القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 3 سُوۡرَۃُ الدُّخَانِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 59


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

حم (آيت : 1)

حا ميم (هي حروف مقطعات آهن هن جو اصلي مفهوم ۽ مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا) ..

وَالكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2)

قسم آهي هن پڌري ڪتاب جو ..

إِنّا أَنزَلنٰهُ فى لَيلَةٍ مُبٰرَكَةٍ إِنّا كُنّا مُنذِرينَ (آيت : 3)

بيشڪ اسان ان کي هڪ برڪتن واري رات ۾ لاٿو، بيشڪ اسان ڊيڄارڻ وارا آهيون.

فيها يُفرَقُ كُلُّ أَمرٍ حَكيمٍ (آيت : 4)

ان (رات) ۾ هر حڪمت واري ڪم جو فيصلو ڪيو ويندو آهي.

أَمرًا مِن عِندِنا إِنّا كُنّا مُرسِلينَ (آيت : 5)

هر حڪم اسان وٽان آهي. بيشڪ اسان ئي موڪلڻ وارا آهيون.

رَحمَةً مِن رَبِّكَ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 6)

(اِها) تنهنجي پالڻهار پاران رحمت آهي. بيشڪ اُهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.

رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم موقِنينَ (آيت : 7)

(اهو) پالڻهار آهي آسمانن ۽ زمين جو ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تني جو. جيڪڏهن توهان يقين ڪندڙ آهيو.

لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ رَبُّكُم وَرَبُّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 8)

ان کان سواءِ ڪو معبود نه آهي اُهو جياري ۽ ماري ٿو. اُهو توهان جو پالڻهار آهي ۽ اوهان جي اڳين ابن ڏاڏن جو پالڻهار آهي.

بَل هُم فى شَكٍّ يَلعَبونَ (آيت : 9)

پر اُهي پنهنجي شڪ ۾ پيا رانديون ڪن ٿا.

فَارتَقِب يَومَ تَأتِى السَّماءُ بِدُخانٍ مُبينٍ (آيت : 10)

پوءِ تون ان ڏينهن جو انتظار ڪر جنهن ڏينهن آسمان ظاهر دونهون آڻيندو.

يَغشَى النّاسَ هٰذا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 11)

جيڪو ماڻهن تي ڇانئجي ويندو. هي دردناڪ عذاب هوندو.

رَبَّنَا اكشِف عَنَّا العَذابَ إِنّا مُؤمِنونَ (آيت : 12)

(چوندا ته) ”اي اسان جا پالڻهار! اسان کان عذاب هٽاءِ بيشڪ اسان ايمان آڻيون ٿا“.

أَنّىٰ لَهُمُ الذِّكرىٰ وَقَد جاءَهُم رَسولٌ مُبينٌ (آيت : 13)

انهن کي نصيحت ڪٿان ٿيندي؟حالانڪه انهن وٽ چِٽو بيان ڪندڙ رسول اچي چڪو آهي.

ثُمَّ تَوَلَّوا عَنهُ وَقالوا مُعَلَّمٌ مَجنونٌ (آيت : 14)

پوءِ ان کان مُنهن موڙيائون ۽ چيائون ته سيکاريل مجنون آهي.

إِنّا كاشِفُوا العَذابِ قَليلًا إِنَّكُم عائِدونَ (آيت : 15)

بيشڪ اسان ٿوري دير عذاب هٽائڻ وارا آهيون توهان (وري ڪفر ڏي) موٽڻ وارا آهيو.

يَومَ نَبطِشُ البَطشَةَ الكُبرىٰ إِنّا مُنتَقِمونَ (آيت : 16)

جنهن ڏينهن اسان سخت وڏي پڪڙ ڪنداسين، بيشڪ اسان بدلو وٺڻ وارا آهيون.

وَلَقَد فَتَنّا قَبلَهُم قَومَ فِرعَونَ وَجاءَهُم رَسولٌ كَريمٌ (آيت : 17)

۽ بيشڪ اسان انهن کان اڳ فرعون جي قوم کي آزمايو ۽انهن وٽ عزت وارو رسول (موسى) آيو.

أَن أَدّوا إِلَىَّ عِبادَ اللَّهِ إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 18)

(چيائين) ته ”الله جي ٻانهن (يعني بني اسرائيل) کي منهنجي حوالي ڪر. بيشڪ آءٌ اوهان لاءِ امانتدار رسول آهيان.

