حم (آيت : 1) |
ح-م |
تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
لاهڻ هن ڪتاب جو طرفان الله جي (جيڪو) زبردست ۽ داناءُ آهي |
ما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَأَجَلٍ مُسَمًّى وَالَّذينَ كَفَروا عَمّا أُنذِروا مُعرِضونَ (آيت : 3) |
خلقيو آهي اسان انهن سڀني شين کي جيڪي آسمانن ۽ زمين ۽ انهن جي وچ ۾ آهن، اهي حق سان ۽ هڪ خاص مدت تائين پيدا ڪيل آهن، پر اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو آهي ان حقيقت کان منهن موڙيندڙ آهن کين خبردار ڪيو ويو آهي |
قُل أَرَءَيتُم ما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ أَرونى ماذا خَلَقوا مِنَ الأَرضِ أَم لَهُم شِركٌ فِى السَّمٰوٰتِ ائتونى بِكِتٰبٍ مِن قَبلِ هٰذا أَو أَثٰرَةٍ مِن عِلمٍ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 4) |
انهن کي چؤ (اي نبي!) ڪڏهن ڏٺو به آهي اکيون پٽي ته اهي هستيون آهن ڇا جن کي پڪاريو ٿا الله کان سواءِ؟ ڏيکاريو ته سهي انهن ڇا خلقيو آهي زمين ۾، يا تخليق ۽ تدبير ۾ انهن ڪهڙو حصو ورتو آهي آسمانن ۾، يا وري موجود هجي ڪو ڪتاب يا علم جو باقي حصو ان کان اڳ ۾ آيل (انهن عقيدن جي ثبوت ۾) ته اهو سڀ ڪجهه آڻيو، جيڪڏهن توهان سچا آهيو |
وَمَن أَضَلُّ مِمَّن يَدعوا مِن دونِ اللَّهِ مَن لا يَستَجيبُ لَهُ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ وَهُم عَن دُعائِهِم غٰفِلونَ (آيت : 5) |
۽ آخر ان شخص کان وڌيڪ گمراهه ٻيو ڪير هوندو جيڪو انهن کي پڪاري الله کان سواءِ جيڪي ان کي جواب ڏئي نٿا سگهن ڏينهن قيامت تائين، بلڪ اهي ان کان بي خبر آهن ته پڪارڻ وارا پڪارين پيا |
وَإِذا حُشِرَ النّاسُ كانوا لَهُم أَعداءً وَكانوا بِعِبادَتِهِم كٰفِرينَ (آيت : 6) |
۽ جڏهن گڏ ڪيا ويندا سڀ انسان ته ان وقت اهي پنهنجن پڪارڻ وارن دشمنن ۽ انهن جي عبادت جا ئي انڪاري هوندا |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلحَقِّ لَمّا جاءَهُم هٰذا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
۽ جڏهن ٻڌايون وينديون آهن انهن کي اسان جون آيتون چٽيون ته چوندا آهن اهي ڪافر ان جي باري ۾ جڏهن حق سندن سامهون هوندو آهي ته، اهو ته جادو آهي ظاهر ظهور |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل إِنِ افتَرَيتُهُ فَلا تَملِكونَ لى مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا هُوَ أَعلَمُ بِما تُفيضونَ فيهِ كَفىٰ بِهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم وَهُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 8) |
