حم (آيت : 1) |
ﷅ (حا ـ ميم) |
وَالكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
قسم آهي انهيءَ چٽي ڪتاب (قرآن) جو |
إِنّا جَعَلنٰهُ قُرءٰنًا عَرَبِيًّا لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 3) |
ته اسان ان کي عربي ٻوليءَ وارو قرآن بڻايو آهي، تانته توهان ان کي سمجهي سگهو |
وَإِنَّهُ فى أُمِّ الكِتٰبِ لَدَينا لَعَلِىٌّ حَكيمٌ (آيت : 4) |
۽ بيشڪ اهو ام الڪتاب (لوح محفوظ) ۾ لکيل آهي، اسان جي نظر ۾ ڏاڍي بلند مرتبي وارو ۽ حڪمت سان ڀريل ڪتاب آهي |
أَفَنَضرِبُ عَنكُمُ الذِّكرَ صَفحًا أَن كُنتُم قَومًا مُسرِفينَ (آيت : 5) |
ڇا پوءِ اسان توهان کان ڪڪ ٿي اهو نصيحت وارو سبق توهان ڏي موڪلڻ بند ڪنداسين؟ ان ڪري جو توهان حد کان لنگهي ويل آهيو؟ |
وَكَم أَرسَلنا مِن نَبِىٍّ فِى الأَوَّلينَ (آيت : 6) |
اڳ ٿي گذريل قومن ۾ اسان ڪيترائي نبي موڪليا آهن |
وَما يَأتيهِم مِن نَبِىٍّ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 7) |
پر ائين ڪڏهن به نه ٿيو ته وٽن ڪو نبي آيو هجي ۽ انهن ان تي ٺـٺوليون نه ڪيون هجن |
فَأَهلَكنا أَشَدَّ مِنهُم بَطشًا وَمَضىٰ مَثَلُ الأَوَّلينَ (آيت : 8) |
پوءِ جيڪي ماڻهو کانئن طاقت ۾ زور هئا، انهن کي به اسان برباد ڪري ڇڏيو. آڳاٽين قومن جا مثال گذري چڪا آهن |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ خَلَقَهُنَّ العَزيزُ العَليمُ (آيت : 9) |
جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي ته پاڻ ئي چوندا ته "انهن کي انهيءَ زبردست ڄاڻو هستيءَ پيدا ڪيو آهي" |
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ مَهدًا وَجَعَلَ لَكُم فيها سُبُلًا لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 10) |
جنهن زمين کي توهان لاءِ پينگهو بڻايو آهي ۽ ان ۾ توهان لاءِ رستا ٺاهيا اٿائين، تانته توهان پنهنجن منزلن تي پهچڻ جون واٽون لهي سگهو |
وَالَّذى نَزَّلَ مِنَ السَّماءِ ماءً بِقَدَرٍ فَأَنشَرنا بِهِ بَلدَةً مَيتًا كَذٰلِكَ تُخرَجونَ (آيت : 11) |
جنهن هڪڙي مناسب مقدار ۾ آسمان مان پاڻي لاٿو ۽ ان جي وسيلي مئل شهرن کي جيئاري کڙو ڪيو، ائين ئي هڪڙي ڏينهن توهان به (قبرن مان) ڪڍيا ويندؤ |
وَالَّذى خَلَقَ الأَزوٰجَ كُلَّها وَجَعَلَ لَكُم مِنَ الفُلكِ وَالأَنعٰمِ ما تَركَبونَ (آيت : 12) |
اهو جنهن اهي ڪــُـل جوڙا پيدا ڪيا آهن ۽ جنهن توهان جي لاءِ ٻيڙين ۽ جانورن کي توهان جي سواري بڻايو آهي |
لِتَستَوۥا عَلىٰ ظُهورِهِ ثُمَّ تَذكُروا نِعمَةَ رَبِّكُم إِذَا استَوَيتُم عَلَيهِ وَتَقولوا سُبحٰنَ الَّذى سَخَّرَ لَنا هٰذا وَما كُنّا لَهُ مُقرِنينَ (آيت : 13) |
تانته توهان انهن جي پٺين تي چڙهي ويهو ۽ جڏهن چڙهي سوار ٿيو ته پنهنجي رب جي نعمت ياد ڪريو ۽ چئو: "پاڪ آهي اها ذات، جنهن اسان لاءِ انهن کي تابع بڻايو آهي، نه ته اسان کي ڪهڙي طاقت هئي، انهن کي قابو ڪري جهلڻ جي |
