حم (آيت : 1) |
حم |
وَالكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
روشن ڪتاب (قرآن) جو قسم آهي ته، |
إِنّا جَعَلنٰهُ قُرءٰنًا عَرَبِيًّا لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 3) |
بيشڪ اسان ان کي عربي زبان ۾ قرآن ڪيو آهي ته من اوهين عقل کان ڪم وٺو. |
وَإِنَّهُ فى أُمِّ الكِتٰبِ لَدَينا لَعَلِىٌّ حَكيمٌ (آيت : 4) |
۽ بيشڪ هي (قرآن) اصلي ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (به جو) اسان وٽ (آهي لکيل) آهي ۽ پڪ وڏي رتبي جو (۽) حڪمت سان پر آهي. |
أَفَنَضرِبُ عَنكُمُ الذِّكرَ صَفحًا أَن كُنتُم قَومًا مُسرِفينَ (آيت : 5) |
ڀلا هن ڪري جو اوهين زيادتي ڪندڙ ماڻهو آهيو اسين اوهان کي نصيحت ڪرڻ کان منهن موڙينداسون (ڪڏهن نه!). |
وَكَم أَرسَلنا مِن نَبِىٍّ فِى الأَوَّلينَ (آيت : 6) |
۽ اسان اڳين ماڻهن ۾ ڪيئي پيغمبر موڪليا. |
وَما يَأتيهِم مِن نَبِىٍّ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 7) |
۽ ڪو به پيغمبر اهڙو انهن وٽ نه آيو جنهن سان انهن ماڻهن ٺٺوليون نه ڪيون هجن. |
فَأَهلَكنا أَشَدَّ مِنهُم بَطشًا وَمَضىٰ مَثَلُ الأَوَّلينَ (آيت : 8) |
ته انهن ماڻهن جيڪي وڌيڪ طاقت وارا هئا تن کي اسان هلاڪ ڪري ماريو ۽ (دنيا ۾) اڳين جا افسانا ئي رهجي ويا. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ خَلَقَهُنَّ العَزيزُ العَليمُ (آيت : 9) |
۽ (اي رسول) جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو ته ضرور چوندا ته انهن کي زبردست (۽) وڏي واقفڪار (خدا) پيدا ڪيو آهي. |
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ مَهدًا وَجَعَلَ لَكُم فيها سُبُلًا لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 10) |
جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ڪيو ۽ ان ۾ اوهان جي فائدي جي لاءِ رستا ٺاهيا ته من اوهين راھ معلوم ڪريو. |
وَالَّذى نَزَّلَ مِنَ السَّماءِ ماءً بِقَدَرٍ فَأَنشَرنا بِهِ بَلدَةً مَيتًا كَذٰلِكَ تُخرَجونَ (آيت : 11) |
۽ جنهن آسمان مان (مناسب) اندازي سان مينهن وسايو، پوءِ اسان ئي ان جي (ذريعي) مئل شهر کي زنده (آباد) ڪيو. اهڙي طرح اوهين به (قيامت جي ڏينهن قبرن مان) ڪڍيا ويندا. |
وَالَّذى خَلَقَ الأَزوٰجَ كُلَّها وَجَعَلَ لَكُم مِنَ الفُلكِ وَالأَنعٰمِ ما تَركَبونَ (آيت : 12) |
۽ جنهن سڀ قسم جون شيون پيدا ڪيون ۽ اوهان لاءِ اهي ٻيڙيون بنايون ۽ جانور (پيدا ڪيا) جن تي اوهين سوار ٿيو ٿا. |
لِتَستَوۥا عَلىٰ ظُهورِهِ ثُمَّ تَذكُروا نِعمَةَ رَبِّكُم إِذَا استَوَيتُم عَلَيهِ وَتَقولوا سُبحٰنَ الَّذى سَخَّرَ لَنا هٰذا وَما كُنّا لَهُ مُقرِنينَ (آيت : 13) |
هن لاءِ ته اوهين انهن تي چڙهي وهو ۽ جڏهن انهن تي (چڱيءَ طرح) سڌا ٿي وهو ته پنهنجي پروردگار جو احسان ياد ڪريو ۽ چئو ته اهو (خدا سڀ عيب کان) پاڪ آهي جنهن هن کي اسان جو تابع ڪيو هوڏانهن اسين ته اهڙي (طاقت وارا) نه هئاسون جو اسان جي وس ۾ رهن. |
وَإِنّا إِلىٰ رَبِّنا لَمُنقَلِبونَ (آيت : 14) |
۽ بيشڪ اسين پنهنجي پالڻهار ڏي موٽڻ وارا آهيون. |
وَجَعَلوا لَهُ مِن عِبادِهِ جُزءًا إِنَّ الإِنسٰنَ لَكَفورٌ مُبينٌ (آيت : 15) |
۽ انهن (ڪافرن ته) سندس بندن مان الله جي لاءِ اولاد ٺهرائي آهي. بيشڪ انسان ظاهر ناشڪرو آهي. |
أَمِ اتَّخَذَ مِمّا يَخلُقُ بَناتٍ وَأَصفىٰكُم بِالبَنينَ (آيت : 16) |
ڇا هن پنهنجي مخلوقات مان (پاڻ لاءِ ته) ڌيئرون بنايون ۽ اوهان کي چونڊي پٽ ڏنا. |
وَإِذا بُشِّرَ أَحَدُهُم بِما ضَرَبَ لِلرَّحمٰنِ مَثَلًا ظَلَّ وَجهُهُ مُسوَدًّا وَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 17) |
هوڏانهن انهن مان ڪنهن کي جڏهن ان (ڌي) جي خوش خبري ڏني وڃي ٿي جنهن جو مثال هن خدا جي لاءِ ٻڌايو آهي، ته سندس منهن (ڪاوڙ کان) ڪارو ٿي پوي ٿو ۽ (بدن ۾) پيچ و تاب کائي ٿو. |
أَوَمَن يُنَشَّؤُا۟ فِى الحِليَةِ وَهُوَ فِى الخِصامِ غَيرُ مُبينٍ (آيت : 18) |
ڇا اها (عورت) جنهن کي زيور پائي پالجي ٿو ۽ جهيڙي ۾ (چڱيءَ طرح) ڳالهائي به نه سگهي (خدا جي ڌي ٿي سگهي ٿي؟) |
وَجَعَلُوا المَلٰئِكَةَ الَّذينَ هُم عِبٰدُ الرَّحمٰنِ إِنٰثًا أَشَهِدوا خَلقَهُم سَتُكتَبُ شَهٰدَتُهُم وَيُسـَٔلونَ (آيت : 19) |
۽ انهن ماڻهن فرشتن کي جو اهي به خدا جا بندا آهن (خدا جون) ڌيئرون مقرر ڪيون آهن. ڇا اهي انهن (ملائڪن) جي پيدائش وقت ڏسي رهيا هئا؟ انهن جي اها شاهدي لکي ويندي ۽ (قيامت ۾) انهن کان پڇيو ويندو. |
وَقالوا لَو شاءَ الرَّحمٰنُ ما عَبَدنٰهُم ما لَهُم بِذٰلِكَ مِن عِلمٍ إِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 20) |
۽ چون ٿا ته جيڪڏهن خدا گهري ها ته انهن کي نه پوڄيون ها. انهن کي ان ڳالھ جي ڪا خبر نه آهي، اهي رڳو خيالي ڳالهيون ڪن ٿا. |
أَم ءاتَينٰهُم كِتٰبًا مِن قَبلِهِ فَهُم بِهِ مُستَمسِكونَ (آيت : 21) |
يا هن کان اڳي اسان کين ڪو ڪتاب ڏنو آهي ڇا! جو تنهن کي مضبوط جهليو ويٺا آهن. |
بَل قالوا إِنّا وَجَدنا ءاباءَنا عَلىٰ أُمَّةٍ وَإِنّا عَلىٰ ءاثٰرِهِم مُهتَدونَ (آيت : 22) |
پر اهي چون ٿا ته بيشڪ اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي هڪ طريقي تي ڏٺو ۽ اسين سندن پيرويءَ تي بلڪل ٺيڪ هلي رهيا آهيون. |
وَكَذٰلِكَ ما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ فى قَريَةٍ مِن نَذيرٍ إِلّا قالَ مُترَفوها إِنّا وَجَدنا ءاباءَنا عَلىٰ أُمَّةٍ وَإِنّا عَلىٰ ءاثٰرِهِم مُقتَدونَ (آيت : 23) |
