حم (آيت : 1) |
حٰمٓ. |
تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
ڪتاب جو لاھڻ الله غالب حڪمت واري کان آھي. |
إِنَّ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 3) |
بيشڪ آسمانن ۽ زمين ۾ ايمان وارن لاءِ پڪيون نشانيون آھن. |
وَفى خَلقِكُم وَما يَبُثُّ مِن دابَّةٍ ءايٰتٌ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 4) |
۽ اوھان جي بڻائڻ ۾ ۽ جيڪي چرندڙن مان پکيڙي ٿو تنھن (جي بڻائڻ) ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جيڪي يقين رکندا آھن. |
وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ السَّماءِ مِن رِزقٍ فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَتَصريفِ الرِّيٰحِ ءايٰتٌ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 5) |
۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦيرگھير ۾ ۽ جيڪي الله آسمان کان روزي نازل ڪئي پوءِ اُن سببان زمين کي سندس غيرآباديءَ کانپوءِ آباد ڪيائين تنھن ۾ ۽ وائن جي ھلائڻ ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جيڪي سمجھ رکندا آھن. |
تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَ اللَّهِ وَءايٰتِهِ يُؤمِنونَ (آيت : 6) |
اھي الله جون آيتون آھن جي توکي سچ سان پڙھي ٻڌايون ٿا، پوءِ الله ۽ سندس آيتن پڃاڻا ڪھڙي ڳالھ تي ايمان آڻيندا. |
وَيلٌ لِكُلِّ أَفّاكٍ أَثيمٍ (آيت : 7) |
ھر ڪنھن ٻٽاڪيءَ گنھگار لاءِ خرابي آھي. |
يَسمَعُ ءايٰتِ اللَّهِ تُتلىٰ عَلَيهِ ثُمَّ يُصِرُّ مُستَكبِرًا كَأَن لَم يَسمَعها فَبَشِّرهُ بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 8) |
الله جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن ته ٻڌندو آھي وري آڪڙجي ضد ڪندو آھي ڄڻڪ اُھي ٻڌيون ئي نه ھوائين، تنھنڪري کيس ڏکوئيندڙ عذاب جي خوشخبري سُڻاءِ. |
وَإِذا عَلِمَ مِن ءايٰتِنا شَيـًٔا اتَّخَذَها هُزُوًا أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 9) |
۽ جڏھن اسان جي آيتن مان ڪنھن ڳالھ تي واقف ٿيندو آھي (تڏھن) ان کي ٺـٺوليون ڪري وٺندو آھي، اُنھن ئي لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي. |
مِن وَرائِهِم جَهَنَّمُ وَلا يُغنى عَنهُم ما كَسَبوا شَيـًٔا وَلا مَا اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ أَولِياءَ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 10) |
سندن ٻئي طرف کان دوزخ آھي، ۽ جيڪي ڪمايائون نڪي اُھو کائن ڪجھ ٽاري سگھندو ۽ نڪي اُھي جن کي الله ڌاران سڄڻ ڪري ورتائون (کائن ٽاري سگھندا)، ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي. |
هٰذا هُدًى وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم لَهُم عَذابٌ مِن رِجزٍ أَليمٌ (آيت : 11) |
ھيءُ (قرآن) ھدايت آھي، ۽ جن پنھنجي پالڻھار جي آيتن جو انڪار ڪيو تن کي سخت سزا جو ڏکوئيندڙ عذاب آھي. |
اللَّهُ الَّذى سَخَّرَ لَكُمُ البَحرَ لِتَجرِىَ الفُلكُ فيهِ بِأَمرِهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 12) |
الله اُھو آھي جنھن درياءُ اوھان جي تابع ڪيو ته سندس حُڪم سان منجھس ٻيڙيون ھلن ۽ سندس فضل مان گذران طلب ڪريو ۽ مانَ اوھين شڪرانو ڪريو. |
وَسَخَّرَ لَكُم ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ جَميعًا مِنهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 13) |
۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو سڀئي پنھنجي پار کان اوھان جي ڪم ۾ لڳايائين، بيشڪ اُن ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جي پروڙيندا آھن. |
قُل لِلَّذينَ ءامَنوا يَغفِروا لِلَّذينَ لا يَرجونَ أَيّامَ اللَّهِ لِيَجزِىَ قَومًا بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 14) |
مؤمنن کي چؤ ته جيڪي الله جي واقعن جي اُميد نه رکندا آھن تن کان ھن ڪري ٽارو ڪن ته اُنھي سببان جو جيڪي ڪمايو ھوائون (انھن مان) ڪنھن قوم کي (الله) سزا ڏئي. |
مَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِنَفسِهِ وَمَن أَساءَ فَعَلَيها ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم تُرجَعونَ (آيت : 15) |
جيڪو چڱا ڪم ڪندو سو پاڻ لاءِ، ۽ جيڪو مدائي ڪندو تنھن تي (اُن جو نقصان) آھي، وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽايا ويندؤ. |
وَلَقَد ءاتَينا بَنى إِسرٰءيلَ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَفَضَّلنٰهُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 16) |
۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي ڪتاب ۽ دانائي ۽ پيغمبري ڏني سون ۽ سٺين شين مان کين روزي ڏني سون ۽ کين جھان وارن کان ڀلارو ڪيوسون. |
وَءاتَينٰهُم بَيِّنٰتٍ مِنَ الأَمرِ فَمَا اختَلَفوا إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 17) |
۽ دين بابت کين پڌرا دليل ڏناسون، پوءِ انھن (اڳي) اختلاف نه ڪيو پر وٽن ڄاڻپ آئي تنھن کانپوءِ پاڻ ۾ ساڙ (پيل) سببان (اختلاف ڪيائون)، بيشڪ جنھن ڳالھ بابت جھڳڙو ڪندا ھوا تنھن بابت قيامت جي ڏينھن تنھنجو پالڻھار سندن وچ ۾ نبيرو ڪندو. |
ثُمَّ جَعَلنٰكَ عَلىٰ شَريعَةٍ مِنَ الأَمرِ فَاتَّبِعها وَلا تَتَّبِع أَهواءَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 18) |
وري (اي پيغمبر) توکي دين جي پڌريءَ واٽ تي ڪيوسون تنھنڪري (تون) اُن دين جي تابعداري ڪر ۽ جيڪي نه ڄاڻندا آھن تن جي سَڌن پٺيان نه لڳ. |
إِنَّهُم لَن يُغنوا عَنكَ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَإِنَّ الظّٰلِمينَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَاللَّهُ وَلِىُّ المُتَّقينَ (آيت : 19) |
ڇوته اِھي الله جي آڏو توکان ڪجھ به ٽاري نه سگھندا، ۽ بيشڪ ظالم ھڪ ٻئي جا دوست آھن، ۽ الله پرھيزگارن جو دوست آھي. |
هٰذا بَصٰئِرُ لِلنّاسِ وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 20) |
ھيءُ (قرآن) ماڻھن لاءِ چٽا دليل آھن جيڪي ماڻھو يقين رکندا آھن تن لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي. |
أَم حَسِبَ الَّذينَ اجتَرَحُوا السَّيِّـٔاتِ أَن نَجعَلَهُم كَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَواءً مَحياهُم وَمَماتُهُم ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 21) |
جن مدايون ڪيون سي ڀائيندا آھن ڇا ته کين انھن وانگر ڪنداسون جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا؟ ته سندن جيئڻ ۽ مرڻ ھڪ جھڙو ھوندو، (اھو) جيڪو فيصلو ڪندا آھن سو بڇڙو آھي. |
وَخَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَلِتُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 22) |
۽ الله آسمانن ۽ زمين کي پوري رِٿ سان بڻايو ۽ ھن لاءِ ته ھر ڪنھن شخص جيڪي ڪمايو تنھن بابت کيس بدلو ڏجي ۽ مٿن ظلم نه ڪبو. |
أَفَرَءَيتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلٰهَهُ هَوىٰهُ وَأَضَلَّهُ اللَّهُ عَلىٰ عِلمٍ وَخَتَمَ عَلىٰ سَمعِهِ وَقَلبِهِ وَجَعَلَ عَلىٰ بَصَرِهِ غِشٰوَةً فَمَن يَهديهِ مِن بَعدِ اللَّهِ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 23) |
(اي پيغمبر) اُنھيءَ کي نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جنھن پنھنجي (نفس جي) سَڌ کي معبود ڪري ورتو ۽ ڄاڻڻ ھوندي الله کيس گمراھ ڪيو ۽ سندس ڪنّن تي ۽ سندين دل تي مُھر ھنيائين ۽ سنديس اکين تي پردو وڌائين، پوءِ الله ڌاران کيس ڪير ھدايت ڪندو، پوءِ ڇونه نصيحت وٺندا آھيو؟ |
وَقالوا ما هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا نَموتُ وَنَحيا وَما يُهلِكُنا إِلَّا الدَّهرُ وَما لَهُم بِذٰلِكَ مِن عِلمٍ إِن هُم إِلّا يَظُنّونَ (آيت : 24) |
۽ چوندا آھن ته اسان جي رڳو ھي دنيا جي حياتي آھي جو مرندا آھيون ۽ جيئندا آھيون ۽ اسان کي رڳو زمانو ماريندو آھي، ۽ ان (ڳالھ) جي کين ڪا ڄاڻپ نه آھي، اُھي رڳو اٽڪل ھڻندا آھن. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ ما كانَ حُجَّتَهُم إِلّا أَن قالُوا ائتوا بِـٔابائِنا إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 25) |
۽ جڏھن اسان جون پڌريون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن) سندين حجت رڳو ھي چوڻ ھوندو آھي ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اسان جي پيءُ ڏاڏن کي (جيئرو ڪري) آڻيو. |
