حم (آيت : 1) |
حا - ميم . |
تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
نازل ڪرڻ ڪتاب جو الله، غالب حڪمت واري وٽان آهي . |
ما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَأَجَلٍ مُسَمًّى وَالَّذينَ كَفَروا عَمّا أُنذِروا مُعرِضونَ (آيت : 3) |
نه پيدا ڪيا اسان آسمان ۽ زمين ۽ جيڪو انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي مگر حق سان ۽ مدي مقرر سان ۽ جن ڪفر ڪيو ان کان جو ڊيڄاريا ويا منهن موڙيندڙ آهن . |
قُل أَرَءَيتُم ما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ أَرونى ماذا خَلَقوا مِنَ الأَرضِ أَم لَهُم شِركٌ فِى السَّمٰوٰتِ ائتونى بِكِتٰبٍ مِن قَبلِ هٰذا أَو أَثٰرَةٍ مِن عِلمٍ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 4) |
فرماءِ ته خبر ڏيو انهن کان جن جي عبادت ڪيو ٿا الله کان سواءِ ڏيکاريو مون کي ڇا آهي اهو جيڪو پيدا ڪيائون زمين مان يا انهن جو ڀائيوارو آهي آسمانن ۾ آڻيو مون وٽ ڪتاب (آيل) اڳي هن کان يا ڪو ثبوت علمي جيڪڏهن آهيو سچا . |
وَمَن أَضَلُّ مِمَّن يَدعوا مِن دونِ اللَّهِ مَن لا يَستَجيبُ لَهُ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ وَهُم عَن دُعائِهِم غٰفِلونَ (آيت : 5) |
۽ ڪير وڌيڪ گمراھ آهي ان کان جيڪو سڏي ٿو الله کان سواءِ ان کي جو نٿو قبول ڪري ان لاءِ قيامت جي ڏينهن تائين ۽ اهي سندن سڏڻ کان بي خبر آهن . |
وَإِذا حُشِرَ النّاسُ كانوا لَهُم أَعداءً وَكانوا بِعِبادَتِهِم كٰفِرينَ (آيت : 6) |
۽ جڏهن گڏ ڪيا ويندا ماڻهو ته هوندا انهن جا دشمن ۽ هوندا انهن جي عبادت جو انڪار ڪندڙ . |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلحَقِّ لَمّا جاءَهُم هٰذا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
۽ جڏهن پڙهيون وڃن ٿيون انهن تي اسان جون آيتون روشن ته چيو انهن جن ڪفر ڪيو حق جي لاءِ جڏهن آيو انهن وٽ ته هي جادو کليل آهي . |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل إِنِ افتَرَيتُهُ فَلا تَملِكونَ لى مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا هُوَ أَعلَمُ بِما تُفيضونَ فيهِ كَفىٰ بِهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم وَهُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 8) |
بلڪ چون ٿا ته ٺاهيو اٿس ان کي فرماءِ ته جيڪڏهن ٺاهيو آهي مون ان کي پوءِ اوهان نٿا مالڪ ٿيو مون لاءِ الله کان ڪنهن شيءِ جا اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان کي جو لڳا ٿا رهو ان ۾ ڪافي ٿيو اهو شاهد ٿي منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ ۽ اهو ئي بخشڻهار مهربان آهي . |
قُل ما كُنتُ بِدعًا مِنَ الرُّسُلِ وَما أَدرى ما يُفعَلُ بى وَلا بِكُم إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ وَما أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 9) |
