حم (آيت : 1) |
حم |
تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
هي ڪتاب (قرآن) خدا جي طرفان نازل ٿيو آهي جو غالب (۽) دانا آهي. |
إِنَّ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 3) |
بيشڪ آسمان زمين وارن لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن. |
وَفى خَلقِكُم وَما يَبُثُّ مِن دابَّةٍ ءايٰتٌ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 4) |
۽ اوهان جي پيدا ڪرڻ ۾ (به) ۽ جيڪي جانور (زمين تي) پکيڙيا اٿس (تن ۾ به) يقين ڪرڻ وارن لاءِ ڪيئي نشانيون آهن. |
وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ السَّماءِ مِن رِزقٍ فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَتَصريفِ الرِّيٰحِ ءايٰتٌ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 5) |
پڻ رات ڏينهن جي اچڻ وڃڻ ۾ ۽ خدا آسمان مان جو رزق جو (سبب پاڻي) نازل ڪيو پوءِ ان مان زمين کي مرڻ کان پوءِ جيئرو ڪيو (ان ڳالھ ۾) ۽ هوائن جي بدلائڻ ۾ عقل وارن لاءِ ڪيئي نشانيون آهن. |
تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَ اللَّهِ وَءايٰتِهِ يُؤمِنونَ (آيت : 6) |
هي خدا جون آيتون آهن جيڪي تو کي صحيح نموني پڙهي ٻڌايون ٿا. ته پوءِ خدا ۽ سندس آيتن کي ڇڏي ڪهڙي ڳالھ تي اهي ماڻهو ايمان آڻيندا؟ |
وَيلٌ لِكُلِّ أَفّاكٍ أَثيمٍ (آيت : 7) |
سڀ ڪنهن ڪوڙي گنهگار لاءِ وڏي خرابي آهي. |
يَسمَعُ ءايٰتِ اللَّهِ تُتلىٰ عَلَيهِ ثُمَّ يُصِرُّ مُستَكبِرًا كَأَن لَم يَسمَعها فَبَشِّرهُ بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 8) |
جو خدا جون آيتون سندس اڳيان پڙهيون وڃن ٿيون ۽ ٻڌي به ٿو ته تڏهين به وڏائي کان (انڪار تي) لڳو رهي ٿو. ڄڻ ته هن انهن (آيتن) کي ٻڌو ئي نه آهي. ته (اي رسول) تون دردناڪ عذاب جي خوش خبري ٻڌائي ڇڏ. |
وَإِذا عَلِمَ مِن ءايٰتِنا شَيـًٔا اتَّخَذَها هُزُوًا أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 9) |
۽ جڏهن اسان جي آيتن مان ڪنهن آيت جو واقف ٿئي ٿو ته ان تي مسخري ڪري ٿو. اهڙن لاءِ ئي خوار ڪرڻ وارو عذاب آهي. |
مِن وَرائِهِم جَهَنَّمُ وَلا يُغنى عَنهُم ما كَسَبوا شَيـًٔا وَلا مَا اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ أَولِياءَ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 10) |
دوزخ ته انهن جي پٺيان آهي ئي. ۽ جيڪي اهي عمل ڪندا رهيا، نه اهي سندن ڪم ايندا ۽ نه اهي جن کي هنن خدا کان سواءِ (پنهنجا) والي (سرپرست) بنايا هئا. ۽ انهن لاءِ تمام (سخت) عذاب آهي. |
هٰذا هُدًى وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم لَهُم عَذابٌ مِن رِجزٍ أَليمٌ (آيت : 11) |
هي (قرآن) هدايت آهي ۽ جن ماڻهن پنهنجي پروردگار جي آيتن جو انڪار ڪيو تن لاءِ سخت قسم جو دردناڪ عذاب هوندو. |
اللَّهُ الَّذى سَخَّرَ لَكُمُ البَحرَ لِتَجرِىَ الفُلكُ فيهِ بِأَمرِهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 12) |
خدا اهو آهي جنهن سمنڊ کي اوهان جو تابع ڪيو هن لاءِ ته سندس حڪم سان ان ۾ ٻيڙا هلن ۽ هن لاءِ ته سندس فضل (۽ ڪرم) سان روزي تلاش ڪريو ۽ من اوهين شڪر ڪريو. |