وَإِنّا إِلىٰ رَبِّنا لَمُنقَلِبونَ (آيت : 14) |
۽ نيٺ ته اسان کي پنهنجي رب ڏانهن موٽي هلڻو آهي" |
وَجَعَلوا لَهُ مِن عِبادِهِ جُزءًا إِنَّ الإِنسٰنَ لَكَفورٌ مُبينٌ (آيت : 15) |
(ان هوندي به) انهن ماڻهن سندس ٻانهن مان ڪن کي کڻي سندس جزو بڻايو. بيشڪ انسان پڌرو احسان فراموش آهي |
أَمِ اتَّخَذَ مِمّا يَخلُقُ بَناتٍ وَأَصفىٰكُم بِالبَنينَ (آيت : 16) |
ڇا الله پنهنجيءَ مخلوق مان پاڻ لاءِ ته ڌيئر کنيون آهن، باقي توهان کي پٽن سان نوازيو اٿائين؟ |
وَإِذا بُشِّرَ أَحَدُهُم بِما ضَرَبَ لِلرَّحمٰنِ مَثَلًا ظَلَّ وَجهُهُ مُسوَدًّا وَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 17) |
هوڏانهن حالت اها آهي ته جنهن اولاد کي اهي رحمان ڏانهن منسوب ڪن ٿا، ان جي ڄمڻ جي خوشخبري جڏهن خود انهن مان ڪنهن کي ڏني وڃي ٿي ته سندس منهن ڪاراٺجي وڃي ٿو ۽ هو ڏک ۾ ڀرجي ٿو وڃي |
أَوَمَن يُنَشَّؤُا۟ فِى الحِليَةِ وَهُوَ فِى الخِصامِ غَيرُ مُبينٍ (آيت : 18) |
ڇا الله جي حصي ۾ ته اها اولاد آئي آهي، جيڪا ڳهن ڳٺن ۾ پلجي ٿي ۽ بحث ۽ دليل بازيءَ ۾ پنهنجو مطلب کولي پيش به نٿي ڪري سگهي؟ |
وَجَعَلُوا المَلٰئِكَةَ الَّذينَ هُم عِبٰدُ الرَّحمٰنِ إِنٰثًا أَشَهِدوا خَلقَهُم سَتُكتَبُ شَهٰدَتُهُم وَيُسـَٔلونَ (آيت : 19) |
۽ انهن ملائڪن کي جيڪي رحمان جا خاص ٻانها آهن، ڌيئر بڻايو آهي. ڇا انهن سندن جسماني بناوت ڏٺي آهي؟ سندن شاهدي لکي ڇڏبي ۽ کين ان جو جواب ڏيڻو پوندو |
وَقالوا لَو شاءَ الرَّحمٰنُ ما عَبَدنٰهُم ما لَهُم بِذٰلِكَ مِن عِلمٍ إِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 20) |
چون ٿا ته جيڪڏهن رحمان ائين گهري ها ته (اسان انهن جي عبادت نه ڪريون) ته اسان کين ڪڏهن به نه پوڄيون ها. اهي معاملي جي حقيقت کي نٿا ڄاڻن، رڳو پيا ٿا ڌڪي بازي ڪن |
أَم ءاتَينٰهُم كِتٰبًا مِن قَبلِهِ فَهُم بِهِ مُستَمسِكونَ (آيت : 21) |
ڇا اسان هن کان اڳ کين ڪو ڪتاب ڏنو هو، جو پوءِ ان کي کڻي قابو ڪري جهليو اٿن؟ (۽ ان جي ســَـنــَـدَ سان ٿا ملائڪن کي پوڄين) |
بَل قالوا إِنّا وَجَدنا ءاباءَنا عَلىٰ أُمَّةٍ وَإِنّا عَلىٰ ءاثٰرِهِم مُهتَدونَ (آيت : 22) |
نه نه، بلڪه چون ٿا ته اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي هڪڙي طريقي تي هلندي ڏٺو ۽ اسان به سندن طريقي تي پيا ٿا هلون |
وَكَذٰلِكَ ما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ فى قَريَةٍ مِن نَذيرٍ إِلّا قالَ مُترَفوها إِنّا وَجَدنا ءاباءَنا عَلىٰ أُمَّةٍ وَإِنّا عَلىٰ ءاثٰرِهِم مُقتَدونَ (آيت : 23) |
اهڙيءَ طرح توکان اڳ جنهن به ڳوٺ ۾ اسان ڪو ڊيڄاريندڙ موڪليو ته اتان جي آسودن ماڻهن ائين ئي چيو ته اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي هڪڙي طريقي تي هلندو ڏٺو آهي ۽ اسان به انهن جي ئي طريقي تي هلندڙ آهيون |
