حم (آيت : 1) |
ڄاڻي حق حٰمٓ کي، صَحِي بَرصَواب، |
تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
هِي نازِل نُور ڪتاب، سائـِين سَٻر ۽ سَٻوجھ کان. |
إِنَّ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 3) |
آهي عَجب اَڀن ۾، پڻ ڀُون ۾ بيشمار، نِيشانيون نِروار، وِسهڻ وارن واسطي. |
وَفى خَلقِكُم وَما يَبُثُّ مِن دابَّةٍ ءايٰتٌ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 4) |
۽ اوهان جي اوپاج ۾، آهِن عَجب اُهڃاڻ، پڻ جيڪِي کيڙائو کيہ ۾، پکيڙيائين پاڻ، قوم تِنهِين ڪاڻ، جي خاص گُھرنِ ڪا خاطرِي. |
وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ السَّماءِ مِن رِزقٍ فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَتَصريفِ الرِّيٰحِ ءايٰتٌ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 5) |
۽ ڦيرڻ ۾ ڏينهن رات جي، وارو واري ساڻ، ۽ اَلله اُتاريو اُڀ کان، جو چُوڻُو پاڻِي پاڻ، جنهن سان جِيارِئين زمين کي، سَندسِ سوڪ پُڃاڻ، ۽ وارڻ واسِي وائڙا، هيڏي، هوڏي هاڻ، قوم اُنهِئ ڪاڻ، جي سوچِين سَچي ڳالھ کي. |
تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَ اللَّهِ وَءايٰتِهِ يُؤمِنونَ (آيت : 6) |
آهِن اِهي اُهڃاڻ، صاحب رَبَّ، ستار جا، صَحِي ثابتن ساڻ، پَڙهون توتي پاڻ، پوءَ اَلله پاڪ ۽ اُن جي پَڌرين پُڃاڻ، حق مَڃِيندا هاڻ، ڳهيلا ڪِهِڙي ڳالهڙي؟ |
وَيلٌ لِكُلِّ أَفّاكٍ أَثيمٍ (آيت : 7) |
ڪاڙهو آهي قَهر جو!، ڪُل ڪوڙي ڪانهياري ڪاڻ، |
يَسمَعُ ءايٰتِ اللَّهِ تُتلىٰ عَلَيهِ ثُمَّ يُصِرُّ مُستَكبِرًا كَأَن لَم يَسمَعها فَبَشِّرهُ بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 8) |
سُڻي سَگھون سُبحان جون، جي پَڙهِجن مَٿسِ پاڻ، موٽِي رَهيو مَغرور سو، ڪرسُئـِين نه ڪنن ساڻ، پوءِ ڏِينسِ سُڌ سُڄاڻ!، سُورن واري ساڙِجي. |
وَإِذا عَلِمَ مِن ءايٰتِنا شَيـًٔا اتَّخَذَها هُزُوًا أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 9) |
۽ جڏهن ڄاتئـِين آيتون اَلله جون، ته مَسخرِي بنائـِين مُور، سِٺ وارو سارو سُور، اَ ڳتي آھِ اُنهن لئي. |
مِن وَرائِهِم جَهَنَّمُ وَلا يُغنى عَنهُم ما كَسَبوا شَيـًٔا وَلا مَا اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ أَولِياءَ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 10) |
تِنهن سوا سزاتَن لئي، ٻارڻ ٻيو ٻِيهار، ۽ جيڪِي مال ميڙيئون، تَن هرگز نه لاٿيَن هارِ، ۽ جَن کي جھليؤن جَبّار ري، وَسِيلا وَهار، ۽ اُنهن لئي وڏو آزار، |
هٰذا هُدًى وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم لَهُم عَذابٌ مِن رِجزٍ أَليمٌ (آيت : 11) |
حَقَّ هِدايت آهي هِي. ۽ آيتن کان اَلله جي ڪيو جَن اِنڪار، اُنهن لئي آزار، آهي سزا سخت کان. |
اللَّهُ الَّذى سَخَّرَ لَكُمُ البَحرَ لِتَجرِىَ الفُلكُ فيهِ بِأَمرِهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 12) |
