القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 4 سُوۡرَۃُ الۡجَاثِیَۃِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 37


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

حم (آيت : 1)

حا – ميم

تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 2)

هي ڪتاب الله تعاليٰ وٽان نازل ٿيل آهي جو وڏيءَ قدرت ۽ حڪمت وارو آهي.

إِنَّ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 3)

يقيناً آسمانن ۽ زمين ۾ مؤمنن لاءِ وڏيون نشانيون موجود آهن.

وَفى خَلقِكُم وَما يَبُثُّ مِن دابَّةٍ ءايٰتٌ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 4)

۽ خود اوهان کي خلقڻ ۾ ۽ حيوانن ۾ جن کي (زمين تي) پکيڙي ڇڏيو اٿس وڏيون نشانيون آهن انهن لاءِ جيڪي يقين رکندڙ آهن.

وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ السَّماءِ مِن رِزقٍ فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَتَصريفِ الرِّيٰحِ ءايٰتٌ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 5)

۽ رات ۽ ڏينهن جي هڪٻئي پٺيان اچڻ ۾ ۽ ان رزق ۾ جو الله تعاليٰ آسمان مان نازل ڪيو آهي ۽ جنهن سان پوءِ زمين کي ان جي موت (يعني خشڪ ۽ ويران ٿيڻ) بعد زنده (يعني سرسبز) ڪري ٿو ڇڏي ۽ هوائن جي رخ ڦيرائڻ ۾ انهن ماڻهن لاءِ وڏيون نشانيون آهن جيڪي عقل وارا آهن ۽ عقل هلائين ٿا.

تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَ اللَّهِ وَءايٰتِهِ يُؤمِنونَ (آيت : 6)

اهي الله جون آيتون آهن جي (اي پيغمبر!) اسان سچائيءَ سان توکي ٻڌائيون ٿا. پوءِ اهي (ڪافر) الله کي ۽ سندس آيتن (۽ حڪمن) کي ڇڏي ڏيڻ بعد ڪهڙي ڳالهه تي ايمان آڻيندا؟

وَيلٌ لِكُلِّ أَفّاكٍ أَثيمٍ (آيت : 7)

ويل (۽ خرابيون) آهن هرهڪ ڪوڙي گنهگار لاءِ.

يَسمَعُ ءايٰتِ اللَّهِ تُتلىٰ عَلَيهِ ثُمَّ يُصِرُّ مُستَكبِرًا كَأَن لَم يَسمَعها فَبَشِّرهُ بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 8)

جيڪو الله جون آيتون ٻڌي ٿو جي کيس پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون، ته به تڪبر ۽ هٺ کان (انڪار تي) ضد ٻڌي ٿو بيهي، ڄڻ ته هن ٻڌيون ئي ڪون. سو (اي پيغمبر!) کيس دردناڪ عذاب جي خبر ڏيئي ڇڏ.

وَإِذا عَلِمَ مِن ءايٰتِنا شَيـًٔا اتَّخَذَها هُزُوًا أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 9)

۽ جڏهن هو اسان جي آيتن مان ڪجهه معلوم ڪري ٿو تڏهن هو انهن تي کل مسخري ٿو ڪري، اهڙن ماڻهن جي لاءِ ذليل ڪندڙ عذاب هوندو (۽ ٻيا مٿن کلندا).

مِن وَرائِهِم جَهَنَّمُ وَلا يُغنى عَنهُم ما كَسَبوا شَيـًٔا وَلا مَا اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ أَولِياءَ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 10)

انهن جي اڳيان جهنم هوندو ۽ جيڪي هنن ڪمايو هوندو سو کين ڪجهه به ڪم نه ايندو ۽ جن کي الله کان سواءِ اولياءَ (يا دوست ۽ مددگار) ڪري ورتو هئائون سي به کين ڪجهه به ڪم نه ايندا ۽ هنن جي لاءِ تمام وڏو عذاب هوندو.

هٰذا هُدًى وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم لَهُم عَذابٌ مِن رِجزٍ أَليمٌ (آيت : 11)

اها آهي (سچي) هدايت ۽ جن پنهنجي پروردگار جي آيتن مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي تن جي لاءِ سخت تڪليف وارو عذاب هوندو.

اللَّهُ الَّذى سَخَّرَ لَكُمُ البَحرَ لِتَجرِىَ الفُلكُ فيهِ بِأَمرِهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 12)

الله تعاليٰ اهو (مهربان) آهي جنهن اوهان کي (اوهان جي ڪم اچڻ لاءِ) سمنڊ به تابع ڪري ڏنو آهي، ته جهاز سندس حڪم سان ان ۾ هلن، ۽ توهان سندس فضل (يعني رزق، دولت، علم وغيره) جي تلاش ڪيو ۽ توهان سندس نعمتن جو قدر ڪيو.