۽ (اي رسول) اهڙيءَ طرح تو کان اڳ ڪنهن به ڳوٺ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ (پيغمبر) اسان نه موڪليو پر ان جي آسودن (ماڻهن) اهو ئي چيو ته اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي هڪ طريقي تي ڏٺو ۽ اسين پڪ انهن جي قدمن تي هلي رهيا آهيون. |
قٰلَ أَوَلَو جِئتُكُم بِأَهدىٰ مِمّا وَجَدتُم عَلَيهِ ءاباءَكُم قالوا إِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 24) |
(جنهن تي) سندن پيغمبر کين چيو به ته جنهن طريقي تي اوهان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڏٺو پوءِ اگرچ آءُ اوهان وٽ ان کان بهتر طريقو کڻي آيو آهيان (تڏهين به قبول نه ڪندا؟) هنن چيو (ڪجھ به هجي پر) اسين ته ان دين کي جو اوهان کي ڏيئي موڪليو ويو آهي (ڪڏهين به) ڪين مڃينداسون. |
فَانتَقَمنا مِنهُم فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 25) |
ته پوءِ اسان انهن کان (ڪئين به) بدلو ورتو (پوءِ) ڏسو ته ڪوڙن جي ڪهڙي پڇاڙي ٿي. |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ لِأَبيهِ وَقَومِهِ إِنَّنى بَراءٌ مِمّا تَعبُدونَ (آيت : 26) |
(۽ اهو وقت ياد ڪر) جڏهن ابراهيم پنهنجي (رسمي) پيءُ (آذر) ۽ پنهنجيءَ قوم کي چيو ته جن کي اوهين پوڄيو ٿا تن کان آءُ بيزار آهيان. |
إِلَّا الَّذى فَطَرَنى فَإِنَّهُ سَيَهدينِ (آيت : 27) |
پر (آءُ ان جي عبادت ڪريان ٿو) جنهن مون کي پيدا ڪيو ته اهو ئي تمام جلد منهنجي هدايت ڪندو. |
وَجَعَلَها كَلِمَةً باقِيَةً فى عَقِبِهِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 28) |
۽ ان (ايمان) کي ابراهيم پنهنجي اولاد ۾ هميشه باقي رهڻ واري ڳالھ ڇڏي ويو هن لاءِ ته اهي (خدا ڏي) رجوع ٿين. |
بَل مَتَّعتُ هٰؤُلاءِ وَءاباءَهُم حَتّىٰ جاءَهُمُ الحَقُّ وَرَسولٌ مُبينٌ (آيت : 29) |
پر آءُ انهن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي فائدو پهچائيندو رهيس تان جو وٽن (دين) حق ۽ صاف صاف ٻڌائڻ وارو رسول آيو، |
وَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ قالوا هٰذا سِحرٌ وَإِنّا بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 30) |
۽ جڏهن وٽن (دين) حق آيو ته چوڻ لڳا هيءُ ته جادو آهي ۽ اسين (کيس) هر گز مڃڻ وارا نه آهيون. |
وَقالوا لَولا نُزِّلَ هٰذَا القُرءانُ عَلىٰ رَجُلٍ مِنَ القَريَتَينِ عَظيمٍ (آيت : 31) |
۽ چوڻ لڳا ته هي قرآن هنن ٻن ڳوٺن (مڪي ۽ طائف) مان ڪنهن وڏي ماڻهو تي ڇو نه لاٿو ويو. |
