| حم (آيت : 1) |
|
ح-م |
| وَالكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
|
قسم آهي هن ڪتاب پڌري جو |
| إِنّا أَنزَلنٰهُ فى لَيلَةٍ مُبٰرَكَةٍ إِنّا كُنّا مُنذِرينَ (آيت : 3) |
|
بيشڪ اسان نازل ڪيو آهي وڏي خبر ۽ برڪت واري رات، ڇاڪاڻ ته بيشڪ ماڻهن کي خبردار ڪرڻ جو ارادو رکندا هئاسين |
| فيها يُفرَقُ كُلُّ أَمرٍ حَكيمٍ (آيت : 4) |
|
هيءَ اها رات هئي جنهن ۾ فيصلو ڪيو وڃي ٿو هر معاملي جو حڪمت وارو |
| أَمرًا مِن عِندِنا إِنّا كُنّا مُرسِلينَ (آيت : 5) |
|
حڪم اسان جي سان ڪيو وڃي ٿو، بيشڪ اسان موڪلڻ وارا هئاسين هڪ رسول |
| رَحمَةً مِن رَبِّكَ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 6) |
|
رحمت تنهنجي رب سببان، بيشڪ اهو سڀڪجهه ٻڌڻ ۽ ڄاڻڻ وارو آهي |
| رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم موقِنينَ (آيت : 7) |
|
رب آهي آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي، جي توهان واقعي يقين ڪرڻ وارا آهيو |
| لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ رَبُّكُم وَرَبُّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 8) |
|
ناهي ڪوبه خدا ان کان سواءِ، اهو حياتي ڏئي ۽ موت ڏئي ٿو، توهان جو رب ۽ رب توهان جي ابن ڏاڏن جو، جيڪي اڳي ٿي گذريا آهن |
| بَل هُم فى شَكٍّ يَلعَبونَ (آيت : 9) |
|
(حقيقت ۾ کين پڪ ناهي) پر اهي پنهنجي شڪ ۾ کيڏي رهيا آهن |
| فَارتَقِب يَومَ تَأتِى السَّماءُ بِدُخانٍ مُبينٍ (آيت : 10) |
|
چڱو، انتظار ڪريو ان ڏينهن جو جڏهن آسمان دونهون آڻيندو ظاهر ظهور |
| يَغشَى النّاسَ هٰذا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 11) |
|
ڇانئجي ويندو اهو ماڻهن تي اها ئي ته آهي سزا دردناڪ |
| رَبَّنَا اكشِف عَنَّا العَذابَ إِنّا مُؤمِنونَ (آيت : 12) |
|
(هاڻي چون ٿا) پروردگار! ٽار اسان تان اهو عذاب، اسين ايمان آڻيون ٿا |
| أَنّىٰ لَهُمُ الذِّكرىٰ وَقَد جاءَهُم رَسولٌ مُبينٌ (آيت : 13) |
|
انهن جي ڪٿي ٿي دور ٿئي غفلت؟ انهن جو حال ته هي آهي جو انهن وٽ رسول آهي پڌرو |
| ثُمَّ تَوَلَّوا عَنهُ وَقالوا مُعَلَّمٌ مَجنونٌ (آيت : 14) |
|
پوءِ اهي ان ڏي متوجهه نه ٿيا ۽ چيائون اهو ته سيکاريل پڙهايل چريو آهي |
| إِنّا كاشِفُوا العَذابِ قَليلًا إِنَّكُم عائِدونَ (آيت : 15) |
|
اسان هٽائي ٿا ڇڏيون عذاب ٿورو، توهان وري به اهو ئي ڪندؤ جيڪو اڳ ۾ ڪري رهيا هئا |
| يَومَ نَبطِشُ البَطشَةَ الكُبرىٰ إِنّا مُنتَقِمونَ (آيت : 16) |
|
جنهن ڏينهن اسان ڌڪ هڻنداسين وڏو اهو ڏينهن توهان کان بدلي جو هوندو |
| وَلَقَد فَتَنّا قَبلَهُم قَومَ فِرعَونَ وَجاءَهُم رَسولٌ كَريمٌ (آيت : 17) |
|
۽ بيشڪ اسان انهيءَ آزمائش ۾ اڳي قوم فرعون کي وجهي چڪا آهيون، انهن وٽ آيو نهايت شريف رسول |
| أَن أَدّوا إِلَىَّ عِبادَ اللَّهِ إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 18) |
|
ان چيو، حوالي ڪريو منهنجي، ٻانهن الله جن کي، بيشڪ آئون توهان لاءِ رسول امانتدار آهيان |
| وَأَن لا تَعلوا عَلَى اللَّهِ إِنّى ءاتيكُم بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 19) |