وَسَخَّرَ لَكُم ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ جَميعًا مِنهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 13)

۽ جيڪي به شيون آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ وٽانئس (عطا ڪيل آهن) سي سڀ هن اوهان کي (اوهان جي ڪم اچڻ لاءِ) تابع ڪري ڏنيون آهن. يقيناً انهيءَ ۾ وڏيون نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي غور ۽ فڪر ڪندڙ آهن.

قُل لِلَّذينَ ءامَنوا يَغفِروا لِلَّذينَ لا يَرجونَ أَيّامَ اللَّهِ لِيَجزِىَ قَومًا بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 14)

(اي پيغمبر!) جن ايمان آندو آهي تن کي چئو ته جيڪي ماڻهو الله جي ايامن (يا ڏينهن) جي اميد نٿا رکن (يعني نٿا ڄاڻن ته جزا ۽ سزا جا ڏينهن اچڻا آهن) تن کي (ڪيل ڏوهه) معاف ڪري ڇڏين، انهيءَ لاءِ ته الله تعاليٰ پاڻ ماڻهن کي بدلو ڏئي انهن ڪمن جو جي هو ڪندا رهيا آهن.

مَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِنَفسِهِ وَمَن أَساءَ فَعَلَيها ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم تُرجَعونَ (آيت : 15)

جيڪو به نيڪ ڪم ٿو ڪري (هن ئي دنيا ۾) سو پنهنجو ئي فائدو ٿو ڪري ۽ جيڪو برائيون ٿو ڪري سو به (هن ئي دنيا ۾) پاڻ تي ئي وبال ٿو آڻي. پوءِ (مرڻ بعد آخر ته) پنهنجي پروردگار ڏي موٽايا ويندؤ (۽ اوهان کي اوهان جي عملن موجب بهشت يا دوزخ ملندو).

وَلَقَد ءاتَينا بَنى إِسرٰءيلَ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَفَضَّلنٰهُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 16)

۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان بني اسرائيلن کي ڪتاب، حڪومت ۽ نبوت ڏني ۽ اسان کين پاڪ ۽ چڱين شين جو رزق ڏنو (۽ گهڻيون ئي نعمتون عطا ڪيون) ۽ اسان کين سڄي جهان جي ماڻهن کان بهتر ۽ برتر ڪيو.

وَءاتَينٰهُم بَيِّنٰتٍ مِنَ الأَمرِ فَمَا اختَلَفوا إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 17)

۽ اسان هنن کي (ديني) معاملن بابت چٽا، روشن حڪم ۽ دليل ڏنا، پر جڏهن هنن وٽ علم اچي ويو تڏهن ان بعد ئي هنن پاڻ ۾ حسد ۽ سرڪشي ڪري اختلاف ڪيا ۽ فرقا ٺاهيا، جن ڳالهين ۾ اختلاف ڪندا رهيا آهن تن بابت يقيناً تنهنجو پروردگار قيامت جي ڏينهن فيصلو ڪندو ۽ فتويٰ ڏيندو.

ثُمَّ جَعَلنٰكَ عَلىٰ شَريعَةٍ مِنَ الأَمرِ فَاتَّبِعها وَلا تَتَّبِع أَهواءَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 18)

(بني اسرائيلن جي نبين کان) پوءِ اسان توکي (ديني) معاملن جي (سچي) طريقي جي رهنمائي ڪئي آهي. سو تون ان جي پيروي ڪندو رهه ۽ انهن ماڻهن جي (ذاتي) خواهشن ۽ حرصن جي پيروي نه ڪر جيڪي جاهل آهن (۽ حق کي نٿا سمجهن).

إِنَّهُم لَن يُغنوا عَنكَ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَإِنَّ الظّٰلِمينَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَاللَّهُ وَلِىُّ المُتَّقينَ (آيت : 19)

(اي پيغمبر!) يقين ڄاڻ ته الله جي مقابلي ۾ اهي ماڻهو توکي ڪجهه به ڪم نه ايندا ۽ يقين ڄاڻ ته ظالم هڪٻئي جا محافظ ۽ مددگار آهن ۽ الله تعاليٰ پرهيزگارن (مؤمنن) جو ڪارساز ۽ مددگار آهي.

هٰذا بَصٰئِرُ لِلنّاسِ وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 20)

هي ڳالهيون ماڻهن جي لاءِ اکيون کوليندڙ ثابتيون آهن ۽ جيڪي ماڻهو (علم حاصل ڪري) يقين رکن ٿا تن جي لاءِ رهنمائي ۽ رحمت آهي.