أَهُم يَقسِمونَ رَحمَتَ رَبِّكَ نَحنُ قَسَمنا بَينَهُم مَعيشَتَهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَرَفَعنا بَعضَهُم فَوقَ بَعضٍ دَرَجٰتٍ لِيَتَّخِذَ بَعضُهُم بَعضًا سُخرِيًّا وَرَحمَتُ رَبِّكَ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 32) |
ڇا اهي ماڻهو تنهنجي پروردگار جي رحمت کي (پنهنجي مرضيءَ پٽاندر) ورهائڻ چاهين ٿا؟ اسان ته سندن روزي انهن ۾ دنيا جي حياتيءَ ۾ ورهائي ڇڏي آهي ۽ اسان انهن مان هڪڙن جا درجا ٻين کان بلند ڪيا آهن ته انهن مان هڪڙا ٻين کان خدمت وٺن ۽ جيڪا (دولت) اهي گڏ ڪن ٿا تنهن کان تنهنجي پالڻهار جي رحمت (پيغمبر) گهڻو بهتر آهي. |
وَلَولا أَن يَكونَ النّاسُ أُمَّةً وٰحِدَةً لَجَعَلنا لِمَن يَكفُرُ بِالرَّحمٰنِ لِبُيوتِهِم سُقُفًا مِن فِضَّةٍ وَمَعارِجَ عَلَيها يَظهَرونَ (آيت : 33) |
۽ جيڪڏهن اها ڳالھ نه هجي ها جو (نيٺ ته) سڀ ماڻهو هڪڙي ئي طريقي تي ٿيندا ته اسين انهن لاءِ جيڪي خدا کان انڪار ڪن ٿا تن جي گهرن جون ڇتيون چاندي جون ڪريون ها ۽ اهي ڏاڪڻيون (به) جن تي ڇڙهن (لهن) ٿا. |
وَلِبُيوتِهِم أَبوٰبًا وَسُرُرًا عَلَيها يَتَّكِـٔونَ (آيت : 34) |
پڻ سندن گهرن جا دروازا ۽ اهي پلنگ جن تي ٽيڪ لڳائي وهن ٿا. |
وَزُخرُفًا وَإِن كُلُّ ذٰلِكَ لَمّا مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَالءاخِرَةُ عِندَ رَبِّكَ لِلمُتَّقينَ (آيت : 35) |
۽ (تنهن کان سواءِ) سون به، اهو (سامان وغيره) رڳو دنيا جي حياتيءَ جو سامان آهي. (جو فنا ٿي ويندو) ۽ آخرت (جو سامان) ته تنهنجي پروردگار وٽ خاص پرهيزگارن جي لاءِ آهي. |
وَمَن يَعشُ عَن ذِكرِ الرَّحمٰنِ نُقَيِّض لَهُ شَيطٰنًا فَهُوَ لَهُ قَرينٌ (آيت : 36) |
۽ جيڪو خدا جي ياد کان انڌو بنجي ٿو اسين (ڄڻ ته) تنهن لاءِ هڪ شيطان مقرر ڪري ڇڏيون ٿا جو اهو ئي سندس (هر دم ويجهو ساٿي) ٿي رهي ٿو. |
وَإِنَّهُم لَيَصُدّونَهُم عَنِ السَّبيلِ وَيَحسَبونَ أَنَّهُم مُهتَدونَ (آيت : 37) |
۽ اهي (شيطان) انهن کي (خدا جي) راھ کان روڪيندا رهن ٿا (۽) تنهن هوندي به اهي ان خيال ۾ آهن ته اهي پڪ سڌي راھ تي آهن. |
حَتّىٰ إِذا جاءَنا قالَ يٰلَيتَ بَينى وَبَينَكَ بُعدَ المَشرِقَينِ فَبِئسَ القَرينُ (آيت : 38) |
تان جو جڏهن (اهو ماڻهو قيامت ۾) اسان وٽ ايندو ته (شيطان کي ڏسي) چوندو ته افسوس! جيڪر منهنجيءَ تنهنجي وچ ۾ اوڀر ۽ اولھ جيتري وٿي هجي ها (ته چڱو) مطلب ته (شيطان) بڇڙو سنگتي آهي. |
وَلَن يَنفَعَكُمُ اليَومَ إِذ ظَلَمتُم أَنَّكُم فِى العَذابِ مُشتَرِكونَ (آيت : 39) |
۽ جڏهن اوهان نافرمانيون ڪري چڪو ته (شيطان سان گڏ) اوهان جو عذاب ۾ گڏ هجڻ به اڄ اوهان کي عذاب جي گهٽڻ ۾ ڪوئي فائدو پهچائي نه ٿو سگهي. |
أَفَأَنتَ تُسمِعُ الصُّمَّ أَو تَهدِى العُمىَ وَمَن كانَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 40) |