ڇا انهن جو اهو چوڻ آهي ته اهو رسول پاڻ ٺاهيو آهي؟ انهن کي چؤ، جيڪڏهن مون انهن کي پاڻ ٺاهيو آهي ته توهان مون کي الله جي پڪڙ کان نه بچائيندؤ، جيڪي ڳالهيون ٺاهيو ٿا الله چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو، اهو ئي ڪافي آهي شاهدي ڏيڻ وارو اسان ۽ توهان جي وچ ۾، ۽ اهو وڏو معاف ڪندڙ ۽ ٻاجهارو آهي |
قُل ما كُنتُ بِدعًا مِنَ الرُّسُلِ وَما أَدرى ما يُفعَلُ بى وَلا بِكُم إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ وَما أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 9) |
چؤ (انهن کي) آئون ڪو نرالو رسول ته نه آهيان، آئون نٿو ڄاڻان ته سڀاڻي مون سان ڇا ٿيڻو آهي ۽ توهان سان ڇا ٿيندو، آئون ته رڳو تابعدار آهيان ان وحي جو جيڪو مون ڏانهن موڪليو ويندو آهي، آئون (ڪجهه ناهيان) سواءِ پڌري ڊيڄاريندڙ جي |
قُل أَرَءَيتُم إِن كانَ مِن عِندِ اللَّهِ وَكَفَرتُم بِهِ وَشَهِدَ شاهِدٌ مِن بَنى إِسرٰءيلَ عَلىٰ مِثلِهِ فَـٔامَنَ وَاستَكبَرتُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 10) |
کين چؤ (اي نبي!) ڪڏهن سوچيو آهي جي هي ڪلام الله جي ئي طرفان هجي ۽ توهان ان جو انڪار ڪريو (ته توهان جي پڄاڻي ڇا ٿيندي) جڏهن ته شاهدي ڏئي چڪو آهي بني اسرائيل جو هڪ شاهد ان ڪلام تي جيڪو ان جهڙو ئي آهي، ۽ توهان پنهنجي آڪڙ ۾ پيا رهو، بيشڪ الله نٿو هدايت ڪري اهڙن ئي (هٺيلن) ظالمن کي |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا لَو كانَ خَيرًا ما سَبَقونا إِلَيهِ وَإِذ لَم يَهتَدوا بِهِ فَسَيَقولونَ هٰذا إِفكٌ قَديمٌ (آيت : 11) |
۽ چوندا آهن اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو آهي انهن ماڻهن لاءِ جن ايمان آندو آهي ته هن ڪتاب کي مڃڻ چڱو ڪم هجي ها ته اهي ماڻهو اڳرائي نه ڪن ها اسان کان، ۽ جيئن انهن هدايت جي راهه نه لڌي، ان ڪري هاڻي ضرور چوندا ته اهو ته ڪوڙ آهي تمام پراڻو |
وَمِن قَبلِهِ كِتٰبُ موسىٰ إِمامًا وَرَحمَةً وَهٰذا كِتٰبٌ مُصَدِّقٌ لِسانًا عَرَبِيًّا لِيُنذِرَ الَّذينَ ظَلَموا وَبُشرىٰ لِلمُحسِنينَ (آيت : 12) |
۽ جڏهن ته ان کان اڳي موسيٰ جو ڪتاب رهنما ۽ رحمت بنجي آيو ۽ هي ڪتاب ان جي تصديق ڪندڙ عربي ٻوليءَ ۾ آيو آهي جيئن ڊيڄاري انهن ظالمن کي ۽ خوشخبري ڏئي سنئين راهه وٺندڙن کي |
إِنَّ الَّذينَ قالوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ استَقٰموا فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 13) |
بيشڪ جن ماڻهن چيو ته الله ئي اسان جو رب آهي، پوءِ (اهي) ان تي ڄمي بيٺا، پوءِ ڪوبه خوف ناهي انهن کي ۽ نه وري اهي غمگين ئي ٿيندا. |
أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ خٰلِدينَ فيها جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 14) |
