| حم (آيت : 1) |
|
ﷅ (حا ــ ميم) |
| وَالكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
|
قسم آهي هن پڌري ڪتاب (قرآن) جو |
| إِنّا أَنزَلنٰهُ فى لَيلَةٍ مُبٰرَكَةٍ إِنّا كُنّا مُنذِرينَ (آيت : 3) |
|
ته اسان ان کي هڪ ڀلاريءَ ۽ برڪت واريءَ رات ۾ نازل ڪيو آهي. ڇو جو اسان ماڻهن کي ڊيڄارڻ ٿي گهريو |
| فيها يُفرَقُ كُلُّ أَمرٍ حَكيمٍ (آيت : 4) |
|
اِها رات اُها هئي، جنهن ۾ هر ڳالهه جو دانائيءَ سان ڪيل فيصلو |
| أَمرًا مِن عِندِنا إِنّا كُنّا مُرسِلينَ (آيت : 5) |
|
اسان جي حڪم سان جاري ڪيو ويندو آهي. بيشڪ اسان هڪڙو رسول موڪلڻ وارا هئاسون |
| رَحمَةً مِن رَبِّكَ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 6) |
|
تنهنجي رب جي رحمت طور، بيشڪ هوئي سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي |
| رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم موقِنينَ (آيت : 7) |
|
آسمانن ۽ زمين ۽ ان هر شيءِ جو پاليندڙ، جيڪا سندن وچ ۾ آهي. جيڪڏهن توهان يقين ڪندڙ آهيو |
| لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ رَبُّكُم وَرَبُّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 8) |
|
ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، اهوئي حياتي عطا ڪري ٿو ۽ اهوئي ماري ٿو. توهان جو به رب، توهان جي اڳ وارن ابن ڏاڏن جو به رب |
| بَل هُم فى شَكٍّ يَلعَبونَ (آيت : 9) |
|
(پر اصل ۾ انهن کي يقين ئي ڪونهي) بلڪه پنهنجي شڪ ۾ پيا ٿا کيڏن |
| فَارتَقِب يَومَ تَأتِى السَّماءُ بِدُخانٍ مُبينٍ (آيت : 10) |
|
ڀلا پوءِ ڪريو انتظار اُن ڏينهن جو جڏهن آسمان پري کان پڌرو دونهون کنيو ايندو |
| يَغشَى النّاسَ هٰذا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 11) |
|
۽ اهو ماڻهن تي ڇانئجي ويندو. اهو آهي دردناڪ عذاب |
| رَبَّنَا اكشِف عَنَّا العَذابَ إِنّا مُؤمِنونَ (آيت : 12) |
|
(پوءِ چون ٿا ته) "اسان جا رب!ّ اسان تان اِهو عذاب ٽار، اسان ايمان آڻيون ٿا" |
| أَنّىٰ لَهُمُ الذِّكرىٰ وَقَد جاءَهُم رَسولٌ مُبينٌ (آيت : 13) |
|
ڪٿان پرائيندا ڪا نصيحت؟ کولي پيش ڪندڙ رسول به ته اچي ويو اٿن |
| ثُمَّ تَوَلَّوا عَنهُ وَقالوا مُعَلَّمٌ مَجنونٌ (آيت : 14) |
|
تڏهن به منهن موڙي ڇڏيائون ۽ چيائون ته هو سيکاريل پڙهايل چريو آهي |
| إِنّا كاشِفُوا العَذابِ قَليلًا إِنَّكُم عائِدونَ (آيت : 15) |
|
اسان کڻي ٿورو عذاب هٽايون ٿا، تڏهن به ڪندؤ وري به ائين ئي جيئن اڳي پيا ڪندا هيؤ |
| يَومَ نَبطِشُ البَطشَةَ الكُبرىٰ إِنّا مُنتَقِمونَ (آيت : 16) |
|
جنهن ڏينهن تمام وڏي پڪڙ ڪنداسون ته پوءِ ته اسان بدلو وٺي رهنداسون |
| وَلَقَد فَتَنّا قَبلَهُم قَومَ فِرعَونَ وَجاءَهُم رَسولٌ كَريمٌ (آيت : 17) |
|
هنن کان اڳ اسان فرعون جي قوم کي آزمائش ۾ وجهي چڪا آهيون، وٽن ڏاڍو مانائتو رسول (موسيٰ) آيو |
| أَن أَدّوا إِلَىَّ عِبادَ اللَّهِ إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 18) |
|
۽ چيائين ته الله جي ٻانهن کي منهنجي حوالي ڪريو، مان توهان لاءِ هڪ امانت وارو رسول آهيان |
| وَأَن لا تَعلوا عَلَى اللَّهِ إِنّى ءاتيكُم بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 19) |