|
۽ نه ڪريو سرڪشي مقابلي ۾ الله جي، بيشڪ آئون پيش ڪريان ٿو توهان وٽ پنهنجي مقرري جي سَند چٽي |
| وَإِنّى عُذتُ بِرَبّى وَرَبِّكُم أَن تَرجُمونِ (آيت : 20) |
|
۽ بيشڪ پناهه ورتي آهي پنهنجي رب ۽ توهان جي رب جي ان کان اڳي جو توهان مون تي حملو ڪريو |
| وَإِن لَم تُؤمِنوا لى فَاعتَزِلونِ (آيت : 21) |
|
۽ جي توهان مون تي اعتبار نٿا ڪريو ته مون ۾ هٿ وجهڻ کان رڪجي وڃو |
| فَدَعا رَبَّهُ أَنَّ هٰؤُلاءِ قَومٌ مُجرِمونَ (آيت : 22) |
|
آخرڪار ان پڪاريو پنهنجي رب کي، ته بيشڪ اهي ماڻهو ڏوهاري آهن |
| فَأَسرِ بِعِبادى لَيلًا إِنَّكُم مُتَّبَعونَ (آيت : 23) |
|
(جواب ڏنو) منهنجي ٻانهن کي رات جو وٺي نڪري وڃ، جو هو توهان جي پٺيان پوندا |
| وَاترُكِ البَحرَ رَهوًا إِنَّهُم جُندٌ مُغرَقونَ (آيت : 24) |
|
۽ ڇڏ سمنڊ کي ان جي کليل حال تي، بيشڪ اهو سمورو لشڪر ٻڏڻ وارو آهي |
| كَم تَرَكوا مِن جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 25) |
|
ڪيترا ئي ڇڏيا اٿن باغ بستان ۽ چشما |
| وَزُروعٍ وَمَقامٍ كَريمٍ (آيت : 26) |
|
۽ ٻنيون ۽ شاندار محل ڇڏي ويا |
| وَنَعمَةٍ كانوا فيها فٰكِهينَ (آيت : 27) |
|
۽ ڪيترا ئي عيش جا ٺٺ جن جا انهن مزا ماڻيا سي رهجي ويا |
| كَذٰلِكَ وَأَورَثنٰها قَومًا ءاخَرينَ (آيت : 28) |
|
انهن جي پڇاڙي ٿي ۽ وارث ڪيوسين ٻين پوين ماڻهن کي انهن جي |
| فَما بَكَت عَلَيهِمُ السَّماءُ وَالأَرضُ وَما كانوا مُنظَرينَ (آيت : 29) |
|
پوءِ نه رنو انهن تي آسمان ۽ زمين کين ٿورڙي ڪا ڏني مهلت |
| وَلَقَد نَجَّينا بَنى إِسرٰءيلَ مِنَ العَذابِ المُهينِ (آيت : 30) |
|
۽ اهڙيءَ طرح اسان نجات ڏني بني اسرائيل کي عذاب ذلت واري |
| مِن فِرعَونَ إِنَّهُ كانَ عالِيًا مِنَ المُسرِفينَ (آيت : 31) |
|
فرعون کان (کين) ڇوٽڪارو ڏنو بيشڪ اهو مٿاهين درجي وارن ۾ حد ٽپڻ وارن ۾ هو |
| وَلَقَدِ اختَرنٰهُم عَلىٰ عِلمٍ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 32) |
|
۽ اسان کين پسند ڪيو علم جي اعليٰ معيار تي پوري دنيا ۾ |
| وَءاتَينٰهُم مِنَ الءايٰتِ ما فيهِ بَلٰؤٌا۟ مُبينٌ (آيت : 33) |
|
۽ انهن کي اهڙيون عطا ڪيون نشانيون جن ۾ پرک هئي پڌري |
| إِنَّ هٰؤُلاءِ لَيَقولونَ (آيت : 34) |
|
بيشڪ اهي ماڻهو چون ٿا |
| إِن هِىَ إِلّا مَوتَتُنَا الأولىٰ وَما نَحنُ بِمُنشَرينَ (آيت : 35) |
|
هي اسان جي پهرين موت کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي، ان بعد اسان ٻيهر اٿارڻ وارا ناهيون |
| فَأتوا بِـٔابائِنا إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 36) |
|
پوءِ آڻيو اسان جي ابن ڏاڏن کي جي توهان سچا آهيو |
| أَهُم خَيرٌ أَم قَومُ تُبَّعٍ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم أَهلَكنٰهُم إِنَّهُم كانوا مُجرِمينَ (آيت : 37) |
|
اهي چڱا آهن يا قوم تبّع جي، ۽ اهي ماڻهو جيڪي اڳي هئا انهن کان، اسان کين انهيءَ ڪري ناس ڪيو جو اهي بنجي ويا هئا ڏوهاري |
| وَما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما لٰعِبينَ (آيت : 38) |
|