قٰلَ أَوَلَو جِئتُكُم بِأَهدىٰ مِمّا وَجَدتُم عَلَيهِ ءاباءَكُم قالوا إِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 24) |
هر نبيءَ کانئن اهو پڇيو ته ڇا توهان ائين ئي پيا هلندا رهندؤ، توڻي جو مان توهان کي ان رستي کان جنهن تي توهان پنهنجن ابن ڏاڏن کي هلندي ڏٺو آهي، وڌيڪ هدايت وارو رستو ڏسيان؟ انهن سمورن رسولن کي اهوئي جواب ڏنو ته جنهن دين ڏانهن سڏڻ لاءِ توهان موڪليا ويا آهيو، تنهن جا ته اسان انڪاري آهيون |
فَانتَقَمنا مِنهُم فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 25) |
پوءِ ته اسان به کانئن بدلو ورتو، پوءِ ڏس ته ڪوڙو سڏيندڙن جي پڇاڙي ڇا ٿي |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ لِأَبيهِ وَقَومِهِ إِنَّنى بَراءٌ مِمّا تَعبُدونَ (آيت : 26) |
ياد ڪر، جڏهن ابراهيم پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجيءَ قوم کي چيو هو ته توهان جن جي عبادت ڪيو ٿا، منهنجو انهن سان ڪو واسطو ڪونهي |
إِلَّا الَّذى فَطَرَنى فَإِنَّهُ سَيَهدينِ (آيت : 27) |
منهنجو واسطو ته فقط انهيءَ سان آهي، جنهن مون کي پيدا ڪيو آهي، اهوئي مون کي صحيح دڳ لائيندو |
وَجَعَلَها كَلِمَةً باقِيَةً فى عَقِبِهِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 28) |
۽ ابراهيم اهوئي قول پنهنجي پويان پنهنجي پونئيرن ۾ به ڇڏي ويو ته جيئن هو ڏانهس رجوع ڪندا رهن |
بَل مَتَّعتُ هٰؤُلاءِ وَءاباءَهُم حَتّىٰ جاءَهُمُ الحَقُّ وَرَسولٌ مُبينٌ (آيت : 29) |
(ان هوندي به جڏهن هو ٻين جي بندگي ڪرڻ لڳا ته مون انهن کي مٽائي نه ڇڏيو) بلڪه کين توڙي سندن ابن ڏاڏن کي زندگيءَ جو مال متاع ڏيندو رهيس، تان جو وٽن حق ۽ کولي بيان ڪرڻ وارو رسول اچي ويو |
وَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ قالوا هٰذا سِحرٌ وَإِنّا بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 30) |
پر پوءِ جڏهن وٽن اهو حق اچي ويو ته انهن چيو ته "اهو ته جادو آهي ۽ اسان ان کي مڃڻ کان انڪار ٿا ڪريون" |
وَقالوا لَولا نُزِّلَ هٰذَا القُرءانُ عَلىٰ رَجُلٍ مِنَ القَريَتَينِ عَظيمٍ (آيت : 31) |
چون ٿا ته هيءُ قرآن ٻنهي شهرن جي وڏن ماڻهن مان ڪنهن تي ڇو نه نازل ڪيو ويو؟ |
أَهُم يَقسِمونَ رَحمَتَ رَبِّكَ نَحنُ قَسَمنا بَينَهُم مَعيشَتَهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَرَفَعنا بَعضَهُم فَوقَ بَعضٍ دَرَجٰتٍ لِيَتَّخِذَ بَعضُهُم بَعضًا سُخرِيًّا وَرَحمَتُ رَبِّكَ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 32) |
ڇا اهي تنهنجي رب جي رحمت ورهائيندا آهن؟ دنيا جي زندگيءَ ۾ سندن گذران جا وسيلا ته منجهن اسان ورهايا آهن ۽ منجهانئن هڪڙن کي ٻين کان تمام گهڻو مٿانهون ڪيو آهي، تانته هڪ ٻئي کان ڪم وٺندا رهن ۽ تنهنجي رب جي رحمت (نبوت) ته انهيءَ دولت کان وڌيڪ ڀلي آهي، جيڪا (سندن وڏا ماڻهو) گڏ ڪندا ٿا رهن |
