| حم (آيت : 1) |
|
ڄاڻي حق حٰمٓ، کي، |
| وَالكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
|
هِي ڪِتاب کُليو قُرآن، |
| إِنّا أَنزَلنٰهُ فى لَيلَةٍ مُبٰرَكَةٍ إِنّا كُنّا مُنذِرينَ (آيت : 3) |
|
اُتاريونسِ اُنهِئَ رات ۾، جا ڀَلِي بيگمان، ڏِيندڙ آهيون ڏيہ کي، عام اسين اِعلان، |
| فيها يُفرَقُ كُلُّ أَمرٍ حَكيمٍ (آيت : 4) |
|
جنهن ۾ اَسان جي اَمر سان، ڦوڙيا وَڃن فَرمان، |
| أَمرًا مِن عِندِنا إِنّا كُنّا مُرسِلينَ (آيت : 5) |
|
اَسين موڪليندڙ مورِهين، مُرسل مِهربان، |
| رَحمَةً مِن رَبِّكَ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 6) |
|
تُنهنجي ربَّ جي رحمت سان، عالم تي اِحسان، سُڻندڙ سو سُبحان، سَمجھندڙ سڀ ڳالھ کي. |
| رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم موقِنينَ (آيت : 7) |
|
آگو اُڀ زَمِين جو، پڻ جيڪا مَنجھن جوڙ، آھِ توهان کي توڙ، جي يَڪدل يَقِين آڻڻون. |
| لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ رَبُّكُم وَرَبُّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 8) |
|
سائـِين ناهي اُن سوا، جِياري، ماري سو، آگو اوهان جو، پڻ اَنهنجن اڳيَن اَبن جو. |
| بَل هُم فى شَكٍّ يَلعَبونَ (آيت : 9) |
|
بَلڪ ڪَن پِيا بَازِيون، وَهمن ۾ وَهلور، |
| فَارتَقِب يَومَ تَأتِى السَّماءُ بِدُخانٍ مُبينٍ (آيت : 10) |
|
پوءِ ويٺو ڏِس تِنهن وار کي، جڏهن ظاهِر مَنجھ ضَرُور، آڻِيندو اُڀ دونهن کي، جو ڍَڪن ماڻهنِ مُور، |
| يَغشَى النّاسَ هٰذا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 11) |
|
سُورن ڀَريو ساڙسو، سانيَمِ! اُهو سُور، |
| رَبَّنَا اكشِف عَنَّا العَذابَ إِنّا مُؤمِنونَ (آيت : 12) |
|
ڪر اسان کان دُور، اَسِين مَڃڻ وارا مُورِهين. |
| أَنّىٰ لَهُمُ الذِّكرىٰ وَقَد جاءَهُم رَسولٌ مُبينٌ (آيت : 13) |
|
ڪِٿان عِبرت اُنهن لئي، آهي اُنهِئَ وار، جَڏهن آيو پَڌرو اُنهن کان،مُرسل مڻيادار، |
| ثُمَّ تَوَلَّوا عَنهُ وَقالوا مُعَلَّمٌ مَجنونٌ (آيت : 14) |
|
پوءِ موڙيؤن مُنهن اُن کان، ۽ ٻوليائون ٻيهار، لڳت کان لاچار، آهي اَوس اُستاد اِي. |
| إِنّا كاشِفُوا العَذابِ قَليلًا إِنَّكُم عائِدونَ (آيت : 15) |
|
ڪُجھ وَقت ڪندڙ آهيون، درد اوهان جو دُور، اوهين آهيو اُن ڏِينهن ۾، موٽڻ وارا مُور، |
| يَومَ نَبطِشُ البَطشَةَ الكُبرىٰ إِنّا مُنتَقِمونَ (آيت : 16) |
|
پڪ پڪڙينداسون اُنهن کي، جنهين ڏينهن ضرور، بُڇڙن کان ڀَرپُور، اَسِين وير واريندڙ آهيون. |
| وَلَقَد فَتَنّا قَبلَهُم قَومَ فِرعَونَ وَجاءَهُم رَسولٌ كَريمٌ (آيت : 17) |
|
۽ فِرعون جي فِرق کي، آزمايو سون اڳوار، ۽ جڏهن آيو اُنهن کي، مُرسل مڻيادار، |
| أَن أَدّوا إِلَىَّ عِبادَ اللَّهِ إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 18) |
|
ته سُپارِيو سائـِين جا، ٻانها مُون ٻِيهار، آءٌ اوهان هارِ، رَسُول اَمِين آهيان. |
| وَأَن لا تَعلوا عَلَى اللَّهِ إِنّى ءاتيكُم بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 19) |
|
۽ مٿي نه چَڙهيو مُورهِين، صاحِب، کان ستار، آڻِيندَسِ اَوهان لئي، ڪا نِيشاني نِروار، |
| وَإِنّى عُذتُ بِرَبّى وَرَبِّكُم أَن تَرجُمونِ (آيت : 20) |
|
مُون ۽ اَنهنجي مالڪ جو، تَڪيو جھليمِ تڪرار، هِن کان ته مون کي، مُفت ڪريو سنگدل سَنگسار، |
| وَإِن لَم تُؤمِنوا لى فَاعتَزِلونِ (آيت : 21) |
|
نه آڻيو اعتبار، ته به مون کان گوشي گُذاريو. |
| فَدَعا رَبَّهُ أَنَّ هٰؤُلاءِ قَومٌ مُجرِمونَ (آيت : 22) |
|
پوءِ سَڏيائـِين سائينءَ کي، هِئَ قوم بِنَہ بَدڪار، |
| فَأَسرِ بِعِبادى لَيلًا إِنَّكُم مُتَّبَعونَ (آيت : 23) |
|
پوءِ ڪاھِ ڪارِئَ رات ۾ مُنهنجن ٻانهن سان ٻَهار، پُٺيان اَنهنجي پَوڻا، تڪرارِي تڪرار، |
| وَاترُكِ البَحرَ رَهوًا إِنَّهُم جُندٌ مُغرَقونَ (آيت : 24) |
|
ڇَڏ سُڪٖي ئـِي ڇاڙھ کي، ٿِي مَنجھان ٻار ٻَهار، هِئَ سارِي فوج فُجار، لهوارِي لهرِيَنِ ۾. |
| كَم تَرَكوا مِن جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 25) |
|
بيشڪ ڇَڏيائون، باغ ڪَئـِين، ۽ تَڙ تَرايون تار، |
| وَزُروعٍ وَمَقامٍ كَريمٍ (آيت : 26) |
|
۽ پوکون، وَلهار ڪَئـِين، ۽ ماڙيون مَڻيادار، |
| وَنَعمَةٍ كانوا فيها فٰكِهينَ (آيت : 27) |
|
۽ قِسمِين قِسمِين نِعمتون، جَن ۾ سَرها سَڀ ڄمار، |
| كَذٰلِكَ وَأَورَثنٰها قَومًا ءاخَرينَ (آيت : 28) |
|
اِنپر ڪَئـِي سون اُن تي، ٻِي قوم قبضيدار، |
| فَما بَكَت عَلَيهِمُ السَّماءُ وَالأَرضُ وَما كانوا مُنظَرينَ (آيت : 29) |
|
پوءِ اُڀ نه رُنو اُنهن، نَه زمين زاروزار، ۽ هِت نه هئا هِڪوار، مُهلت وارا مُورهِين. |
| وَلَقَد نَجَّينا بَنى إِسرٰءيلَ مِنَ العَذابِ المُهينِ (آيت : 30) |
|
۽ اَسان ڪيو آزاد، جُٺ جھڙي جَنجال کان، |
| مِن فِرعَونَ إِنَّهُ كانَ عالِيًا مِنَ المُسرِفينَ (آيت : 31) |
|
پڻ فَسادِي فِرعون کان، اِسرائـِيل جو اَولاد، بيشڪ سو بيداد، هو اَصِلي اَڻهوندن مان. |
| وَلَقَدِ اختَرنٰهُم عَلىٰ عِلمٍ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 32) |
|
۽ عالَمن ۾، عِلم مَٿي، ڪيوسونِ ڀَلو بَحال، |
| وَءاتَينٰهُم مِنَ الءايٰتِ ما فيهِ بَلٰؤٌا۟ مُبينٌ (آيت : 33) |
|
۽ عَطا ڪيونسون اُنهن کي، اُهي نِشانيون نِهال، جَن ۾ اُنهن نال، هُئو آزمودو پَڌرو. |
| إِنَّ هٰؤُلاءِ لَيَقولونَ (آيت : 34) |
|
هي چَون ته |
| إِن هِىَ إِلّا مَوتَتُنَا الأولىٰ وَما نَحنُ بِمُنشَرينَ (آيت : 35) |
|
مَرڻ نه اَسان جو، مگر پهرئـِين پُور، ۽ اَسِين اُٿڻا نه آهيون، موئي پُڄاڻا مُور، |
| فَأتوا بِـٔابائِنا إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 36) |
|
جي آهيو سَچا ضرور، پوءِ اَبا اَسان جا آڻِيو. |
| أَهُم خَيرٌ أَم قَومُ تُبَّعٍ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم أَهلَكنٰهُم إِنَّهُم كانوا مُجرِمينَ (آيت : 37) |
|
هي ڀَلا، ڪِ قوم تُبَّع جي، ۽ تِنيان اڳ تڪرار؟ ماري ڇڏياسون مُورهين، جَن جو پَتو، نَه پار، بيشڪ سي بَدڪار، هُئا هَلندڙ ٻاهِر حُڪم کان. |
| وَما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما لٰعِبينَ (آيت : 38) |
|
۽ اَسان نه اُڀ، ڀُون جوڙيا، ٿِي بازِيگر بيڪار، ۽ جيڪي جوڙون اُنهن ۾، ۽ جوڙيا سون جِنسار، |
| ما خَلَقنٰهُما إِلّا بِالحَقِّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 39) |
|
مگر ڪِنهن مَقصدسان، قائـِم برقرار، پر گھڻا مَنجھانِ گينوار، مَقصد نه ڄاڻن مُورهين. |
| إِنَّ يَومَ الفَصلِ ميقٰتُهُم أَجمَعينَ (آيت : 40) |
|
موقع مِڙن جو مُورهِين، آهي ڏِينهن آچار، |
| يَومَ لا يُغنى مَولًى عَن مَولًى شَيـًٔا وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 41) |
|
جڏهن دوست هِڪ ٻئي دوست جو، نه لاهي ڪو لاچار، ۽ نه وَسِيلو وَهار، وَرندنِ، ڪو تِنهن وار ۾. |
| إِلّا مَن رَحِمَ اللَّهُ إِنَّهُ هُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 42) |
|
مگر جنهن سان مِهر ڪئـِي، اَللهُ جَلَّ شان، سٻر سو سُلطان، مِڙيان مِهربان گھڻو. |
| إِنَّ شَجَرَتَ الزَّقّومِ (آيت : 43) |
|
ٿُوهر |
| طَعامُ الأَثيمِ (آيت : 44) |
|
ڏُٿ ڏُهاريِين، |
| كَالمُهلِ يَغلى فِى البُطونِ (آيت : 45) |
|
پيٽن ۾ جنهن پَر، ٽامون رَهي ٽَهڪندو، |
| كَغَلىِ الحَميمِ (آيت : 46) |
|
ڪوسو ڪَڙهي ڪَر، |
| خُذوهُ فَاعتِلوهُ إِلىٰ سَواءِ الجَحيمِ (آيت : 47) |
|
جَھليوسِ پوءِ گِھليوسِ، وِچکان، ڄيري ڄَر، |
| ثُمَّ صُبّوا فَوقَ رَأسِهِ مِن عَذابِ الحَميمِ (آيت : 48) |
|
پوءِ پَلٽايو پاڻي باھِ جو، مَٿان سَندسِ سِر، |
| ذُق إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الكَريمُ (آيت : 49) |
|
تون وَڏيرو وَڏ ڌَڻِي، مَزو مان مَر، |
| إِنَّ هٰذا ما كُنتُم بِهِ تَمتَرونَ (آيت : 50) |
|
جِنهن ۾ وَهم ڳَنڍيان ويتر، سو هاوِي حاضِر آھِ هِي. |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى مَقامٍ أَمينٍ (آيت : 51) |
|
ساڪِن سُکي هَنڌ ۾، پُورا پَرهيزگار، |
| فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 52) |
|
باغن مَنجھ بهشت جي، ۽ چشمن ۾ چوڌار، |
| يَلبَسونَ مِن سُندُسٍ وَإِستَبرَقٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 53) |
|
پَهرِين پَٽ سَنهون، ٿُلهو، سامهان سِيڻ سَنگھار، |
| كَذٰلِكَ وَزَوَّجنٰهُم بِحورٍ عينٍ (آيت : 54) |
|
۽ اِنپرء پَرڻايوسون اُنهن کي، نارِيون نيڪ نِبار، |
| يَدعونَ فيها بِكُلِّ فٰكِهَةٍ ءامِنينَ (آيت : 55) |
|
مَنجھسِ هَر ميوات لئي، ڪوٺِين بَرقرار، |
| لا يَذوقونَ فيهَا المَوتَ إِلَّا المَوتَةَ الأولىٰ وَوَقىٰهُم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 56) |
|
نه چَکنِ مَنجھسِ موت ڪو، موت مَهندئـِين ڌار، ۽ بَچائـٖين بَند باھِ کان، ڪَرم سان ڪَلتار، |
| فَضلًا مِن رَبِّكَ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 57) |
|
ڏاج ڪَنان ڏاتار، سَڀِنيان وَڏِي سوڀ اِي. |
| فَإِنَّما يَسَّرنٰهُ بِلِسانِكَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 58) |
|
آسان ڪيوسون اُن کي، تُنهنجِي ٻُولِي مَنجھ ٻِيهار، ته مانِ پرائـِين پاڻ ڪِي، پَڙِهي هِئَ پَچار، |
| فَارتَقِب إِنَّهُم مُرتَقِبونَ (آيت : 59) |
|
ويٺو ڏِس ڪا وار، هِي بِه ڏِسن ڪو ڏِينهِڙو. |