أَم حَسِبَ الَّذينَ اجتَرَحُوا السَّيِّـٔاتِ أَن نَجعَلَهُم كَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَواءً مَحياهُم وَمَماتُهُم ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 21)

جيڪي ماڻهو برائين جي پٺيان لڳي پيا آهن سي هئين ٿا سمجهن ڇا ته اسان کين انهن سان برابر ڪنداسين، جيڪي ايمان ٿا آڻين ۽ صالح عمل ٿا ڪن؟ ۽ سندن زندگي ۽ موت هڪ جهڙو ڪنداسين؟ (هرگز نه!) جيڪي هنن سمجهيو آهي ۽ جيڪو هنن فيصلو ڪيو آهي سو ڪهڙو نه غلط ۽ خراب آهي!

وَخَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَلِتُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 22)

۽ الله تعاليٰ آسمانن ۽ زمين کي حڪمت جي تحت خلقيو آهي (بنا مقصد نه پر ڪنهن مقصد سان) انهيءَ لاءِ ته هرهڪ شخص پنهنجي ڪئي ڪمائيءَ جو بدلو پائي، ۽ ساڻن ذرو به بي انصافي ڪانه ٿيندي.

أَفَرَءَيتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلٰهَهُ هَوىٰهُ وَأَضَلَّهُ اللَّهُ عَلىٰ عِلمٍ وَخَتَمَ عَلىٰ سَمعِهِ وَقَلبِهِ وَجَعَلَ عَلىٰ بَصَرِهِ غِشٰوَةً فَمَن يَهديهِ مِن بَعدِ اللَّهِ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 23)

ڇا تو انهيءَ شخص کي ڏٺو آهي، جنهن پنهنجي خواهشن کي پنهنجو خدا بنايو آهي، ۽ الله تعاليٰ (سندس اها روش ڏسي ۽) ڄاڻي ٻجهي کيس گمراهه ڪري ڇڏيو آهي، ۽ سندس ڪنن تي ۽ قلب تي مهر لڳائي ڇڏي آهي ۽ سندن اکين تي پردو چاڙهي ڇڏيو آهي. سو الله تعاليٰ جي ائين ڪرڻ بعد ڪير آهي جو هن کي سڌيءَ راهه تي آڻي سگهندو؟ ڇا توهان نٿا سمجهو ۽ نٿا نصيحت وٺو؟

وَقالوا ما هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا نَموتُ وَنَحيا وَما يُهلِكُنا إِلَّا الدَّهرُ وَما لَهُم بِذٰلِكَ مِن عِلمٍ إِن هُم إِلّا يَظُنّونَ (آيت : 24)

۽ هو چون ٿا ته بس فقط اهائي دنيا جي زندگي آهي (ٻي ڪانه ٿيندي) اسان (هتي ئي) مرون ٿا ۽ جيئون ٿا، ۽ زمانو ئي اسان کي فنا ڪري ٿو. انهيءَ بابت هنن کي علم آهي ئي ڪونه، هو فقط اٽڪلون ٿا ڊوڙائين.

وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ ما كانَ حُجَّتَهُم إِلّا أَن قالُوا ائتوا بِـٔابائِنا إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 25)

۽ جڏهن اسان جون چٽيون آيتون کين پڙهي ٻڌائجن ٿيون تڏهن هنن جو دليل فقط هي هوندو آهي جو چوندا آهن ته جيڪڏهن توهان (مؤمن پنهنجي خيال ۾) سچا آهيو ته ڀلا اسان جي ابن ڏاڏن کي آڻيو (ته اسان پنهنجي اکين سان کين ڏسون).

قُلِ اللَّهُ يُحييكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يَجمَعُكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 26)

(اي پيغمبر!) تون چئو ته، الله ئي اوهان کي جيئاري ٿو، وري ماري ٿو. پوءِ هو قيامت جي ڏينهن اوهان کي گڏ ڪندو. انهيءَ ۾ ذرو به شڪ ڪونهي، پر گهڻا ماڻهو اها ڳالهه نٿا ڄاڻن ۽ سمجهن.

وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يَومَئِذٍ يَخسَرُ المُبطِلونَ (آيت : 27)

۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي فقط الله جي آهي ۽ جنهن ڏينهن (فيصلي جي) گهڙي قائم ڪئي ويندي تنهن ڏينهن حق کي ڪوڙو ٺهرائيندڙ ماڻهو نقصان هيٺ ايندا.