وَلَولا أَن يَكونَ النّاسُ أُمَّةً وٰحِدَةً لَجَعَلنا لِمَن يَكفُرُ بِالرَّحمٰنِ لِبُيوتِهِم سُقُفًا مِن فِضَّةٍ وَمَعارِجَ عَلَيها يَظهَرونَ (آيت : 33) |
جيڪڏهن اهو انديشو نه هجي ها ته متان سڀئي ماڻهو هڪ ئي طريقي وارا نه بڻجي وڃن ته انهن رحمان سان ڪفر ڪرڻ وارن جي گهرن جون ڇتيون ۽ سندن ڏاڪڻيون جن وسيلي مٿي ماڙين تي چڙهندا آهن |
وَلِبُيوتِهِم أَبوٰبًا وَسُرُرًا عَلَيها يَتَّكِـٔونَ (آيت : 34) |
۽ انهن جا دروازا ۽ سندن اهي تخت جن تي هو طول وهاڻن تي ٽيڪون ڏئي ويهندا آهن |
وَزُخرُفًا وَإِن كُلُّ ذٰلِكَ لَمّا مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَالءاخِرَةُ عِندَ رَبِّكَ لِلمُتَّقينَ (آيت : 35) |
سڀئي چانديءَ ۽ سون جا بڻائي ڇڏيون ها. اهو ته فقط دنيا جي حياتيءَ جو مال متاع آهي ۽ آخرت تنهنجي رب وٽ آهي ئي رڳو پرهيزگارن لاءِ |
وَمَن يَعشُ عَن ذِكرِ الرَّحمٰنِ نُقَيِّض لَهُ شَيطٰنًا فَهُوَ لَهُ قَرينٌ (آيت : 36) |
جيڪو شخص رحمان جي ياد کان اکيون ٻوٽي ٿو، اسان ان تي هڪڙو شيطان مڙهي ڇڏيندا آهيون، جيڪو سندس سنگتي بڻجي ويندو آهي |
وَإِنَّهُم لَيَصُدّونَهُم عَنِ السَّبيلِ وَيَحسَبونَ أَنَّهُم مُهتَدونَ (آيت : 37) |
۽ اهي شيطان اهڙن ماڻهن کي سڌي واٽ وٺڻ کان پيا روڪيندا آهن ۽ هي وري پنهنجي هنڌ پيا سمجهندا آهن ته هو سنئين واٽ وٺيو پيا هلن |
حَتّىٰ إِذا جاءَنا قالَ يٰلَيتَ بَينى وَبَينَكَ بُعدَ المَشرِقَينِ فَبِئسَ القَرينُ (آيت : 38) |
تان جو جڏهن اهو اسان وٽ اچي پهچندو ته پنهنجي شيطان کي چوندو: "جيڪر منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ اولهه ۽ اوڀر جيڏو مفاصلو هجي ها! تون ته ڏاڍو بڇڙو سنگتي ثابت ٿئين" |
وَلَن يَنفَعَكُمُ اليَومَ إِذ ظَلَمتُم أَنَّكُم فِى العَذابِ مُشتَرِكونَ (آيت : 39) |
تڏهن کين چيو ويندو ته جيئن ته توهان ظلم ڪري چڪا آهيو ته پوءِ اڄ اها ڳالهه توهان کي ڪو فائدو نه ڏيندي ته توهان توڙي توهان جا شيطان عذاب ۾ به گڏ آهيو |
أَفَأَنتَ تُسمِعُ الصُّمَّ أَو تَهدِى العُمىَ وَمَن كانَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 40) |
اي نبي! ڇا ڀلا هاڻي تون ٻوڙن کي ٻڌرائيندين؟ يا انڌن ۽ پڌري گمراهيءَ ۾ پيلن کي سنئين دڳ لائيندين؟ |
فَإِمّا نَذهَبَنَّ بِكَ فَإِنّا مِنهُم مُنتَقِمونَ (آيت : 41) |
جيڪڏهن اسان توکي دنيا مان کڻي وٺون ته به انهن کان بدلو ضرور وٺڻو آهي |
أَو نُرِيَنَّكَ الَّذى وَعَدنٰهُم فَإِنّا عَلَيهِم مُقتَدِرونَ (آيت : 42) |
يا وري توکي ئي اکين سان سندن اها پڇاڙي ڏيکاري ڇڏيون، جنهن جو اسان ساڻن وعدو ڪيو آهي. اسانکي انهن تي پورو پورو اختيار حاصل آهي |
فَاستَمسِك بِالَّذى أوحِىَ إِلَيكَ إِنَّكَ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 43) |