وَسَخَّرَ لَكُم ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ جَميعًا مِنهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 13) |
۽ جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي تن سڀني کي پنهنجي طرفان اوهان جي ڪم ۾ لاتو اٿس. بيشڪ غور ڪرڻ لاءِ ان (ڳالھ) ۾ خدا جون ڪيئي نشانيون آهن. |
قُل لِلَّذينَ ءامَنوا يَغفِروا لِلَّذينَ لا يَرجونَ أَيّامَ اللَّهِ لِيَجزِىَ قَومًا بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 14) |
(اي رسول) مومنن کي فرمائي ته جي ماڻهو خدا جي ڏينهن (جي سزا لاءِ مقرر آهن) ويساھ نه ٿا رکن تن کان هن لاءِ درگذر ڪن ته اهي جيڪي ڪندا رهن ٿا تنهن جو کين بدلو ڏي. |
مَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِنَفسِهِ وَمَن أَساءَ فَعَلَيها ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم تُرجَعونَ (آيت : 15) |
جنهن چڱو ڪم ڪيو سو پاڻ لاءِ (ڪيو) ۽ جنهن بڇڙو ڪم ڪيو تنهن جو وبال مٿس آهي، وري اوهان کي پنهنجي پالڻهار ڏي موٽايو ويندو. |
وَلَقَد ءاتَينا بَنى إِسرٰءيلَ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَفَضَّلنٰهُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 16) |
۽ بيشڪ اسان بني اسرائيلن کي ڪتاب (توريت) ۽ حڪومت ۽ پيغمبري عطا ڪئي ۽ کين سٺيون سٺيون شيون کاڌي لاءِ ڏنيون ۽ انهن کي سموري جهان تي فضيلت ڏني. |
وَءاتَينٰهُم بَيِّنٰتٍ مِنَ الأَمرِ فَمَا اختَلَفوا إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 17) |
۽ کين دين جا کليل دليل ڏناسون ته انهن جي ڄاڻڻ کان پوءِ به پاڻ ۾ ضد جي ڪري هڪ ٻئي سان اختلاف ڪيو. (ته پوءِ اهي ماڻهو جن ڳالهين ۾ وڙهي رهيا آهن قيامت ۾ تنهنجو پروردگار انهن ۾ فيصلو ڪندو. |
ثُمَّ جَعَلنٰكَ عَلىٰ شَريعَةٍ مِنَ الأَمرِ فَاتَّبِعها وَلا تَتَّبِع أَهواءَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 18) |
وري (اي رسول) اسان تو کي دين جي هڪ کليل رستي (اسلام) تي قائم ڪيو آهي ته تون ان تي هل! ۽ نادانن جي خواهشن جي پيروي نه ڪر. |
إِنَّهُم لَن يُغنوا عَنكَ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَإِنَّ الظّٰلِمينَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَاللَّهُ وَلِىُّ المُتَّقينَ (آيت : 19) |
اهي ماڻهو خدا جي اڳيان تنهنجي ڪجھ به ڪم نه ايندا ۽ ظالم ماڻهو هڪ ٻئي جا مددگار آهن ۽ خدا ته پرهيزگارن جو مددگار آهي. |
هٰذا بَصٰئِرُ لِلنّاسِ وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 20) |
هي (قرآن) ماڻهن (جي هدايت) لاءِ دليلن جو مجموعو آهي ۽ يقين ڪرڻ وارن لاءِ (سمورو) هدايت ۽ رحمت آهي. |
أَم حَسِبَ الَّذينَ اجتَرَحُوا السَّيِّـٔاتِ أَن نَجعَلَهُم كَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَواءً مَحياهُم وَمَماتُهُم ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 21) |
ڀلا جي ماڻهو بڇڙا ڪم ڪندا رهيا تن هي خيال ڪيو آهي ڇا ته اسين کين انهن جهڙو ڪنداسون جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، ۽ انهن سڀني جو جيئڻ ۽ مرڻ هڪجهڙو ٿيندو! اهي جيڪو حڪم ڪن ٿا سو (ڪهڙو نه) بڇڙو آهي. |
وَخَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَلِتُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 22) |
۽ خدا آسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو آهي ۽ هن لاءِ ته سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جيڪي ڪمايو تنهن جو کيس بدلو ڏنو وڃي ۽ انهن تي (ذرو به) ظلم نه ڪيو ويندو. |
أَفَرَءَيتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلٰهَهُ هَوىٰهُ وَأَضَلَّهُ اللَّهُ عَلىٰ عِلمٍ وَخَتَمَ عَلىٰ سَمعِهِ وَقَلبِهِ وَجَعَلَ عَلىٰ بَصَرِهِ غِشٰوَةً فَمَن يَهديهِ مِن بَعدِ اللَّهِ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 23) |
ڀلا تو ان شخص کي به ڏٺو! جنهن پنهنجي نفساني خواهشن کي پنهنجو معبود ڪري ورتو آهي ۽ (سندس حالت کي) ڄاڻي واڻي خدا کيس گمراهي ۾ ڇڏي ڏنو آهي پڻ سندس ڪنن ۽ دل تي علامت مقرر ڪري ڇڏي آهي (ته هي ايمان نه آڻيندا) ۽ سندس اکين تي پردو وجهي ڇڏيو آهي ته خدا کان پوءِ ان جي ڪير هدايت ڪري سگهي ٿو ته ڇا اوهين ماڻهو (ايترو به) غور نه ٿا ڪريو. |
وَقالوا ما هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا نَموتُ وَنَحيا وَما يُهلِكُنا إِلَّا الدَّهرُ وَما لَهُم بِذٰلِكَ مِن عِلمٍ إِن هُم إِلّا يَظُنّونَ (آيت : 24) |
۽ چون ٿا ته اهو رڳو اسان جو (هتي) دنيا جو جيئڻ آهي اسين (هتي ئي) مرون ٿا ۽ (هتي ئي) جيئون ٿا ۽ اسان کي رڳو زمانو ماري ٿو هوڏانهن انهن کي ان (ڳالھ) جي ڪا خبر نه آهي اهي رڳو گمان ڪن ٿا. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ ما كانَ حُجَّتَهُم إِلّا أَن قالُوا ائتوا بِـٔابائِنا إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 25) |
۽ جڏهن کين اسان جون چٽيون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته (جواب ۾) هن چوڻ کان سواءِ سندن ٻي ڪا حجت نه هوندي آهي ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته اسان جي ابن ڏاڏن کي ته (جيئرو ڪري) آڻيو. |
قُلِ اللَّهُ يُحييكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يَجمَعُكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 26) |
(اي رسول) کين چئو ته الله ئي اوهان کي جيئرو (پيدا) ڪري ٿو ۽ اهو ئي اوهان کي ماري ٿو وري اهو ئي اوهان کي قيامت جي ڏينهن (جنهن جي هجڻ) ۾ ڪنهن قسم جو شڪ نه آهي، گڏ ڪندو پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن. |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يَومَئِذٍ يَخسَرُ المُبطِلونَ (آيت : 27) |
۽ آسمانن ۽ زمين جي حڪومت الله جي آهي. ۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي تنهن ڏينهن ناحق (تي هلڻ) وارا نقصان پائيندا. |
وَتَرىٰ كُلَّ أُمَّةٍ جاثِيَةً كُلُّ أُمَّةٍ تُدعىٰ إِلىٰ كِتٰبِهَا اليَومَ تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 28) |
۽ (اي رسول) تون سڀ ڪنهن امت کي ڏسندين ته (فيصلي جا منتظر ادب سان) گوڏن ڀر ويٺا هوندا سڀ ڪنهن امت کي سندن اعمال نامي ڏي سڏيو ويندو جيڪي اوهين ڪندا هئا. تنهن جو اوهان کي بدلو ڏنو ويندو. |
