القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 3 سُوۡرَۃُ الدُّخَانِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 59


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

حم (آيت : 1)

حا ــ ميم

وَالكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2)

قسم آهي (هن) پڌري ڪتاب جو.

إِنّا أَنزَلنٰهُ فى لَيلَةٍ مُبٰرَكَةٍ إِنّا كُنّا مُنذِرينَ (آيت : 3)

بيشڪ اسان هن (قرآن) کي برڪت واري رات ۾ نازل ڪيو آهي. بيشڪ اسان (هن جي ذريعي ماڻهن کي) ڊيڄارڻ چاهيون ٿا.

فيها يُفرَقُ كُلُّ أَمرٍ حَكيمٍ (آيت : 4)

ان رات ۾ ئي حڪمت ڀريا فيصلا ڪيا ويندا آهن.

أَمرًا مِن عِندِنا إِنّا كُنّا مُرسِلينَ (آيت : 5)

اُهي فيصلا اسان جا ئي هوندا آهن. (انهن کي نافذ ڪرڻ لاءِ) اسان ئي رسول سڳورن کي موڪليندا آهيون.

رَحمَةً مِن رَبِّكَ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 6)

(انهن جو موڪلڻ) تنھنجي پالڻھار جي طرفان هڪ رحمت آهي. بيشڪ هو خوب ٻڌندڙ ۽ وڏي علم وارو آهي.

رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم موقِنينَ (آيت : 7)

هو ته آسمانن، زمين ۽ انهن (ٻنهي) جي وچ ۾ رهندڙ مخلوق جو پالڻھار آهي. جيڪڏهن توهان واقعي يقين ڪندڙ آهيو (ته اها ئي ڳالهه سچي آهي)

لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ رَبُّكُم وَرَبُّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 8)

ان کان سواءِ ڪوبه معبود ناهي. هو (ئي) جياري ۽ ماري ٿو. توهان جو ۽ توهان جي ابن ڏاڏن جواهو ئي پالڻھار آهي.

بَل هُم فى شَكٍّ يَلعَبونَ (آيت : 9)

بلڪه هي ماڻهو ته شڪ ڪرڻ ۾ ئي وِندريا ويٺا آهن.

فَارتَقِب يَومَ تَأتِى السَّماءُ بِدُخانٍ مُبينٍ (آيت : 10)

تون ان ڏينھن جو انتظار ڪر جڏهن آسمان باقاعده پڌرو دونھون ڪڍندو.

يَغشَى النّاسَ هٰذا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 11)

۽ اهوماڻهن کي ويڙهي ويندو. (درحقيقت) اهو هڪ دردناڪ عذاب هوندو.

رَبَّنَا اكشِف عَنَّا العَذابَ إِنّا مُؤمِنونَ (آيت : 12)

(پوءِ اِهي ماڻهو چوندا ته) اي اسان جا پالڻھار! اسان کان اهو عذاب ٽار. بيشڪ (هاڻي) اسان ايمان آڻيون ٿا.

أَنّىٰ لَهُمُ الذِّكرىٰ وَقَد جاءَهُم رَسولٌ مُبينٌ (آيت : 13)

پر اُهي ڪٿي ٿا نصيحت وٺن؟ حالانڪه انهن وٽ اسان جي طرفان (حقيقت) بيان ڪندڙ رسول سڳورو به آيو.

ثُمَّ تَوَلَّوا عَنهُ وَقالوا مُعَلَّمٌ مَجنونٌ (آيت : 14)

پوءِ انهن ماڻهن اُن رسول سڳوري کان منھن ئي ڦيري ڇڏيو ۽ چيائون ته هي ته ڪو سيکاريل ديوانو آهي.

إِنّا كاشِفُوا العَذابِ قَليلًا إِنَّكُم عائِدونَ (آيت : 15)

(ٺيڪ آ) بيشڪ اسان ٿورو عذاب ٽاريون ٿا پر (ڏسجو ته) بيشڪ توهان وري (ڪفر ڏي) موٽي ويندا.

يَومَ نَبطِشُ البَطشَةَ الكُبرىٰ إِنّا مُنتَقِمونَ (آيت : 16)

اسان جنھن ڏينھن (توهان جي) سخت پڪڙ ڪنداسي (اصل ۾ ان ڏينھن توهان کان) انتقام وٺنداسين.

وَلَقَد فَتَنّا قَبلَهُم قَومَ فِرعَونَ وَجاءَهُم رَسولٌ كَريمٌ (آيت : 17)

انهن کان اڳ اسان فرعون جي قوم جي آزمائش ڪري چڪا آهيون، انهن وٽ هڪ رسول سڳورو آيو.

أَن أَدّوا إِلَىَّ عِبادَ اللَّهِ إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 18)

(اُن فرعون کي چيو ته) الله تعالى جي ٻانهن (يعني بني اسرائيل) کي منھنجي حوالي ڪر. بيشڪ مان توهان لاءِ هڪ ايماندار رسول (ٿي آيو) آهيان.