باقي تون انهيءَ (قرآن) کي سوگهو ڪري جهل، جيڪو وحيءَ وسيلي توڏانهن موڪليو ويو آهي. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته تون سڌيءَ راهه تي آهين |
وَإِنَّهُ لَذِكرٌ لَكَ وَلِقَومِكَ وَسَوفَ تُسـَٔلونَ (آيت : 44) |
۽ بيشڪ اهو ڪتاب تولاءِ ۽ تنهنجيءَ قوم لاءِ نصيحت آهي ۽ سگهوئي توهان کان ان بابت پڇيو ويندو |
وَسـَٔل مَن أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رُسُلِنا أَجَعَلنا مِن دونِ الرَّحمٰنِ ءالِهَةً يُعبَدونَ (آيت : 45) |
توکان اڳ جيترا به رسول اسان موڪليا هئا، انهن کان پڇي ڏس ته ڇا اسان رحمان کان سواءِ به ڪي معبود مقرر ڪيا هئا ته انهن جي عبادت ڪئي وڃي؟ |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَقالَ إِنّى رَسولُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 46) |
اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين سان گڏ فرعون ۽ سندس سردارن ڏانهن موڪليو ۽ هن وڃي چين ته مان رب العالمين جو رسول آهيان |
فَلَمّا جاءَهُم بِـٔايٰتِنا إِذا هُم مِنها يَضحَكونَ (آيت : 47) |
پوءِ وري جڏهن هن اسان جون نشانيون سندن آڏو پيش ڪيون ته هو انهن تي کلڻ لڳا |
وَما نُريهِم مِن ءايَةٍ إِلّا هِىَ أَكبَرُ مِن أُختِها وَأَخَذنٰهُم بِالعَذابِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 48) |
اسان کين ساندهه اهڙيون نشانيون ڏيکاريندا وياسون، جن مان هر ڪا اڳينءَ کان وڏي هئي ۽ اسان کين عذاب ۾ ان ڪري پڪڙيو ته مــَـن ڪو هو مـُـڙي وڃن |
وَقالوا يٰأَيُّهَ السّاحِرُ ادعُ لَنا رَبَّكَ بِما عَهِدَ عِندَكَ إِنَّنا لَمُهتَدونَ (آيت : 49) |
۽ چيائون ته "اي جادوگر، توکي پنهنجي رب طرفان جيڪو عهدو مليل آهي، ان جي واسطي سان اسان لاءِ کانئس دعا گهر ته پوءِ ضرور اسان هدايت جي راهه تي اچي وينداسون" |
فَلَمّا كَشَفنا عَنهُمُ العَذابَ إِذا هُم يَنكُثونَ (آيت : 50) |
پوءِ جيئن ئي اسان کانئن عذاب هٽائيندا هئاسون ته هو پنهنجي ڳالهه تان ڦري ويندا هئا |
وَنادىٰ فِرعَونُ فى قَومِهِ قالَ يٰقَومِ أَلَيسَ لى مُلكُ مِصرَ وَهٰذِهِ الأَنهٰرُ تَجرى مِن تَحتى أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 51) |
هڪڙي ڏينهن فرعون پنهنجيءَ قوم کي وڏي واڪي خطاب ڪري چيو ته "اي منهنجي قوم! ڇا مصر جي بادشاهي منهنجي ناهي ۽ اهي واهه منهنجي هيٺان نٿا وهن؟ ڇا نظر نٿو اچيوَ؟ |
أَم أَنا۠ خَيرٌ مِن هٰذَا الَّذى هُوَ مَهينٌ وَلا يَكادُ يُبينُ (آيت : 52) |
مان ڀلو آهيان يا اهو شخص جيڪو ذليل ۽ هيڻو آهي ۽ پنهنجي ڳالهه به چٽيءَ طرح ٻڌائي نٿو سگهي؟ |
فَلَولا أُلقِىَ عَلَيهِ أَسوِرَةٌ مِن ذَهَبٍ أَو جاءَ مَعَهُ المَلٰئِكَةُ مُقتَرِنينَ (آيت : 53) |
ڇونه مٿس سون جا ڪنگڻ لاٿا ويا؟ يا فرشتن جو ڪو دستو ڇو نه سندس اردلي بڻجي آيو؟" |
فَاستَخَفَّ قَومَهُ فَأَطاعوهُ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 54) |