ته ڇا (اي رسول) تون پوءِ ٻوڙن کي ٻڌائي سگهين ٿو يا انڌن کي ۽ جيڪي ظاهر گمراهيءَ ۾ آهن تن کي راھ ڏيکاري سگهين ٿو (هرگز نه)؟ |
فَإِمّا نَذهَبَنَّ بِكَ فَإِنّا مِنهُم مُنتَقِمونَ (آيت : 41) |
پوءِ جيڪڏهن تو کي (هن جهان مان) کڻي وڃون تڏهين به انهن کان بدلو وٺڻ ضروري آهي. |
أَو نُرِيَنَّكَ الَّذى وَعَدنٰهُم فَإِنّا عَلَيهِم مُقتَدِرونَ (آيت : 42) |
يا (پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي) جنهن عذاب جو اسان انهن سان وعدو ڪيو آهي تو کي ڏيکاريون. اسين ته انهن تي هر طرح قدرت رکون ٿا. |
فَاستَمسِك بِالَّذى أوحِىَ إِلَيكَ إِنَّكَ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 43) |
پوءِ (اي رسول) جيڪو تو ڏي وحي ڪيو ويو آهي تنهن کي مضبوط پڪڙ بيشڪ تون سڌي رستي تي آهين. |
وَإِنَّهُ لَذِكرٌ لَكَ وَلِقَومِكَ وَسَوفَ تُسـَٔلونَ (آيت : 44) |
۽ اهو (قرآن) تو لاءِ تنهنجي قوم لاءِ نصيحت آهي ۽ جلد ئي اوهان کان (ان) بابت پڇيو ويندو. |
وَسـَٔل مَن أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رُسُلِنا أَجَعَلنا مِن دونِ الرَّحمٰنِ ءالِهَةً يُعبَدونَ (آيت : 45) |
۽ اسان تو کان اڳ ۾ پنهنجا جيترا (به) رسول موڪليا آهن تن سڀني کان پڇ. ڇا اسان خدا کان سواءِ ٻيا معبود بنايا هئا جن جي عبادت ڪئي وڃي؟ |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَقالَ إِنّى رَسولُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 46) |
۽ اسان ئي بيشڪ موسى کي پنهنجي (قدرت جون) نشانيون ڏئي ۽ فرعون ۽ ان جي دربارين ڏي (پيغمبر بنائي) موڪليو هو ته موسى چيو ته آءُ سموري جهان جي پروردگار (خدا) جو رسول آهيان. |
فَلَمّا جاءَهُم بِـٔايٰتِنا إِذا هُم مِنها يَضحَكونَ (آيت : 47) |
پوءِ موسى جڏهن انهن وٽ اسان جا معجزا وٺي آيو ته ان ئي وقت اهي انهن معجزن تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. |
وَما نُريهِم مِن ءايَةٍ إِلّا هِىَ أَكبَرُ مِن أُختِها وَأَخَذنٰهُم بِالعَذابِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 48) |
۽ اسان کين جيڪا به نشاني ڏيکاري ٿي سا اڳين کان گهڻو وڏي هئي. ۽ نيٺ اسان کين عذاب ۾ پڪڙيو هن لاءِ ته اهي باز اچن. |
وَقالوا يٰأَيُّهَ السّاحِرُ ادعُ لَنا رَبَّكَ بِما عَهِدَ عِندَكَ إِنَّنا لَمُهتَدونَ (آيت : 49) |
۽ (جڏهن عذاب ۾ گرفتار ٿيا ته موسى کي) چوڻ لڳا: اي جادوگر! ان وعدي جي مطابق جو تنهنجي پالڻهار تو سان ڪيو آهي اسان لاءِ دعا گهر (جيڪڏهن ڇٽاسون ته) اسين ضرور راھ تي اينداسون. |
فَلَمّا كَشَفنا عَنهُمُ العَذابَ إِذا هُم يَنكُثونَ (آيت : 50) |
