حم (آيت : 1) |
حا ــ ميم |
تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
(هن) ڪتاب جو نازل ٿيڻ الله تعالى جي طرفان آهي جيڪو زبردست حڪمت وارو آهي. |
ما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَأَجَلٍ مُسَمًّى وَالَّذينَ كَفَروا عَمّا أُنذِروا مُعرِضونَ (آيت : 3) |
آسمانن، زمين ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ رهندڙ مخلوق کي اسان برحق ۽ هڪ مقرر وقت لاءِ پيدا ڪيو آهي. ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو تن کي جنھن شيءِ کان ڊيڄاريو ويو آهي ان کان ئي اُهي منھن موڙين ٿا. |
قُل أَرَءَيتُم ما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ أَرونى ماذا خَلَقوا مِنَ الأَرضِ أَم لَهُم شِركٌ فِى السَّمٰوٰتِ ائتونى بِكِتٰبٍ مِن قَبلِ هٰذا أَو أَثٰرَةٍ مِن عِلمٍ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 4) |
تون انهن کي چؤ ته ڇا توهان ڪڏهن انهن شين تي سوچيو آهي جن کي توهان الله تعالى کي ڇڏي سڏيو ٿا، مون کي ڏيکاريو ته انهن زمين ۾ ڪهڙي شيءِ پيدا ڪئي آهي؟ يا انهن جو آسمانن (جي ٺاهڻ) ۾ ڪھڙو حصو آهي؟ جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته مون وٽ (ثبوت طور) گذريل ڪتابن جي ڪا لکت يا ڪو (زباني) حوالو آڻي ڏيو. |
وَمَن أَضَلُّ مِمَّن يَدعوا مِن دونِ اللَّهِ مَن لا يَستَجيبُ لَهُ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ وَهُم عَن دُعائِهِم غٰفِلونَ (آيت : 5) |
ان کان وڌيڪ ڪير گمراهه ٿي سگهي ٿو جيڪو الله تعالى کي ڇڏي اهڙن کي سڏي ٿو جيڪي کيس قيامت تائين جواب نه ڏئي سگهندا؟ بلڪه اُهي ته هِنن جي سڏڻ کان ئي بي خبر آهن. |
وَإِذا حُشِرَ النّاسُ كانوا لَهُم أَعداءً وَكانوا بِعِبادَتِهِم كٰفِرينَ (آيت : 6) |
۽ جڏهن سڀني انسانن کي (محشر جي ميدان ۾) گڏ ڪيو ويندو ته هي ماڻهو انهن (معبودن) جا دشمن ٿي ويندا ۽ انهن جي عبادت ڪرڻ کان انڪار ڪري بيھندا. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلحَقِّ لَمّا جاءَهُم هٰذا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
جڏهن انهن کي اسان جون واضح آيتون تلاوت ڪري ٻڌايون وڃن ٿيون ته ڪافر سچي ڳالهه اچڻ کان پوءِ چوندا آهن ته هي ته پڌرو جادو آهي. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل إِنِ افتَرَيتُهُ فَلا تَملِكونَ لى مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا هُوَ أَعلَمُ بِما تُفيضونَ فيهِ كَفىٰ بِهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم وَهُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 8) |