پوءِ ائين هن پنهنجيءَ قوم کي بيوقوف بڻايو ۽ هو سندس چوڻ تي هلڻ لڳا. دراصل هو ته نافرمان قوم هئا |
فَلَمّا ءاسَفونَا انتَقَمنا مِنهُم فَأَغرَقنٰهُم أَجمَعينَ (آيت : 55) |
نيٺ جڏهن هنن اسان کي ڪاوڙائي ڇڏيو ته اسان کانئن بدلو ورتو ۽ سڀني کي گڏ غرق ڪري ڇڏيوسون |
فَجَعَلنٰهُم سَلَفًا وَمَثَلًا لِلءاخِرينَ (آيت : 56) |
۽ کين پوين لاءِ اڳواڻ ۽ عبرت جو مثال بڻائي ڇڏيوسون |
وَلَمّا ضُرِبَ ابنُ مَريَمَ مَثَلًا إِذا قَومُكَ مِنهُ يَصِدّونَ (آيت : 57) |
۽ (اي نبي) جيئن ئي مريم جي پٽ جو مثال ڏنو ويو ته تنهنجيءَ قوم وارن ان تي گوڙ مچايو |
وَقالوا ءَأٰلِهَتُنا خَيرٌ أَم هُوَ ما ضَرَبوهُ لَكَ إِلّا جَدَلًا بَل هُم قَومٌ خَصِمونَ (آيت : 58) |
۽ چوڻ لڳا ته "اسان جا معبود ڀلا آهن يا هو؟" اهو مثال انهن تنهنجي آڏو رڳو اجائي بحث طور پيش ڪيو آهي. اصل ڳالهه اها آهي ته اهي آهن ئي جهيڙاگر ماڻهو |
إِن هُوَ إِلّا عَبدٌ أَنعَمنا عَلَيهِ وَجَعَلنٰهُ مَثَلًا لِبَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 59) |
مريم جو پٽ ته ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو ته هو هڪ ٻانهو هو، جنهن کي اسان نوازيو هو ۽ بني اسرائيل لاءِ پنهنجيءَ قدرت جو هڪ نمونو بڻايو هو |
وَلَو نَشاءُ لَجَعَلنا مِنكُم مَلٰئِكَةً فِى الأَرضِ يَخلُفونَ (آيت : 60) |
اسان چاهيون ته توهان مان ملائڪ پيدا ڪريون، جيڪي زمين ۾ توهان جي جاءِ وٺن |
وَإِنَّهُ لَعِلمٌ لِلسّاعَةِ فَلا تَمتَرُنَّ بِها وَاتَّبِعونِ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 61) |
۽ اهو (مريم جو پٽ) ته حقيقت ۾ قيامت جي هڪڙي نشاني آهي، تنهنڪري توهان ان ۾ شڪ نه ڪريو ۽ منهنجي ڳالهه مڃو. اهوئي سڌو رستو آهي |
وَلا يَصُدَّنَّكُمُ الشَّيطٰنُ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 62) |
متان توهان کي شيطان ان کان روڪي وجهي، جو هو ته توهان جو کليو کلايو دشمن آهي |
وَلَمّا جاءَ عيسىٰ بِالبَيِّنٰتِ قالَ قَد جِئتُكُم بِالحِكمَةِ وَلِأُبَيِّنَ لَكُم بَعضَ الَّذى تَختَلِفونَ فيهِ فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 63) |
۽ جڏهن عيسيٰ چٽيون نشانيون کڻي آيو ته هن چيو ته "مان توهان وٽ حڪمت کڻي آيو آهيان ۽ ان ڪري آيو آهيان ته توهان تي ڪن انهن ڳالهين جي حقيقت کولي ڇڏيان، جن ۾ توهان پاڻ ۾ اختلاف ڪريو ٿا، تنهنڪري توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجي اطاعت ڪريو |
إِنَّ اللَّهَ هُوَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 64) |
بيشڪ الله ئي منهنجو رب آهي ۽ توهان جو به رب آهي، پوءِ انهيءَ جي ئي عبادت ڪريو. اهوئي سڌو رستو آهي" |
فَاختَلَفَ الأَحزابُ مِن بَينِهِم فَوَيلٌ لِلَّذينَ ظَلَموا مِن عَذابِ يَومٍ أَليمٍ (آيت : 65) |
مگر (سندس انهيءَ چٽيءَ تعليم جي هوندي به) ٽولن پاڻ ۾ اختلاف ڪيا، پوءِ ته تباهي آهي انهن ماڻهن لاءِ جن ظلم ڪيو، دردناڪ ڏينهن واري عذاب جي صورت ۾ |