|
الله جي مقابلي ۾ سرڪشي نه ڪريو، مان توهان جي آڏو (پنهنجي نبي هجڻ جي) چٽي ســَـنــَـدَ پيش ڪريان ٿو |
| وَإِنّى عُذتُ بِرَبّى وَرَبِّكُم أَن تَرجُمونِ (آيت : 20) |
|
۽ مان پنهنجي رب ۽ توهان جي رب جي پناهه وٺي چڪو آهيان ته متان توهان مون تي ڪو حملو ڪري وجهو |
| وَإِن لَم تُؤمِنوا لى فَاعتَزِلونِ (آيت : 21) |
|
جيڪڏهن منهنجي ڳالهه نٿا مڃو ته مون تي هٿ کڻڻ کان پاسو ڪريو |
| فَدَعا رَبَّهُ أَنَّ هٰؤُلاءِ قَومٌ مُجرِمونَ (آيت : 22) |
|
نيٺ هن پنهنجي رب کي سڏيو ته هي سڀ ماڻهو ڏوهاري آهن |
| فَأَسرِ بِعِبادى لَيلًا إِنَّكُم مُتَّبَعونَ (آيت : 23) |
|
(جواب ڏنو ويو) "چڱو ڀلا راتو واهه منهنجن ٻانهن کي ساڻ وٺي نڪري پؤ، توهان جو پيڇو ڪيو ويندو |
| وَاترُكِ البَحرَ رَهوًا إِنَّهُم جُندٌ مُغرَقونَ (آيت : 24) |
|
سمنڊ کي جيئن هجي تيئن ڇڏي ڏج. اهو سارو لشڪر غرق ٿيڻو آهي" |
| كَم تَرَكوا مِن جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 25) |
|
ڪيترائي باغ ۽ چشما هئا، جيڪي ڇڏي هليا ويا |
| وَزُروعٍ وَمَقامٍ كَريمٍ (آيت : 26) |
|
۽ ٻنيون ۽ عاليشان محل |
| وَنَعمَةٍ كانوا فيها فٰكِهينَ (آيت : 27) |
|
ڪيترائي عيش جا سامان جن ۾ هو مزا ڪندا هئا، سندن پويان رهجي ويا |
| كَذٰلِكَ وَأَورَثنٰها قَومًا ءاخَرينَ (آيت : 28) |
|
اها ٿي انهن جي پڇاڙي ۽ اسان وري ٻين کي انهن شين جو وارث بڻائي ڇڏيو |
| فَما بَكَت عَلَيهِمُ السَّماءُ وَالأَرضُ وَما كانوا مُنظَرينَ (آيت : 29) |
|
پوءِ ته نڪي آسمان مٿن رنو ۽ نه زمين ئي ڪو ڳوڙهو ڳاڙيو ۽ نه وري ڪا مهلت ئي مليَنِ |
| وَلَقَد نَجَّينا بَنى إِسرٰءيلَ مِنَ العَذابِ المُهينِ (آيت : 30) |
|
اهڙيءَ طرح اسان بني اسرائيل کي سخت خواريءَ واري عذاب کان بچايو |
| مِن فِرعَونَ إِنَّهُ كانَ عالِيًا مِنَ المُسرِفينَ (آيت : 31) |
|
فرعون مان جند ڇڏائي، جيڪو ليڪا لنگهي وڃڻ وارن ۾ بيشڪ چوٽيءَ جو ماڻهو هو |
| وَلَقَدِ اختَرنٰهُم عَلىٰ عِلمٍ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 32) |
|
۽ سندن حالت ڄاڻندي به کين دنيا جي ٻين قومن تي ترجيح ڏني سون |
| وَءاتَينٰهُم مِنَ الءايٰتِ ما فيهِ بَلٰؤٌا۟ مُبينٌ (آيت : 33) |
|
۽ کين اهڙيون نشانيون ڏيکاريون سين جن ۾ کلئي کلائي آزمائش هئي |
| إِنَّ هٰؤُلاءِ لَيَقولونَ (آيت : 34) |
|
بيشڪ اهي ماڻهو چون ٿا ته |
| إِن هِىَ إِلّا مَوتَتُنَا الأولىٰ وَما نَحنُ بِمُنشَرينَ (آيت : 35) |
|
"اسان جي پهرئين موت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي، تنهن کان پوءِ اسان وري ٻيهر اٿاريا ئي نه وينداسون |
| فَأتوا بِـٔابائِنا إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 36) |
|
پوءِ جيڪڏهن سچا آهيو ته اسان جي ابن ڏاڏن کي ته اٿاري اچو" |
| أَهُم خَيرٌ أَم قَومُ تُبَّعٍ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم أَهلَكنٰهُم إِنَّهُم كانوا مُجرِمينَ (آيت : 37) |
|
اهي ڀلا آهن يا تبع جي قوم ۽ کانئن آٰڳاٽا ماڻهو؟ اسان کين ان ڪري تباهه ڪيو هو، جو اهي ڏوهاري بڻجي چڪا هئا |
| وَما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما لٰعِبينَ (آيت : 38) |
|
