| حم (آيت : 1) |
|
حٰـمۗ |
| وَالكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
|
(مون کي) قرآن مبين جو قسم (آهي) |
| إِنّا أَنزَلنٰهُ فى لَيلَةٍ مُبٰرَكَةٍ إِنّا كُنّا مُنذِرينَ (آيت : 3) |
|
بيشڪ اسان ان کي بابرڪت رات ۾ نازل ڪيو بيشڪ اسان ڊيڄاريندڙ آهيون |
| فيها يُفرَقُ كُلُّ أَمرٍ حَكيمٍ (آيت : 4) |
|
انهيءَ رات ۾ الله تعالى جي طرفان تقديري فيصلا ڪيا وڃن ٿا |
| أَمرًا مِن عِندِنا إِنّا كُنّا مُرسِلينَ (آيت : 5) |
|
(اهي) حڪم اسان جي طرفان آهن. بيشڪ اسين موڪليندڙ آهيون |
| رَحمَةً مِن رَبِّكَ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 6) |
|
(اها) توهان جي رب جي طرفان رحمت آهي، بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي |
| رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم موقِنينَ (آيت : 7) |
|
اهو رب آهي آسمانن ۽ زمينن جو ۽ جيڪو انهن ٻنهيءَ جي وچ ۾ آهي. جيڪڏهن توهان يقين ڪندڙ آهيو |
| لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ رَبُّكُم وَرَبُّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 8) |
|
ناهي ڪو معبود مگر اهو، جياري ۽ ماري ٿو (اهو) توهان جو رب ۽ توهان جي پَهرِين وڏن جو رب آهي |
| بَل هُم فى شَكٍّ يَلعَبونَ (آيت : 9) |
|
بلڪ اهي شڪ ۾ راند ڪن ٿا |
| فَارتَقِب يَومَ تَأتِى السَّماءُ بِدُخانٍ مُبينٍ (آيت : 10) |
|
پوءِ رسولِ عربي توهان انتطار ڪريو ان ڏينهن آسمان صاف دونهون آڻيندو |
| يَغشَى النّاسَ هٰذا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 11) |
|
(جيڪو) ماڻهن کي ڍڪيندو، هي دردناڪ عذاب آهي |
| رَبَّنَا اكشِف عَنَّا العَذابَ إِنّا مُؤمِنونَ (آيت : 12) |
|
اي اسان جا رب تون اسان تان عذاب لاهه، بيشڪ اسان ايمان آڻيندڙ آهيون |
| أَنّىٰ لَهُمُ الذِّكرىٰ وَقَد جاءَهُم رَسولٌ مُبينٌ (آيت : 13) |
|
انهن کي ڪٿان نصيحت ملندي حالانڪ تحقيق انهن وٽ رسولِ عربي تشريف فرما ٿيا |
| ثُمَّ تَوَلَّوا عَنهُ وَقالوا مُعَلَّمٌ مَجنونٌ (آيت : 14) |
|
ان کان پوءِ ان کان منهن موڙيائون ۽ چيائون سيکاريل مجنون آهي |
| إِنّا كاشِفُوا العَذابِ قَليلًا إِنَّكُم عائِدونَ (آيت : 15) |
|
بيشڪ اسان ٿورو عذاب لاهيندڙ آهيون بيشڪ توهان موٽندڙ آهيو |
| يَومَ نَبطِشُ البَطشَةَ الكُبرىٰ إِنّا مُنتَقِمونَ (آيت : 16) |
|
ان ڏينهن اسان وڏي وٺ پڪڙ ڪنداسين، بيشڪ اسان انتقام وٺندڙ آهيون |
| وَلَقَد فَتَنّا قَبلَهُم قَومَ فِرعَونَ وَجاءَهُم رَسولٌ كَريمٌ (آيت : 17) |
|
۽ بيشڪ تحقيق اسان انهن کان اڳ فرعون جي قوم کي آزمايو ۽ انهن وٽ قابلِ احترام پيغمبر (موسيٰ) آيو |
| أَن أَدّوا إِلَىَّ عِبادَ اللَّهِ إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 18) |
|
(ان چيو) توهان الله جا ٻانها منهنجي حوالي ڪريو، بيشڪ آئون توهان لاءِ رسولِ امين آهيان |
| وَأَن لا تَعلوا عَلَى اللَّهِ إِنّى ءاتيكُم بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 19) |
|
۽ توهان الله تعالى جي اڳيان وڏائي نه ڪريو، بيشڪ آئون توهان وٽ صاف دليل آڻيندس |