ڇا هو اهو چون ٿا ته (هي قرآن) هُن پاڻ ٺاهيو آهي؟ چؤ ته جيڪڏهن مان هن کي ٺاهيو آهي ته توهان مون کي الله تعالى جي پڪڙ کان نٿا بچائي سگهو. توهان هن (قرآن) جي باري ۾ جيڪو به ڳالهايو ٿا هُن (الله) کي سڀ خبر آهي. منھنجي ۽ توهان جي وچ ۾ اهو ئي گواهه ڪافي آهي ۽ هو وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
قُل ما كُنتُ بِدعًا مِنَ الرُّسُلِ وَما أَدرى ما يُفعَلُ بى وَلا بِكُم إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ وَما أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 9) |
(اي نبي ﷺ!) چؤ ته مان رسولن مان ڪو نئين قسم جو رسول ٿي نه آيو آهيان. مون کي ته اها به خبر نه آهي ته مون سان ۽ توهان سان ڪهڙو معاملو ٿيندو؟ مان ته ان ڳالهه جي پيروي ڪريان ٿو جيڪا مون ڏي وحي ڪئي وڃي ٿي ۽ مان رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهيان. |
قُل أَرَءَيتُم إِن كانَ مِن عِندِ اللَّهِ وَكَفَرتُم بِهِ وَشَهِدَ شاهِدٌ مِن بَنى إِسرٰءيلَ عَلىٰ مِثلِهِ فَـٔامَنَ وَاستَكبَرتُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 10) |
چؤ ته ڇا ڪڏهن توهان اهو سوچيو آهي ته جيڪڏهن هي (قرآن) الله تعالى جي طرفان هجي ۽ توهان ان جو انڪار ڪيو ۽ بني اسرائيل مان به ڪو شاهد اها ئي شاهدي ڏئي چڪو آهي پوءِ هن ايمان به آندو آهي پر توهان پنهنجي تڪبر ۾ پئجي ويا. (هاڻي ٻڌايو ته توهان جو انجام ڇا ٿيندو؟) بيشڪ الله تعالى ظلم ڪرڻ وارن کي (ڪڏهن به) هدايت نه ڏيندو آهي. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا لَو كانَ خَيرًا ما سَبَقونا إِلَيهِ وَإِذ لَم يَهتَدوا بِهِ فَسَيَقولونَ هٰذا إِفكٌ قَديمٌ (آيت : 11) |
۽ ڪافرن ايمان وارن جي باري ۾ چيو ته جيڪڏهن هي دين چڱو هجي ها ته هي (مؤمن) ماڻهو اسان کان دين قبول ڪرڻ ۾ اڳتي نه وڌن ها ۽ جڏهن ڪافرن (قرآن مان) هدايت نه ورتي ته هو ضرور چوندا ته هي (قرآن) ته پراڻو ڪوڙ آهي. |
وَمِن قَبلِهِ كِتٰبُ موسىٰ إِمامًا وَرَحمَةً وَهٰذا كِتٰبٌ مُصَدِّقٌ لِسانًا عَرَبِيًّا لِيُنذِرَ الَّذينَ ظَلَموا وَبُشرىٰ لِلمُحسِنينَ (آيت : 12) |
۽ هن کان اڳ موسى ($) جو ڪتاب (دين ۾) رهنمائي ڪندڙ ۽ رحمت هو ۽ هاڻي هي ڪتاب اُن کي سچو چوندڙ آهي ۽ هي عربي زبان ۾ آهي ته جيئن ظالمن کي ڊيڄاري ۽ نيڪ ماڻهن کي خوشخبري ٻڌائي. |
إِنَّ الَّذينَ قالوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ استَقٰموا فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 13) |
بيشڪ جن ماڻهن چيو ته الله تعالى ئي اسان جو پالڻھار آهي. پوءِ ان ڳالهه تي هو قائم به رهيا ته انهن لاءِ نه ڪو خوف هوندو ۽ نه ئي ڳڻتي هوندي. |
أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ خٰلِدينَ فيها جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 14) |
اهي ئي جنتي ماڻهو آهن جيڪي ان ۾ هميشه رهندا. هي سندن عملن جو بدلو هوندو. |
وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ إِحسٰنًا حَمَلَتهُ أُمُّهُ كُرهًا وَوَضَعَتهُ كُرهًا وَحَملُهُ وَفِصٰلُهُ ثَلٰثونَ شَهرًا حَتّىٰ إِذا بَلَغَ أَشُدَّهُ وَبَلَغَ أَربَعينَ سَنَةً قالَ رَبِّ أَوزِعنى أَن أَشكُرَ نِعمَتَكَ الَّتى أَنعَمتَ عَلَىَّ وَعَلىٰ وٰلِدَىَّ وَأَن أَعمَلَ صٰلِحًا تَرضىٰهُ وَأَصلِح لى فى ذُرِّيَّتى إِنّى تُبتُ إِلَيكَ وَإِنّى مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 15) |
۽ اسان انسان کي پنھنجي ماءُ پيءُ سان سھڻو سلوڪ ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو آهي. سندس ماءُ تڪليفون برداشت ڪري کيس پيٽ ۾ رکيو ۽ پوءِ وڏي تڪليف سان ڄڻيو. ان جي پيٽ ۾ هجڻ ۽ کير ڇڏائڻ ۾ ٽيهه مھينا لڳي ويا. ايستائين جو هو ڦُوهه جواني گذاريندي چاليهه سالن کي وڃي پھتو ته چيائين: اي منھنجا پالڻھار! مون کي ان ڳالهه جي توفيق عطا فرماءِ ته جيئن مان تنھنجي انهن نعمتن جو چڱي طرح شڪر ادا ڪريان جيڪي تو مون تي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ تي ڪيون آهن ۽ (مون کي اها به توفيق عطا فرماءِ ته جيئن) مان اهڙا ڪم ڪري سگهان جيڪي توکي پسند هجن ۽ تون منھنجي لاءِ منھنجي اولاد ۾ سڌارو پيدا فرماءِ ۽ مان تنھنجي اڳيان (هر قسم جي گناهن جي) توبہ ڪريان ٿو. ۽ بيشڪ مان فرمانبردارن مان آهيان. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ نَتَقَبَّلُ عَنهُم أَحسَنَ ما عَمِلوا وَنَتَجاوَزُ عَن سَيِّـٔاتِهِم فى أَصحٰبِ الجَنَّةِ وَعدَ الصِّدقِ الَّذى كانوا يوعَدونَ (آيت : 16) |
هي اهي ماڻهو آهن جن جا سھڻا عمل اسان قبول ڪندا آهيون ۽ انهن جي ڪوتاهين کي درگذر ڪري ڇڏيندا آهيون. هي جنتي ماڻهن ۾ شامل آهن. ان سچي وعدي جي ڪري جيڪو انهن سان (دنيا ۾) ڪيو ويندو هو. |
وَالَّذى قالَ لِوٰلِدَيهِ أُفٍّ لَكُما أَتَعِدانِنى أَن أُخرَجَ وَقَد خَلَتِ القُرونُ مِن قَبلى وَهُما يَستَغيثانِ اللَّهَ وَيلَكَ ءامِن إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَيَقولُ ما هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 17) |
(۽ نافرمان اولاد مان) جنھن شخص پنھنجي ماءُ پيءُ کي چيو ته توهان ٻنهي تي افسوس آهي جو توهان مون کي مرڻ کان پوءِ (قبر مان) جيئرو ڪري اٿارڻ جو خوف ڏياريو ٿا. حالانڪه مان ڏسان ٿو ته مون کان اڳ ڪيتريون ئي قومون گذري چڪيون آهن (پر اُهي ته جيئرو ٿي نه آيون آهن). هو ٻئي الله تعالى کي فرياد ڪندي اولاد کي چون ٿا ته تون برباد ٿي وئين. شال! تون ايمان آڻي (پاڻ کي بچائي وٺين) بيشڪ الله تعالى جو وعدو سچو آهي پوءِ هو جواب ۾ چوندو آهي ته توهان جون اهي سڀ ڳالهيون پراڻي دور جون ڪهاڻيون آهن. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ حَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ فى أُمَمٍ قَد خَلَت مِن قَبلِهِم مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنَّهُم كانوا خٰسِرينَ (آيت : 18) |
