حم (آيت : 1) |
حٰم. |
تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
ڪتاب جو نازل ڪرڻ الله زبردست (۽) حڪمت واري جي طرفان آهي. |
إِنَّ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 3) |
بيشڪ آسمانن ۽ زمين ۾ ايمان وارن لاءِ نشانيون آهن. |
وَفى خَلقِكُم وَما يَبُثُّ مِن دابَّةٍ ءايٰتٌ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 4) |
۽ اوهان جي ۽ جيڪي جانور پکيڙي ٿو تن جي پيدا ڪرڻ ۾ انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن جيڪي يقين ڪن ٿا. |
وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ السَّماءِ مِن رِزقٍ فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَتَصريفِ الرِّيٰحِ ءايٰتٌ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 5) |
۽ رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ ۾ ۽ جو رزق الله آسمان مان لاٿو پوءِ ان سان زمين کي ان جي مرڻ کانپوءِ جياريائين، تنهن ۾ ۽ هوائن جي ڦيرڦار ۾ انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا. |
تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَ اللَّهِ وَءايٰتِهِ يُؤمِنونَ (آيت : 6) |
(اي پيغمبر !) اهي الله جون آيتون آهن جيڪي توکي صحيح نموني پڙهي ٻڌايون ٿا. پوءِ الله ۽ سندس آيتن کي ڇڏي ڪهڙيءَ ڳالهه تي ايمان آڻيندا؟ |
وَيلٌ لِكُلِّ أَفّاكٍ أَثيمٍ (آيت : 7) |
سڀ ڪنهن ڪوڙي گنهگار لاءِ وڏي خرابي آهي، |
يَسمَعُ ءايٰتِ اللَّهِ تُتلىٰ عَلَيهِ ثُمَّ يُصِرُّ مُستَكبِرًا كَأَن لَم يَسمَعها فَبَشِّرهُ بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 8) |
جو الله جي آيتن کي جنهن وقت ان کي پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته ٻڌي ٿو وري وڏائي ڪري (ڪفر تي) ضد ڪري بيهي ٿو ڄڻ ته انهن (آيتن) کي نه ٻڌائين. پوءِ (اي پيغمبر!) ان کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ. |
وَإِذا عَلِمَ مِن ءايٰتِنا شَيـًٔا اتَّخَذَها هُزُوًا أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 9) |
۽ جڏهن اسان جي آيتن مان ڪجهه ڄاڻي ٿو ته انهن تي مسخري ڪري ٿو. انهن لاءِ ئي خوار ڪندڙ عذاب آهي، |
مِن وَرائِهِم جَهَنَّمُ وَلا يُغنى عَنهُم ما كَسَبوا شَيـًٔا وَلا مَا اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ أَولِياءَ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 10) |
سندن پٺيان دوزخ آهي. ۽ جيڪي ڪمايائون سو ڪجهه به ڪم نه ايندن ۽ نه ڪي اهي (ڪم ايندا) جن کي الله کانسواءِ دوست بنايو اٿن، ۽ انهن لاءِ ئي وڏو عذاب آهي. |
هٰذا هُدًى وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم لَهُم عَذابٌ مِن رِجزٍ أَليمٌ (آيت : 11) |
هي (قرآن) هدايت آهي ۽ جن پنهنجي پاليندڙ جي آيتن جو انڪار ڪيو تن لاءِ سخت دردناڪ عذاب جي سزا آهي. |
اللَّهُ الَّذى سَخَّرَ لَكُمُ البَحرَ لِتَجرِىَ الفُلكُ فيهِ بِأَمرِهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 12) |
الله اهو آهي جنهن سمنڊ کي اوهان جو تابع ڪيو هن لاءِ ته ان ۾ سندس حڪم سان ٻيڙيون هلن ۽ هن لاءِ ته سندس فضل مان روزي ڳوليو ۽ مَنَ اوهين شڪر ڪريو. |
وَسَخَّرَ لَكُم ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ جَميعًا مِنهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 13) |
۽ جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي تن سڀني کي پنهنجي طرفان اوهان جي ڪم ۾ لاتو اٿس. بيشڪ ان ۾ انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن جيڪي فڪر ڪن ٿا. |
قُل لِلَّذينَ ءامَنوا يَغفِروا لِلَّذينَ لا يَرجونَ أَيّامَ اللَّهِ لِيَجزِىَ قَومًا بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 14) |
(اي پيغمبر !) ايمان وارن کي چؤ ته جيڪي الله جي ڏينهن جو ويساهه نه ٿا رکن تن کان هن لاءِ درگذر ڪن ته اهي جيڪي پيا ڪن تنهن جي ڪري (انهن مان) ڪنهن قوم کي (الله پاڻ) سزا ڏئي. |
مَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِنَفسِهِ وَمَن أَساءَ فَعَلَيها ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم تُرجَعونَ (آيت : 15) |
