حم (آيت : 1) |
حا ــ ميم |
تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
(هن) ڪتاب جو نازل ٿيڻ الله تعالى جي طرفان آهي جيڪو زبردست حڪمت وارو آهي. |
إِنَّ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 3) |
بيشڪ آسمانن ۽ زمين ۾ ايمان وارن لاءِ وڏيون نشانيون موجود آهن. |
وَفى خَلقِكُم وَما يَبُثُّ مِن دابَّةٍ ءايٰتٌ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 4) |
توهان جي پيدا ڪرڻ ۾ ۽ جن جانورن کي هو (زمين ۾) ڦھلائي ٿو تن ۾ يقين ڪرڻ وارن لاءِ وڏيون نشانيون آهن. |
وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ السَّماءِ مِن رِزقٍ فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَتَصريفِ الرِّيٰحِ ءايٰتٌ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 5) |
رات ۽ ڏينھن جي ڦير گهير ۾، الله تعالى آسمان مان جيڪو رزق لاهي ٿو پوءِ ان جي ذريعي غير آباد زمين کي سر سبز ڪري ٿو ۽ هوائن جي رُخ کي تبديل ڪري ٿو (انهن سڀني ڳالهين ۾) عقل رکڻ وارن لاءِ وڏيون نشانيون آهن. |
تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَ اللَّهِ وَءايٰتِهِ يُؤمِنونَ (آيت : 6) |
اِهي سڀ الله تعالى جون نشانيون آهن جيڪي اسان توکي ٺيڪ ٺيڪ بيان ڪري ٻڌايون ٿا. پوءِ هي ماڻهو الله تعالى ۽ سندس آيتن کي ڇڏي، آخر ڪهڙي ڳالهه تي ايمان آڻيندا؟ |
وَيلٌ لِكُلِّ أَفّاكٍ أَثيمٍ (آيت : 7) |
ويل آهي هر ڪوڙي ۽ گنهگار لاءِ. |
يَسمَعُ ءايٰتِ اللَّهِ تُتلىٰ عَلَيهِ ثُمَّ يُصِرُّ مُستَكبِرًا كَأَن لَم يَسمَعها فَبَشِّرهُ بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 8) |
جڏهن هُن کي الله تعالى جون آيتون تلاوت ڪري ٻڌايون وڃن ٿيون ۽ هو ٻڌي به ٿو پر وڏائي سان (ڪفر تي) اَڙجي بيهي ٿو. ڄڻ ته هُن انهن آيتن کي ٻڌو ئي نه آهي، ته اهڙي شخص کي عذاب جي خوشخبري ٻُڌاءِ. |
وَإِذا عَلِمَ مِن ءايٰتِنا شَيـًٔا اتَّخَذَها هُزُوًا أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 9) |
اسان جي آيتن مان ڪا ڳالهه کيس معلوم ٿي وڃي ٿي ته اُن تي (وري) مسخري ڪندو آهي. اهڙن ماڻهن لاءِ ئي خوار ڪندڙ عذاب آهي. |
مِن وَرائِهِم جَهَنَّمُ وَلا يُغنى عَنهُم ما كَسَبوا شَيـًٔا وَلا مَا اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ أَولِياءَ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 10) |
انهن ماڻهن لاءِ اڳتي جھنم آهي، انهن کي پنھنجي ڪمايل شيءِ ڪم نه ايندي ۽ نه ئي الله تعالى کان سواءِ ٻيا ٺاهيل سرپرست کين ڪم ايندا. انهن لاءِ وڏو عذاب آهي. |
هٰذا هُدًى وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم لَهُم عَذابٌ مِن رِجزٍ أَليمٌ (آيت : 11) |
هي (قرآن سراسر) هدايت آهي ۽ جن ماڻهن پنھنجي پالڻھار جي آيتن جو انڪار ڪيو، انهن لاءِ تمام سخت تڪليف وارو عذاب آهي. |
اللَّهُ الَّذى سَخَّرَ لَكُمُ البَحرَ لِتَجرِىَ الفُلكُ فيهِ بِأَمرِهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 12) |
الله تعالى اهو آهي جنھن سمنڊ کي توهان جي لاءِ تابع ڪيو ته جيئن ان ۾ سندس حڪم سان ٻيڙا هلندا رهن. توهان ان جي مھرباني سان پنھنجي روزي تلاش ڪريو ۽شڪرگذاري ڪندا رهو. |
وَسَخَّرَ لَكُم ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ جَميعًا مِنهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 13) |
هُن پنھنجي طرفان آسمانن ۽ زمين جي سڀني شين کي توهان جي تابع ڪري ڇڏيو آهي. بيشڪ غور ۽ فڪر ڪرڻ وارن لاءِ انهن ڳالهين ۾ وڏيون نشانيون آهن. |
قُل لِلَّذينَ ءامَنوا يَغفِروا لِلَّذينَ لا يَرجونَ أَيّامَ اللَّهِ لِيَجزِىَ قَومًا بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 14) |
(اي نبيﷺ!) ايمان وارن کي چؤ ته جيڪي ماڻهو الله تعالى جي (جزا ۽ سزا جي) ڏينھن تي يقين نٿا رکن تن جي حرڪتن کي درگذر ڪري ڇڏ ته جيئن الله تعالى خود اُن قوم کي پنھنجي ڪمائي جو بدلو ڏئي. |
مَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِنَفسِهِ وَمَن أَساءَ فَعَلَيها ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم تُرجَعونَ (آيت : 15) |
جيڪو نيڪ عمل ڪندو سو سندس ئي فائدي لاءِ آهي ۽ جيڪو برو عمل ڪندو ته ان جو وبال ان تي ئي آهي. پوءِ توهان پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽايا ويندا. |
وَلَقَد ءاتَينا بَنى إِسرٰءيلَ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَفَضَّلنٰهُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 16) |
بيشڪ اسان بني اسرائيل کي ڪتاب، حڪمت ۽ نبوت عطا ڪئي، کين پاڪيزهه شين جي صورت ۾ رزق ڏنوسين ۽ سڀني جھان وارن تي کين فضيلت عطا ڪئي. |
وَءاتَينٰهُم بَيِّنٰتٍ مِنَ الأَمرِ فَمَا اختَلَفوا إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 17) |
۽ دين جي معاملي ۾ انهن کي پڪا دليل ڏناسين. پر هنن علم اچڻ کان پوءِ ئي پاڻ ۾ (ساڙ ۽) ضد جي ڪري اختلاف پيدا ڪيا. بيشڪ تنھنجو پالڻھار قيامت جي ڏينھن انهن جي وچ ۾ پيدا ٿيل سڀني اختلافن جو فيصلو ڪندو. |
ثُمَّ جَعَلنٰكَ عَلىٰ شَريعَةٍ مِنَ الأَمرِ فَاتَّبِعها وَلا تَتَّبِع أَهواءَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 18) |
(انهن جي پاڻ ۾ جهيڙي کان پوءِ) هاڻي اسان توکي واضح شريعت تي مقرر ڪيو آهي، سو تون اُن شريعت جي پيروي ڪر ۽ بي علمن جي خواهشن جي پيروي نه ڪجانءِ. |
إِنَّهُم لَن يُغنوا عَنكَ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَإِنَّ الظّٰلِمينَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَاللَّهُ وَلِىُّ المُتَّقينَ (آيت : 19) |
بيشڪ هي ماڻهو الله تعالى جي مقابلي ۾ توکان ڪابه شيءِ ٽاري نٿا سگهن. بيشڪ ظالم ماڻهو هڪ ٻئي جا ئي مددگار آهن ۽ الله تعالى پرهيزگارن جو مددگار آهي. |
هٰذا بَصٰئِرُ لِلنّاسِ وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 20) |
هي (ڪتاب) ماڻهن جي اندر سمجهه پيدا ڪندڙ آهي ۽ يقين رکڻ وارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. |
أَم حَسِبَ الَّذينَ اجتَرَحُوا السَّيِّـٔاتِ أَن نَجعَلَهُم كَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَواءً مَحياهُم وَمَماتُهُم ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 21) |
جن ماڻهن برايون ڪيون آهن ڇا اُهي سمجهن ٿا ته اسان کين انهن ماڻهن جھڙو ڪنداسين جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا. ۽ انهن جو جيئڻ ۽ مرڻ هڪ جھڙو ٿيندو؟ انهن جو اِهو فيصلو ڪيڏو نه برو آهي. |
وَخَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَلِتُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 22) |
الله تعالى آسمانن ۽ زمين کي برحق پيدا ڪيو آهي (۽ ان جي هي به حڪمت آهي) ته جيئن هر ساهواري کي ان جي ڪيل ڪمن جو پورو بدلو ڏي. ماڻهن تي ذرو به ظلم نه ڪيو ويندو. |
أَفَرَءَيتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلٰهَهُ هَوىٰهُ وَأَضَلَّهُ اللَّهُ عَلىٰ عِلمٍ وَخَتَمَ عَلىٰ سَمعِهِ وَقَلبِهِ وَجَعَلَ عَلىٰ بَصَرِهِ غِشٰوَةً فَمَن يَهديهِ مِن بَعدِ اللَّهِ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 23) |
ڇا تون ان ماڻهوءَ کي ڏٺو جنھن پنھنجي خواهشن کي پنھنجو معبود ٺاهي ڇڏيو آهي، کيس ڄاڻ هوندي به الله تعالى گمراهه ڪري ڇڏيو. سندس ڪنن ۽ دلين تي مھر هڻي ڇڏي آهي ۽ سندس اکين تي پردو وجهي ڇڏيو آهي. پوءِ الله تعالى کان سواءِ ڪير آهي جيڪو ان کي هدايت وارو رستو ڏيکاريندو؟ پوءِ به توهان نصيحت حاصل نٿا ڪريو. |
وَقالوا ما هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا نَموتُ وَنَحيا وَما يُهلِكُنا إِلَّا الدَّهرُ وَما لَهُم بِذٰلِكَ مِن عِلمٍ إِن هُم إِلّا يَظُنّونَ (آيت : 24) |
هي چون ٿا ته اسان جي زندگي رڳو هي دنيا واري زندگي آهي. جنھن ۾ اسان مَرُون ٿا ۽ زنده رهون ٿا. اسان کي رڳو زماني جو چڪر ماري ٿو. حقيقت هي آهي ته کين اصل معاملي جي خبر ئي نه آهي. اهي رڳو خيالي ڳالهيون ڪندا آهن. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ ما كانَ حُجَّتَهُم إِلّا أَن قالُوا ائتوا بِـٔابائِنا إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 25) |
۽ جڏهن به کين اسان جون واضح آيتون تلاوت ڪري ٻڌايون وڃن ٿيون ته جواب ۾ انهن وٽ ڪوبه دليل نه آهي. رڳو هي چوندا آهن ته جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته اسان جي ابن ڏاڏن کي (قبرن مان اٿاري) آڻي ڏيکاريو. |
قُلِ اللَّهُ يُحييكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يَجمَعُكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 26) |
چؤ ته: الله تعالى توهان کي زندهه ڪري ٿو، هو توهان کي ماريندو پوءِ وري قيامت جي ڏينھن جنھن جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي وري ٻيھر (جيئرو ڪري) گڏ ڪندو. پر گهڻا ماڻهو ان ڳالهه کي سمجهن ئي نٿا. |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يَومَئِذٍ يَخسَرُ المُبطِلونَ (آيت : 27) |
آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله تعالى جي آهي ۽ جڏهن قيامت جو ڏينھن قائم ٿيندو ان ڏينھن ڪوڙ هڻڻ وارا وڏي نقصان ۾ پئجي ويندا. |
وَتَرىٰ كُلَّ أُمَّةٍ جاثِيَةً كُلُّ أُمَّةٍ تُدعىٰ إِلىٰ كِتٰبِهَا اليَومَ تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 28) |
(اي نبيﷺ!) تون (قيامت واري ڏينهن) هر گروهه کي گوڏن ڀر ڪريل ڏسندين ۽ هر گروهه کي پنھنجو اعمال نامو وٺڻ لاءِ سڏيو ويندو ته اڄ توهان کي توهان جي ڪيل عملن جو بدلو ڏنو ويندو. |
هٰذا كِتٰبُنا يَنطِقُ عَلَيكُم بِالحَقِّ إِنّا كُنّا نَستَنسِخُ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 29) |
هي اسان جو (تيار ڪرايل) اعمال جو دفتر آهي. جيڪو توهان جي سموري حقيقت کي ٺيڪ ٺيڪ بيان ڪري ٿو. بيشڪ اسان توهان جا (اهي سڀ ڪم) لکرائيندا هئاسين جيڪي توهان ڪندا رهندا هئا. |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُدخِلُهُم رَبُّهُم فى رَحمَتِهِ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ المُبينُ (آيت : 30) |
پوءِ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، انهن کي انهن جو پالڻھار پنھنجي رحمت ۾ داخل ڪندو ۽ اها ئي اصل ڪاميابي آهي. |
وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا أَفَلَم تَكُن ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَاستَكبَرتُم وَكُنتُم قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 31) |
باقي جن ماڻهن ڪفر ڪيو تن کان پڇا ڪئي ويندي ته ڇا توهان کي منهنجون آيتون پڙهي نه ٻڌايون وينديون هيون؟ پوءِ توهان انهن کي ٻڌڻ جي بجاءِ تڪبر ڪيو، اصل ۾ توهان هئا ئي ڏوهاري ماڻهو. |
وَإِذا قيلَ إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَالسّاعَةُ لا رَيبَ فيها قُلتُم ما نَدرى مَا السّاعَةُ إِن نَظُنُّ إِلّا ظَنًّا وَما نَحنُ بِمُستَيقِنينَ (آيت : 32) |
۽ جڏهن (توهان کي) چيو ويو هو ته بيشڪ الله تعالى جو وعدو سچو آهي ۽ قيامت جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته توهان جواب ۾ چيو هو ته اسان کي ڪهڙي خبر ته قيامت ڇا ٿيندي آهي؟ اسان ته رڳو قيامت کي هوائي خيال سمجهون ٿا باقي ان تي يقين نه آهي. |
وَبَدا لَهُم سَيِّـٔاتُ ما عَمِلوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 33) |
هاڻي عملن جون برايون مٿن چڱي طرح ظاهر ٿينديون ۽ جنھن عذاب تي هي ماڻهو ٽوڪون ڪندا هئا سو ئي عذاب انهن جي مٿان اچي چڱي طرح ڪڙڪندو. |
وَقيلَ اليَومَ نَنسىٰكُم كَما نَسيتُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا وَمَأوىٰكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 34) |
(کين اِهو به) چيو ويندو ته جيئن توهان (دنيا ۾) هن اڄوڪي ڏينھن تي پيش ٿيڻ کي وساري ويٺا هئا، سو اهڙيءَ طرح اڄ اسان توهان کي وساري ڇڏيون ٿا. هاڻي توهان جو ٺڪاڻو باهه آهي ۽ توهان جي ڪابه مدد نه ڪئي ويندي . |
ذٰلِكُم بِأَنَّكُمُ اتَّخَذتُم ءايٰتِ اللَّهِ هُزُوًا وَغَرَّتكُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا فَاليَومَ لا يُخرَجونَ مِنها وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 35) |
توهان جو اهو انجام ان ڪري ٿيو آهي جو توهان الله تعالى جي آيتن سان مذاق ڪيو هو ۽ توهان کي دنيا جي زندگيءَ ڌوڪي ۾ وڌو هو. تنھنڪري اَڄ اُهي باهه مان ٻاهر نه ڪڍيا ويندا ۽ نه ئي کين توبہ ڪرڻ لاءِ چيو ويندو. |
فَلِلَّهِ الحَمدُ رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَرَبِّ الأَرضِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 36) |
بس! سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن جيڪو آسمانن، زمين ۽ سڀني جھانن جو پالڻھار آهي. |
وَلَهُ الكِبرِياءُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 37) |
۽ آسمانن ۽ زمين ۾ ان جي ئي وڏائي آهي ۽ هو زبردست حڪمت وارو آهي. |