اَلله تعالىٰ آھِ سو، جنهن قُدرت ساڻ ڪمال، رَکيا اَوهان جي آڻ ۾، ڪيڏا بَحر بَحال، ته مَنجھسِ هَلن سَندسِ حُڪم سان، ٻيڙا چڱِئ چال، ۽ ڀَلـِين ته سَندسِ ڀال، ڳوليو ۽ ڳُڻ ڳائيو. |
وَسَخَّرَ لَكُم ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ جَميعًا مِنهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 13) |
۽ ڪيائين پَنهنجي ڪَرم سان، تابع توهان توڙ، جيڪِي آهن اُڀن ۾، پڻ ڀُون ۾ جيڪا جوڙ، اُن ۾ خبرون کوڙ، سوچِين تِنهن ئـِي ساٿ لئي. |
قُل لِلَّذينَ ءامَنوا يَغفِروا لِلَّذينَ لا يَرجونَ أَيّامَ اللَّهِ لِيَجزِىَ قَومًا بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 14) |
جَن مڃيو، چئو تن کي، ته مرهِينِ تن ميار، جي اصل نه رکن آسرو، ڪمن ۾ ڪلتار، تان جيڪي ڪن ڪم ڪار، سي پاري ڏي، تنهن پهر کي. |
مَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِنَفسِهِ وَمَن أَساءَ فَعَلَيها ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم تُرجَعونَ (آيت : 15) |
جنهن چڱئ ڪَئـِي ته پاڻ لئي، جي بَدِي ته مَٿسِ بار، پنهنجي پَروَر پار، موٽِي اَوهِين موٽائبا. |
وَلَقَد ءاتَينا بَنى إِسرٰءيلَ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَفَضَّلنٰهُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 16) |
۽ بَخشيون سون بَنِي اسرائيل کي، ڪتاب برقرار، صَحِي پڻ سَمجھائڻِي، ۽ نُـبُوّت نِبار، ڏِنوسونِ موچاري مال مان، کاڌو خوشگوار، پڻ مَرتبو موچار، ڏِنوسونِ ڏيهن تي. |
وَءاتَينٰهُم بَيِّنٰتٍ مِنَ الأَمرِ فَمَا اختَلَفوا إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 17) |
۽ عطا ڪيوسونِ اَمرمان، ڪي پَڌرايون پاڻ، پوءِ نه بِگڙيا پاڻ ۾، مگر تِنهن پڃاڻ، ته آينِ ڪُجھ عِلم مان، آيتون اُهڃاڻ، هِڪ ٻِئي سان هوڏڪري، مَطلب ماڻڻ ڪاڻ، ڪندو ڏِينهن قِيام جي، سائين سُرت سُڄاڻ، صَفا، سَندنِ ڇڪتاڻ، جنهن تان جڳهڙن پاڻ ۾. |
ثُمَّ جَعَلنٰكَ عَلىٰ شَريعَةٍ مِنَ الأَمرِ فَاتَّبِعها وَلا تَتَّبِع أَهواءَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 18) |
موٽِي ڪيوسونئـِي مُور، مُقرر شرع شريف تي، قُدرتِي قانون مان، پوءِ اُن تي هَل حضور! ۽ جَن کي پُورِي نه پَروڙ، تَن جي لاڙن پُٺيان، لَڙ نه تون. |
إِنَّهُم لَن يُغنوا عَنكَ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَإِنَّ الظّٰلِمينَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَاللَّهُ وَلِىُّ المُتَّقينَ (آيت : 19) |
توکي اُهي اَلله کان، نه لاهِين ڪو لاچار، ۽ ظالِم آهن پاڻ ۾، هِڪ ٻئي جا، حامِي يار، ۽ مولىٰ مَددگار، موچارن جو مُورهِين. |
هٰذا بَصٰئِرُ لِلنّاسِ وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 20) |
هِي چِٽايون ماڻهن لئي، پڻ سُونهپ، ٻاجھ ٻِيهار، تِنهن ساٿ سَڳوري هارِ، جي خاص گُھرن ڪا خاطرِي. |
أَم حَسِبَ الَّذينَ اجتَرَحُوا السَّيِّـٔاتِ أَن نَجعَلَهُم كَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَواءً مَحياهُم وَمَماتُهُم ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 21) |