۽ هي پيدا ڪيل آسمانن ۽ زمين جي وچ واريون شيون راند خاطر ٺاهيون نه آهن |
| ما خَلَقنٰهُما إِلّا بِالحَقِّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 39) |
|
انهن کي اسان پيدا ڪيو ناهي سواءِ حق جي، پر ڪيترا ئي اهو نٿا ڄاڻن |
| إِنَّ يَومَ الفَصلِ ميقٰتُهُم أَجمَعينَ (آيت : 40) |
|
بيشڪ اهو ڏينهن فيصلي جو آهي جڏهن اٿاري کڙو ڪيو ويندو سڀني کي |
| يَومَ لا يُغنى مَولًى عَن مَولًى شَيـًٔا وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 41) |
|
ان ڏينهن جڏهن ڪوبه عزيز قريب پنهنجي ڪنهن به مائٽ جي ڪنهن ڪم نه ايندو ۽ ڪٿان به ڪا مدد نه ملندن |
| إِلّا مَن رَحِمَ اللَّهُ إِنَّهُ هُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 42) |
|
سواءِ ان جي جو رحم ڪري پاڻ الله، بيشڪ اهو زبردست ٻاجهارو آهي |
| إِنَّ شَجَرَتَ الزَّقّومِ (آيت : 43) |
|
بيشڪ وڻ ٿوهر جو |
| طَعامُ الأَثيمِ (آيت : 44) |
|
کاج هوندو گنهگارن جو |
| كَالمُهلِ يَغلى فِى البُطونِ (آيت : 45) |
|
تيل جي گيرٽ جهڙو ٽهڪندو هوندو پيٽ ۾ |
| كَغَلىِ الحَميمِ (آيت : 46) |
|
جيئن ٽهڪندڙ پاڻي هجي |
| خُذوهُ فَاعتِلوهُ إِلىٰ سَواءِ الجَحيمِ (آيت : 47) |
|
پڪڙيوس پوءِ گهليندا نيوس وچ ۾ دوزخ جي |
| ثُمَّ صُبّوا فَوقَ رَأسِهِ مِن عَذابِ الحَميمِ (آيت : 48) |
|
پوءِ وجهوس مٿان مٿي تي عذاب جو ٽهڪندڙ پاڻي |
| ذُق إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الكَريمُ (آيت : 49) |
|
چک ان جو مزو، بيشڪ تون ته وڏو زبردست عزت وارو آهين |
| إِنَّ هٰذا ما كُنتُم بِهِ تَمتَرونَ (آيت : 50) |
|
بيشڪ هي (اها ڳالهه آهي) جنهن جي اچڻ ۾ توهان شڪ ڪندا هئا |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى مَقامٍ أَمينٍ (آيت : 51) |
|
بيشڪ خدا ترس ماڻهو امن امان واري جاءِ ۾ هوندا |
| فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 52) |
|
باغن ۾ ۽ چشمن ۾ |
| يَلبَسونَ مِن سُندُسٍ وَإِستَبرَقٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 53) |
|
پائي پوشاڪون ريشم ۽ پَٽ جون آمهون سامهون ويٺل هوندا |
| كَذٰلِكَ وَزَوَّجنٰهُم بِحورٍ عينٍ (آيت : 54) |
|
اهو هوندو شان ۽ زالون حورن جهڙيون سهڻين اکين واريون |
| يَدعونَ فيها بِكُلِّ فٰكِهَةٍ ءامِنينَ (آيت : 55) |
|
طلبيندا اتي اهي هر قسم جون لذيذ شيون امن سان |
| لا يَذوقونَ فيهَا المَوتَ إِلَّا المَوتَةَ الأولىٰ وَوَقىٰهُم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 56) |
|
نه چکندا اتي اهي مزو ڪڏهن به موت جو، بس دنيا ۾ جيڪو موت آيو سو آيو ۽ بچايو ويندو انهن کي دوزخ جي عذاب کان |
| فَضلًا مِن رَبِّكَ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 57) |
|
فضل سان رب پنهنجي سان، اها ئي آهي ڪاميابي تمام وڏي |
| فَإِنَّما يَسَّرنٰهُ بِلِسانِكَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 58) |
|
(اي نبي!) بيشڪ اسان سولو ڪيو آهي هي ڪتاب تنهنجي ٻوليءَ ۾، جيئن اهي ماڻهو نصيحت پرائين |
| فَارتَقِب إِنَّهُم مُرتَقِبونَ (آيت : 59) |
|
هاڻي تون به انتظار ڪر، اهي به انتظار ڪن |