| حم (آيت : 1) |
|
حا_ ميم |
| وَالكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
|
هي کُليو ڪتاب شاهد آهي |
| إِنّا أَنزَلنٰهُ فى لَيلَةٍ مُبٰرَكَةٍ إِنّا كُنّا مُنذِرينَ (آيت : 3) |
|
ته بيشڪ اسان ان کي برڪت واريءَ رات ۾ لاٿو آهي، ۽ اسين ڊيڄاريندڙ آهيون. |
| فيها يُفرَقُ كُلُّ أَمرٍ حَكيمٍ (آيت : 4) |
|
ان رات ۾ سڀ ڪو ڏاهپ وارو ڪم فيصل ڪبو آهي |
| أَمرًا مِن عِندِنا إِنّا كُنّا مُرسِلينَ (آيت : 5) |
|
اسان وٽان حڪم ڪيل،بيشڪ اسين ئي موڪلڻ وارا آهيون. |
| رَحمَةً مِن رَبِّكَ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 6) |
|
هو تنهنجي رب وٽان رحمت آهي_ اُهو ٻڌندڙ ۽ ڄاڻيندڙ آهي. |
| رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم موقِنينَ (آيت : 7) |
|
آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي به انهن ۾ آهي، تنهن جو ڌڻي آهي، جيڪڏهن اوهين وسهو ٿا. |
| لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ رَبُّكُم وَرَبُّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 8) |
|
ان کان سواءِ ٻيو سائين ڪونهي، هو ئي جيئاري ۽ ماري ٿو_ اوهان جو ڌڻي ۽ اوهان جي اڳين وڏن جو ڌڻي آهي_ |
| بَل هُم فى شَكٍّ يَلعَبونَ (آيت : 9) |
|
پر اهي شڪ ۾ کيڏندا رهندا. |
| فَارتَقِب يَومَ تَأتِى السَّماءُ بِدُخانٍ مُبينٍ (آيت : 10) |
|
پوءِ تون ان ڏينهن جو انتظار ڪر، جڏهن آسمان پڌرو دونهون آڻيندو. |
| يَغشَى النّاسَ هٰذا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 11) |
|
جو ماڻهن کي ويڙهي ويندو- هي ڏکوئيندڙ عذاب آهي- |
| رَبَّنَا اكشِف عَنَّا العَذابَ إِنّا مُؤمِنونَ (آيت : 12) |
|
(چوندا ته) ”اي اسان جا ڌڻي! اسان کان اهو عذاب ٽار، بيشڪ اسين مؤمن ٿا ٿيون.“ |
| أَنّىٰ لَهُمُ الذِّكرىٰ وَقَد جاءَهُم رَسولٌ مُبينٌ (آيت : 13) |
|
انهن کي ڪيئن نصيحت ٿيندي؟ جڏهن ته انهن وٽ پڌرو رسول آيو هو. |
| ثُمَّ تَوَلَّوا عَنهُ وَقالوا مُعَلَّمٌ مَجنونٌ (آيت : 14) |
|
پوءِ ان کان منهن موڙيائون ۽ چيائون ته ”هي سيکاريل ۽ چريو آهي.“ |
| إِنّا كاشِفُوا العَذابِ قَليلًا إِنَّكُم عائِدونَ (آيت : 15) |
|
بيشڪ اسين ته ٿورو عذاب ٽاريندڙ آهيون، پر اوهين پڪ ڦري ويندڙ آهيو. |
| يَومَ نَبطِشُ البَطشَةَ الكُبرىٰ إِنّا مُنتَقِمونَ (آيت : 16) |
|
جنهن ڏينهن تمام سخت پڪڙ ڪنداسون، بيشڪ اسين سزا ڏيندڙ آهيون. |
| وَلَقَد فَتَنّا قَبلَهُم قَومَ فِرعَونَ وَجاءَهُم رَسولٌ كَريمٌ (آيت : 17) |
|
۽ اسان انهن کان اڳ فرعون جي قوم کي آزمايو، جو انهن وٽ سڳورو نبي آيو. |
| أَن أَدّوا إِلَىَّ عِبادَ اللَّهِ إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 18) |
|
ته ”الله جي ٻانهن کي منهنجي حوالي ڪريو، بيشڪ آءُ اوهان لاءِ امانت وارو رسول آهيان. |
| وَأَن لا تَعلوا عَلَى اللَّهِ إِنّى ءاتيكُم بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 19) |
|
۽ هي (به ٿو چوان ته) الله اڳيان هٺ نه ڪريو، مون اوهان وٽ پڌرو دليل آندو آهي. |
| وَإِنّى عُذتُ بِرَبّى وَرَبِّكُم أَن تَرجُمونِ (آيت : 20) |
|
۽ آءُ پنهنجي خواهه اوهان جي ڌڻيءَ کان پناهه ٿو گهران، جو اوهين مون کي پهڻن سان ماريو. |
| وَإِن لَم تُؤمِنوا لى فَاعتَزِلونِ (آيت : 21) |
|
جيڪڏهن مون تي ايمان نه آڻيو، ته مون کان پاسو ڪريو.“ |
| فَدَعا رَبَّهُ أَنَّ هٰؤُلاءِ قَومٌ مُجرِمونَ (آيت : 22) |
|
پوءِ پنهنجي رب کي سڏيائين ته ”هيءَ قوم سچ ڏوهاري آهي.“ |
| فَأَسرِ بِعِبادى لَيلًا إِنَّكُم مُتَّبَعونَ (آيت : 23) |
|
ته (حڪم ڪيوسون) ”منهنجن ٻانهن کي راتو رات وٺي نڪر، جو ڪافر اوهان جي پٺيان پوندا. |
| وَاترُكِ البَحرَ رَهوًا إِنَّهُم جُندٌ مُغرَقونَ (آيت : 24) |
|
۽ تون سڪي سمنڊ مان اڪري وڃ، بيشڪ اهي ٻڏڻ وارا آهن.“ |
| كَم تَرَكوا مِن جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 25) |
|
هنن گهڻائي باغ ۽ تلاءُ ڇڏيا. |
| وَزُروعٍ وَمَقامٍ كَريمٍ (آيت : 26) |
|
۽ پوکون ۽ عمديون جايون. |
| وَنَعمَةٍ كانوا فيها فٰكِهينَ (آيت : 27) |
|
۽ اهي نعمتون به، جن ۾ مزا ماڻيندا هئا- |
| كَذٰلِكَ وَأَورَثنٰها قَومًا ءاخَرينَ (آيت : 28) |
|
اهڙي طرح ٻيءَ قوم کي انهن جو وارث ڪيوسون- |
| فَما بَكَت عَلَيهِمُ السَّماءُ وَالأَرضُ وَما كانوا مُنظَرينَ (آيت : 29) |
|
پوءِمٿن آسمان خواهه زمين ڪو نه رُنو ۽ نڪي انهن کي مهلت ڏني ويئي. |
| وَلَقَد نَجَّينا بَنى إِسرٰءيلَ مِنَ العَذابِ المُهينِ (آيت : 30) |
|
بيشڪ اسان اسرائيل کي خوار ڪندڙ عذاب کان بچايو. |
| مِن فِرعَونَ إِنَّهُ كانَ عالِيًا مِنَ المُسرِفينَ (آيت : 31) |
|
جو فرعون کان هو، هو هٺيلو ۽ حد کان لنگهندڙن مان هو. |
| وَلَقَدِ اختَرنٰهُم عَلىٰ عِلمٍ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 32) |
|
۽ بني اسرائيل کي اسان علم موجب جهان وارن تي پسند ڪيو. |
| وَءاتَينٰهُم مِنَ الءايٰتِ ما فيهِ بَلٰؤٌا۟ مُبينٌ (آيت : 33) |
|
۽ کين اهي نشانيون ڏنيوسون، جن ۾ پڌري آزمائش هئي. |
| إِنَّ هٰؤُلاءِ لَيَقولونَ (آيت : 34) |
|
بيشڪ اهي چون ٿا. |
| إِن هِىَ إِلّا مَوتَتُنَا الأولىٰ وَما نَحنُ بِمُنشَرينَ (آيت : 35) |
|
ته ”اسان جي پڄاڻي رڳو هي پهريون موت آهي۽ وري نه اٿارباسين. |
| فَأتوا بِـٔابائِنا إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 36) |
|
جيڪڏهن اوهين سچا آهيو، ته اسان جي ابن ڏاڏن کي (جيئاري) آڻيو.“ |
| أَهُم خَيرٌ أَم قَومُ تُبَّعٍ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم أَهلَكنٰهُم إِنَّهُم كانوا مُجرِمينَ (آيت : 37) |
|
ڀلا اهي وڌيڪ بهتر آهن، يا ”تُبَّعۡ“ جي قوم ۽ جيڪي انهن کان اڳ هئا؟ انهن کي ناس ڪيوسون، بيشڪ اهي ڏوهاري هئا. |
| وَما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما لٰعِبينَ (آيت : 38) |
|
آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي سو اسان راند ڪري نه بنايو آهي. |
