حم (آيت : 1) |
ح-م |
تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
نازل ٿيڻ هن ڪتاب جو طرفان الله جي آهي جيڪو زبردست حڪمت وارو آهي |
إِنَّ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 3) |
بيشڪ جيڪي ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ بي شمار نشانيون آهن مؤمنن جي لاءِ |
وَفى خَلقِكُم وَما يَبُثُّ مِن دابَّةٍ ءايٰتٌ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 4) |
۽ پيدائش ۾ توهان جي، ۽ جيڪي پکيڙي رهيو آهي حيوان (زمين ۾) نشانيون وڏيون ماڻهن جي لاءِ جيڪي يقين ڪرڻ وارا آهن |
وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ السَّماءِ مِن رِزقٍ فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَتَصريفِ الرِّيٰحِ ءايٰتٌ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 5) |
۽ ڦير گهير رات ۽ ڏينهن ۾، ۽ جيڪو لاهيندو آهي الله آسمان مان رزق جي طور تي، پوءِ جياريندو آهي ان غير آباد زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ ۽ هوائن جي ڦير گهير ۾ ڪي ئي نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا |
تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَ اللَّهِ وَءايٰتِهِ يُؤمِنونَ (آيت : 6) |
اهي نشانيون الله جون، جن کي بيان ڪري رهيا آهيون توهان تي حق سان، پوءِ ٻي ڪهڙي ڳالهه آهي الله کان پوءِ ۽ سندس نشانين جي، جنهن تي اهي شخص ايمان آڻيندا؟ |
وَيلٌ لِكُلِّ أَفّاكٍ أَثيمٍ (آيت : 7) |
تباهي آهي هر ان ڪوڙي ڏوهاري جي لاءِ |
يَسمَعُ ءايٰتِ اللَّهِ تُتلىٰ عَلَيهِ ثُمَّ يُصِرُّ مُستَكبِرًا كَأَن لَم يَسمَعها فَبَشِّرهُ بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 8) |
ٻڌي ٿو آيتون الله جون جيڪي سندس سامهون پڙهيون وڃن ٿيون پوءِ پوري وڏائيءَ سان پنهنجي ڪفر تي پڪو رهندو آهي، ڄڻڪ ان ٻڌو ئي ناهي پوءِ ان کي خوشخبري ٻڌاءِ عذاب دردناڪ جي |
وَإِذا عَلِمَ مِن ءايٰتِنا شَيـًٔا اتَّخَذَها هُزُوًا أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 9) |
۽ جڏهن ڪا ڳالهه ان جي علم ۾ ايندي آهي اسان جي آيتن مان، ته اهو ان کي وٺندو آهي چرچي طور. اهڙن سڀني ماڻهن لاءِ عذاب آهي ذلت وارو |
مِن وَرائِهِم جَهَنَّمُ وَلا يُغنى عَنهُم ما كَسَبوا شَيـًٔا وَلا مَا اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ أَولِياءَ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 10) |
انهن جي آڏو آهي دوزخ، ۽ جيڪي ڪجهه به انهن دنيا ۾ ڪمايو آهي ان مان ڪجهه به کين ڪم نه ايندو ۽ نه ڪجهه ڪري سگهندا الله کان سواءِ سندن سرپرست، (جن الله کي ڇڏي کين ڪارساز بڻايو آهي) انهن لاءِ وڏو عذاب آهي |
هٰذا هُدًى وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم لَهُم عَذابٌ مِن رِجزٍ أَليمٌ (آيت : 11) |
هي سراسر هدايت آهي، ۽ انهن ماڻهن لاءِ جن ڪفر ڪيو آهي پنهنجي رب جي آيتن سان، انهن جي لاءِ عذاب آهي سخت ڏکوئيندڙ |
اللَّهُ الَّذى سَخَّرَ لَكُمُ البَحرَ لِتَجرِىَ الفُلكُ فيهِ بِأَمرِهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 12) |