وَأَن لا تَعلوا عَلَى اللَّهِ إِنّى ءاتيكُم بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 19)

(وڌيڪ) چيائين ته الله تعالى جي مقابلي ۾ سرڪشي نه ڏيکارجو. بيشڪ مان توهان وٽ پڪا دليل به آندا آهن.

وَإِنّى عُذتُ بِرَبّى وَرَبِّكُم أَن تَرجُمونِ (آيت : 20)

۽ مان پنھنجي ۽ توهان جي پالڻھار کان ان ڳالهه جي پناهه ورتي آهي ته متان توهان مون کي پٿرن سان نه ماريو.

وَإِن لَم تُؤمِنوا لى فَاعتَزِلونِ (آيت : 21)

۽ جيڪڏهن توهان مون تي ايمان نٿا آڻيو ته (ٺيڪ آ) پر منھنجي اڳيان رڪاوٽ ته نه بڻجو. (مان بني اسرائيل کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندس)

فَدَعا رَبَّهُ أَنَّ هٰؤُلاءِ قَومٌ مُجرِمونَ (آيت : 22)

پوءِ هن پنھنجي پالڻھار کان دعا گهري (ته يا الله مدد ڪر) بيشڪ هي (وڏي) ڏوهاري قوم آهي.

فَأَسرِ بِعِبادى لَيلًا إِنَّكُم مُتَّبَعونَ (آيت : 23)

(جواب مليو ته) بس تون منھنجي ٻانهن کي راتورات وٺي نڪري وڃ. (اهو ذهن ۾ رکجو ته) هي ماڻهو (ضرور) توهان جو پيڇو ڪندا.

وَاترُكِ البَحرَ رَهوًا إِنَّهُم جُندٌ مُغرَقونَ (آيت : 24)

(۽ پار ڪرڻ کان پوءِ) تون سمنڊ کي سُڪل ئي ڇڏي ڏجانءِ. (توهان کان پوءِ) بيشڪ اهو لشڪر (ان ۾) غرق ٿيڻ وارو آهي.

كَم تَرَكوا مِن جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 25)

انهن ماڻهن پوئتان ڪيترا باغ ۽ چشما ڇڏيا.

وَزُروعٍ وَمَقامٍ كَريمٍ (آيت : 26)

فصل ۽ عاليشان محل (به ڇڏي ويا)

وَنَعمَةٍ كانوا فيها فٰكِهينَ (آيت : 27)

اُهي نعمتون به جن ۾ هو ويھي مزا ڪندا هئا (سي سڀ انهن کان کسجي ويون)

كَذٰلِكَ وَأَورَثنٰها قَومًا ءاخَرينَ (آيت : 28)

اهڙي طريقي سان انهن جي پڄاڻي ٿي. ۽ اسان انهن جي (ڇڏيل سڀني) شين جو ٻين کي وارث بنائي ڇڏيوسين.

فَما بَكَت عَلَيهِمُ السَّماءُ وَالأَرضُ وَما كانوا مُنظَرينَ (آيت : 29)

پوءِ انهن تي (ڏک مان) نه آسمان رُنو ۽ نه ئي زمين. انهن کي ته (ذري جيتري به) مھلت نه ملي سگهي.

وَلَقَد نَجَّينا بَنى إِسرٰءيلَ مِنَ العَذابِ المُهينِ (آيت : 30)

بيشڪ اسان بني اسرائيل کي ذلت واري عذاب کان نجات ڏياري.

مِن فِرعَونَ إِنَّهُ كانَ عالِيًا مِنَ المُسرِفينَ (آيت : 31)

(جيڪو) فرعون جي طرف کان ڏنو ويندو هو. بيشڪ هو وڏائي خور ۽ حد کان لنگهندڙ هو.

وَلَقَدِ اختَرنٰهُم عَلىٰ عِلمٍ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 32)

بيشڪ اسان (بني اسرائيل کي) سندن حالت معلوم هوندي به ٻين قومن تي ترجيح ڏني.

وَءاتَينٰهُم مِنَ الءايٰتِ ما فيهِ بَلٰؤٌا۟ مُبينٌ (آيت : 33)

۽ اسان کين پڌري آزمائش وارا معجزا ڏنا.

إِنَّ هٰؤُلاءِ لَيَقولونَ (آيت : 34)

بيشڪ هي (مڪي جا) ماڻهو چون ٿا.

إِن هِىَ إِلّا مَوتَتُنَا الأولىٰ وَما نَحنُ بِمُنشَرينَ (آيت : 35)

اسان جي (دنيا واري) موت کان پوءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. ۽ اسان کي (ٻيهر) نه اٿاريو ويندو.

فَأتوا بِـٔابائِنا إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 36)

(هو وڌيڪ چون ٿا ته) جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته پوءِ اسان جي ابن ڏاڏن کي (قبرن مان جيئرو ڪري) آڻي ڏيکاريو.

