القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 3 سُوۡرَۃُ الدُّخَانِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 59


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

حم (آيت : 1)

حم

وَالكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2)

ظاهر، کليل ڪتاب (قرآن) جو قسم.

إِنّا أَنزَلنٰهُ فى لَيلَةٍ مُبٰرَكَةٍ إِنّا كُنّا مُنذِرينَ (آيت : 3)

اسان هن کي مبارڪ رات (شب قدر) ۾ نازل ڪيو بيشڪ اسين (عذاب کان ڊيڄارڻ وارا هئاسون.

فيها يُفرَقُ كُلُّ أَمرٍ حَكيمٍ (آيت : 4)

ان رات ۾ سڀئي حڪمت ۽ مصلحت وارا دنياوي (سموري سال جا) ڪم فيصل ڪيا وڃن ٿا.

أَمرًا مِن عِندِنا إِنّا كُنّا مُرسِلينَ (آيت : 5)

يعني اسان وٽان حڪم ٿي ڪري . (بيشڪ) اسان ئي (پيغمبرن کي) موڪلڻ وارو آهيون.

رَحمَةً مِن رَبِّكَ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 6)

اها اوهان جي پالڻهار جي مهرباني آهي بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.

رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم موقِنينَ (آيت : 7)

جو آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجھ ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن جو مالڪ آهي. جيڪڏهن اوهين يقين ڪندڙ آهيو (ته ڪريو).

لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ رَبُّكُم وَرَبُّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 8)

ان کان سواءِ ڪو (به) عبادت جي لائق نه آهي اهو ئي جياري ۽ ماري ٿو. اوهان جو مالڪ ۽ اوهان جي اڳين ابن ڏاڏن جو به مالڪ آهي.

بَل هُم فى شَكٍّ يَلعَبونَ (آيت : 9)

پر اهي ماڻهو ته شڪ ۾ پيل رانديون ڪري رهيا آهن.

فَارتَقِب يَومَ تَأتِى السَّماءُ بِدُخانٍ مُبينٍ (آيت : 10)

ته تون ان ڏينهن جو انتظار ڪر جنهن ڏينهن آسمان مان ظاهر بظاهر دونهون نڪرندو.

يَغشَى النّاسَ هٰذا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 11)

(۽) ماڻهن کي ڍڪي ڇڏيندو. اهو دردناڪ عذاب آهي.

رَبَّنَا اكشِف عَنَّا العَذابَ إِنّا مُؤمِنونَ (آيت : 12)

(جو ڪافر به گهٻرائجي چوندا ته) اي اسان جا پالڻهار! اسان کان عذاب کي ٽار! اسين ته هينئر ئي ايمان آڻيون ٿا.

أَنّىٰ لَهُمُ الذِّكرىٰ وَقَد جاءَهُم رَسولٌ مُبينٌ (آيت : 13)

(تنهن وقت ڀلا کين ڇا نصيحت ٿيندي؟ جڏهن وٽن پيغمبر اچي چڪا جيڪي کولي پيغام ٻڌائيندا هئا.

ثُمَّ تَوَلَّوا عَنهُ وَقالوا مُعَلَّمٌ مَجنونٌ (آيت : 14)

تنهن هوندي به انهن منهن موڙ ڪئي ۽ چوندا هئا ته هي (سيکاريل) پڙهايل چريو آهي.

إِنّا كاشِفُوا العَذابِ قَليلًا إِنَّكُم عائِدونَ (آيت : 15)

(چڱو خير) اسين ٿورڙي عرصي لاءِ عذاب کي ٽاريون ٿا پر (اسين ڄاڻون ٿا ته) اوهين وري به ضرور ڪفر ڪندو.

يَومَ نَبطِشُ البَطشَةَ الكُبرىٰ إِنّا مُنتَقِمونَ (آيت : 16)

اسين ضرور (انهن کان) پورو (پورو) بدلو ته رڳو ان ڏينهن وٺنداسون جنهن ڏينهن وڏي ۾ وڏي پڪڙ ڪنداسون.

وَلَقَد فَتَنّا قَبلَهُم قَومَ فِرعَونَ وَجاءَهُم رَسولٌ كَريمٌ (آيت : 17)

۽ انهن کان اڳ اسان فرعوني قوم کي ضرور آزمايو جو وٽن هڪ عالي قدر پيغمبر موسى آيو.

أَن أَدّوا إِلَىَّ عِبادَ اللَّهِ إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 18)

(جنهن چيو ته) خدا جي بندن (بني اسرائيلن) کي منهنجي حوالي ڪريو.آءُ (خدا جي طرفان) اوهان وٽ هڪ امانت دار پيغمبر آهيان.

وَأَن لا تَعلوا عَلَى اللَّهِ إِنّى ءاتيكُم بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 19)

۽ خدا سان سرڪشي نه ڪريو. بيشڪ آءُ اوهان جي اڳيان (پنهنجي پيغمبر هجڻ جي) ظاهر دليل کڻي آيو آهيان.

وَإِنّى عُذتُ بِرَبّى وَرَبِّكُم أَن تَرجُمونِ (آيت : 20)

پڻ هن ڳالھ کان ته: اوهين مون کي سنگسار ڪندو! پنهنجي ۽ اوهان جي پالڻهار (خدا) جي پناھ گهران ٿو.

وَإِن لَم تُؤمِنوا لى فَاعتَزِلونِ (آيت : 21)

پر جيڪڏهن اوهان مون تي ايمان نه آندو ته مون کان پاسو ڪريو.

فَدَعا رَبَّهُ أَنَّ هٰؤُلاءِ قَومٌ مُجرِمونَ (آيت : 22)

(تڏهين به ستائڻ لڳس) ته موسى پنهنجي پالڻهار کي سڏيو ته هي وڏا شرير ماڻهو آهن.

فَأَسرِ بِعِبادى لَيلًا إِنَّكُم مُتَّبَعونَ (آيت : 23)

تڏهن خدا حڪم ڏنو ته تون منهنجن ٻانهن (بني اسرائيلن) کي راتو رات وٺي نڪر (اهي) فرعوني ضرور اوهان جي پٺيان ايندا.

وَاترُكِ البَحرَ رَهوًا إِنَّهُم جُندٌ مُغرَقونَ (آيت : 24)

۽ تون دريا کي پنهنجي حال تي بيٺل ڇڏي (پار هليو) وڃ. (اهي توهان جي پٺيان ايندا پر) انهن جو سمورو لشڪر غرق ڪيو ويندو.

كَم تَرَكوا مِن جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 25)

اهي ماڻهو (الا جي) ڪيترا باغ ۽ چشما،

وَزُروعٍ وَمَقامٍ كَريمٍ (آيت : 26)

۽ کيتون ۽ عمدا نفيس محل ڇڏي ويا.

وَنَعمَةٍ كانوا فيها فٰكِهينَ (آيت : 27)

آرام ۽ (راحت) جون شيون جنهن ۾ اهي عيش عشرت ڪندا هئا.

كَذٰلِكَ وَأَورَثنٰها قَومًا ءاخَرينَ (آيت : 28)

ائين ئي ٿيو. ۽ اسان انهن سڀني شين جو ٻين ماڻهن کي وارث ڪيو.

فَما بَكَت عَلَيهِمُ السَّماءُ وَالأَرضُ وَما كانوا مُنظَرينَ (آيت : 29)

ته انهن ماڻهن تي آسمان ۽ زمين کي به روئڻ نه آيو ۽ نه کين مهلت ئي ڏني ويئي.

وَلَقَد نَجَّينا بَنى إِسرٰءيلَ مِنَ العَذابِ المُهينِ (آيت : 30)

۽ اسان بني اسرائيلن کي خواريءَ جي عذاب کان ڇڏايو.

مِن فِرعَونَ إِنَّهُ كانَ عالِيًا مِنَ المُسرِفينَ (آيت : 31)

فرعون (جي چنبي) مان اهو بيشڪ سرڪش ۽ حد کان لنگهندڙن مان هو.

وَلَقَدِ اختَرنٰهُم عَلىٰ عِلمٍ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 32)

۽ اسان بني اسرائيلن کي سمجهي ڪري ساري دنيا کان پسند ڪيو.

وَءاتَينٰهُم مِنَ الءايٰتِ ما فيهِ بَلٰؤٌا۟ مُبينٌ (آيت : 33)

پڻ کين اهڙيون نشانيون ڏنيو هيون جن ۾ (سندن) ظاهر آزمائش هئي.

إِنَّ هٰؤُلاءِ لَيَقولونَ (آيت : 34)

اهي (مڪي جا ڪافر) مسلمانن کي چون ٿا.

إِن هِىَ إِلّا مَوتَتُنَا الأولىٰ وَما نَحنُ بِمُنشَرينَ (آيت : 35)

ته اسان کي ته رڳو هڪ ڀيرو مرڻو آهي. ۽ وري اسين ٻيو ڀيرو (جيئرو ڪري) اٿاريا نه وينداسون.

فَأتوا بِـٔابائِنا إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 36)

پوءِ جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته (ڀلا) اسان جي ابن ڏاڏن کي ته (جيئرو ڪري) آڻيو.

أَهُم خَيرٌ أَم قَومُ تُبَّعٍ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم أَهلَكنٰهُم إِنَّهُم كانوا مُجرِمينَ (آيت : 37)

ڀلا (اهي ڪافر) (طاقت ۾) وڌيڪ آهن يا “تبع” جي قوم ۾ جيڪي ماڻهو انهن کان اڳ هئا. اسان انهن سڀني کي برباد ڪري ڇڏيو (ڇو ته) اهي بلا شڪ وڏا ڏوهاري هئي.

وَما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما لٰعِبينَ (آيت : 38)

۽ اسان آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن کي (ڪو) راند کيڏيندي نه بنايو آهي.

ما خَلَقنٰهُما إِلّا بِالحَقِّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 39)

انهن ٻنهي کي اسان (بلڪل) پوري تدبير سان ئي پيدا ڪيو آهي پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.

إِنَّ يَومَ الفَصلِ ميقٰتُهُم أَجمَعينَ (آيت : 40)

بيشڪ فيصلي (قيامت) جو ڏينهن انهن سڀني (جي ٻيهر جيئري ٿيڻ) جو مقرر (ٿيل) وقت آهي.

يَومَ لا يُغنى مَولًى عَن مَولًى شَيـًٔا وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 41)

جنهن ڏينهن ڪو به دوست ڪنهين دوست جي ڪم نه ايندو ۽ نه انهن جي مدد ڪئي ويندي.

إِلّا مَن رَحِمَ اللَّهُ إِنَّهُ هُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 42)

پر جنهن تي خدا رحم فرمائي. بيشڪ اهو سڀ ڪنهن تي غالب (۽) وڏو رحم وارو آهي.

إِنَّ شَجَرَتَ الزَّقّومِ (آيت : 43)

(قيامت ۾) ٿوهر جو وڻ،

طَعامُ الأَثيمِ (آيت : 44)

ضرور گنهگارن جو کاڌو آهي.

كَالمُهلِ يَغلى فِى البُطونِ (آيت : 45)

جو پگهريل ٽامي جهڙو پيٽن ۾ گرم آهي.

كَغَلىِ الحَميمِ (آيت : 46)

پاڻي وانگر پيو ٽهڪندو.

خُذوهُ فَاعتِلوهُ إِلىٰ سَواءِ الجَحيمِ (آيت : 47)

(فرشتن کي حڪم ڪبو ته) ان کي پڪڙيو ۽ گهلندا دوزخ جي وچ ۾ هڻوس.

ثُمَّ صُبّوا فَوقَ رَأسِهِ مِن عَذابِ الحَميمِ (آيت : 48)

پوءِ ان جي مٿي تي گرم پاڻي جو عذاب وجهوس.

ذُق إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الكَريمُ (آيت : 49)

(پوءِ کيس طعني طور چيو ويندو ته) هاڻي مزو چک! (ڇو ته) تون ئي (پنهنجي خيال ۾) وڏي عزت وارو سردار آهين.

إِنَّ هٰذا ما كُنتُم بِهِ تَمتَرونَ (آيت : 50)

هي اهو (دوزخ) ته آهي جنهن ۾ اوهين شڪ ڪندا هئا.

إِنَّ المُتَّقينَ فى مَقامٍ أَمينٍ (آيت : 51)

بيشڪ پرهيزگار امن جي جاءِ (يعني)

فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 52)

باغن ۽ چشمن ۾ هوندا.

يَلبَسونَ مِن سُندُسٍ وَإِستَبرَقٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 53)

سنهي ريشم ۽ (ڪڏهين) ٿلهي ريشم جي پوشاڪ پهريل هڪ ٻئي جي سامهون ويٺا هوندا.

كَذٰلِكَ وَزَوَّجنٰهُم بِحورٍ عينٍ (آيت : 54)

اهڙي طرح ئي ٿيندو. ۽ کين وڏين ڪارين اکين وارين سهڻين حورن سان پرڻائينداسون.

يَدعونَ فيها بِكُلِّ فٰكِهَةٍ ءامِنينَ (آيت : 55)

اتي بي ڊپا ٿي سڀ قسم جا ميوا (کائڻ لاءِ) گهرائيندا.

لا يَذوقونَ فيهَا المَوتَ إِلَّا المَوتَةَ الأولىٰ وَوَقىٰهُم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 56)

اتي پهرئين (دنيا جي) موت کان سواءِ ٻئي موت جي سختي نه سهندا ۽ (خدا) کين دوزخ جي عذاب کان محفوظ رکندو.

فَضلًا مِن رَبِّكَ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 57)

(اهو) اوهان جي پروردگار جو فضل آهي، اها ئي ته وڏي ڪاميابي آهي.

فَإِنَّما يَسَّرنٰهُ بِلِسانِكَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 58)

سو (اي رسول) ان (قرآن) کي اسان تنهنجيءَ ٻولي ۾ ئي (هن لاءِ) آسان ڪيو آهي ته من اهي نصيحت حاصل ڪن.

فَارتَقِب إِنَّهُم مُرتَقِبونَ (آيت : 59)

ته (نتيجي جو) تون به انتظار ڪر اهي به منتظر آهن.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025