اهڙا ئي ماڻهو آهن جيڪي جنت ۾ داخل ٿيندا هميشه جي لاءِ، پنهنجن انهن ئي عملن جي بدلي (جيڪي انهن دنيا ۾ ڪيا) |
وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ إِحسٰنًا حَمَلَتهُ أُمُّهُ كُرهًا وَوَضَعَتهُ كُرهًا وَحَملُهُ وَفِصٰلُهُ ثَلٰثونَ شَهرًا حَتّىٰ إِذا بَلَغَ أَشُدَّهُ وَبَلَغَ أَربَعينَ سَنَةً قالَ رَبِّ أَوزِعنى أَن أَشكُرَ نِعمَتَكَ الَّتى أَنعَمتَ عَلَىَّ وَعَلىٰ وٰلِدَىَّ وَأَن أَعمَلَ صٰلِحًا تَرضىٰهُ وَأَصلِح لى فى ذُرِّيَّتى إِنّى تُبتُ إِلَيكَ وَإِنّى مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 15) |
۽ اسان هدايت ڪئي انسان کي ته اهو پنهنجي والدين سان سٺو سلوڪ ڪري، سندس ماءُ کيس پيٽ ۾ تڪليف سان کنيو ۽ تڪليف سهي ڄڻيو، ۽ ان جي کڻڻ (حمل) ۽ کير ڇڏائڻ ۾ ٽيهه مهينا لڳي ويا، ايستائين جو پاڻ جڏهن پنهنجي پوري طاقت (جوانيءَ) کي پهتو ۽ چاليهن ورهين جو ٿيو ته ان چيو، اي منهنجا رب! مون کي توفيق ڏي ته آئون شڪر ادا ڪريان تنهنجي نعمتن جو، جيڪي تو مون کي ۽ منهنجي والدين کي عطا ڪيون ۽ اهڙو نيڪ عمل ڪريان جنهن مان تون راضي ٿئين، ۽ نيڪ ڪر منهنجي اولاد کي، آئون تنهنجي حضور ۾ توبهه ڪريان ٿو ۽ فرمان جو تابع (مسلم) ٻانهن مان آهيان |
أُولٰئِكَ الَّذينَ نَتَقَبَّلُ عَنهُم أَحسَنَ ما عَمِلوا وَنَتَجاوَزُ عَن سَيِّـٔاتِهِم فى أَصحٰبِ الجَنَّةِ وَعدَ الصِّدقِ الَّذى كانوا يوعَدونَ (آيت : 16) |
اهڙي قسم جي ماڻهن کان اسان قبول ڪندا آهيون سندن بهترين عملن کي ۽ درگذر ڪندا آهيون سندن برائين کي اهي شامل هوندا آهن جنتي ماڻهن ۾، ان سچي وعدي مطابق جيڪو انهن سان ڪيو پيو وڃي |
وَالَّذى قالَ لِوٰلِدَيهِ أُفٍّ لَكُما أَتَعِدانِنى أَن أُخرَجَ وَقَد خَلَتِ القُرونُ مِن قَبلى وَهُما يَستَغيثانِ اللَّهَ وَيلَكَ ءامِن إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَيَقولُ ما هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 17) |
۽ جنهن شخص چيو پنهنجي والدين کي، آئون توهان کان بيزار آهيان، ڇا مون کي ڊيڄاريو ٿا ان پڄاڻي کان ته آئون مرڻ کان پوءِ وري ڪڍيو ويندس قبر مان؟ جڏهن ته ڪيترا نسل مون کان اڳ گذريا آهن (انهن مان ڪوبه نه آيو آهي) ماءُ ۽ پيءُ (الله کي ٻاڏائي هن کي چوندا آهن) اڙي ڪمبخت مڃي وٺ (ايمان آڻ) بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي. پر هو چوي ٿو اهي سڀ ڳالهيون اڳين وقتن جون پراڻيون آکاڻيون آهن |
أُولٰئِكَ الَّذينَ حَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ فى أُمَمٍ قَد خَلَت مِن قَبلِهِم مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنَّهُم كانوا خٰسِرينَ (آيت : 18) |