هَل يَنظُرونَ إِلَّا السّاعَةَ أَن تَأتِيَهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 66) |
پوءِ ڀلا اهي ماڻهو هاڻي بس انهيءَ ڳالهه جي انتظار ۾ آهن ڇا ته اوچتو ئي اوچتو اچي قيامت مٿن ڪڙڪي ۽ کين ڪا خبر ئي نه پوي؟ |
الأَخِلّاءُ يَومَئِذٍ بَعضُهُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ إِلَّا المُتَّقينَ (آيت : 67) |
اهو ڏينهن جڏهن آيو ته پرهيزگارن کي ڇڏي باقي سڀئي دوست هڪ ٻئي جا دشمن بڻجي ويندا |
يٰعِبادِ لا خَوفٌ عَلَيكُمُ اليَومَ وَلا أَنتُم تَحزَنونَ (آيت : 68) |
ان ڏينهن انهن ماڻهن کي، چيو ويندو ته: ”اي منهنجا ٻانهؤ! اڄ توهان لاءِ نڪي ڪو خوف آهي ۽ نه ڪو ڏک ئي ڏسندؤ.“ |
الَّذينَ ءامَنوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا مُسلِمينَ (آيت : 69) |
جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو هو ۽ فرمانبردار ٿي رهيا هئا، |
ادخُلُوا الجَنَّةَ أَنتُم وَأَزوٰجُكُم تُحبَرونَ (آيت : 70) |
جنت ۾ داخل ٿي وڃو توهان ۽ توهان جون زالون، توهان ڏاڍا خوش ڪيا ويندؤ" |
يُطافُ عَلَيهِم بِصِحافٍ مِن ذَهَبٍ وَأَكوابٍ وَفيها ما تَشتَهيهِ الأَنفُسُ وَتَلَذُّ الأَعيُنُ وَأَنتُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 71) |
سندن اڳيان سون جا ٿالهه ۽ پيالا هيڏانهن کان هوڏانهن ڦيرايا ويندا ۽ هر ڪا دلپسند ۽ اکين کي فرحت ڏيندڙ شيءِ اتي موجود هوندي ۽ انهن کي چيو ويندو ته "توهان هاڻي هتي هميشه لاءِ رهندؤ |
وَتِلكَ الجَنَّةُ الَّتى أورِثتُموها بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 72) |
توهان هن جنت جا وارث پنهنجن عملن جي ڪري ٿيا آهيو، جيڪي دنيا ۾ ڪندا هئا |
لَكُم فيها فٰكِهَةٌ كَثيرَةٌ مِنها تَأكُلونَ (آيت : 73) |
توهان لاءِ هتي گهڻا ميوا موجود آهن، جن منجهان توهان کائيندا رهندؤ" |
إِنَّ المُجرِمينَ فى عَذابِ جَهَنَّمَ خٰلِدونَ (آيت : 74) |
بيشڪ ڏوهاري ته سدائين جهنم جي عذاب ۾ پيا هوندا |
لا يُفَتَّرُ عَنهُم وَهُم فيهِ مُبلِسونَ (آيت : 75) |
ڪڏهن به سندن عذاب گهٽايو نه ويندو ۽ هو اتي نااميد هوندا |
وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن كانوا هُمُ الظّٰلِمينَ (آيت : 76) |
انهن تي اسان ڪوبه ظلم نه ڪيو هو، پر هو پاڻ تي پاڻ ئي پيا ظلم ڪندا هئا |
وَنادَوا يٰمٰلِكُ لِيَقضِ عَلَينا رَبُّكَ قالَ إِنَّكُم مٰكِثونَ (آيت : 77) |
هو پڪاريندا: "اي مالڪ، تنهنجو رب اسان کي صفا ختم ڪري ڇڏي ته ڀلو". هو جواب ڏيندو: "توهان ائين ئي پيا هوندؤ |
لَقَد جِئنٰكُم بِالحَقِّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَكُم لِلحَقِّ كٰرِهونَ (آيت : 78) |
اسان توهان وٽ حق کڻي آيا هئاسون پر توهان جي اڪثريت کي حق پسند ئي نه هو" |
أَم أَبرَموا أَمرًا فَإِنّا مُبرِمونَ (آيت : 79) |