وَأَن لا تَعلوا عَلَى اللَّهِ إِنّى ءاتيكُم بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 19)

۽ هي ته الله جي مقابلي ۾ سرڪشي نه ڪيو، بيشڪ آءٌ توهان وٽ روشن دليل کڻي آيو آهيان.

وَإِنّى عُذتُ بِرَبّى وَرَبِّكُم أَن تَرجُمونِ (آيت : 20)

۽ بيشڪ مون پنهنجي پالڻهار ۽ توهان جي پالڻهار جي پناهه ورتي آهي، ان کان جو توهان مون تي حمله آور ٿيو.

وَإِن لَم تُؤمِنوا لى فَاعتَزِلونِ (آيت : 21)

۽ جيڪڏهن توهان مون تي ايمان نه ٿا آڻيو ته پوءِ مون کان الڳ ٿي رهو“.

فَدَعا رَبَّهُ أَنَّ هٰؤُلاءِ قَومٌ مُجرِمونَ (آيت : 22)

پوءِ پنهنجي پالڻهار کي سڏيائين ته بيشڪ هي ڏوهاري قوم آهن.

فَأَسرِ بِعِبادى لَيلًا إِنَّكُم مُتَّبَعونَ (آيت : 23)

(چيوسين)”پوءِ منهنجي ٻانهن کي راتو رات وٺي نڪر بيشڪ توهان جو پيڇو ڪيو ويندو.

وَاترُكِ البَحرَ رَهوًا إِنَّهُم جُندٌ مُغرَقونَ (آيت : 24)

۽ (پاڻ لنگهي وڃڻ بعد) درياء کي ان جي حال تي کليل ڇڏي ڏي، بيشڪ اهو سارو لشڪر ٻڏڻ وارو آهي“.

كَم تَرَكوا مِن جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 25)

اُهي ڪيترائي باغ ۽ چشما ڇڏي ويا.

وَزُروعٍ وَمَقامٍ كَريمٍ (آيت : 26)

۽ پوکون ۽ سٺيون جايون.

وَنَعمَةٍ كانوا فيها فٰكِهينَ (آيت : 27)

۽ آسائشون (به ڇڏيائون) جن ۾ اُهي عيش ڪندا هئا.

كَذٰلِكَ وَأَورَثنٰها قَومًا ءاخَرينَ (آيت : 28)

انجام اهڙي طرح ٿيو. ۽ اسان انهن شين جو ٻي قوم کي وارث بنايو.

فَما بَكَت عَلَيهِمُ السَّماءُ وَالأَرضُ وَما كانوا مُنظَرينَ (آيت : 29)

پوءِ نه انهن تي آسمان رنو ۽ نه زمين ۽ نه انهن کي مهلت ڏني وئي.

وَلَقَد نَجَّينا بَنى إِسرٰءيلَ مِنَ العَذابِ المُهينِ (آيت : 30)

۽ بيشڪ اسان بني اسرائيل کي ذلت آميز عذاب کان نجات بخشي.

مِن فِرعَونَ إِنَّهُ كانَ عالِيًا مِنَ المُسرِفينَ (آيت : 31)

فرعون کان. بيشڪ اهو وڏو هٺيلو حد کان لنگهندڙن مان هيو.

وَلَقَدِ اختَرنٰهُم عَلىٰ عِلمٍ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 32)

۽ بيشڪ اسان انهن (بني اسرائيل) جي حالت کي ڄاڻندي به کين دنيا جي قومن تي ترجيح ڏني.

وَءاتَينٰهُم مِنَ الءايٰتِ ما فيهِ بَلٰؤٌا۟ مُبينٌ (آيت : 33)

۽ اسان انهن کي اُهي نشانيون ڏنيون جن ۾ ظاهر آزمائش هئي.

إِنَّ هٰؤُلاءِ لَيَقولونَ (آيت : 34)

بيشڪ اهي (مڪي جا ڪافر) چون ٿا.

إِن هِىَ إِلّا مَوتَتُنَا الأولىٰ وَما نَحنُ بِمُنشَرينَ (آيت : 35)

”ته اسان جي پهرئين موت کان سواءِ (اڳتي) ڪجهه ناهي ۽ اسان کي (ٻيهر) نه اٿاريو ويندو.

فَأتوا بِـٔابائِنا إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 36)

پوءِ اسان جي ابن ڏاڏن کي (جِياري) آڻيو جيڪڏهن اوهان سچا آهيو“!

أَهُم خَيرٌ أَم قَومُ تُبَّعٍ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم أَهلَكنٰهُم إِنَّهُم كانوا مُجرِمينَ (آيت : 37)

ڇا اهي بهتر آهن يا تُبع جي قوم وارا ۽ جيڪي انهن کان اڳ هئا. اسان انهن کي هلاڪ ڪيو، بيشڪ اُهي ڏوهاري هئا.