هي اهي ئي ماڻهو آهن جن تي عذاب جو فيصلو اڳي ٿي چڪو آهي اهڙي ئي ڍنگ جا انهن کان اڳ ۾ ڪيترا ئي ٽولا گذري چڪا آهن جنن ۽ انسانن جا، تن ۾ اهي به شامل ٿي ويندا ٽوٽي ۾ رهڻ وارا ماڻهو |
وَلِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِمّا عَمِلوا وَلِيُوَفِّيَهُم أَعمٰلَهُم وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 19) |
۽ انهن ٻنهي ٽولن مان هرهڪ جا درجات سندن عملن مطابق آهن (جيئن الله کين پورو بدلو ڏئي) انهن تي هرگز ظلم نه ڪيو ويندو |
وَيَومَ يُعرَضُ الَّذينَ كَفَروا عَلَى النّارِ أَذهَبتُم طَيِّبٰتِكُم فى حَياتِكُمُ الدُّنيا وَاستَمتَعتُم بِها فَاليَومَ تُجزَونَ عَذابَ الهونِ بِما كُنتُم تَستَكبِرونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَبِما كُنتُم تَفسُقونَ (آيت : 20) |
۽ جنهن ڏينهن انهن ماڻهن کي جن ڪفر ڪيو (هوندو)، بيهاريو ويندو سامهون باهه جي ۽ چيو ويندو، توهان پنهنجي ڀاڱي جون نعمتون دنيا جي حياتي ۾ ختم ڪري چڪؤ ۽ انهن مان پورو پورو مزو ورتو، اڄوڪي ڏينهن تي توهان کي خواري وارو عذاب ڏنو ويندو ڇاڪاڻ ته توهان تڪبر ڪندي نافرمانيون ڪيون زمين ۾ بنا ڪنهن به حق جي، ۽ توهان وڏو تفرقو پيدا ڪيو هو |
وَاذكُر أَخا عادٍ إِذ أَنذَرَ قَومَهُ بِالأَحقافِ وَقَد خَلَتِ النُّذُرُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 21) |
۽ ڪجهه ٻڌاءِ انهن کي عاد جي ڀاءُ (هود) جو قصو، جڏهن هن پنهنجي قوم کي احقاف ۾ خبردار ڪيو هو، ۽ اهڙا خبردار ڪرڻ وارا ان کان اڳي به گذري چڪا هئا ۽ ان کان پوءِ به ايندا رهيا، ته ڪنهن جي به بندگي نه ڪريو الله کان سواءِ، حقيقت ۾ مون کي وڏو خوف آهي توهان جي باري ۾ هڪ عذاب واري ڏينهن وڏي جو |
قالوا أَجِئتَنا لِتَأفِكَنا عَن ءالِهَتِنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 22) |
انهن چيو، ڇا تون ان ڪري آيو آهين ته اسان کي ڀنڀلائين اسان کي پنهنجن خدائن کان ڦيرائي ڇڏين؟ ٺيڪ آهي تون اهو عذاب آڻ، جنهن کان تون ڊيڄاريندو آهين جيڪڏهن تون سچو آهين |
قالَ إِنَّمَا العِلمُ عِندَ اللَّهِ وَأُبَلِّغُكُم ما أُرسِلتُ بِهِ وَلٰكِنّى أَرىٰكُم قَومًا تَجهَلونَ (آيت : 23) |
ان چيو، بيشڪ ان جو علم ته فقط الله وٽ ئي آهي، ۽ آئون ته رڳو توهان کي ان جو پيغام پهچائي رهيو آهيان جنهن سان مون کي موڪليو ويو آهي، آئون ته توهان کي جاهل قوم ڏسان ٿو |
فَلَمّا رَأَوهُ عارِضًا مُستَقبِلَ أَودِيَتِهِم قالوا هٰذا عارِضٌ مُمطِرُنا بَل هُوَ مَا استَعجَلتُم بِهِ ريحٌ فيها عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 24) |