جنهن چڱو ڪم ڪيو سو پاڻ لاءِ (ڪيو) ۽ جنهن بڇڙو ڪيو سو مٿس آهي، وري اوهان کي پنهنجي پاليندڙ ڏي موٽايو ويندو. |
وَلَقَد ءاتَينا بَنى إِسرٰءيلَ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَفَضَّلنٰهُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 16) |
۽ بيشڪ اسان بني اسرائيلن کي ڪتاب ۽ حڪومت ۽ پيغمبري ڏني. ۽ کين سٺين شين مان روزي ڏني سون، ۽ کين سڀني قومن تي فضيلت ڏني سون. |
وَءاتَينٰهُم بَيِّنٰتٍ مِنَ الأَمرِ فَمَا اختَلَفوا إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 17) |
۽ کين دين جون ظاهر ڳالهيون ڏنيون سون، پوءِ وٽن علم پهچڻ کان پوءِ انهن پاڻ ۾ ضد جي ڪري اختلاف ڪيو. بيشڪ جنهن (ڳالهه) ۾ اهي اختلاف پيا ڪن، تنهن ۾ قيامت جي ڏينهن تنهنجو پاليندڙ انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪندو. |
ثُمَّ جَعَلنٰكَ عَلىٰ شَريعَةٍ مِنَ الأَمرِ فَاتَّبِعها وَلا تَتَّبِع أَهواءَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 18) |
وري اسان توکي دين جي هڪ خاص رستي (اسلام) تي ڪيوسو تون ان جي تابعداري ڪر ۽ جيڪي نٿا ڄاڻن تن جي خواهشن جي پٺيان نه لڳ! |
إِنَّهُم لَن يُغنوا عَنكَ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَإِنَّ الظّٰلِمينَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَاللَّهُ وَلِىُّ المُتَّقينَ (آيت : 19) |
بيشڪ اهي توکي ڪجهه به الله (جي عذاب) کان (بچائڻ ۾ ) ڪم نه ايندا. ۽ بيشڪ ظالم هڪ ٻئي جا مددگار آهن. ۽ الله پرهيزگارن جو مددگار آهي. |
هٰذا بَصٰئِرُ لِلنّاسِ وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 20) |
هيءَ (قرآن) ماڻهن لاءِ سمجهه پيدا ڪرڻ واريون ڳالهيون آهن ۽ جيڪي ماڻهو يقين ڪن ٿا تن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. |
أَم حَسِبَ الَّذينَ اجتَرَحُوا السَّيِّـٔاتِ أَن نَجعَلَهُم كَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَواءً مَحياهُم وَمَماتُهُم ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 21) |
ڀلا جن بڇڙايون ڪيون آهن تن هي خيال ڪيو آهي ڇا ته اسين کين انهن جهڙو ڪنداسون جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، انهن جو جيئڻ ۽ انهن جو مرڻ هڪ جهڙو هجي. جيڪو حڪم ڪن ٿا سو (ڪهڙو نه) بڇڙو آهي. |
وَخَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَلِتُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 22) |
۽ الله آسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو آهي ۽ هن لاءِ ته سڀ ڪنهن نفس جيڪي ڪمايو تنهن جو بدلو ان کي ڏنو وڃي ۽ انهن تي ظلم نه ڪيو ويندو. |
أَفَرَءَيتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلٰهَهُ هَوىٰهُ وَأَضَلَّهُ اللَّهُ عَلىٰ عِلمٍ وَخَتَمَ عَلىٰ سَمعِهِ وَقَلبِهِ وَجَعَلَ عَلىٰ بَصَرِهِ غِشٰوَةً فَمَن يَهديهِ مِن بَعدِ اللَّهِ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 23) |
(اي پيغمبر !) ڇا پوءِ تو اُن کي ڏٺو جنهن پنهنجيءَ خواهش کي پنهنجو حاڪم بنايو ۽ ان کي سمجهه هوندي به الله گمراهه ڪيو ۽ سندس ڪنن تي ۽ سندس دل تي مهر هنيائين ۽ سندس اکين تي پردو وڌائين. پوءِ ڪير ان کي الله کان پوءِ هدايت ڪري سگهي ٿو. |
وَقالوا ما هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا نَموتُ وَنَحيا وَما يُهلِكُنا إِلَّا الدَّهرُ وَما لَهُم بِذٰلِكَ مِن عِلمٍ إِن هُم إِلّا يَظُنّونَ (آيت : 24) |
ڇا پوءِ ڌيان نه ٿا ڪريو؟ ۽ چون ٿا ته اهو رڳو اسان جو دنيا جو جيئڻ آهي اسين (هتي ئي) مرون ٿا ۽ (هتي ئي) جيئون ٿا ۽ اسان کي رڳو زمانو ماري ٿوهوڏانهن انهن کي ان جي ڪا خبر نه آهي. اهي رڳو گمان ڪن ٿا. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ ما كانَ حُجَّتَهُم إِلّا أَن قالُوا ائتوا بِـٔابائِنا إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 25) |
۽ جڏهن کين اسان جون چٽيون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته (جواب ۾ ) هن چوڻ کان سواءِ سندن ٻي ڪا حجت نه هوندي آهي ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته اسان جي ابن ڏاڏن کي (جيئرو ڪري) آڻيو. |