اهو الله ئي آهي جنهن تابع ڪيو توهان جي لاءِ سمنڊ کي جيئن هلن ٻيڙيون ان ۾ سندس حڪم سان ۽ ڳوليو سندس فضل کي ۽ ادا ڪريو سندس شڪر |
وَسَخَّرَ لَكُم ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ جَميعًا مِنهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 13) |
۽ تابع ڪيو آهي ان توهان جي لاءِ آسمانن ۽ جيڪي ڪجهه آهي زمين ۾ سمورين شين کي (هر شيءِ پاڻ وٽان) بيشڪ ان ۾ وڏيون نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي سوچ ويچار ڪن ٿا |
قُل لِلَّذينَ ءامَنوا يَغفِروا لِلَّذينَ لا يَرجونَ أَيّامَ اللَّهِ لِيَجزِىَ قَومًا بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 14) |
(اي نبي!) چؤ ايمان آڻڻ وارن کي، درگذر ڪن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي نٿا اميد رکن ڏينهن الله جي، تان ته جزا ڏئي هر قوم کي جيڪي اهي ڪمائيندا هئا |
مَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِنَفسِهِ وَمَن أَساءَ فَعَلَيها ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم تُرجَعونَ (آيت : 15) |
جيڪو عمل سٺا ڪندو سو پنهنجي لاءِ ئي ڪندو ۽ جيڪو برائي ڪندو سو پاڻ ان جو نتيجو ڀوڳيندو پوءِ سڀني کي پنهنجي رب ڏي ئي وڃڻو آهي |
وَلَقَد ءاتَينا بَنى إِسرٰءيلَ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَفَضَّلنٰهُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 16) |
۽ ان کان اڳي اسان ڏنو بني اسرائيل کي ڪتاب ۽ حڪم ۽ عطا ڪئي هئي نبوت ۽ رزق ڏنو انهن کي پاڪ شين مان ۽ فضيلت عطا ڪئي انهن کي سڄي دنيا جي ماڻهن تي |
وَءاتَينٰهُم بَيِّنٰتٍ مِنَ الأَمرِ فَمَا اختَلَفوا إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 17) |
۽ واضح ڏنيون هدايتون دين جي معاملي ۾، پوءِ جيڪو اختلاف انهن جي وچ ۾ ٿيو (سو اڻڄاڻائي جي ڪري نه پر) بعد ۾ ٿيو علم جي ڪري، زيادتي ڪرڻ گهري پئي هڪ ٻئي تي، بيشڪ تنهنجو رب فيصلو ڪندو انهن جي وچ ۾ ڏينهن قيامت جي انهن معاملن جو جن ۾ انهن ڪيو ٿي اختلاف |
ثُمَّ جَعَلنٰكَ عَلىٰ شَريعَةٍ مِنَ الأَمرِ فَاتَّبِعها وَلا تَتَّبِع أَهواءَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 18) |
ان کان پوءِ (اي نبي!) اسان توکي قائم ڪيو آهي سڌي شاهراهه (شريعت) تي دين جي لاءِ، تنهنڪري تون ان تي هل ۽ پيروي نه ڪر انهن ماڻهن جي خواهشن جي جيڪي ڪجهه نٿا ڄاڻن (علم جا ڪورا) |
إِنَّهُم لَن يُغنوا عَنكَ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَإِنَّ الظّٰلِمينَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَاللَّهُ وَلِىُّ المُتَّقينَ (آيت : 19) |
بيشڪ اهي ڪنهن ڪم نٿا اچي سگهن تنهنجي مقابلي الله جي ۾، ۽ بيشڪ ظالم ماڻهو هڪ ٻئي جا دوست آهن (پاڻ ۾)، ۽ الله ساٿي آهي پرهيزگارن جو |
هٰذا بَصٰئِرُ لِلنّاسِ وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 20) |
اهي بصيرت جا دليل آهن سڀني ماڻهن جي لاءِ ۽ هدايت ۽ رحمت آهي انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي يقين ڪن |
أَم حَسِبَ الَّذينَ اجتَرَحُوا السَّيِّـٔاتِ أَن نَجعَلَهُم كَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَواءً مَحياهُم وَمَماتُهُم ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 21) |