ڇا انهن ڪو قدم کڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته پوءِ ڀلا اسان به هڪڙو فيصلو ٿا ڪري ڇڏيون |
أَم يَحسَبونَ أَنّا لا نَسمَعُ سِرَّهُم وَنَجوىٰهُم بَلىٰ وَرُسُلُنا لَدَيهِم يَكتُبونَ (آيت : 80) |
ائين کڻي سمجهيو اٿن ڇا ته اسان سندن راز جون ڳالهيون يا سندن ســُـس پــُـس ٻڌون ئي نٿا؟ اسان سڀ ڪجهه ٿا ٻڌون ۽ اسان جا ملائڪ وٽن ئي ويٺا لکن ٿا |
قُل إِن كانَ لِلرَّحمٰنِ وَلَدٌ فَأَنا۠ أَوَّلُ العٰبِدينَ (آيت : 81) |
(اي پيغمبر) چوين ته "جيڪڏهن سچ پچ رحمان جي ڪا اولاد هجي ها ته سڀ کان اول عبادت ڪرڻ وارو مان ئي هجان ها" |
سُبحٰنَ رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ رَبِّ العَرشِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 82) |
پاڪ آهي آسمانن ۽ زمين جو حاڪم عرش جو مالڪ، انهن سمورين ڳالهين کان، جيڪي اهي ڏانهس منسوب ڪن ٿا |
فَذَرهُم يَخوضوا وَيَلعَبوا حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 83) |
پوءِ ڇڏين ته پنهنجن غلط خيالن ۾ غرق پيا هجن ۽ پنهنجيءَ راند روند ۾ پيا هجن، تان جو وڃي پنهنجو اهو ڏينهن ڏسن، جنهن کان ڊيڄاريا وڃن ٿا |
وَهُوَ الَّذى فِى السَّماءِ إِلٰهٌ وَفِى الأَرضِ إِلٰهٌ وَهُوَ الحَكيمُ العَليمُ (آيت : 84) |
اهوئي ساڳيو آسمانن ۾ به معبود آهي ته زمين ۾ به معبود آهي ۽ اهوئي دانائيءَ وارو ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي |
وَتَبارَكَ الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَعِندَهُ عِلمُ السّاعَةِ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 85) |
تمام مٿانهين ۽ مٿڀري آهي، اها هستي جنهن جي هٿ ۾ آسمانن ۽ زمين ۽ سندن وچ واري هر شيءِ جي بادشاهي آهي ۽ قيامت جي گهڙيءَ جي ڄاڻ کيس ئي آهي ۽ ڏانهس ئي توهان موٽايا ويندؤ |
وَلا يَملِكُ الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ الشَّفٰعَةَ إِلّا مَن شَهِدَ بِالحَقِّ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 86) |
ان کي ڇڏي جن کي به اهي سڏين ٿا، انهن کي شفاعت جي ڪا طاقت ڪانهي، باقي ڪو ڄاڻ جي بنياد تي حق جي شاهدي ڏئي ته اها ٻي ڳالهه آهي |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَهُم لَيَقولُنَّ اللَّهُ فَأَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 87) |
۽ (اي نبي!) جيڪڏهن کانئن پڇندين ته کين ڪنهن پيدا ڪيو آهي ته چوندا ته "الله"، پوءِ ڪيڏانهن دوکو کائن ٿا |
وَقيلِهِ يٰرَبِّ إِنَّ هٰؤُلاءِ قَومٌ لا يُؤمِنونَ (آيت : 88) |
قسم آهي رسول جي ان قول جو، ته اي منهنجا پاليندڙ ! هي آهن اهي ماڻهو جيڪي ايمان نٿا آڻين |
فَاصفَح عَنهُم وَقُل سَلٰمٌ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 89) |
چڱو پوءِ اي نبي! تون انهن کان پاسو ڪر ۽ چوين ته سلام هجيوَ، سگهوئي پتو پئجي ويندن |