اهڙن (بدبخت) ماڻهن لاءِ عذاب جو فيصلو ٿي چڪو آهي ۽ هي انهن ٽولن ۾ شامل هوندا جيڪي انهن کان اڳ جِنن ۽ انسانن مان گذري چڪا آهن. بيشڪ هي ماڻهو نقصان وارا آهن. |
وَلِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِمّا عَمِلوا وَلِيُوَفِّيَهُم أَعمٰلَهُم وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 19) |
هر هڪ ماڻهوءَ لاءِ سندس عملن جي مطابق درجا مقرر آهن (اهو ان ڪري آهي ته) جيئن الله تعالى انهن کي سندن اعمال جو پورو بدلو ڏي ۽ انهن تي ذرو به ظلم نه ڪيو ويندو. |
وَيَومَ يُعرَضُ الَّذينَ كَفَروا عَلَى النّارِ أَذهَبتُم طَيِّبٰتِكُم فى حَياتِكُمُ الدُّنيا وَاستَمتَعتُم بِها فَاليَومَ تُجزَونَ عَذابَ الهونِ بِما كُنتُم تَستَكبِرونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَبِما كُنتُم تَفسُقونَ (آيت : 20) |
۽ جڏهن ڪافر بَاهه جي سامھون پيش ڪيا ويندا ته انهن کي چيو ويندو ته توهان دنيا جي حياتي ۾ ئي پنھنجي حصي جون نعمتون حاصل ڪري چڪا ۽ ان مان خوب مزا ورتا. پر اڄ توهان کي ذليل ڪرڻ وارو عذاب ڏنو ويندو. اهو ان ڪري جو اوهان زمين ۾ ناحق تڪبر ۽ نافرمانيون ڪندا هئا. |
وَاذكُر أَخا عادٍ إِذ أَنذَرَ قَومَهُ بِالأَحقافِ وَقَد خَلَتِ النُّذُرُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 21) |
(اي نبيﷺ!) عاد قوم جي ڀاءُ (هود$ ) کي ياد ڪر جڏهن هُن پنھنجي قوم کي (ريگستان واري علائقي) احقاف جي وادي ۾ ڊيڄاريو ۽ چيو ته توهان صرف الله تعالى جي عبادت ڪريو. جڏهن ته اهڙا ڊيڄاريندڙ پيغمبر ان کان اڳ ۽ پوءِ به ايندا رهيا آهن. بيشڪ مان توهان جي مٿان هڪ وڏي ڏينھن جي عذاب کان ڊڄان ٿو. |
قالوا أَجِئتَنا لِتَأفِكَنا عَن ءالِهَتِنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 22) |
انهن چيو ته ڇا تون اسان کي پنھنجي معبودن کان ڦيرائڻ لاءِ آيو آهين؟ جيڪڏهن تون سچو آهين ته اسان جي مٿان اهو (عذاب) آڻ جنھن جو تون اسان کي دڙڪو ڏئين ٿو. |
قالَ إِنَّمَا العِلمُ عِندَ اللَّهِ وَأُبَلِّغُكُم ما أُرسِلتُ بِهِ وَلٰكِنّى أَرىٰكُم قَومًا تَجهَلونَ (آيت : 23) |
هُن چيو ته عذاب (جي اچڻ) جي خبر ته صرف الله تعالى کي آهي، مان توهان کي اُهو پيغام پھچايان ٿو جيڪو مون کي ڏئي موڪليو ويو آهي. پر مان ڏسان ٿو ته توهان صفا جاهل ماڻهو آهيو. |
فَلَمّا رَأَوهُ عارِضًا مُستَقبِلَ أَودِيَتِهِم قالوا هٰذا عارِضٌ مُمطِرُنا بَل هُوَ مَا استَعجَلتُم بِهِ ريحٌ فيها عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 24) |