ڇا سمجهيو آهي انهن ماڻهن جيڪي ڪن ٿا برايون، اسان هڪ جهڙو ڪنداسين انهن کي ۽ انهن ماڻهن کي جن ا يمان آندو ۽ عمل سٺا ڪيا، جو هڪ جهڙو ٿي وڃي انهن جو جيئڻ ۽ انهن جو مرڻ؟ ڏاڍا برا آهن جيڪي ڪن ٿا اهي فيصلا |
وَخَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَلِتُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 22) |
۽ پيدا ڪيو الله آسمانن ۽ زمين کي برحق، ۽ (اهو) ان لاءِ ڪيو آهي ته هر نفس (انسان کي) بدلو ملي ان جي ڪمائيءَ جو، ۽ انهن تي ڪوبه ظلم نه ڪيو ويندو |
أَفَرَءَيتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلٰهَهُ هَوىٰهُ وَأَضَلَّهُ اللَّهُ عَلىٰ عِلمٍ وَخَتَمَ عَلىٰ سَمعِهِ وَقَلبِهِ وَجَعَلَ عَلىٰ بَصَرِهِ غِشٰوَةً فَمَن يَهديهِ مِن بَعدِ اللَّهِ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 23) |
پوءِ ڇا تو غور ڪيو ان شخص تي جنهن نفس جي خواهش کي خدا بنايو ۽ کيس گمراهيءَ ۾ اڇليو الله علم جي باوجود ۽ مهر هنيائين سندس ڪنن ۽ دل تي ۽ وڌائين سندس اکين تي پردو؟ پوءِ هاڻي ٻيو ڪير آهي جيڪو ان کي هدايت ڏئي الله کان سواءِ، پوءِ توهان ڪو سبق نٿا پرايو؟ |
وَقالوا ما هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا نَموتُ وَنَحيا وَما يُهلِكُنا إِلَّا الدَّهرُ وَما لَهُم بِذٰلِكَ مِن عِلمٍ إِن هُم إِلّا يَظُنّونَ (آيت : 24) |
۽ اهي ماڻهو چون ٿا، ناهي هي پر حياتي اسان جي دنيا جي، اتي ئي مرون ٿا ۽ جيئرا اتي رهون ٿا ۽ نٿي هلاڪ ڪري اسان کي پر زماني جي گردش، ۽ حقيقت ۾ انهن وٽ ناهي ڪوبه علم، اهي ته رڳو ڳالهيون ڪري رهيا آهن فقط گمان جي بنياد تي |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ ما كانَ حُجَّتَهُم إِلّا أَن قالُوا ائتوا بِـٔابائِنا إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 25) |
۽ جڏهن ٻڌايون وڃن ٿيون کين اسان جون آيتون پڌريون، ته وٽن ڪابه حجت نه هوندي، پر هي چيائون، اٿاري آڻيو اسان جي ابن ڏاڏن کي، جيڪڏهن توهان سچا آهيو |
قُلِ اللَّهُ يُحييكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يَجمَعُكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 26) |
(اي نبي!) چؤ انهن کي، الله ئي حياتي بخشي آهي، اهو ئي توهان کي موت ڏئي ٿو، اهو ئي توهان کي گڏ ڪندو ڏينهن قيامت جي، جنهن جي اچڻ ۾ ڪو شڪ ناهي، پر ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن جيڪي اهو ڄاڻن نٿا |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يَومَئِذٍ يَخسَرُ المُبطِلونَ (آيت : 27) |
۽ الله جي بادشاهي آهي آسمانن ۽ زمين ۾، ۽ جنهن ڏينهن اچي ڪڙڪندي قيامت جي گهڙي، ان ڏينهن ٽوٽي ۾ هوندا باطل پرست |
وَتَرىٰ كُلَّ أُمَّةٍ جاثِيَةً كُلُّ أُمَّةٍ تُدعىٰ إِلىٰ كِتٰبِهَا اليَومَ تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 28) |
۽ تون ڏسندين ان وقت هر ٽولي کي ڪريل گوڏن ڀر، هر ٽولي کي پڪاريو ويندو ته ڏسو پنهنجو اعمال نامو، اڄ انهن ئي عملن جو بدلو ڏنو ويندو جيڪي توهان ڪندا رهيا آهيو |
هٰذا كِتٰبُنا يَنطِقُ عَلَيكُم بِالحَقِّ إِنّا كُنّا نَستَنسِخُ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 29) |
اهو اسان جو تيار ڪرايل اعمالنامو آهي جيڪو پوري شاهدي ڏئي رهيو آهي توهان کي حق جي، بيشڪ اسان ان کي لکائيندا رهياسين جيڪي توهان ڪندا رهيا هئا |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُدخِلُهُم رَبُّهُم فى رَحمَتِهِ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ المُبينُ (آيت : 30) |
پوءِ آندو جن ماڻهن ايمان ۽ عمل سٺا ڪندا هئا، تن کي داخل ڪندو سندن رب پنهنجي رحمت ۾، اها ئي آهي (سندن) ڪاميابي پڌري |
وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا أَفَلَم تَكُن ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَاستَكبَرتُم وَكُنتُم قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 31) |
۽ ڪيو هو جن ماڻهن ڪفر (تن کي چيو ويندو) ڇا پوءِ نه آيون آيتون منهنجون ٻڌائڻ لاءِ توهان کي، پر توهان وڏائي ڪئي ۽ هئا توهان ماڻهو ڏوهاري |
وَإِذا قيلَ إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَالسّاعَةُ لا رَيبَ فيها قُلتُم ما نَدرى مَا السّاعَةُ إِن نَظُنُّ إِلّا ظَنًّا وَما نَحنُ بِمُستَيقِنينَ (آيت : 32) |
۽ جڏهن چيو ويندو هو ته بيشڪ وعدو الله جو برحق آهي ۽ قيامت جي اچڻ ۾ ناهي ڪوبه شڪ گمان، ۽ توهان چوندا هئا ته نه ٿا ڄاڻون ته ڇا ٿيندي آهي قيامت، اسان ته هڪ گمان ئي رکون ٿا شڪ ته اهو ئي آهي ته اسان ناهيون يقين ڪندڙن ۾ |
وَبَدا لَهُم سَيِّـٔاتُ ما عَمِلوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 33) |
۽ ظاهر ٿينديون انهن تي برايون سندن عملن جون ۽ ان شيءِ جي وڪڙ ۾ اهي اچي ويندا جنهن تي اهي ڪندا هئا چٿرون |
وَقيلَ اليَومَ نَنسىٰكُم كَما نَسيتُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا وَمَأوىٰكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 34) |
۽ چيو ويندو انهن کي ته اڄ اسان به توهان کي وسارينداسين اهڙيءَ طرح جيئن وساريو هو ملاقات کي ان ڏينهن به توهان، هاڻي هي آهي ٺڪاڻو دوزخ جو توهان جي لاءِ ۽ ناهي ڪوبه توهان جي مدد ڪرڻ وارو |
ذٰلِكُم بِأَنَّكُمُ اتَّخَذتُم ءايٰتِ اللَّهِ هُزُوًا وَغَرَّتكُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا فَاليَومَ لا يُخرَجونَ مِنها وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 35) |
توهان جي اها پڄاڻي ان ڪري آهي ته ورتو هو توهان الله جي آيتن کي مسخري ڪري ۽ دوکي ۾ توهان کي وڌو حياتي دنيا جي، تنهنڪري اڄ اهي ماڻهو نه ڪڍيا ويندا ان دوزخ مان ۽ نه ئي چيو ويندو انهن کي ته معافي گُهري رب کي راضي ڪريو |
فَلِلَّهِ الحَمدُ رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَرَبِّ الأَرضِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 36) |
بس الله جي لاءِ ئي تعريف آهي جيڪو رب آهي آسمانن جو ۽ رب آهي زمين جو ۽ مالڪ آهي سڀني جهانن جو |
وَلَهُ الكِبرِياءُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 37) |
۽ انهيءَ جي لاءِ ئي وڏائي آهي آسمانن ۽ زمين ۾ ۽ اهو ئي زبردست ۽ داناءُ آهي. |