وري جڏهن اسان انهن تان عذاب کي ٽاريو ته انهن يڪدم (پنهنجو ڪيل) انجام ٽوڙي ڇڏيو. |
وَنادىٰ فِرعَونُ فى قَومِهِ قالَ يٰقَومِ أَلَيسَ لى مُلكُ مِصرَ وَهٰذِهِ الأَنهٰرُ تَجرى مِن تَحتى أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 51) |
۽ فرعون پنهنجن ماڻهن کي سڏي چيو اي منهنجي قوم! ڇا (هي) ملڪ مصر اسان جو نه آهي ۽ ڇا هي واھ جيڪي اسان جي (شاهي محل جي) هيٺان وهن ٿا (اسان جا نه آهن؟) ته ڇا اوهان کي ايترو به نه ٿو سمجهي؟ |
أَم أَنا۠ خَيرٌ مِن هٰذَا الَّذى هُوَ مَهينٌ وَلا يَكادُ يُبينُ (آيت : 52) |
يا (سجهيو ٿو ته) آءُ هن شخص (موسى) کان جو بلڪل هڪ ذليل ماڻهو آهي ۽ (ٻاتائڻ سبب) صاف ڳالهائي به نه ٿو سگهي، ڪيترو نه چڱو آهيان؟ |
فَلَولا أُلقِىَ عَلَيهِ أَسوِرَةٌ مِن ذَهَبٍ أَو جاءَ مَعَهُ المَلٰئِكَةُ مُقتَرِنينَ (آيت : 53) |
(پر جيڪڏهن اهو وڌيو چڱو آهي) ته ان لاءِ سونا ڪنگڻ (خدا وٽان) ڇو نه لاٿا ويا يا (وري) ان سان فرشتا گڏ ٿي اچن ها. |
فَاستَخَفَّ قَومَهُ فَأَطاعوهُ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 54) |
مطلب ته فرعون (اهڙن ڳالهين ڪرڻ سان) پنهنجي قوم کي بيوقوف بنايو ۽ انهن سندس فرمان برداري ڪئي. بيشڪ اهي ماڻهو بدڪار ته هئا ئي. |
فَلَمّا ءاسَفونَا انتَقَمنا مِنهُم فَأَغرَقنٰهُم أَجمَعينَ (آيت : 55) |
پوءِ جڏهن اسان کي ڪاوڙيائون ته اسان انهن کان بدلو ورتو پوءِ انهن سڀني کي ٻوڙيوسون. |
فَجَعَلنٰهُم سَلَفًا وَمَثَلًا لِلءاخِرينَ (آيت : 56) |
پوءِ کين هيو نه هيو ڪري ڇڏيون ۽ پوين لاءِ عبرت بنايوسون. |
وَلَمّا ضُرِبَ ابنُ مَريَمَ مَثَلًا إِذا قَومُكَ مِنهُ يَصِدّونَ (آيت : 57) |
۽ (اي رسول) جڏهن مريم جي پٽ (عيسى) جو مثال بيان ڪيو ويو ته تنهن وقت تنهنجي قوم ان (جي ٻڌڻ) سان ٺٺوليون ڪرڻ لڳي. |
وَقالوا ءَأٰلِهَتُنا خَيرٌ أَم هُوَ ما ضَرَبوهُ لَكَ إِلّا جَدَلًا بَل هُم قَومٌ خَصِمونَ (آيت : 58) |
۽ چوڻ لڳا ته ڀلا اسان جا معبود چڱا آهن يا هو (عيسى) اها ڳالھ تو وٽ رڳو جهڳڙي لاءِ بيان ڪئي اٿن ڳالھ هي آهي ته اهي جهڳڙالو ماڻهو آهن. |
إِن هُوَ إِلّا عَبدٌ أَنعَمنا عَلَيهِ وَجَعَلنٰهُ مَثَلًا لِبَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 59) |
عيسى رڳو هڪ عبد آهي جنهن تي اسان احسان ڪيو (نبي ڪيو ۽ کيس معجزا عطا ڪيا) کيس ۽ بني اسرائيلن لاءِ پنهنجي (قدرت جو) نمونو بنايو. |
وَلَو نَشاءُ لَجَعَلنا مِنكُم مَلٰئِكَةً فِى الأَرضِ يَخلُفونَ (آيت : 60) |
۽ جيڪڏهن اسين گهرون ته اوهان مان (ڪنهن کي) فرشتا بنايون جيڪي زمين ۾ اوهان جي جاءِ تي رهن ها. |
وَإِنَّهُ لَعِلمٌ لِلسّاعَةِ فَلا تَمتَرُنَّ بِها وَاتَّبِعونِ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 61) |