| ما خَلَقنٰهُما إِلّا بِالحَقِّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 39) |
|
بلڪ انهن کي حق سان ئي بنايو اٿئون_ پر انهن مان گهڻا نٿا ڄاڻين. |
| إِنَّ يَومَ الفَصلِ ميقٰتُهُم أَجمَعينَ (آيت : 40) |
|
بيشڪ انهن مڙني جو انجام فيصلي جو ڏينهن آهي. |
| يَومَ لا يُغنى مَولًى عَن مَولًى شَيـًٔا وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 41) |
|
جنهن ڏينهن ڪو به دوست پنهنجي دوست کان ڪجهه به نه ٽاريندو ۽ نڪي انهن کي مدد ڏبي. |
| إِلّا مَن رَحِمَ اللَّهُ إِنَّهُ هُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 42) |
|
سواءِ انهي جي، جنهن تي الله رحم ڪيو_ بيشڪ هو غالب ۽ مهربان آهي. |
| إِنَّ شَجَرَتَ الزَّقّومِ (آيت : 43) |
|
بيشڪ ٿوهر جو وڻ، |
| طَعامُ الأَثيمِ (آيت : 44) |
|
گنهگار جو کاڌو آهي. |
| كَالمُهلِ يَغلى فِى البُطونِ (آيت : 45) |
|
پگهريل ٽامي وانگر، پيٽن ۾ ٽهڪندو، |
| كَغَلىِ الحَميمِ (آيت : 46) |
|
تتل پاڻي جي ٽهڪڻ وانگر. |
| خُذوهُ فَاعتِلوهُ إِلىٰ سَواءِ الجَحيمِ (آيت : 47) |
|
(حڪم ڪبو) ”ان کي گرفتار ڪريو ۽ دوزخ جي وچ ڏانهن گهليوس. |
| ثُمَّ صُبّوا فَوقَ رَأسِهِ مِن عَذابِ الحَميمِ (آيت : 48) |
|
وري ان جي مٿي تي عذاب لاءِ تتل پاڻي هاريو.“ |
| ذُق إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الكَريمُ (آيت : 49) |
|
”چک عذاب! بيشڪ تون ته سڳورو مان وارو هئين! |
| إِنَّ هٰذا ما كُنتُم بِهِ تَمتَرونَ (آيت : 50) |
|
هي اهو ئي آهي، جنهن ۾ اوهين شڪ ڪندا هئا!“ |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى مَقامٍ أَمينٍ (آيت : 51) |
|
بيشڪ نيڪ امن واري جاءِ ۾ هوندا. |
| فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 52) |
|
باغن ۽ چشمن ۾، |
| يَلبَسونَ مِن سُندُسٍ وَإِستَبرَقٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 53) |
|
سنهي ۽ ٿلهي پٽ جا ڪپڙا پاتل، آمهون سامهون ٿي ويهندا. |
| كَذٰلِكَ وَزَوَّجنٰهُم بِحورٍ عينٍ (آيت : 54) |
|
ائين ۽ کين وڏين اکين واريون حورون پرڻائينداسون. |
| يَدعونَ فيها بِكُلِّ فٰكِهَةٍ ءامِنينَ (آيت : 55) |
|
ان (بهشت) ۾ امن وارا ٿي سڀ ڪنهن قسم جو ميوو گُهرائيندا. |
| لا يَذوقونَ فيهَا المَوتَ إِلَّا المَوتَةَ الأولىٰ وَوَقىٰهُم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 56) |
|
پهرئين موت کان سواءِ ان ۾ ٻيو ڪو موت نه چکندا ۽انهن کي دوزخ جي عذاب کان بچائبو، |
| فَضلًا مِن رَبِّكَ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 57) |
|
تنهنجي رب جي مهربانيءَ سبب اها وڏي مراد ماڻڻ آهي. |
| فَإِنَّما يَسَّرنٰهُ بِلِسانِكَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 58) |
|
قرآن کي تنهنجي ٻوليءَ ۾ ئي سولو ڪيو اٿئون، ته اهي نصيحت وٺن. |
| فَارتَقِب إِنَّهُم مُرتَقِبونَ (آيت : 59) |
|
تون انتظار ڪڍ، بيشڪ اهي به انتظار ڪڍڻ وارا آهن. |