| وَإِنّى عُذتُ بِرَبّى وَرَبِّكُم أَن تَرجُمونِ (آيت : 20) |
|
۽ بيشڪ مون پنهنجي رب کان ۽ توهان جي رب کان توهان جي سنگسار ٿيڻ کان پناه گھُري |
| وَإِن لَم تُؤمِنوا لى فَاعتَزِلونِ (آيت : 21) |
|
۽ جيڪڏهن توهان مون تي ايمان نه آڻيندا پوءِ توهان مون کان پري ٿيو |
| فَدَعا رَبَّهُ أَنَّ هٰؤُلاءِ قَومٌ مُجرِمونَ (آيت : 22) |
|
پوءِ موسيٰ پنهنجي رب کان دعا گھُري ته بيشڪ اها مجرم قوم آهي |
| فَأَسرِ بِعِبادى لَيلًا إِنَّكُم مُتَّبَعونَ (آيت : 23) |
|
(الله فرمايو) پوءِ تون منهنجي ٻانهن کي رات جي وقت ۾ سفر ڪراءِ بيشڪ (اهي) توهان جي پويان لڳندا |
| وَاترُكِ البَحرَ رَهوًا إِنَّهُم جُندٌ مُغرَقونَ (آيت : 24) |
|
۽ تون سمنڊ کي پنهنجي جاءِ تي چيريل ڇڏي ڏي، بيشڪ اهو لشڪر (فرعون جو) ٻڏندڙ آهي |
| كَم تَرَكوا مِن جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 25) |
|
ڪيترن ماڻهن (هن دنيا ۾) باغ ۽ چشمان |
| وَزُروعٍ وَمَقامٍ كَريمٍ (آيت : 26) |
|
۽ پوکون ۽ بهترين مجلسون |
| وَنَعمَةٍ كانوا فيها فٰكِهينَ (آيت : 27) |
|
۽ نعمتون ڇڏيون جن ۾ اهي خوشيون ڪندڙ هئا |
| كَذٰلِكَ وَأَورَثنٰها قَومًا ءاخَرينَ (آيت : 28) |
|
اهڙي طرح (انهن جي ملڪيت جا) ٻيا ماڻهو وارث بناياسين |
| فَما بَكَت عَلَيهِمُ السَّماءُ وَالأَرضُ وَما كانوا مُنظَرينَ (آيت : 29) |
|
پوءِ انهن (جي حال) تي نه آسمان رُنو ۽ نه زمين رُني ۽ نه انهن کي مهلت ڏني وئي |
| وَلَقَد نَجَّينا بَنى إِسرٰءيلَ مِنَ العَذابِ المُهينِ (آيت : 30) |
|
۽ بيشڪ تحقيق اسان بني اسرائيل کي فرعون جي خواريءَ واري عذاب کان نجات ڏني |
| مِن فِرعَونَ إِنَّهُ كانَ عالِيًا مِنَ المُسرِفينَ (آيت : 31) |
|
بيشڪ اهو تڪبر ڪندڙ اسراف ڪندڙن مان هو |
| وَلَقَدِ اختَرنٰهُم عَلىٰ عِلمٍ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 32) |
|
۽ بيشڪ تحقيق اسان بني اسرائيل کي ان زماني جي ماڻهن کان علم ۾ زياده ڪيو |
| وَءاتَينٰهُم مِنَ الءايٰتِ ما فيهِ بَلٰؤٌا۟ مُبينٌ (آيت : 33) |
|
۽ اسان انهن کي ڪيتريون نشانيون ڏنيون جن ۾ انهن لاءِ صاف آزمائش هئي |
| إِنَّ هٰؤُلاءِ لَيَقولونَ (آيت : 34) |
|
بيشڪ اهي (ڪفارِ مڪه) ضرور چوندا ته |
| إِن هِىَ إِلّا مَوتَتُنَا الأولىٰ وَما نَحنُ بِمُنشَرينَ (آيت : 35) |
|
ناهي هيءُ مگر موت پهريون ۽ اسين نه اٿاريا وينداسين |
| فَأتوا بِـٔابائِنا إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 36) |
|
پوءِ توهان اسان جي ابن ڏاڏن کي آڻيو جيڪڏهن توهان سچا آهيو |
| أَهُم خَيرٌ أَم قَومُ تُبَّعٍ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم أَهلَكنٰهُم إِنَّهُم كانوا مُجرِمينَ (آيت : 37) |
|
ڇا اهي (قوت ۽ حيثيت ۾) وڌيڪ آهن يا قوم تُبَع جي، ۽ جيڪي ماڻهو انهن کان اڳ ۾ گذريا، اسان انهن کي هلاڪ ڪيو، بيشڪ اهي مجرم هئا |
| وَما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما لٰعِبينَ (آيت : 38) |
|
۽ نه پيدا ڪيو اسان آسمانن ۽ زمينن کي ۽ جيڪي انهن ٻنهيءَ جي وچ ۾ آهن لهو ۽ لعب ڪري |
| ما خَلَقنٰهُما إِلّا بِالحَقِّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 39) |