پوءِ جڏهن انهن پنھنجي وادين ڏانھن اُن (عذاب) کي ڪڪرن (جي صورت ۾) سامھون ايندي ڏٺو ته چيائون ته هي ڪَڪرَ ته اسان تي خوب وسندا (هود$کين چيو ته) اهي ڪڪر نه پر اهو عذاب آهي جنھن جي اچڻ جي توهان کي تڪڙ هئي. اها طوفاني هوا آهي جنھن ۾ دردناڪ عذاب آهي. |
تُدَمِّرُ كُلَّ شَيءٍ بِأَمرِ رَبِّها فَأَصبَحوا لا يُرىٰ إِلّا مَسٰكِنُهُم كَذٰلِكَ نَجزِى القَومَ المُجرِمينَ (آيت : 25) |
(اهو عذاب) پنھنجي پالڻھار جي حڪم سان هر شيءِ کي تباهه ڪري ڇڏيندو. پوءِ انهن جي حالت اهڙي ٿي وئي جو انهن جي گهرن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه پئي آيو. اهڙيءَ طرح اسان ڏوهاري قوم کي سزا ڏيندا آهيون. |
وَلَقَد مَكَّنّٰهُم فيما إِن مَكَّنّٰكُم فيهِ وَجَعَلنا لَهُم سَمعًا وَأَبصٰرًا وَأَفـِٔدَةً فَما أَغنىٰ عَنهُم سَمعُهُم وَلا أَبصٰرُهُم وَلا أَفـِٔدَتُهُم مِن شَيءٍ إِذ كانوا يَجحَدونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 26) |
اسان انهن کي (دنيا جي حساب سان) اهڙن شين ۾ طاقت ور بنايو هو جو توهان (مڪي وارن) کي اهي شيون نه ڏنيون آهن. اسان کين ڪنن، اکين ۽ دل (جون صلاحيتون) ڏنيون هيون پر جڏهن انهن الله تعالى جي آيتن جو انڪار ڪيو ته انهن کي ڪنن، اکين ۽ دل (جون صلاحيتون) ڪنھن به ڪم نه اچي سگهيون پوءِ انهن کي اُن عذاب ئي اچي پڪڙيو جنھن تي هو ٽوڪون ڪندا هئا. |
وَلَقَد أَهلَكنا ما حَولَكُم مِنَ القُرىٰ وَصَرَّفنَا الءايٰتِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 27) |
۽ بيشڪ اسان توهان جي چؤطرف ڪيترن ئي شھرن کي تباهه ڪري ڇڏيو. اسان انهن کي هر طرح جون نشانيون ظاهر ڪري ڏيکاريون ته جيئن اُهي باز اچن. |
فَلَولا نَصَرَهُمُ الَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ قُربانًا ءالِهَةً بَل ضَلّوا عَنهُم وَذٰلِكَ إِفكُهُم وَما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 28) |
پوءِ اُنهن شريڪن هِنن جي ڇو نه مدد ڪئي جن کي ويجهي ٿيڻ لاءِ هنن ماڻهن الله تعالى کي ڇڏي معبود بنايا هئا؟ پر اُهي ته هِنن جي نظرن کان ئي گم ٿي ويا. اهوئي اُنهن جو ڪوڙ هو جيڪو هو ٺاهيندا هئا. |
وَإِذ صَرَفنا إِلَيكَ نَفَرًا مِنَ الجِنِّ يَستَمِعونَ القُرءانَ فَلَمّا حَضَروهُ قالوا أَنصِتوا فَلَمّا قُضِىَ وَلَّوا إِلىٰ قَومِهِم مُنذِرينَ (آيت : 29) |
(اهو وقت ياد ڪر) جڏهن اسان جِنن جي هڪ ٽولي کي تنھنجي پاسي ڦيريو ته جيئن هو قرآن کي غور سان ٻڌن. ۽ جڏهن هو (تو وٽ) آيا ته پاڻ ۾ چيائون ته ”خاموش ٿي وڃو.“ پوءِ جڏهن (قرآن) پڙهڻ پورو ٿيو ته پنھنجي قوم ڏانھن ڊيڄارڻ وارا ٿي موٽيا. |
قالوا يٰقَومَنا إِنّا سَمِعنا كِتٰبًا أُنزِلَ مِن بَعدِ موسىٰ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ يَهدى إِلَى الحَقِّ وَإِلىٰ طَريقٍ مُستَقيمٍ (آيت : 30) |