قُلِ اللَّهُ يُحييكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يَجمَعُكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 26) |
(اي پيغمبر! کين) چؤ ته الله اوهان کي جيئرو رکي ٿو وري اوهان کي ماري ٿو وري اوهان کي قيامت جي ڏينهن جنهن (جي اچڻ) ۾ ڪو شڪ نه آهي گڏ ڪندو پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن. |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يَومَئِذٍ يَخسَرُ المُبطِلونَ (آيت : 27) |
۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي آهي. ۽ جنهن ڏينهن اها گهڙي قائم ٿيندي تنهن ڏينهن ناحق وارا نقصان پائيندا. |
وَتَرىٰ كُلَّ أُمَّةٍ جاثِيَةً كُلُّ أُمَّةٍ تُدعىٰ إِلىٰ كِتٰبِهَا اليَومَ تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 28) |
۽ (اي پيغمبر!) تون سڀ ڪنهن جماعت کي گوڏن ڀر ويٺل ڏسندين. سڀ ڪنهن جماعت کي سندن اعمالنامي ڏي سڏيو ويندو. اڄ اوهان کي ان جو بدلو ڏنو ويندو |
هٰذا كِتٰبُنا يَنطِقُ عَلَيكُم بِالحَقِّ إِنّا كُنّا نَستَنسِخُ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 29) |
جيڪي اوهان ڪندا هئا. هي اسان جو ڪتاب آهي جو اوهان تي سچ ڳالهائي رهيو آهي. جيڪي اوهين ڪندا هئا سو اسين لکائيندا هئاسون. |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُدخِلُهُم رَبُّهُم فى رَحمَتِهِ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ المُبينُ (آيت : 30) |
پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن پاليندڙ پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪندو. اها ئي ظاهر ڪاميابي آهي. |
وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا أَفَلَم تَكُن ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَاستَكبَرتُم وَكُنتُم قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 31) |
۽ جن ڪفر ڪيو (تن کي چونداسون ته) ڇا اوهان کي اسان جون آيتون پڙهي نه ٻڌايون وينديون هيون پوءِ اوهان وڏائي ڪئي ۽ اوهين ڏوهاري قوم هئا. |
وَإِذا قيلَ إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَالسّاعَةُ لا رَيبَ فيها قُلتُم ما نَدرى مَا السّاعَةُ إِن نَظُنُّ إِلّا ظَنًّا وَما نَحنُ بِمُستَيقِنينَ (آيت : 32) |
۽ جڏهن(اوهان کي) چيو ويندو هو ته بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي ۽ ان گهڙي (جي اچڻ) ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اوهين چوندا هئا ته اسين نه ٿا ڄاڻون ته اها گهڙي ڇا آهي اسان کي رڳو ٿورو گمان ۾ اچي ٿو ۽ اسان کي يقين (بالڪل) نه ٿو ٿئي. |
وَبَدا لَهُم سَيِّـٔاتُ ما عَمِلوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 33) |
۽ جيڪي ڪيو هئائون تنهن جون بڇڙايون مٿن ظاهر ٿينديون ۽ جنهن ڳالهه تي مسخريون ڪندا هئا سا مٿن اچي ڪڙڪندي. |
وَقيلَ اليَومَ نَنسىٰكُم كَما نَسيتُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا وَمَأوىٰكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 34) |
۽ (کين) چيو ويندو ته جيئن اوهان پنهنجي هن ڏينهن جي پهچڻ کي وساريو تيئن اڄ اسين اوهان کي وسارينداسون ۽ اوهان جو ٽڪاڻو باهه آهي ۽ اوهانجا ٻيا ڪي به مددگار نه آهن. |
ذٰلِكُم بِأَنَّكُمُ اتَّخَذتُم ءايٰتِ اللَّهِ هُزُوًا وَغَرَّتكُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا فَاليَومَ لا يُخرَجونَ مِنها وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 35) |
اهو هن ڪري جو اوهان الله جي آيتن تي مسخريون ڪيون ۽ اوهان کي دُنيا جي حياتيءَ ڌوڪو ڏنو. پوءِ اڄ انهن کي ان مان نه ڪڍيو ويندو ۽ نه انهن کان توبه جي گهر ڪئي ويندي. |
فَلِلَّهِ الحَمدُ رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَرَبِّ الأَرضِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 36) |
پوءِ الله جي واسطي ئي سڀ تعريفون آهن جو آسمانن جو پاليندڙ ۽ زمين جو پاليندڙ سڀني جهانن جو پاليندڙ آهي. |
وَلَهُ الكِبرِياءُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 37) |
۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سندس ئي وڏائي آهي ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |