| حم (آيت : 1) |
|
حم. |
| وَالكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
|
ظاهر ڪتاب (قرآن) جو قسم آهي. |
| إِنّا أَنزَلنٰهُ فى لَيلَةٍ مُبٰرَكَةٍ إِنّا كُنّا مُنذِرينَ (آيت : 3) |
|
بيشڪ اسان ان کي برڪت واريءَ رات ۾ نازل ڪيو بيشڪ اسين ڊيڄاريندا رهيا آهيون. |
| فيها يُفرَقُ كُلُّ أَمرٍ حَكيمٍ (آيت : 4) |
|
ان (رات) ۾ سڀڪو حڪمت وارو ڪم فيصل ڪيو وڃي ٿو، |
| أَمرًا مِن عِندِنا إِنّا كُنّا مُرسِلينَ (آيت : 5) |
|
خاص اسان جي حڪم سان. بيشڪ اسين موڪليندا رهيا آهيون، |
| رَحمَةً مِن رَبِّكَ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 6) |
|
ان رحمت جي ڪري جيڪا تنهنجي پاليندڙ جي طرفان (ماڻهن تي) آهي. بيشڪ اهوئي ٻڌندڙ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي |
| رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم موقِنينَ (آيت : 7) |
|
جو آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن جو پاليندڙ آهي جيڪڏهن اوهين يقين ڪندڙ آهيو. |
| لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ رَبُّكُم وَرَبُّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 8) |
|
ان کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آهي جو جياري ۽ ماري ٿو. (اهوئي) اوهان جو پاليندڙ ۽ اوهان جي اڳين ابن ڏاڏن جو پاليندڙ آهي، |
| بَل هُم فى شَكٍّ يَلعَبونَ (آيت : 9) |
|
پر اهي شڪ ۾ آهن رانديون ڪن ٿا. |
| فَارتَقِب يَومَ تَأتِى السَّماءُ بِدُخانٍ مُبينٍ (آيت : 10) |
|
پوءِ (اي پيغمبر !) تون ان ڏينهن جو انتظار ڪر جنهن ڏينهن آسمان ظاهر دونهون ڪڍندو، |
| يَغشَى النّاسَ هٰذا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 11) |
|
جو ماڻهن کي ويڙهي ويندو. هي دردناڪ عذاب آهي. |
| رَبَّنَا اكشِف عَنَّا العَذابَ إِنّا مُؤمِنونَ (آيت : 12) |
|
(چوندا ته) اي اسان جا پاليندڙ! اسان کان عذاب دفع ڪر، بيشڪ اسين يقين ڪندڙ آهيون. |
| أَنّىٰ لَهُمُ الذِّكرىٰ وَقَد جاءَهُم رَسولٌ مُبينٌ (آيت : 13) |
|
ڪٿان انهن کي نصيحت ٿيندي هوڏانهن وٽن ظاهر رسول آيو وري ان کان منهن موڙيائون |
| ثُمَّ تَوَلَّوا عَنهُ وَقالوا مُعَلَّمٌ مَجنونٌ (آيت : 14) |
|
۽ چيائون ته (هي ڪنهنجو) سيکاريل (۽) چريو آهي. |
| إِنّا كاشِفُوا العَذابِ قَليلًا إِنَّكُم عائِدونَ (آيت : 15) |
|
بيشڪ اسين ٿورو وقت عذاب ٽارڻ وارا آهيون. اوهين (وري ڪفر جي حالت ڏي) موٽڻ وارا آهيو. |
| يَومَ نَبطِشُ البَطشَةَ الكُبرىٰ إِنّا مُنتَقِمونَ (آيت : 16) |
|
جنهن ڏينهن وڏي پڪڙ ڪنداسون تنهن ڏينهن بيشڪ اسين بدلو وٺڻ وارا آهيون. |
| وَلَقَد فَتَنّا قَبلَهُم قَومَ فِرعَونَ وَجاءَهُم رَسولٌ كَريمٌ (آيت : 17) |
|
۽ بيشڪ اسان انهن کان اڳ فرعون جي قوم کي آزمايو ۽ وٽن عزت وارو رسول (موسيٰ) آيو |
| أَن أَدّوا إِلَىَّ عِبادَ اللَّهِ إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 18) |
|
(۽ ان اچي چيو) ته الله جي ٻانهن کي منهنجي حوالي ڪريو، بيشڪ آءُ اوهان وٽ امانت وارو پيغمبر (آيو) آهيان |
| وَأَن لا تَعلوا عَلَى اللَّهِ إِنّى ءاتيكُم بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 19) |
|
۽ (هيئن به چيائين ته) الله سان سرڪشي نه ڪريو. بيشڪ آءُ اوهان جي اڳيان (پنهنجي پيغمبر هجڻ جي) ظاهر ثابتي پيش ڪريان ٿو. |
| وَإِنّى عُذتُ بِرَبّى وَرَبِّكُم أَن تَرجُمونِ (آيت : 20) |
|
۽ بيشڪ مون پنهنجي پاليندڙ ۽ اوهان جي پاليندڙ جي پناهه ورتي آهي هن ڳالهه کان ته متان مون کي پٿر هڻي ماريو. |
| وَإِن لَم تُؤمِنوا لى فَاعتَزِلونِ (آيت : 21) |
|
۽ جيڪڏهن اوهين منهنجو چيو نه ٿا مڃيو ته پوءِ مون کان پاسو ڪريو. |
| فَدَعا رَبَّهُ أَنَّ هٰؤُلاءِ قَومٌ مُجرِمونَ (آيت : 22) |
|
پوءِ پنهنجي پاليندڙ کي سڏيائين ته هي ڏوهاري قوم آهن. |
| فَأَسرِ بِعِبادى لَيلًا إِنَّكُم مُتَّبَعونَ (آيت : 23) |
|
پوءِ (حڪم ڪيوسون ته) منهنجن ٻانهن کي راتو رات وٺ نڪر بيشڪ فرعوني اوهان جي پٺيان پوندا. |
| وَاترُكِ البَحرَ رَهوًا إِنَّهُم جُندٌ مُغرَقونَ (آيت : 24) |
|
۽ تون سمنڊ کي بيٺل ڇڏي ڏي، بيشڪ اهي ٻڏڻ وارو لشڪر آهن. |
| كَم تَرَكوا مِن جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 25) |
|
ڪيترا باغ ۽ چشما، |
| وَزُروعٍ وَمَقامٍ كَريمٍ (آيت : 26) |
|
۽ پوکون ۽ سٺيون جايون ڇڏيائون، |
| وَنَعمَةٍ كانوا فيها فٰكِهينَ (آيت : 27) |
|
۽ آرام (به ڇڏيائون) جنهن ۾ اهي موجون ماڻيندا هئا. |
| كَذٰلِكَ وَأَورَثنٰها قَومًا ءاخَرينَ (آيت : 28) |
|
اهڙي طرح ٿيو. ۽ انهن شين جو ٻيءَ قوم کي وارث ڪيوسون. |
| فَما بَكَت عَلَيهِمُ السَّماءُ وَالأَرضُ وَما كانوا مُنظَرينَ (آيت : 29) |
|
پوءِ انهن تي آسمان ۽ زمين نه رنا ۽ نه کين مهلت ڏني ويئي. |
| وَلَقَد نَجَّينا بَنى إِسرٰءيلَ مِنَ العَذابِ المُهينِ (آيت : 30) |
|
۽ بيشڪ اسان بني اسرائيلن کي خوار ڪندڙ عذاب کان بچايو، |
| مِن فِرعَونَ إِنَّهُ كانَ عالِيًا مِنَ المُسرِفينَ (آيت : 31) |
|
جو فرعون جي طرفان هو. بيشڪ اهو سرڪش حد کان لنگهندڙن مان هو. |
| وَلَقَدِ اختَرنٰهُم عَلىٰ عِلمٍ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 32) |
|
۽ بيشڪ اسان کين ڄاڻي ٻجهي سڀني قومن کان پسند ڪيو. |
| وَءاتَينٰهُم مِنَ الءايٰتِ ما فيهِ بَلٰؤٌا۟ مُبينٌ (آيت : 33) |
|
۽ کين اهي نشانيون ڏنيون سون جن ۾ (سندن) ظاهر مدد هئي. |
| إِنَّ هٰؤُلاءِ لَيَقولونَ (آيت : 34) |
|
بيشڪ اهي (مڪي جا ڪافر) چون ٿا |
| إِن هِىَ إِلّا مَوتَتُنَا الأولىٰ وَما نَحنُ بِمُنشَرينَ (آيت : 35) |
|
ته اهو رڳو اسان جو پهريون ئي موت آهي ۽ اسان کي (ٻيهر) جياريو نه ويندو. |
| فَأتوا بِـٔابائِنا إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 36) |
|
پوءِ جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته اسان جي ابن ڏاڏن کي (جياري) آڻيو. |
| أَهُم خَيرٌ أَم قَومُ تُبَّعٍ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم أَهلَكنٰهُم إِنَّهُم كانوا مُجرِمينَ (آيت : 37) |
|
ڇا اهي چڱا آهن يا تُبعّ جي قوم ۽ جيڪي انهن کان اڳ هئا؟ اسان انهن کي برباد ڪيو. بيشڪ اهي ڏوهاري هئا. |
| وَما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما لٰعِبينَ (آيت : 38) |
|
۽ اسان آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن کي راند ڪندڙ ٿي نه بنايو آهي. |
| ما خَلَقنٰهُما إِلّا بِالحَقِّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 39) |
|
اسان انهن ٻنهين کي پوريءَ تدبير سان ئي پيدا ڪيو آهي پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. |
| إِنَّ يَومَ الفَصلِ ميقٰتُهُم أَجمَعينَ (آيت : 40) |
|
بيشڪ فيصلي جو ڏينهن انهن سڀني لاءِ هڪ مقرر وقت آهي، |
| يَومَ لا يُغنى مَولًى عَن مَولًى شَيـًٔا وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 41) |
|
جنهن ڏينهن ڪو به دوست ڪنهن به دوست کي ڪجهه به ڪم نه ايندو ۽ نه انهن جي مدد ڪئي ويندي، |
| إِلّا مَن رَحِمَ اللَّهُ إِنَّهُ هُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 42) |
|
مگر جنهن تي الله رحم ڪيو. بيشڪ اهو ئي زبردست (۽) نهايت رحم وارو آهي. |
| إِنَّ شَجَرَتَ الزَّقّومِ (آيت : 43) |
|
بيشڪ ٿوهر جو وڻ، |
| طَعامُ الأَثيمِ (آيت : 44) |
|
گنهگار جوکاڌو آهي، |
| كَالمُهلِ يَغلى فِى البُطونِ (آيت : 45) |
|
جو پگهريل ٽامي جهڙو پيٽن ۾ |
| كَغَلىِ الحَميمِ (آيت : 46) |
|
گرم پاڻيءَ جي ٽهڪڻ وانگر، |
| خُذوهُ فَاعتِلوهُ إِلىٰ سَواءِ الجَحيمِ (آيت : 47) |
|
پيو ٽهڪندو. (ملائڪن کي چونداسون ته) ان کي پڪڙيو پوءِ دوزخ جي وچ تائين گهليوس، |
| ثُمَّ صُبّوا فَوقَ رَأسِهِ مِن عَذابِ الحَميمِ (آيت : 48) |
|
وري ان جي مٿي تي گرم پاڻي هاريو جو اهو عذاب اٿس |
| ذُق إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الكَريمُ (آيت : 49) |
|
(چئبس ته ان سزا جو مزو) چک! (ڇو ته) تون ئي (پنهنجي خيال ۾ ) وڏي عزت وارو سردار آهين. |
| إِنَّ هٰذا ما كُنتُم بِهِ تَمتَرونَ (آيت : 50) |
|
بيشڪ هيءَ اهو (عذاب) آهي جنهن ۾ اوهين شڪ ڪندا هو. |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى مَقامٍ أَمينٍ (آيت : 51) |
|
بيشڪ پرهيزگار امن واري گهر ۾ هوندا، |
| فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 52) |
|
باغن ۽ چشمن ۾ ، |
| يَلبَسونَ مِن سُندُسٍ وَإِستَبرَقٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 53) |
|
سنهي ريشم ۽ ٿلهي ريشم جي پوشاڪ هڪ ٻئي جي سامهون ٿي ڍڪيندا. |
| كَذٰلِكَ وَزَوَّجنٰهُم بِحورٍ عينٍ (آيت : 54) |
|
اهڙيءَ طرح ئي ٿيندو. ۽ کين وڏين ڪارين اکين وارين سهڻين زالن سان پرڻائينداسون. |
| يَدعونَ فيها بِكُلِّ فٰكِهَةٍ ءامِنينَ (آيت : 55) |
|
اتي بي ڊپا ٿي سڀ قسم جا ميوا گهرائيندا. |
| لا يَذوقونَ فيهَا المَوتَ إِلَّا المَوتَةَ الأولىٰ وَوَقىٰهُم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 56) |
|
اتي پهرئين (دنيا جي) موت کانسواءِ ٻئي موت (جو مزو) نه چکندا ۽ (الله) کين دوزخ جي عذاب کان بچايو. |
| فَضلًا مِن رَبِّكَ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 57) |
|
(اي پيغمبر) اهو تنهنجي پاليندڙ جو فضل آهي. اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. |
| فَإِنَّما يَسَّرنٰهُ بِلِسانِكَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 58) |
|
سو (اي پيغمبر !) ان (قرآن) کي اسان تنهنجي ٻوليءَ ۾ ئي آسان ڪيو آهي ته مَنَ اهي ڌيان ڪن. |
| فَارتَقِب إِنَّهُم مُرتَقِبونَ (آيت : 59) |
|
پوءِ تون انتظار ڪر اهي به انتظار ڪندڙ آهن. |