هٰذا كِتٰبُنا يَنطِقُ عَلَيكُم بِالحَقِّ إِنّا كُنّا نَستَنسِخُ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 29) |
هي اسان جو ڪتاب (جنهن ۾ اعمال لکيل آهن) سو اوهان تي سچ ڳالهائي رهيو آهي. جيڪي اوهين (ڪم) ڪندا هئا سي اسين لکائينداسون. |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُدخِلُهُم رَبُّهُم فى رَحمَتِهِ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ المُبينُ (آيت : 30) |
پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن پروردگار پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪندو. اها ئي ظاهر ڪاميابي آهي. |
وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا أَفَلَم تَكُن ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَاستَكبَرتُم وَكُنتُم قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 31) |
۽ جن ڪفر اختيار ڪيو (تن کي چونداسون ته) ڇا اوهان کي اسان جون آيتون پڙهي نه ٻڌايون وينديون هيون؟ (ضرور) ته اوهان وڏائي ڪئي ۽ اوهين ڏوهاري قوم هئا. |
وَإِذا قيلَ إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَالسّاعَةُ لا رَيبَ فيها قُلتُم ما نَدرى مَا السّاعَةُ إِن نَظُنُّ إِلّا ظَنًّا وَما نَحنُ بِمُستَيقِنينَ (آيت : 32) |
۽ جڏهن (اوهان کي) چيو ويندو هو ته خدا جو وعدو سچو آهي ۽ قيامت (جي اچڻ ۾ ڪو شڪ (شبهو) نه آهي ته اوهين چوندا هئا ته اسين ته نه ٿا ڄاڻون ته قيامت ڇا آهي. اسين ته (ان کي) رڳو هڪ خيالي ڳالھ سمجهون ٿا ۽ اسان کي ته ان تي يقين نه ٿو ٿئي. |
وَبَدا لَهُم سَيِّـٔاتُ ما عَمِلوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 33) |
۽ سند ڪرتوتن جون برايون مٿن ظاهر ٿينديون ۽ جنهن (عذاب) تي اهي کلندا هئا سو کين (چوڌاري) وڪوڙي ويندو. |
وَقيلَ اليَومَ نَنسىٰكُم كَما نَسيتُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا وَمَأوىٰكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 34) |
۽ (کين) چيو ويندو ته جيئن اوهان پنهنجي هن ڏينهن جي اچڻ کي وساري ڇڏيو هو تئين اڄ اسان به اوهان کي (پنهنجي رحمت کان ڄاڻي واڻي) ڀلائينداسون ۽ اوهان جي رهڻ جي جاءِ جهنم آهي ۽ ڪو به اوهان جو مددگار نه آهي. |
ذٰلِكُم بِأَنَّكُمُ اتَّخَذتُم ءايٰتِ اللَّهِ هُزُوًا وَغَرَّتكُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا فَاليَومَ لا يُخرَجونَ مِنها وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 35) |
اهو هن ڪري جو اوهان الله جي آيتن تي مسخريون ڪيون ۽ اوهان کي دنيا جي حياتيءَ ڌوڪو ڏنو مطلب ته اڄ اهي نه ان مان ڪڍيا ويندا ۽ انهن کي موقعو ڏنو ويندو ته (توبه ڪري خدا کي راضي ڪن) |
فَلِلَّهِ الحَمدُ رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَرَبِّ الأَرضِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 36) |
پوءِ سڀ ساراھ الله لاءِ ئي آهي جو آسمانن ۽ زمين جو مالڪ آهي (۽) ساري جهانن جو مالڪ (مختار) آهي. |
وَلَهُ الكِبرِياءُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 37) |
۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سندس ئي وڏائي آهي ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |