القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 4 سُوۡرَۃُ الۡجَاثِیَۃِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 37


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

حم (آيت : 1)

حٓا_ ميم.

تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 2)

ڪتاب جو لاهڻ الله غالب، ڏاهپ واري کان آهي.

إِنَّ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 3)

بيشڪ آسمانن ۽ زمين ۾ ايمان وارن لاءِ نشانيون آهن-

وَفى خَلقِكُم وَما يَبُثُّ مِن دابَّةٍ ءايٰتٌ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 4)

۽ اوهان جي پيدائش ۾ خواهه جيڪي چرندڙن مان پکيڙي ٿو، ان ۾ يقين رکندڙن لاءِ نشانيون آهن.

وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ السَّماءِ مِن رِزقٍ فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَتَصريفِ الرِّيٰحِ ءايٰتٌ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 5)

۽ رات ۽ ڏينهن جي ڦير گهير ۾ ۽ جيڪو الله آسمانن مان رزق موڪليو، پوءِ ان سان زمين کي ان جي غير آباد ٿيڻ کان پوءِ آباد ڪيائين، ان ۾ ۽ هوائن جي ڦير گهير ۾ به عقل وارن لاءِ نشانيون آهن.

تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَ اللَّهِ وَءايٰتِهِ يُؤمِنونَ (آيت : 6)

اُهي الله جون آيتون آهن، جي سچائي سان توتي پڙهون ٿا، پوءِ الله ۽ ان جي آيتن کانپوءِ ڪهڙيءَ ٻي ڳالهه تي ايمان آڻيندا؟

وَيلٌ لِكُلِّ أَفّاكٍ أَثيمٍ (آيت : 7)

هر ڪنهن ٻٽاڪيءَ گنهگار لاءِ ويل آهي.

يَسمَعُ ءايٰتِ اللَّهِ تُتلىٰ عَلَيهِ ثُمَّ يُصِرُّ مُستَكبِرًا كَأَن لَم يَسمَعها فَبَشِّرهُ بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 8)

جو الله جون آيتون ٻڌي ٿو، جي مٿس پڙهجن ٿيون، ته وڏائي ڪري ضد ٿو ڪري، ڄڻ ته انهن کي ٻڌو ئي نه اٿس_ پوءِ انهن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.

وَإِذا عَلِمَ مِن ءايٰتِنا شَيـًٔا اتَّخَذَها هُزُوًا أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 9)

۽ جڏهن اسان جي آيتن مان ڪنهن کي ڄاڻيندو آهي، ته ان تي مسخريون ڪندو آهي، انهن لاءِ خواري وارو عذاب آهي.

مِن وَرائِهِم جَهَنَّمُ وَلا يُغنى عَنهُم ما كَسَبوا شَيـًٔا وَلا مَا اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ أَولِياءَ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 10)

انهن جي ٻئي طرف کان دوزخ آهي ۽ جيڪي ڪمايائون اهو، خواهه اهي شخص جيڪي الله کان سواءِ همراهه بنايا اٿس، سي مٿانئن ڪجهه به ٽاري نه سگهندا_ ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي.

هٰذا هُدًى وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم لَهُم عَذابٌ مِن رِجزٍ أَليمٌ (آيت : 11)

هيءَ هدايت آهي ۽ جن پنهنجي رب جي نشانين جو انڪار ڪيو، تن لاءِ سخت سزا جو ڏکوئيندڙ عذاب آهي.

اللَّهُ الَّذى سَخَّرَ لَكُمُ البَحرَ لِتَجرِىَ الفُلكُ فيهِ بِأَمرِهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 12)

الله اهو آهي، جنهن درياءَ، سمنڊ اوهان جي تابع ڪيو، ته سندس حڪم سان ان ۾ ٻيڙيون هلن، ته ان جي فضل سان گذران ڳوليو ۽ ته من اوهين شڪر ڪريو.

وَسَخَّرَ لَكُم ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ جَميعًا مِنهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 13)

۽ جيڪي آسمانن ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، اهو سڀئي اوهان جي تابع ڪيائين. بيشڪ هنن ۾ پروڙيندڙن لاءِ نشانيون آهن.

قُل لِلَّذينَ ءامَنوا يَغفِروا لِلَّذينَ لا يَرجونَ أَيّامَ اللَّهِ لِيَجزِىَ قَومًا بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 14)

مؤمنن کي چئو ته جيڪي شخص الله جي سخت ڏينهن جي اميد نٿا رکن، تن کان درگذر ڪن، ته پاڻيهي الله ڪنهن قوم کي سندن ڪيتن جي سزا ڏئي.

مَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِنَفسِهِ وَمَن أَساءَ فَعَلَيها ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم تُرجَعونَ (آيت : 15)

جنهن چڱا ڪم ڪيا سي پاڻ لاءِ ڪيائين ۽ جنهن مدائي ڪئي اها ان تي آهي- پوءِ پنهنجي رب ڏي موٽايا ويندؤ.

وَلَقَد ءاتَينا بَنى إِسرٰءيلَ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَفَضَّلنٰهُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 16)

۽ بيشڪ بني اسرائيل کي اسان ڪتاب، حڪم ۽ نبوت ڏني ۽ کين سٺين شين مان روزي ڏني سون ۽ دنيا وارن کان انهن کي ڀلارو ڪيوسون.

وَءاتَينٰهُم بَيِّنٰتٍ مِنَ الأَمرِ فَمَا اختَلَفوا إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 17)

۽ دين بابت انهن کي پڌرا دليل ڏناسون، پوءِ انهن، وٽن علم اچڻ کانپوءِ، پاڻ ۾ ضد سبب تڪرار ڪيو، بيشڪ اهي جنهن بابت تڪرار ٿا ڪن؛ تنهن جو فيصلو سندن وچ ۾ الله قيامت ۾ ڪندو.

ثُمَّ جَعَلنٰكَ عَلىٰ شَريعَةٍ مِنَ الأَمرِ فَاتَّبِعها وَلا تَتَّبِع أَهواءَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 18)

پوءِ توکي دين جي شريعت تي ڪيوسون، تنهن ڪري ان جي تابعداري ڪر ۽ جيڪي بي علم آهن، انهن جي سڌن جي تابعداري نه ڪر.

إِنَّهُم لَن يُغنوا عَنكَ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَإِنَّ الظّٰلِمينَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَاللَّهُ وَلِىُّ المُتَّقينَ (آيت : 19)

بيشڪ اهي توتان الله کان ڪجهه ٽاري نه سگهندا_ ظالم هڪ ٻئي جا دوست آهن ۽ الله نيڪن جو مددگار آهي.

هٰذا بَصٰئِرُ لِلنّاسِ وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 20)

هيءُ الله جي طرفان ايمان وارن لاءِعبرت آهي ۽ هدايت ۽ رحمت.

أَم حَسِبَ الَّذينَ اجتَرَحُوا السَّيِّـٔاتِ أَن نَجعَلَهُم كَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَواءً مَحياهُم وَمَماتُهُم ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 21)

ڇا، جن بُرا ڪم ڪيا سي ڀانئن ٿا، ته کين انهن وانگر ڪنداسين، جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ سندن جيئڻ ۽ مرڻ هڪ جهڙو هوندو؟ ڪهڙو نه بڇڙو فيصلو ٿاڪن!

وَخَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَلِتُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 22)

الله آسمانن ۽ زمين کي پوري رٿ سان جوڙيو آهي، ته هر ڪنهن شخص جيڪي به ڪمايو، ان جو کيس بدلو ڏجي ۽ انهن تي ظلم نه ٿيندو.

أَفَرَءَيتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلٰهَهُ هَوىٰهُ وَأَضَلَّهُ اللَّهُ عَلىٰ عِلمٍ وَخَتَمَ عَلىٰ سَمعِهِ وَقَلبِهِ وَجَعَلَ عَلىٰ بَصَرِهِ غِشٰوَةً فَمَن يَهديهِ مِن بَعدِ اللَّهِ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 23)

ڇا، تو ان شخص کي ڏٺو، جنهن پنهنجي سڌ کي کڻي سائين بنايو، ان کي ڄاڻپ هوندي به الله گمراهه ڪيو، ان جي ڪنن تي ۽ قلب تي مهر هنئي ۽ ان جي اکين تي پردو وڌائين_ پوءِ الله کان سواءِ ان کي ڪير رستي تي آڻڻ وارو آهي؟ ڀلا ڇو نٿا نصيحت وٺو؟

وَقالوا ما هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا نَموتُ وَنَحيا وَما يُهلِكُنا إِلَّا الدَّهرُ وَما لَهُم بِذٰلِكَ مِن عِلمٍ إِن هُم إِلّا يَظُنّونَ (آيت : 24)

۽ چون ٿا ته اسان جي رڳو هيءَ دنيا جي حياتي آهي، مَرؤن ٿا ۽ جيئون ٿا، اسان کي رڳو زمانو ٿو ماري، ۽ انهن کي انهي بابت ڪو به علم ڪونهي، مگر اهي رڳو گمان ڪندا آهن.

وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ ما كانَ حُجَّتَهُم إِلّا أَن قالُوا ائتوا بِـٔابائِنا إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 25)

۽ جڏهن انهن کي اسان جون پڌريون آيتون پڙهي ٿيون ٻڌائجن، تڏهن انهن جي حجت رڳو اهو چوڻ آهي ته، ”جيڪڏهن اوهان سچا آهيو، ته اسان جا ابا ڏاڏا آڻيو!“

قُلِ اللَّهُ يُحييكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يَجمَعُكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 26)

چئو ته الله اوهان کي جيئاري ٿو، وري ماريندو، پوءِ اوهان کي قيامت جي ڏينهن تائين گڏ ٿو ڪري، جنهن ۾ ڪو به شڪ ڪونهي،پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن.

وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يَومَئِذٍ يَخسَرُ المُبطِلونَ (آيت : 27)

آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي آهي ۽ جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو، تنهن ڏينهن ڪوڙا نقصان وارا آهن-

وَتَرىٰ كُلَّ أُمَّةٍ جاثِيَةً كُلُّ أُمَّةٍ تُدعىٰ إِلىٰ كِتٰبِهَا اليَومَ تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 28)

هر ڪنهن ٽوليءَ کي گوڏن ڀر ڏسندين، سڀڪا جماعت پنهنجي چٺين ڏانهن ڪوٺبي، جيڪي اوهين ڪندا هئا، ان جو اڄ اوهان کي بدلو ڏبو.

هٰذا كِتٰبُنا يَنطِقُ عَلَيكُم بِالحَقِّ إِنّا كُنّا نَستَنسِخُ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 29)

هيءُ اسان جو ڪتاب اوهان تي سچ ٿو ظاهر ڪري، بيشڪ اهي جيڪي ڪندا هئا، سو لکندا هئاسون.

فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُدخِلُهُم رَبُّهُم فى رَحمَتِهِ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ المُبينُ (آيت : 30)

پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي انهن جو رب رحمت ۾ داخل ڪندو، اها کلي ڪاميابي آهي.

وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا أَفَلَم تَكُن ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَاستَكبَرتُم وَكُنتُم قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 31)

پر جن انڪار ڪيو (تن کي چئبو) ”منهنجون آيتون اوهان تي پڙهيون نه وينديون هيون ڇا؟ پوءِ اوهان وڏائي ڪئي ۽ اوهين ڏوهاري قوم هئا.“

وَإِذا قيلَ إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَالسّاعَةُ لا رَيبَ فيها قُلتُم ما نَدرى مَا السّاعَةُ إِن نَظُنُّ إِلّا ظَنًّا وَما نَحنُ بِمُستَيقِنينَ (آيت : 32)

جڏهن چئبو هو ته ”بيشڪ الله جووعدو سچو آهي، قيامت ۾ ڪو شڪ ڪونهي“ ته چوندا هئو ته ”اسين نٿا سمجهون ته قيامت ڇا آهي؟ اسين رڳو هڪ گمان ڀائيندا هئاسين_ اسين يقين ڪرڻ وارا نه آهيون.“

وَبَدا لَهُم سَيِّـٔاتُ ما عَمِلوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 33)

۽ جيڪي ڪمايو هئائون، تنهن جون مدايون مٿن پڌريون ٿيون،“ ۽ جنهن تي چٿرون ڪندا هئا سا انهن کي ويڙهي ويندي.

وَقيلَ اليَومَ نَنسىٰكُم كَما نَسيتُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا وَمَأوىٰكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 34)

چئبن ته ”اڄ اوهان کي ائين وسارينداسون، جيئن اوهان هن ڏينهن جي ڏسڻ کي وساريو هو- هاڻي اوهان جي جاءِ دوزخ آهي ۽ اوهان جو ڪو مددگار ڪونهي.

ذٰلِكُم بِأَنَّكُمُ اتَّخَذتُم ءايٰتِ اللَّهِ هُزُوًا وَغَرَّتكُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا فَاليَومَ لا يُخرَجونَ مِنها وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 35)

اهو هن ڪري، جو اوهان الله جي آيتن تي مسخريون ٿي ڪيون ۽ اوهان کي دنيا جي حياتيءَ ٺڳيو هو.“ تنهن ڪري اڄ ان مان کين ڪو نه ڪڍبو ۽ نڪي عذر گهربو.

فَلِلَّهِ الحَمدُ رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَرَبِّ الأَرضِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 36)

پوءِ سڀ ساراهه الله لاءِ آهي؛ جو آسمانن ۽ زمين جو ڌڻي آهي ۽ جهانن جو ڌڻي آهي.

وَلَهُ الكِبرِياءُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 37)

آسمانن ۽ زمين ۾ ان جي وڏائي آهي ۽ اهو غالب، ڏاهپ وارو آهي.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025