فرماءِ ته ناهيان مان نئون رسولن مان ۽ نٿو (اٽڪل سان) ڄاڻان ته ڇا ڪيو ويندو مون سان ۽ نه اوهان سان نٿو تابعداري ڪيان مان مگر ان جي جيڪو وحي ڪيو ٿو وڃي مون ڏانهن ۽ ناهيان مان مگر ڊيڄاريندڙ پڌرو . |
قُل أَرَءَيتُم إِن كانَ مِن عِندِ اللَّهِ وَكَفَرتُم بِهِ وَشَهِدَ شاهِدٌ مِن بَنى إِسرٰءيلَ عَلىٰ مِثلِهِ فَـٔامَنَ وَاستَكبَرتُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 10) |
فرماءِ ته خبر ڏيو جيڪڏهن هجي الله وٽان ۽ ڪفر ڪيو اوهان ان جو ۽ شاهدي ڏني شاهد بني اسرائيل مان اهڙي (ڪتاب) تي پوءِ ايمان آندائين ۽ تڪبر ڪيو اوهان بيشڪ الله نٿو هدايت ڪري قوم ظالم کي . |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا لَو كانَ خَيرًا ما سَبَقونا إِلَيهِ وَإِذ لَم يَهتَدوا بِهِ فَسَيَقولونَ هٰذا إِفكٌ قَديمٌ (آيت : 11) |
۽ چيو انهن جن ڪفر ڪيو انهن لاءِ جن ايمان آندو جيڪڏهن هجي ها ڀلو ته نه اڳرائي ڪن ها اسان کان ان ڏانهن ۽ جڏهن نه هدايت وارا ٿيا ان سان پوءِ جلد چوندا ته هي بهتان پراڻو آهي . |
وَمِن قَبلِهِ كِتٰبُ موسىٰ إِمامًا وَرَحمَةً وَهٰذا كِتٰبٌ مُصَدِّقٌ لِسانًا عَرَبِيًّا لِيُنذِرَ الَّذينَ ظَلَموا وَبُشرىٰ لِلمُحسِنينَ (آيت : 12) |
۽ ان کان اڳي ڪتاب موسى جو هو اڳواڻ ۽ رحمت ۽ هي ڪتاب (ان کي) سچو ڪندڙ ٻوليءَ عربيءَ ۾ آهي تانته ڊيڄاري انهن کي جن ظلم ڪيو ۽ خوشخبري آهي محسنن جي لاءِ . |
إِنَّ الَّذينَ قالوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ استَقٰموا فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 13) |
بيشڪ جن چيو ته اسان جو رب الله آهي ان کان پوءِ استقامت ڪيائون پوءِ ناهي ڪو خوف انهن تي ۽ نه اهي غمگين ٿيندا . |
أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ خٰلِدينَ فيها جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 14) |
اهي بهشتي آهن هميشہ رهندڙ ان ۾ بدلو آهي انهن جو جيڪي ڪندا هئا . |
وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ إِحسٰنًا حَمَلَتهُ أُمُّهُ كُرهًا وَوَضَعَتهُ كُرهًا وَحَملُهُ وَفِصٰلُهُ ثَلٰثونَ شَهرًا حَتّىٰ إِذا بَلَغَ أَشُدَّهُ وَبَلَغَ أَربَعينَ سَنَةً قالَ رَبِّ أَوزِعنى أَن أَشكُرَ نِعمَتَكَ الَّتى أَنعَمتَ عَلَىَّ وَعَلىٰ وٰلِدَىَّ وَأَن أَعمَلَ صٰلِحًا تَرضىٰهُ وَأَصلِح لى فى ذُرِّيَّتى إِنّى تُبتُ إِلَيكَ وَإِنّى مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 15) |
۽ اسان انسان کي حڪم ڏنو پنهنجن والدين سان احسان جو، کنيو ان کي ان جي ماءُ تڪليف سان ۽ ڄڻيائين ان کي تڪليف سان ۽ ان جو کڻڻ ۽ کير کان جدا ٿيڻ ٽيھ مهينا آهي تان جو جڏهن پهتو پنهنجي جوانيءَ کي ۽ پهتو چاليهن سالن کي ته چيائين اي منهنجا رب! توفيق ڏي مون کي ته شڪر ڪيان مان تنهنجي ان نعمت جو جيڪا نعمت مون تي ڪئي اٿئي ۽ منهنجي پيءُ ماءُ تي ۽ هي ته ڪيان مان نيڪ ڪم جو راضي ٿين تون ان کان ۽ سڌار مون لاءِ منهنجو اولاد بيشڪ مون توبہ ڪئي توڏانهن ۽ بيشڪ مان مسلمانن مان آهيان . |