وَتَرىٰ كُلَّ أُمَّةٍ جاثِيَةً كُلُّ أُمَّةٍ تُدعىٰ إِلىٰ كِتٰبِهَا اليَومَ تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 28)

۽ تون ڏسندين ته هرهڪ فرقي جا ماڻهو گوڏن ڀر ڪريل هوندا، ۽ هرهڪ فرقي کي سندن اعمال نامي ڏي سڏيو ويندو (۽ اعمال نامون ڏيکاري) کين چيو ويندو ته جيڪي جيڪي عمل توهان ڪيا هئا تن جو بدلو اوهان کي اڄ پورو پورو ملي ويندو.

هٰذا كِتٰبُنا يَنطِقُ عَلَيكُم بِالحَقِّ إِنّا كُنّا نَستَنسِخُ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 29)

هي اٿوَ اسان جو لکايل اعمال نامون جو اوهان بابت سچو سچو احوال ٿو ٻڌائي، جيڪي جيڪي اوهان ڪندا هئو سو يقيناً اسان لکائي دفتر تي آڻيندا هئاسين.

فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُدخِلُهُم رَبُّهُم فى رَحمَتِهِ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ المُبينُ (آيت : 30)

سو جن ماڻهن ايمان اندو هو ۽ چڱا عمل ڪيا هئا تن کي سندن پروردگار پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪندو. اها ظاهرظهور وڏي ڪاميابي هوندي.

وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا أَفَلَم تَكُن ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَاستَكبَرتُم وَكُنتُم قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 31)

پر جن (حق تي هلڻ کان) انڪار ڪيو هو (تن کي چيو ويندو ته) ڇا اسان جون آيتون اوهان کي پڙهي ڪونه ٻڌايون وينديون هيون؟ پر توهان تڪبر ڪيو ۽ توهان گناهن ۾ غلطان ماڻهو هئو.

وَإِذا قيلَ إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَالسّاعَةُ لا رَيبَ فيها قُلتُم ما نَدرى مَا السّاعَةُ إِن نَظُنُّ إِلّا ظَنًّا وَما نَحنُ بِمُستَيقِنينَ (آيت : 32)

۽ جڏهن چيو ويندو هو ته، بيشڪ الله جو واعدو حق آهي ۽ (فيصلي جي) گهڙي ضرور اچڻي آهي ۽ ان جي اچڻ بابت ذرو به شڪ ڪونهي، تڏهن توهان چوندا هئو ته اسان ٿا ڄاڻون ته گهڙي ڇا آهي، اسان ته ڀانيون ٿا ته اهو خالي خيال ۽ وهم آهي، ۽ اسان کي ان تي يقين بلڪل ڪونه ٿو اچي.

وَبَدا لَهُم سَيِّـٔاتُ ما عَمِلوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 33)

۽ هنن لاءِ سندن عملن جون برايون ظاهر ٿي پونديون، ۽ جن (عذاب جي) ڳالهين تي ٽوڪون ڪندا هئا، سي کين گهيري وينديون.

وَقيلَ اليَومَ نَنسىٰكُم كَما نَسيتُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا وَمَأوىٰكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 34)

۽ (کين) چيو ويندو ته، اڄ اسان اوهان کي وساري ٿا ڇڏيون، جيئن اوهان هن پنهنجي ڏينهن جي پيش اچڻ (جي حقيقت) کي وساري ڇڏيو هو، ۽ (هاڻي) توهان جي رهڻ جي جاءِ (دوزخ جي) باهه آهي، ۽ اوهان جو ڪوبه مددگار ڪونهي.

ذٰلِكُم بِأَنَّكُمُ اتَّخَذتُم ءايٰتِ اللَّهِ هُزُوًا وَغَرَّتكُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا فَاليَومَ لا يُخرَجونَ مِنها وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 35)

هي (عذاب) هن ڪري اٿوَ جو توهان الله تعاليٰ جي آيتن ۽ حڪمن تي ٺٺوليون ڪيون، ۽ دنيا جي زندگيءَ (جي حرص هَوس) اوهان کي ٺڳي ڇڏيو. سو هاڻي ان (عذاب) مان ڪونه ڪڍيا ويندا نڪي سندن ڪو عذر قبول ڪيو ويندو.

فَلِلَّهِ الحَمدُ رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَرَبِّ الأَرضِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 36)

سو سڀ ساراهه انهيءَ الله جي لاءِ آهي جو آسمانن جو پروردگار آهي ۽ زمين جو به پروردگار آهي ۽ سڄي ڪائنات جي پرورش ڪندڙ آهي.

وَلَهُ الكِبرِياءُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 37)

۽ آسمانن ۽ زمين ۾ فقط سندس ئي شان ۽ وڏائي آهي ۽ اهوئي وڏي طاقت، غلبي ۽ حڪمت وارو آهي.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025