أَهُم خَيرٌ أَم قَومُ تُبَّعٍ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم أَهلَكنٰهُم إِنَّهُم كانوا مُجرِمينَ (آيت : 37)

ڇا هي بھتر آهن يا تبع قوم جا ماڻهو ۽ اهي جيڪي انهن کان به پھريان هئا؟ اسان ته سڀني کي برباد ڪري ڇڏيوسين. بيشڪ اِهي سڀ ڏوهاري ماڻهو هئا.

وَما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما لٰعِبينَ (آيت : 38)

اسان آسمانن، زمين ۽ جيڪو ڪجهه انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تن سڀني کي کيل تماشي خاطر نه ٺاهيو آهي.

ما خَلَقنٰهُما إِلّا بِالحَقِّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 39)

بلڪه اسان انهن کي برحق پيدا ڪيو آهي پرگهڻا ماڻهو سمجهن ئي نٿا.

إِنَّ يَومَ الفَصلِ ميقٰتُهُم أَجمَعينَ (آيت : 40)

قيامت وارو ڏينھن انهن سڀني جي اٿڻ جو وقت مقرر ٿيل آهي.

يَومَ لا يُغنى مَولًى عَن مَولًى شَيـًٔا وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 41)

جنھن ڏينھن تمام گهرا لاڳاپا رکڻ وارا به هڪ ٻئي کي ڪم نه ايندا ۽ نه ئي انهن جي ڪا مدد ڪئي ويندي.

إِلّا مَن رَحِمَ اللَّهُ إِنَّهُ هُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 42)

سواءِ ان جي جنھن تي الله تعالى رحم ڪري. بيشڪ هو زبردست ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي.

إِنَّ شَجَرَتَ الزَّقّومِ (آيت : 43)

بيشڪ ٿوهر جو وڻ ئي (ان ڏينهن)

طَعامُ الأَثيمِ (آيت : 44)

گناهگارن جو کاڌو هوندو.

كَالمُهلِ يَغلى فِى البُطونِ (آيت : 45)

(اُن جي ڳُر) پيٽن ۾ پگهريل ٽامي وانگر ٽچڪندي.

كَغَلىِ الحَميمِ (آيت : 46)

ٽچڪندڙ پاڻي وانگر.

خُذوهُ فَاعتِلوهُ إِلىٰ سَواءِ الجَحيمِ (آيت : 47)

(ملائڪن کي حڪم ٿيندو ته) پڪڙيوس هن کي. ۽ هن کي جھنم جي صفا اندر تائين گھلي وٺي وڃوس.

ثُمَّ صُبّوا فَوقَ رَأسِهِ مِن عَذابِ الحَميمِ (آيت : 48)

پوءِ عذاب طور ان جي مٿان ٽچڪيل پاڻي هاريوس.

ذُق إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الكَريمُ (آيت : 49)

چکُ (عذاب جو مزو) تون پاڻ کي وڏو عزت وارو سمجهندو هئين.

إِنَّ هٰذا ما كُنتُم بِهِ تَمتَرونَ (آيت : 50)

بيشڪ هي اُهو عذاب آهي جنھن جي باري ۾ توهان شڪ ڪندا هئا.

إِنَّ المُتَّقينَ فى مَقامٍ أَمينٍ (آيت : 51)

بيشڪ پرهيزگار ماڻهو امن واري جاءِ ۾ هوندا.

فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 52)

باغن ۽ چشمن ۾ هوندا.

يَلبَسونَ مِن سُندُسٍ وَإِستَبرَقٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 53)

سنهي ۽ ٿلهي ٻنهي قسمن جي ريشمي پوشاڪ پائي هڪ ٻئي جي آمھون سامھون ويٺا هوندا.

كَذٰلِكَ وَزَوَّجنٰهُم بِحورٍ عينٍ (آيت : 54)

اهڙيءَ طرح ئي ٿيندو ۽ اسان کين وڏين (سُھڻين) اکين وارين حورن سان پرڻائينداسين.

يَدعونَ فيها بِكُلِّ فٰكِهَةٍ ءامِنينَ (آيت : 55)

هو جنت ۾ وڏي مزي سان هر قسم جا ميوا گهرندا.

لا يَذوقونَ فيهَا المَوتَ إِلَّا المَوتَةَ الأولىٰ وَوَقىٰهُم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 56)

دنيا واري موت کان پوءِ هو جنت ۾ ٻئي موت جو مزو نه چکيندا ۽ الله تعالى کين جھنم جي عذاب کان بچائيندو.

فَضلًا مِن رَبِّكَ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 57)

(انهن جو بچڻ) پنھنجي پالڻھار جي مھرباني سان ئي ٿيندو ۽ اهائي وڏي ڪاميابي آهي.

فَإِنَّما يَسَّرنٰهُ بِلِسانِكَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 58)

اسان هن قرآن کي تنھنجي ٻوليءَ ۾ انتهائي آسان ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن هي ماڻهو نصيحت حاصل ڪن.

فَارتَقِب إِنَّهُم مُرتَقِبونَ (آيت : 59)

(نصيحت نه وٺڻ جي صورت ۾) تون انتظار ڪر. هي ماڻهو به (پنهنجي انجام جي) انتظار ۾ ترسيل آهن.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025