|
۽ نه پيدا ڪيو اسان انهن ٻنهي کي مگر حق سان، پر اڪثر انهن مان نٿا ڄاڻن |
| إِنَّ يَومَ الفَصلِ ميقٰتُهُم أَجمَعينَ (آيت : 40) |
|
بيشڪ قيامت جو ڏينهن انهن سڀني لاءِ وقت مقرر آهي |
| يَومَ لا يُغنى مَولًى عَن مَولًى شَيـًٔا وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 41) |
|
ان ڏينهن (ڪافر) دوست پنهنجي دوست (ڪافر) تان (عذاب) ٽاري نه سگھندو ۽ نه انهن کي مدد ڏني ويندي |
| إِلّا مَن رَحِمَ اللَّهُ إِنَّهُ هُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 42) |
|
مگر جنهن تي رب رحم ڪري (مؤمن هڪ ٻئي جي شفاعت ڪندا) بيشڪ اهو ئي غالب ٻاجھارو آهي |
| إِنَّ شَجَرَتَ الزَّقّومِ (آيت : 43) |
|
بيشڪ ٿُوهَر جو وڻ |
| طَعامُ الأَثيمِ (آيت : 44) |
|
گنهگارن جو (جهنم ۾) کاڌو آهي |
| كَالمُهلِ يَغلى فِى البُطونِ (آيت : 45) |
|
اهو ٽهڪيل ٽامي وانگر پيٽن ۾ ٽهڪي ٿو |
| كَغَلىِ الحَميمِ (آيت : 46) |
|
اهو ٽهڪيل پاڻي وانگر جوش ڪري ٿو |
| خُذوهُ فَاعتِلوهُ إِلىٰ سَواءِ الجَحيمِ (آيت : 47) |
|
(الله تعالى فرمائيندو) توهان ان کي پڪڙيو پوءِ ان کي گِهِلي وچ جهنم ۾ وجھو |
| ثُمَّ صُبّوا فَوقَ رَأسِهِ مِن عَذابِ الحَميمِ (آيت : 48) |
|
ان کان پوءِ ان جي مٿي جي مٿان گرم ٽهڪندڙ پاڻيءَ وارو عذاب ڪريو |
| ذُق إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الكَريمُ (آيت : 49) |
|
تون چک، بيشڪ تون ئي غالب ۽ عزت وارو آهين |
| إِنَّ هٰذا ما كُنتُم بِهِ تَمتَرونَ (آيت : 50) |
|
بيشڪ هي (عذاب) اهو آهي جنهن ۾ تون شڪ ڪندو هُئين |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى مَقامٍ أَمينٍ (آيت : 51) |
|
بيشڪ پرهيزگار امن واري جاءِ (بهشت) ۾ هوندا |
| فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 52) |
|
باغن ۽ چشمن ۾ هوندا |
| يَلبَسونَ مِن سُندُسٍ وَإِستَبرَقٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 53) |
|
(اهي بهشت ۾) باريڪ ريشم جا ڪپڙا ۽ ٿلهي ريشم جا ڪپڙا پائيندا، اهي هڪ ٻِئي جي سامهون هوندا |
| كَذٰلِكَ وَزَوَّجنٰهُم بِحورٍ عينٍ (آيت : 54) |
|
اهڙي طرح، ۽ اسين انهن کي حسين و جميل حورن سان جوڙا بنائينداسين |
| يَدعونَ فيها بِكُلِّ فٰكِهَةٍ ءامِنينَ (آيت : 55) |
|
اهي بهشت ۾ امن سان هر قسم جا ميوا طلب ڪندا |
| لا يَذوقونَ فيهَا المَوتَ إِلَّا المَوتَةَ الأولىٰ وَوَقىٰهُم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 56) |
|
اهي بهشت ۾ موت جو ذائقو نه چکندا، سواءِ پَهرِين موت جي، ۽ الله تعالى انهن کي جهنم جي عذاب کان بچايو |
| فَضلًا مِن رَبِّكَ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 57) |
|
اهو توهان جي رب جو فضل آهي. اها ئي عظيم ڪاميابي آهي |
| فَإِنَّما يَسَّرنٰهُ بِلِسانِكَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 58) |
|
پوءِ اسان قرآن ڪريم کي توهان جي زبان تي آسان بنايو ته من اهي نصيحت حاصل ڪن |
| فَارتَقِب إِنَّهُم مُرتَقِبونَ (آيت : 59) |
|
پوءِ توهان انتطار ڪريو، بيشڪ اهي به انتطار ڪندڙ آهن |