پوءِ جڏهن انهن ڏٺو ان عذاب کي پنهنجي وادين ڏانهن ايندي ته چوڻ لڳا، اهو ته ڪڪر آهي جيڪو اسان تي وسندو، نه پر هي ته اها شيءِ آهي جنهن لاءِ توهان جلدي پئي ڪئي، اهو هوا جو طوفان آهي جنهن ۾ دردناڪ عذاب آهي |
تُدَمِّرُ كُلَّ شَيءٍ بِأَمرِ رَبِّها فَأَصبَحوا لا يُرىٰ إِلّا مَسٰكِنُهُم كَذٰلِكَ نَجزِى القَومَ المُجرِمينَ (آيت : 25) |
اهو هر شيءِ کي تباهه ڪري ڇڏيندو پنهنجي رب جي حڪم سان، آخرڪار سندن حال اهو ٿيو جو سندن رهڻ جي هنڌ کان سواءِ اهو ٿيو جو اتي ڪجهه به نظر نه ٿي آيو، اهڙو ئي بدلو ڏوهارين کي ڏيندا آهيون |
وَلَقَد مَكَّنّٰهُم فيما إِن مَكَّنّٰكُم فيهِ وَجَعَلنا لَهُم سَمعًا وَأَبصٰرًا وَأَفـِٔدَةً فَما أَغنىٰ عَنهُم سَمعُهُم وَلا أَبصٰرُهُم وَلا أَفـِٔدَتُهُم مِن شَيءٍ إِذ كانوا يَجحَدونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 26) |
۽ انهن کي اهو ڪجهه ڏنوسين جيڪو توهان کي نه ڏنوسين، اسان انهن کي ڏنا هئا ڪَن ۽ اکيون ۽ دليون سڀڪجهه پر اهي انهن جي ڪم نه آيا پر انهن جا اهي ڪن ۽ اکيون ڪم نه آيون ۽ نه وري دليون، ڪابه شيءِ سندن ڪم نه آئي، ڇو جو اهي الله جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا ۽ اهي انهيءَ شيءِ جي ڦيري ۾ اچي ويا جنهن تي اهي چٿرون ڪندا هئا |
وَلَقَد أَهلَكنا ما حَولَكُم مِنَ القُرىٰ وَصَرَّفنَا الءايٰتِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 27) |
۽ اسان تباهه ڪيو توهان جي ڀر پاسي جي علائقن ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن کي ۽ اسان بار بار پنهنجون آيتون موڪلي کين سمجهايو ته من مڙي وڃن |
فَلَولا نَصَرَهُمُ الَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ قُربانًا ءالِهَةً بَل ضَلّوا عَنهُم وَذٰلِكَ إِفكُهُم وَما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 28) |
پوءِ ڇو نه مدد ڪئي انهن هستين انهن جي، جن کي انهن الله کي ڇڏي ويجهڙائيءَ جو ذريعو سمجهي الله بنايو هو، پر اهي ته گم ٿي ويا کانئن، ۽ اهو ئي هو سندن ڪوڙ ۽ سندن جڙتو عقيدن جو نتيجو جيڪي انهن ٺاهيا هئا |
وَإِذ صَرَفنا إِلَيكَ نَفَرًا مِنَ الجِنِّ يَستَمِعونَ القُرءانَ فَلَمّا حَضَروهُ قالوا أَنصِتوا فَلَمّا قُضِىَ وَلَّوا إِلىٰ قَومِهِم مُنذِرينَ (آيت : 29) |
(۽ اهو واقعو به بيان جوڳو آهي) جڏهن اسان آندو هو جنن جي هڪ ٽولي کي تو ڏانهن جيئن اهي ٻڌن قرآن، جڏهن اهي ان هنڌ پهتا (جتي تو قرآن پئي پڙهيو) ته انهن پاڻ ۾ چيو، ماٺ ڪريو. پوءِ جڏهن تون پڙهي چڪين ته اهي پنهنجي قوم ڏي موٽيا خبردار ڪرڻ وارا |
قالوا يٰقَومَنا إِنّا سَمِعنا كِتٰبًا أُنزِلَ مِن بَعدِ موسىٰ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ يَهدى إِلَى الحَقِّ وَإِلىٰ طَريقٍ مُستَقيمٍ (آيت : 30) |