اهي آسمان ۽ سندن وچواريون شيون اسان راند روند ۾ نه بڻايون آهن |
| ما خَلَقنٰهُما إِلّا بِالحَقِّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 39) |
|
انهن کي اسان برحق پيدا ڪيو آهي پر انهن مان اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن |
| إِنَّ يَومَ الفَصلِ ميقٰتُهُم أَجمَعينَ (آيت : 40) |
|
انهن سڀني جي وري اٿارڻ لاءِ مقرر ڪيل وقت اهو فيصلي وارو ڏينهن آهي |
| يَومَ لا يُغنى مَولًى عَن مَولًى شَيـًٔا وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 41) |
|
اهو ڏينهن جڏهن ڪوبه مٽ مائٽ پنهنجي ڪنهن به عزيز قريب جي ڪنهن ڪم نه ايندو ۽ نه ڪٿان ڪا مدد ئي ملندن |
| إِلّا مَن رَحِمَ اللَّهُ إِنَّهُ هُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 42) |
|
مگر جنهن تي الله رحم ڪري. بيشڪ هو زبردست ۽ ٻاجهارو آهي |
| إِنَّ شَجَرَتَ الزَّقّومِ (آيت : 43) |
|
بيشڪ زقوم (ٿوهر) جو وڻ |
| طَعامُ الأَثيمِ (آيت : 44) |
|
گنهگار جو کاڄ هوندو |
| كَالمُهلِ يَغلى فِى البُطونِ (آيت : 45) |
|
جيڪو رجيل ٽامي جهڙو پيٽ ۾ ائين اڀامندو |
| كَغَلىِ الحَميمِ (آيت : 46) |
|
جيئن ٽهڪندڙ پاڻي ٻــَـڙڪا هڻندو آهي |
| خُذوهُ فَاعتِلوهُ إِلىٰ سَواءِ الجَحيمِ (آيت : 47) |
|
پڪڙيوس ۽ گهليندا وڃوس جهنم جي وچ تائين |
| ثُمَّ صُبّوا فَوقَ رَأسِهِ مِن عَذابِ الحَميمِ (آيت : 48) |
|
۽ پوءِ پيٽيوس مٿي تي ٽهڪندڙ پاڻيءَ جو عذاب |
| ذُق إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الكَريمُ (آيت : 49) |
|
چک ان جو مزو، تون ته وڏي عزت وارو سردار آهين |
| إِنَّ هٰذا ما كُنتُم بِهِ تَمتَرونَ (آيت : 50) |
|
اِها ته اها شيءِ آهي، جنهن جي اچڻ ۾ توهان شڪ ڪندا هيؤ |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى مَقامٍ أَمينٍ (آيت : 51) |
|
بيشڪ الله کان ڊڄندڙ ماڻهو امن واري هنڌ هوندا |
| فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 52) |
|
باغن ۽ چشمن ۾ |
| يَلبَسونَ مِن سُندُسٍ وَإِستَبرَقٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 53) |
|
پٽ ۽ ريشم جون پوشاڪون پايو آمهون سامهون ويٺا هوندا |
| كَذٰلِكَ وَزَوَّجنٰهُم بِحورٍ عينٍ (آيت : 54) |
|
اهو هوندو انهن جو شان ۽ اسان وڏين ڪارين اکين واريون زالون کين پرڻائينداسون |
| يَدعونَ فيها بِكُلِّ فٰكِهَةٍ ءامِنينَ (آيت : 55) |
|
اتي هو بي ڊپا ٿيا هر قسم جون لذيذ شيون پيا طلبيندا |
| لا يَذوقونَ فيهَا المَوتَ إِلَّا المَوتَةَ الأولىٰ وَوَقىٰهُم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 56) |
|
اتي هو موت جو مزو ئي نه چکندا. موت جيڪو دنيا ۾ آين سو آين ۽ الله پنهنجي فضل سان کين جهنم جي عذاب کان بچائي وٺندو |
| فَضلًا مِن رَبِّكَ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 57) |
|
(اي نبي) اهو تنهنجي رب جو فضل آهي، اهائي ته وڏي ڪاميابي آهي |
| فَإِنَّما يَسَّرنٰهُ بِلِسانِكَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 58) |
|
اي نبي، اسان هن ڪتاب کي تنهنجي ٻوليءَ ۾ آسان بڻائي ڇڏيو آهي ته جيئن اهي ڪو سبق پرائين |
| فَارتَقِب إِنَّهُم مُرتَقِبونَ (آيت : 59) |
|
هاڻي تون به انتظار ڪر، اهي به انتظار ڪندڙ آهن |