(۽ جڏهن اهو ٽولو پنهنجي علائقي ۾ پهتو ته) چيو ته اي اسان جي قوم! اسان هڪ اهڙو ڪتاب ٻڌو آهي جيڪو موسى ($) کان پوءِ نازل ٿيو آهي، جيڪو اڳ نازل ڪيل ڪتابن کي سچو مڃيندڙ، حق ۽ سڌي راهه جي رهنمائي ڪري ٿو. |
يٰقَومَنا أَجيبوا داعِىَ اللَّهِ وَءامِنوا بِهِ يَغفِر لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُجِركُم مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 31) |
اي اسان جي قوم! الله تعالى ڏانھن سڏيندڙ جي دعوت کي قبول ڪريو ۽ ان تي ايمان آڻيو، الله تعالى توهان جي گناهن کي معاف ڪندو ۽ توهان کي دردناڪ عذاب کان بچائيندو. |
وَمَن لا يُجِب داعِىَ اللَّهِ فَلَيسَ بِمُعجِزٍ فِى الأَرضِ وَلَيسَ لَهُ مِن دونِهِ أَولِياءُ أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 32) |
۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى ڏانھن سڏيندڙ جي دعوت کي قبول نه ڪندو ته اهڙو ماڻهو الله تعالى کي زمين ۾ بي وس ڪرڻ جي طاقت ئي نٿو رکي ۽ ان کان سواءِ ڪير به ان جو مددگار نه آهي. اهڙا ماڻهو پڌري گمراهيءَ ۾ پيل آهن. |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَلَم يَعىَ بِخَلقِهِنَّ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يُحۦِىَ المَوتىٰ بَلىٰ إِنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 33) |
ڇا هي ماڻهو نٿا ڏسن ته جنھن الله تعالى آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ انهن جي پيدا ڪرڻ ۾ نه ٿڪو. اهو (الله) مئلن کي جيئرو ڪرڻ جي به طاقت رکي ٿو؟ ڇو نه! بيشڪ هو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
وَيَومَ يُعرَضُ الَّذينَ كَفَروا عَلَى النّارِ أَلَيسَ هٰذا بِالحَقِّ قالوا بَلىٰ وَرَبِّنا قالَ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 34) |
۽ جنھن ڏينھن ڪافر باهه جي سامھون پيش ڪيا ويندا (ته اُنهن کان پڇيو ويندو ته) ڇا اڄوڪو هي عذاب سچو نه آهي؟ هو چوندا ته اسان جي پالڻھار جو قسم! واقعي (اڄوڪوعذاب سچو آهي) الله تعالى فرمائيندو ته: پوءِ عذاب جو مزو چکو جنھن جو توهان انڪار ڪندا هئا. |
فَاصبِر كَما صَبَرَ أُولُوا العَزمِ مِنَ الرُّسُلِ وَلا تَستَعجِل لَهُم كَأَنَّهُم يَومَ يَرَونَ ما يوعَدونَ لَم يَلبَثوا إِلّا ساعَةً مِن نَهارٍ بَلٰغٌ فَهَل يُهلَكُ إِلَّا القَومُ الفٰسِقونَ (آيت : 35) |
(اي نبي ﷺ!) صبر ڪر جيئن وڏي همت وارن رسول سڳورن صبر ڪيو هو ۽ انهن جي لاءِ (عذاب اچڻ ۾) جلدي نه ڪر. جنھن شيءِ جو انهن سان وعدو ڪيو وڃي ٿو، جڏهن هو اُن کي ڏسندا ته سمجهي ويندا ته ڄڻ اُهي ڏينھن جي هڪ گهڙي کانسواءِ (دنيا ۾) رهيا ئي ڪونه هئا. اهو آهي پيغام (جيڪو کين پھچايو ويو) هاڻي صرف نافرمان ماڻهو ئي برباد ڪيا ويندا. |