أُولٰئِكَ الَّذينَ نَتَقَبَّلُ عَنهُم أَحسَنَ ما عَمِلوا وَنَتَجاوَزُ عَن سَيِّـٔاتِهِم فى أَصحٰبِ الجَنَّةِ وَعدَ الصِّدقِ الَّذى كانوا يوعَدونَ (آيت : 16) |
اهي ئي آهن جو قبول ڪيون ٿا انهن کان سهڻا اهي عمل جو ڪيائون ۽ درگذر ڪيون ٿا انهن جي براين کان بهشت وارن ۾ هوندا وعدو سچ جو جيڪو وعدو ڪيا ويا هئا . |
وَالَّذى قالَ لِوٰلِدَيهِ أُفٍّ لَكُما أَتَعِدانِنى أَن أُخرَجَ وَقَد خَلَتِ القُرونُ مِن قَبلى وَهُما يَستَغيثانِ اللَّهَ وَيلَكَ ءامِن إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَيَقولُ ما هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 17) |
۽ جنهن چيو پنهنجي پيءُ ماءُ کي اف آهي اوهان جي لاءِ ڇا وعدو ڏيو ٿا مون کي هي ته ڪڍيو ويندس مان (قبر مان) ۽ تحقيق گذريا ڪيترا قرون مون کان اڳي ۽ اهي ٻئي ٻاڏائين پيا الله کي ۽ (چون پيا) هلاڪت اٿئي ايمان آڻ بيشڪ الله جو وعدو حق آهي پوءِ چوي پيو ته ناهن هي مگر آکاڻيون پهرين جون . |
أُولٰئِكَ الَّذينَ حَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ فى أُمَمٍ قَد خَلَت مِن قَبلِهِم مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنَّهُم كانوا خٰسِرينَ (آيت : 18) |
اهي ئي آهن جو ثابت ٿيو انهن تي فرمان امتن ۾ جيڪي تحقيق گذريون انهن کان اڳي جنن ۽ انسان مان بيشڪ اهي هئا نقصان وارا . |
وَلِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِمّا عَمِلوا وَلِيُوَفِّيَهُم أَعمٰلَهُم وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 19) |
۽ سڀ ڪنهن جي لاءِ درجا آهن ان آهر جيڪي (عمل) ڪيائون ۽ تانته پورو بدلو ڏئي انهن کي سندن عملن جو ۽ اهي نه ظلم ڪيا ويندا . |
وَيَومَ يُعرَضُ الَّذينَ كَفَروا عَلَى النّارِ أَذهَبتُم طَيِّبٰتِكُم فى حَياتِكُمُ الدُّنيا وَاستَمتَعتُم بِها فَاليَومَ تُجزَونَ عَذابَ الهونِ بِما كُنتُم تَستَكبِرونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَبِما كُنتُم تَفسُقونَ (آيت : 20) |
۽ جنهن ڏينهن پيش ڪيا ويندا اهي جن ڪفر ڪيو باھ جي اڳيان ختم ڪيون اوهان پنهنجون نعمتون پنهنجي دنيوي حياتيءَ ۾ ۽ نفعو ورتو اوهان انهن سان پوءِ اڄ بدلو ڏنا ويندؤ خواريءَ واري عذاب سان ان سببان جو وڏائي ڪندا هيئو زمين تي حق کان سواءِ ۽ ان سببان جو بي فرماني ڪندا هيئو . |
وَاذكُر أَخا عادٍ إِذ أَنذَرَ قَومَهُ بِالأَحقافِ وَقَد خَلَتِ النُّذُرُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 21) |
۽ ياد ڪر عاد جي ڀاءُ کي جڏهن ڊيڄاريائين پنهنجي قوم کي احقاف ۾ ۽ تحقيق گذريا ڊيڄاريندڙ ان جي اڳيان ۽ ان جي پويان ته نه عبادت ڪيو مگر الله جي بيشڪ مان ڊڄان ٿو اوهان تي عذاب وڏي ڏينهن جي کان . |