انهن وڃي چيو، اي اسان جي قوم وارؤ! اسان ٻڌو آهي هڪ ڪتاب، جيڪو نازل ڪيو ويو آهي موسيٰ کان پوءِ، تصديق ڪرڻ وارو آهي پاڻ کان اڳي آيل ڪتابن جي، رهنمائي ڪري ٿو حق ۽ سڌي راهه ڏانهن |
يٰقَومَنا أَجيبوا داعِىَ اللَّهِ وَءامِنوا بِهِ يَغفِر لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُجِركُم مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 31) |
اي اسان جي قوم! قبول ڪريو الله ڏانهن سڏڻ واري جو سڏ، ۽ ايمان آڻيو ان تي، معاف ڪندو توهان کي الله توهان جا گناهه ۽ بچائيندو توهان کي دردناڪ عذاب کان |
وَمَن لا يُجِب داعِىَ اللَّهِ فَلَيسَ بِمُعجِزٍ فِى الأَرضِ وَلَيسَ لَهُ مِن دونِهِ أَولِياءُ أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 32) |
۽ جيڪو نه مڃيندو الله جي داعي (سڏيندڙ) جي ڳالهه، سو نه ته پاڻ اهڙو سگهارو آهي زمين ۾ جو الله کي ٿڪائي سگهي ۽ نه ئي سندس حامي ڀرجهلا اهڙا آهن جو الله کان کيس بچائي سگهن، اهي ته گمراهه آهن ظاهر ۾ ئي |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَلَم يَعىَ بِخَلقِهِنَّ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يُحۦِىَ المَوتىٰ بَلىٰ إِنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 33) |
ڇا انهن ماڻهن کي اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته جنهن خدا خلقيو آهي آسمانن ۽ زمين کي، ۽ اهو سڀ ڪجهه ٺاهڻ تي نه ٿڪو هو، سو ضرور وس وارو آهي ته اهو وري جياري (سڀني) مُردن کي؟ ڇو نه، بيشڪ اهو ئي هر شيءِ تي بلڪل وس وارو آهي |
وَيَومَ يُعرَضُ الَّذينَ كَفَروا عَلَى النّارِ أَلَيسَ هٰذا بِالحَقِّ قالوا بَلىٰ وَرَبِّنا قالَ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 34) |
۽ جنهن ڏينهن آندا ويندا اهي (ماڻهو) ڪافر باهه جي سامهون، ان وقت کانئن هي پڇيو ويندو، ڇا هي حق ناهي؟ اهي چوندا، ها اسان جي رب جو قسم (اهو ئي حق آهي) فرمائيندو (الله) ته پوءِ ان عذاب جو مزو چکو پنهنجي انهي انڪار جي سزا ۾ جيڪو توهان ڪندا رهيا آهيو |
فَاصبِر كَما صَبَرَ أُولُوا العَزمِ مِنَ الرُّسُلِ وَلا تَستَعجِل لَهُم كَأَنَّهُم يَومَ يَرَونَ ما يوعَدونَ لَم يَلبَثوا إِلّا ساعَةً مِن نَهارٍ بَلٰغٌ فَهَل يُهلَكُ إِلَّا القَومُ الفٰسِقونَ (آيت : 35) |
پوءِ (اي نبي!) جهڙيءَ طرح صبر ڪيو اولي العزم همت وارن رسولن ۽ (تون به) ڪا تڪڙ نه ڪر انهن جي معاملي ۾، پوءِ جنهن ڏينهن اهي ماڻهو ان شيءِ کي ڏسي وٺندا، جنهن جو کين ڊپ ڏياريو وڃي پيو، ته انهن کي ائين معلوم ٿيندو ته دنيا ۾ ڪا گهڙي مس رهيا آهن، ڳالهه ته (هرڪا) هاڻي بي فرمان کان سواءِ ٻيو ڪير آهي جيڪو هلاڪ ٿيندو |