قُلِ اللَّهُ يُحييكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يَجمَعُكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 26) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته الله اوھان کي جياريندو آھي وري اوھان کي ماريندو وري اوھان کي قيامت جي ڏينھن ۾ ڪو شڪ نه آھي گڏ ڪندو پر گھڻا ماڻھو (اِن ڳالھ کي) نه ڄاڻندا آھن. |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يَومَئِذٍ يَخسَرُ المُبطِلونَ (آيت : 27) |
۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي آھي، ۽ جنھن ڏينھن قيامت ٿيندي تنھن ڏينھن ڪُوڙا ڇيئو پائيندا. |
وَتَرىٰ كُلَّ أُمَّةٍ جاثِيَةً كُلُّ أُمَّةٍ تُدعىٰ إِلىٰ كِتٰبِهَا اليَومَ تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 28) |
۽ (اي پيغمبر) ھر ڪنھن ٽوليءَ کي گوڏن ڀر (ويٺل) ڏسندين، سڀڪا ٽولي پنھنجي اعمالنامي ڏانھن سڏبي، (چئبو) ته جيڪي (اوھين) ڪندا ھئو تنھن جو اڄ اوھان کي بدلو ڏبو. |
هٰذا كِتٰبُنا يَنطِقُ عَلَيكُم بِالحَقِّ إِنّا كُنّا نَستَنسِخُ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 29) |
ھي اسان جو دفتر آھي جو اوھان تي پوري حقيقت پڌري ڪري ٿو، بيشڪ جيڪي اوھين ڪندا ھئو سو اسين لکندا ھواسون. |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُدخِلُهُم رَبُّهُم فى رَحمَتِهِ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ المُبينُ (آيت : 30) |
پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن پالڻھار پنھنجي ٻاجھ ھيٺ داخل ڪندو، اھا پڌري مراد ماڻڻ آھي. |
وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا أَفَلَم تَكُن ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَاستَكبَرتُم وَكُنتُم قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 31) |
۽ جن ڪُفر ڪيو (تن کي چئبو) ته اوھان وٽ منھنجيون آيتون نه پڙھبيون ھيون ڇا؟ پوءِ اوھان وڏائي ڪئي ۽ ڏوھاري قوم ھئو. |
وَإِذا قيلَ إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَالسّاعَةُ لا رَيبَ فيها قُلتُم ما نَدرى مَا السّاعَةُ إِن نَظُنُّ إِلّا ظَنًّا وَما نَحنُ بِمُستَيقِنينَ (آيت : 32) |
۽ جڏھن چئبو ھُيَوَ ته الله جو وعدو سچو آھي ۽ قيامت ۾ ڪو شڪ نه آھي (تڏھن) چوندا ھئو ته (اسين) نه ڄاڻندا آھيون ته قيامت ڇا آھي اسين رڳو ھڪ (ٿورو) گمان ڀائيندا آھيون ۽ اسين (ڪڏھن) يقين ڪرڻ وارا نه آھيون. |
وَبَدا لَهُم سَيِّـٔاتُ ما عَمِلوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 33) |
۽ جيڪي ڪمايو ھوائون تنھن جون مدايون کين پڌريون ٿينديون ۽ جنھن شيءَ تي چٿرون ڪندا ھوا سا کين وڪوڙي ويندي. |
وَقيلَ اليَومَ نَنسىٰكُم كَما نَسيتُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا وَمَأوىٰكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 34) |
۽ چئبو ته اڄ اوھان کي (ائين) وسارينداسون جيئن اوھان پنھنجي ھن ڏينھن جي اچي پھچڻ کي وساريو ھو ۽ (ھاڻي) اوھان جي جاءِ دوزخ آھي ۽ اوھان جو ڪو مددگار نه آھي. |
ذٰلِكُم بِأَنَّكُمُ اتَّخَذتُم ءايٰتِ اللَّهِ هُزُوًا وَغَرَّتكُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا فَاليَومَ لا يُخرَجونَ مِنها وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 35) |
اِھو (عذاب اوھان کي) ھن ڪري آھي جو اوھان الله جي آيتن کي ٺـٺوليون ڪري ورتو ھو ۽ دنيوي حياتيءَ اوھان کي ٺڳيو ھو، تنھنڪري اڄ منجھانئس نه ڪڍبن ۽ نڪي عذر طلب ڪبن. |
فَلِلَّهِ الحَمدُ رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَرَبِّ الأَرضِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 36) |
پوءِ سڀ ساراھ خاص الله کي جڳائي جو آسمانن جو پالڻھار ۽ زمين جو پالڻھار ۽ جھانن جو پالڻھار آھي. |
وَلَهُ الكِبرِياءُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 37) |
۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سنديس وڏائي آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي. |