قالوا أَجِئتَنا لِتَأفِكَنا عَن ءالِهَتِنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 22) |
چيائون ته ڇا آئين تون اسان وٽ تانته ڦيرائين اسان کي اسان جن معبودن کان پوءِ آڻ اسان وٽ جنهن جو اسان کي وعدو ڏين ٿو جيڪڏهن آهين تون سچن مان . |
قالَ إِنَّمَا العِلمُ عِندَ اللَّهِ وَأُبَلِّغُكُم ما أُرسِلتُ بِهِ وَلٰكِنّى أَرىٰكُم قَومًا تَجهَلونَ (آيت : 23) |
چيائين ته علم ته صرف الله وٽ آهي ۽ پهچايان ٿو مان اوهان کي اهو جو موڪليو ويس مان ان سان اوهان ڏانهن ۽ پر مان ڏسان ٿو اوهان کي قوم جو نٿا ڄاڻو . |
فَلَمّا رَأَوهُ عارِضًا مُستَقبِلَ أَودِيَتِهِم قالوا هٰذا عارِضٌ مُمطِرُنا بَل هُوَ مَا استَعجَلتُم بِهِ ريحٌ فيها عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 24) |
پوءِ جڏهن ڏٺائون ان کي ڪڪر وانگر سامهون ايندڙ سندن وادين ڏانهن ته چيائون هي ڪڪر اسان تي مينهن وسائيندڙ آهي بلڪ اهو آهي جيڪو اوهان تڪڙو گهريو هو واء جو ان ۾ عذاب دردناڪ آهي . |
تُدَمِّرُ كُلَّ شَيءٍ بِأَمرِ رَبِّها فَأَصبَحوا لا يُرىٰ إِلّا مَسٰكِنُهُم كَذٰلِكَ نَجزِى القَومَ المُجرِمينَ (آيت : 25) |
هلاڪ ڪري پيو هر شيءِ کي پنهنجي رب جي امر سان پوءِ صبح ڪيائون جو نٿا ڏٺا وڃن مگر گهر انهن جا اهڙي طرح بدلو ڏينداسون قوم مجرم کي . |
وَلَقَد مَكَّنّٰهُم فيما إِن مَكَّنّٰكُم فيهِ وَجَعَلنا لَهُم سَمعًا وَأَبصٰرًا وَأَفـِٔدَةً فَما أَغنىٰ عَنهُم سَمعُهُم وَلا أَبصٰرُهُم وَلا أَفـِٔدَتُهُم مِن شَيءٍ إِذ كانوا يَجحَدونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 26) |
۽ البته تحقيق اسان انهن کي ايتري طاقت ڏني جيڪا اوهان کي نه ڏني سون ۽ ڪيا سان انهن لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون پوءِ نه ڪم ڏنو انهن جي پاران ڪنن انهن جي ۽ نه اکين انهن جي ۽ نه دلين انهن جي ڇو ته انڪار ڪيائون ٿي الله جي آيتن جو ۽ پلٽجي پيو انهن تي اهو عذاب جو ان سان چٿر ڪندا هئا . |
وَلَقَد أَهلَكنا ما حَولَكُم مِنَ القُرىٰ وَصَرَّفنَا الءايٰتِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 27) |
۽ البته تحقيق هلاڪ ڪيا اسان اهي جيڪي چوڌاري اوهان جي هئا ڳوٺن مان ۽ مٽ سٽ پيش ڪيون اسان نشانيون شايد اهي موٽن . |
فَلَولا نَصَرَهُمُ الَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ قُربانًا ءالِهَةً بَل ضَلّوا عَنهُم وَذٰلِكَ إِفكُهُم وَما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 28) |
پوءِ ڇو نه مدد ڪئي سندن انهن (جن کي) بنايائون الله کان سواءِ ويجهي ٿيڻ لاءِ معبود بلڪه گم ٿيا انهن کان ۽ اهو بهتان انهن جو آهي ۽ جيڪو ٺاھ ٺاهيندا هئا . |
