏني هئي جو اوهان کي به اهڙي جاءِ نه ڏني سون_ ۽ انهن کي ڪن ۽ اکيون ۽ دليون ڏنيون سين، پوءِ جڏهن الله جي آيتن جو انڪار ڪيائون، تڏهن سندن ڪنن خواهه سندن اکين خواهه سندن دلين ڪجهه به (عذاب) نه ٽاريو ۽ جنهن بابت ٺٺوليون ڪندا هئا، سو مٿن اچي ڪڙڪيو. |
وَلَقَد أَهلَكنا ما حَولَكُم مِنَ القُرىٰ وَصَرَّفنَا الءايٰتِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 27) |
۽ بيشڪ اسان توهان جي آسپاس جي ڳوٺن کي ناس ڪيو ۽ آيتن کي ورائي ورائي آندوسون، ته من اهي موٽن. |
فَلَولا نَصَرَهُمُ الَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ قُربانًا ءالِهَةً بَل ضَلّوا عَنهُم وَذٰلِكَ إِفكُهُم وَما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 28) |
پوءِ ڀلا اهي جن کي الله کان سواءِ، سمجهندا هئا ته کين الله جي ويجهو ڪندا، تن سندن مدد ڇو نه ڪئي؟ مگر هو کانئن وڃائجي ويا، اهو سندن ڪوڙ آهي ۽ اهو ٺاهه آهي جو ٺاهيندا هئا. |
وَإِذ صَرَفنا إِلَيكَ نَفَرًا مِنَ الجِنِّ يَستَمِعونَ القُرءانَ فَلَمّا حَضَروهُ قالوا أَنصِتوا فَلَمّا قُضِىَ وَلَّوا إِلىٰ قَومِهِم مُنذِرينَ (آيت : 29) |
۽ ياد ڪر، جڏهن جنن جي هڪ ٽوليءَ کي توڏانهن لاڙيوسون، جو قرآن ٿي ٻڌائون، پوءِ جڏهن روبرو ٿيا، چيائون ته ”ماٺ ڪريو“، پوءِ جڏهن پورو ڪيو ويو، ته پنهنجي قوم ڏانهن ڊيڄاريندڙ ٿي موٽيا. |
قالوا يٰقَومَنا إِنّا سَمِعنا كِتٰبًا أُنزِلَ مِن بَعدِ موسىٰ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ يَهدى إِلَى الحَقِّ وَإِلىٰ طَريقٍ مُستَقيمٍ (آيت : 30) |
چيائون ته، ”اي اسان جي قوم! بيشڪ اسان هڪ اهڙو ڪتاب ٻُڌو، جو موسيٰ کان پوءِ لاٿو ويو آهي؛ کانئس اڳين کي به هو سچو ڪندڙ آهي، سچ ڏانهن ۽ سڌي رستي ڏانهن واٽ ڏيکاريندڙ آهي. |
يٰقَومَنا أَجيبوا داعِىَ اللَّهِ وَءامِنوا بِهِ يَغفِر لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُجِركُم مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 31) |
اي اسان جي قوم! الله جي سڏيندڙ جو چيو مڃيو ۽ ان تي ايمان آڻيو ته الله اوهان جا گناهه بخشي ۽ ڏکوئيندڙ عذاب کان اوهان کي ڇڏائي.“ |
وَمَن لا يُجِب داعِىَ اللَّهِ فَلَيسَ بِمُعجِزٍ فِى الأَرضِ وَلَيسَ لَهُ مِن دونِهِ أَولِياءُ أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 32) |
۽جيڪو الله جي سڏيندڙ کي قبول نه ڪندو، سو ملڪ ۾ ٿڪائڻ وارو نه آهي ۽ الله کان سواءِ ڪو ٻيو ان جو مددگار ڪونهي. اُهي ئي پڌريءَ گمراهيءَ ۾ آهن- |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَلَم يَعىَ بِخَلقِهِنَّ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يُحۦِىَ المَوتىٰ بَلىٰ إِنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 33) |
نٿا ڏسن ڇا، ته جنهن الله زمين ۽ آسمانن کي بنايو آهي ۽ انهن جي بنائڻ ۾ نه ٿڪو، سو هن ڳالهه تي به وس وارو آهي، ته مئن کي جيئاري؟ هائو! بيشڪ هو هر ڪنهن ڳالهه تي سگهه وارو آهي. |
وَيَومَ يُعرَضُ الَّذينَ كَفَروا عَلَى النّارِ أَلَيسَ هٰذا بِالحَقِّ قالوا بَلىٰ وَرَبِّنا قالَ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 34) |
۽ جنهن ڏينهن ڪافر باهه تي پيش ڪبا ۽ چئبن ته ”هي سچ نه آهي ڇا؟“ چوندا ته ”هائو ۽ اسان جي رب جو قسم!“ چئبن ته ”هاڻي عذاب چکو، جنهن جو اوهين انڪار ڪندا هئا.“ |
فَاصبِر كَما صَبَرَ أُولُوا العَزمِ مِنَ الرُّسُلِ وَلا تَستَعجِل لَهُم كَأَنَّهُم يَومَ يَرَونَ ما يوعَدونَ لَم يَلبَثوا إِلّا ساعَةً مِن نَهارٍ بَلٰغٌ فَهَل يُهلَكُ إِلَّا القَومُ الفٰسِقونَ (آيت : 35) |
پوءِ تون صبر ڪر، جيئن رسولن مان همت وارن صبر ڪيو ۽ انهي لاءِ تڪڙ نه ڪر، جنهن جو کين انجام ڪجي ٿو. سو ڏينهن ڏسندا، تنهن ڏينهن ڀائيندا ته ڄڻڪ اهي ڏينهن جي هڪ گهڙي کان وڌيڪ رهيا ئي نه هئا! اهو آهي پيغام- پوءِ فقط بدڪار انسان ئي ناس ڪبا. |