ڇا، ڀانيو تَن ڀورن، ڪيا جَن قُصور، اُنهن جِھڙو ڪنداسون، تن کي، مَڃيو جن مَذڪور؟ ۽ جَن ڪيون نيڪ ڪمايون، سَندنِ مَرڻ، جِيئڻ ۾ مُور، جو ڪنٿابي شُعور، سو بِلڪُل بُڇڙو فيصلو! |
وَخَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَلِتُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 22) |
۽ اَلله اُڀ، ڀُون جوڙيا، قائـِم برقرار، ۽ تان جيڪي جنهن ڪمايو، سو پورا مِليسِ پار، ۽ تَنِين جو تڪرار، ذرو ضايع ڪِين ڪبو. |
أَفَرَءَيتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلٰهَهُ هَوىٰهُ وَأَضَلَّهُ اللَّهُ عَلىٰ عِلمٍ وَخَتَمَ عَلىٰ سَمعِهِ وَقَلبِهِ وَجَعَلَ عَلىٰ بَصَرِهِ غِشٰوَةً فَمَن يَهديهِ مِن بَعدِ اللَّهِ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 23) |
ڇا، ڏِٺئـِي نَه اُن جا پار؟ جنهن سندسِ خواهش خام کي، کڻِي خدا بنايو، خوام خواه خوار، ۽ اَلله اُن کي عِلم تي، نِيو نِگو نسار، ۽ سَندسِ ڪَن ۽ مَن تي، مُهر هَنيسِ مُختيار، ۽ پَردو پرور پاڪ ڏِنسِ، چِشمن تي چوڌار، پوءِ آهي ڪير، ته اَلله پُٺيان سَئون سُهائيسِ پار؟ پوءِ آخِر ڪِنهن آڌار، ساڱا! ساڱيو ڪين ٿا؟ |
وَقالوا ما هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا نَموتُ وَنَحيا وَما يُهلِكُنا إِلَّا الدَّهرُ وَما لَهُم بِذٰلِكَ مِن عِلمٍ إِن هُم إِلّا يَظُنّونَ (آيت : 24) |
۽ اََکيون پوري آکِيو، دَهريَن هِن دَستور، ته دنيا ڌار، نه اَسان جو، جِيئڻ ذَرو ضَرور، مَرُون، جِئون، ۽ نه مارِينَئون، مگر زَمانو مُور، ۽ اِن بابت ناھِ اُنهن کي، ڪاپَريان جِي پَروڙ، مَگر هَڻن مَغرور، گھوٻاٽاگُمان ۾. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ ما كانَ حُجَّتَهُم إِلّا أَن قالُوا ائتوا بِـٔابائِنا إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 25) |
۽ جڏهن پَڙهجن اَسان جون اُنهن تي، نِشانيون نِروار، ته هُيَنِ حُجت ڪانه، مگر ٻوليائون ٻِيهار، جي آهيو صَفا سَچا، ته اَبا اَسان جا آڻِيو. |
قُلِ اللَّهُ يُحييكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يَجمَعُكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 26) |
چئو، اَلله پاڪ اَوهان کي، ٿو جِياري جبار، مارِينان ۽ ميڙِينان، موٽِي مَحشر وار، جنهن ۾ وَهم نه وار، پر سَمجھن نَه اَڪثر آدمي! |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يَومَئِذٍ يَخسَرُ المُبطِلونَ (آيت : 27) |
۽ آهي اُڀ، زمين جو، مڙئي مُلڪ مالِڪ هارِ، ۽ جنهن ڏينهن ڏُکِي وار، بيهي ٻانهن لئي ٻِيهار، هرگز پائـِڻ هارِ، اَڻهوندا اُنهِئَ ڏِينهن ۾! |
وَتَرىٰ كُلَّ أُمَّةٍ جاثِيَةً كُلُّ أُمَّةٍ تُدعىٰ إِلىٰ كِتٰبِهَا اليَومَ تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 28) |