وَإِذ صَرَفنا إِلَيكَ نَفَرًا مِنَ الجِنِّ يَستَمِعونَ القُرءانَ فَلَمّا حَضَروهُ قالوا أَنصِتوا فَلَمّا قُضِىَ وَلَّوا إِلىٰ قَومِهِم مُنذِرينَ (آيت : 29) |
۽ (ياد فرماءِ) جڏهن لاڙيوسون توڏانهن هڪ ٽولي کي جنن مان ٻڌن پيا قرآن کي پوءِ جڏهن حاضر ٿيا اتي ته چيائون چپ ڪيو پوءِ جڏهن پورو ڪيو ويو ته موٽيا پنهنجي قوم ڏانهن ڊيڄاريندڙ ٿي . |
قالوا يٰقَومَنا إِنّا سَمِعنا كِتٰبًا أُنزِلَ مِن بَعدِ موسىٰ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ يَهدى إِلَى الحَقِّ وَإِلىٰ طَريقٍ مُستَقيمٍ (آيت : 30) |
چيائون ته اي اسان جي قوم وارا! بيشڪ اسان ٻڌو هڪ ڪتاب جيڪو نازل ڪيو ويو آهي موسى کان پوءِ تصديق ڪندڙ انهن جي جيڪي اڳي ان کان هئا هدايت ڪري پيو حق ڏانهن ۽ سڌي واٽ ڏانهن . |
يٰقَومَنا أَجيبوا داعِىَ اللَّهِ وَءامِنوا بِهِ يَغفِر لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُجِركُم مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 31) |
اي اسان جي قوم وارا! سڏ قبول ڪيو الله ڏانهن سڏيندڙ جو ۽ ايمان آڻيو ان تي ته بخش ڪندو اوهان کي گناھ اوهان جا ۽ بچائيندو اوهان کي عذاب دردناڪ کان . |
وَمَن لا يُجِب داعِىَ اللَّهِ فَلَيسَ بِمُعجِزٍ فِى الأَرضِ وَلَيسَ لَهُ مِن دونِهِ أَولِياءُ أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 32) |
۽ جيڪو الله ڏانهن سڏيندڙ جو سڏ نٿو قبول ڪري پوءِ ناهي عاجز ڪندڙ زمين ۾ ۽ ناهن ان جا ان کان سواءِ ڪي مددگار اهي کليل گمراهيءَ ۾ آهن . |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَلَم يَعىَ بِخَلقِهِنَّ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يُحۦِىَ المَوتىٰ بَلىٰ إِنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 33) |
ڇا نه ڏٺائون ته بيشڪ الله جنهن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين ۽ نه ٿڪجي پيو انهن جي پيدا ڪرڻ سان قادر آهي هن تي جو جيئرو ڪري مئلن کي هائو بيشڪ اهو هر شيءِ تي قادر آهي . |
وَيَومَ يُعرَضُ الَّذينَ كَفَروا عَلَى النّارِ أَلَيسَ هٰذا بِالحَقِّ قالوا بَلىٰ وَرَبِّنا قالَ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 34) |
۽ جنهن ڏينهن پيش ڪيا ويندا اهي جن ڪفر ڪيو باهه تي ڇا ناهي هي حق چوندا ته هائو قسم آهي اسان جي رب جو فرمائيندو پوءِ چکو عذاب ان سببان جو ڪفر ڪندا هيئو . |
فَاصبِر كَما صَبَرَ أُولُوا العَزمِ مِنَ الرُّسُلِ وَلا تَستَعجِل لَهُم كَأَنَّهُم يَومَ يَرَونَ ما يوعَدونَ لَم يَلبَثوا إِلّا ساعَةً مِن نَهارٍ بَلٰغٌ فَهَل يُهلَكُ إِلَّا القَومُ الفٰسِقونَ (آيت : 35) |
پوءِ صبر ڪر جيئن صبر ڪيو وڏي همت وارن پيغمبرن ۽ نه تڪڙو (عذاب) طلب ڪر انهن جي لاءِ ڄڻ ته اهي جنهن ڏينهن ڏسندا اهو جيڪو وعدو ڏنا وڃن ٿا ته نه رهيا مگر هڪ گهڙي ڏينهن مان (پيغام) پهچائڻ آهي پوءِ ڇا هلاڪ ڪيا ويندا سواءِ قوم فاسقن جي . |