وَما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما لٰعِبينَ (آيت : 38)

۽ اسان آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي تن کي راند جي طور تي نه خلقيو آهي.

ما خَلَقنٰهُما إِلّا بِالحَقِّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 39)

اسان انهن ٻنهين کي بر حق پيدا ڪيو آهي، پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.

إِنَّ يَومَ الفَصلِ ميقٰتُهُم أَجمَعينَ (آيت : 40)

بيشڪ فيصلي جو ڏينهن انهن سڀني لاءِ هڪ مقرر وقت آهي.

يَومَ لا يُغنى مَولًى عَن مَولًى شَيـًٔا وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 41)

جنهن ڏينهن ڪوبه عزيز قريب ڪنهن به عزيز قريب جي ڪنهن به ڪم ڪونه ايندو ۽ نه انهن جي مدد ڪئي ويندي.

إِلّا مَن رَحِمَ اللَّهُ إِنَّهُ هُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 42)

سواءِ انهن جي جن تي الله رحم فرمائي. بيشڪ اهو غالب وڏي رحم وارو آهي.

إِنَّ شَجَرَتَ الزَّقّومِ (آيت : 43)

بيشڪ ٿوهر جو وڻ.

طَعامُ الأَثيمِ (آيت : 44)

بدڪارن جو کاڌو آهي ..

كَالمُهلِ يَغلى فِى البُطونِ (آيت : 45)

پگهريل ٽامي جهڙو .. پيٽن ۾ پيو ٽهڪندو.

كَغَلىِ الحَميمِ (آيت : 46)

گرم پاڻي وانگر ٽهڪڻ.

خُذوهُ فَاعتِلوهُ إِلىٰ سَواءِ الجَحيمِ (آيت : 47)

(حڪم ٿيندو) ”ان کي پڪڙيو پوءِ دوزخ جي وچ تائين ان کي زوري گِــــهِـــــلي وڃو.

ثُمَّ صُبّوا فَوقَ رَأسِهِ مِن عَذابِ الحَميمِ (آيت : 48)

پوءِ ان جي مٿي تي ٽهڪندڙ پاڻي عذاب طور هاريو.

ذُق إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الكَريمُ (آيت : 49)

چَکُ! تون (پنهنجي خيال ۾) وڏي عزت وارو نامور آهين.

إِنَّ هٰذا ما كُنتُم بِهِ تَمتَرونَ (آيت : 50)

بيشڪ هي اُهو (عذاب) آهي جنهن ۾ توهان شڪ ڪندا هئا“.

إِنَّ المُتَّقينَ فى مَقامٍ أَمينٍ (آيت : 51)

بيشڪ پرهيزگار امن واري گهر ۾ هوندا.

فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 52)

باغن ۽ چشمن ۾.

يَلبَسونَ مِن سُندُسٍ وَإِستَبرَقٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 53)

سنهي ريشم ۽ ٿلهي ريشم جي پوشاڪ پهريندا، آمهون سامهون ويٺل هوندا.

كَذٰلِكَ وَزَوَّجنٰهُم بِحورٍ عينٍ (آيت : 54)

اهڙي طرح ئي ٿيندو. ۽ اسان انهن کي وڏين اکين وارين سهڻين زالن سان پرڻائينداسين.

يَدعونَ فيها بِكُلِّ فٰكِهَةٍ ءامِنينَ (آيت : 55)

اتي امن وارا ٿي هر قسم جا ميوا گهرائيندا.

لا يَذوقونَ فيهَا المَوتَ إِلَّا المَوتَةَ الأولىٰ وَوَقىٰهُم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 56)

اتي موت جو مزو نه چکندا سواءِ پهرئين (دنيا واري) موت جي، ۽ الله انهن کي دوزخ کان بچائيندو.

فَضلًا مِن رَبِّكَ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 57)

اُهو تنهنجي پالڻهار جو فضل آهي. اها زبردست ڪاميابي آهي.

فَإِنَّما يَسَّرنٰهُ بِلِسانِكَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 58)

پوءِ اسان تنهنجي ئي ٻوليءَ ۾ هن (قرآن) کي آسان ڪيو آهي تان ته اُهي نصيحت حاصل ڪن.

فَارتَقِب إِنَّهُم مُرتَقِبونَ (آيت : 59)

پوءِ تون انتظار ڪر، بيشڪ اُهي به انتظار ڪندڙ آهن.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025