۽ ويکيندِين جنهن وار، مُونَنِ ڀر هَر ميڙ کي، سَڏبو سَڀڪِنهن ساٿ کي، پَنهن جِي لِک پَڙھ پار، جي ڪندا هُئا ڪم ڪار، اَڄ مِلندان اَجر اُن جو. |
هٰذا كِتٰبُنا يَنطِقُ عَلَيكُم بِالحَقِّ إِنّا كُنّا نَستَنسِخُ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 29) |
هِي ڪتاب اَسان جو، حَق چوي ٿو پَڪ، لِکنداسون لاشڪ، جي ڪندا هئا ڪمڙا. |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُدخِلُهُم رَبُّهُم فى رَحمَتِهِ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ المُبينُ (آيت : 30) |
پر آندو جَن اِيمان، چڱا ڪيائون ڪمڙا، سائـِين سَندسِ ٻاجھ ۾، ڏِيندن ماڳ مَڪان، بيشڪ بي گُمان، سَڀنيان کُلي سوڀ اِئَ. |
وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا أَفَلَم تَكُن ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَاستَكبَرتُم وَكُنتُم قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 31) |
پر ڪيو جَن اِنڪار، ڇا، آنتي اسان جون آيتون، پَڙهبيون نه هيون؟ پوءِ ڪيان تڪبر تڪرار، ۽ قوم بِنہ بَدڪار، اَوهِين اَجائـِي آهيو. |
وَإِذا قيلَ إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَالسّاعَةُ لا رَيبَ فيها قُلتُم ما نَدرى مَا السّاعَةُ إِن نَظُنُّ إِلّا ظَنًّا وَما نَحنُ بِمُستَيقِنينَ (آيت : 32) |
۽ چيو وَڃي جنهن وار، سَچو سائـِينءَ واعِدو، ڪَڙِي گَھڙِي قِيام جِي، وَهم نه تِنهن ۾ وار، چيان، ته ساعت نه ساريون، خالي خيال ڌار، ۽ پُورو اِعتبار، اَسِين نه رکندڙ آهيون. |
وَبَدا لَهُم سَيِّـٔاتُ ما عَمِلوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 33) |
۽ کُلِي خرابِي تَن لئي، جي ڪوجھا ڪيؤُن ڪم ڪار، ۽ جيڪي کِلندا هُئاخوار، تِنهن مَنجھو مَنجھ مُنجھائيا. |
وَقيلَ اليَومَ نَنسىٰكُم كَما نَسيتُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا وَمَأوىٰكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 34) |
۽ چي، اَڄ وِساريون نِيان، جِيئن وساريان، هِن ڏينهن جو ڏسڻ پاڻ، ۽ باھِ اوهان جو ڀاڻ، ۽ نه اَنهنجو اَجھو آڌارڪو. |
ذٰلِكُم بِأَنَّكُمُ اتَّخَذتُم ءايٰتِ اللَّهِ هُزُوًا وَغَرَّتكُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا فَاليَومَ لا يُخرَجونَ مِنها وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 35) |
اِن سبب اَوهان کي سُور، اِهي، ته حُڪم پاڪ حُضور، کَڻِي کِل بنايان، مُرڳو ڪَيان مَغرُور، هِن حَياتِئَ نَنڍڙِي؛ پوءِ اَڄ مَنجھاسِ نه نِڪرن مُور، ۽ نه سي سَختيون سُور، گَھنٽو مَٿانِ گھٽائـِبا. |
فَلِلَّهِ الحَمدُ رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَرَبِّ الأَرضِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 36) |
سائـِين کي ساراھ، جو آگو اُڀ، زمين جو، ۽ آگو عالَمن جو، بَرحق بادشاھ، |
وَلَهُ الكِبرِياءُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 37) |
اُن جِي اُڀ، زمين ۾، وَڏائـِي وَهواھ! ۽ عِزتوند اَللهَ، پڻ قابِل ڪار ڪَمن ۾. |