۽ هو عيسى ته يقينا قيامت جي هڪ ظاهر نشاني آهي توهين ان ۾ ڪڏهن به شڪ نه ڪريو ۽ منهنجي پيروي ڪريو اهو ئي سڌو رستو آهي. |
وَلا يَصُدَّنَّكُمُ الشَّيطٰنُ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 62) |
۽ (ائين ئي ٿئي جو) شيطان اوهان کي (ان راھ کان) روڪي. بيشڪ اهو اوهان جو ظاهر دشمن آهي. |
وَلَمّا جاءَ عيسىٰ بِالبَيِّنٰتِ قالَ قَد جِئتُكُم بِالحِكمَةِ وَلِأُبَيِّنَ لَكُم بَعضَ الَّذى تَختَلِفونَ فيهِ فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 63) |
۽ جڏهن عيسى ظاهر نشانيون (معجزا) کڻي آيو ته (ماڻهن کي) چيائين ته آءُ اوهان ڏي دانائپ (جو ڪتاب) کڻي آيو آهيان ۽ هن لاءِ (آيو آهيان) ته ڪجھ ڳالهيون جن ۾ اوهين اختلاف ڪريو ٿا سي اوهان کي سمجهايان. ته اوهين خدا (جي غضب) کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃو. |
إِنَّ اللَّهَ هُوَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 64) |
بيشڪ خدا ئي منهنجو ۽ اوهان جو پاليندڙ آهي. ته پوءِ ان جي عبادت ڪريو. اهو ئي سڌو رستو آهي. |
فَاختَلَفَ الأَحزابُ مِن بَينِهِم فَوَيلٌ لِلَّذينَ ظَلَموا مِن عَذابِ يَومٍ أَليمٍ (آيت : 65) |
ته انهن مان ڪيترا ئي فرقا (ان سان) اختلاف ڪرڻ لڳا. پوءِ جن ماڻهن ظلم ڪيو تن لاءِ درد ناڪ ڏينهن جي عذاب جي وڏي خرابي آهي. |
هَل يَنظُرونَ إِلَّا السّاعَةَ أَن تَأتِيَهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 66) |
ڇا اهي رڳو قيامت جو انتظار ٿا ڪن ته مٿن اوچتي اچي ۽ کين خبر به نه پوي. |
الأَخِلّاءُ يَومَئِذٍ بَعضُهُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ إِلَّا المُتَّقينَ (آيت : 67) |
ان ڏينهن (متقي) پرهيزگارن کان سواءِ (ٻيا سڀ) دوست هڪ ٻئي جا دشمن هوندا. |
يٰعِبادِ لا خَوفٌ عَلَيكُمُ اليَومَ وَلا أَنتُم تَحزَنونَ (آيت : 68) |
(پرهيزگارن کي چونداسون ته) اي منهنجا ٻانهو! اڄ اوهان کي نه ڪو ڊپ آهي ۽ نڪي غمگين (ئي) ٿيندو. |
الَّذينَ ءامَنوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا مُسلِمينَ (آيت : 69) |
(اهي) اهي ٻانها هوندا جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو ۽ فرمانبردار هئا. |
ادخُلُوا الجَنَّةَ أَنتُم وَأَزوٰجُكُم تُحبَرونَ (آيت : 70) |
ته اوهين ۽ اوهان جون زالون جنت ۾ داخل ٿيو. اوهان کي وڏي عزت سان خوش رکيو ويندو. |
يُطافُ عَلَيهِم بِصِحافٍ مِن ذَهَبٍ وَأَكوابٍ وَفيها ما تَشتَهيهِ الأَنفُسُ وَتَلَذُّ الأَعيُنُ وَأَنتُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 71) |
انهن لاءِ سون جون رڪيبون ۽ پيالن جو دور هوندو ۽ جنهن به شيءِ جي (انهن جا) نفس خواهش ڪندا ۽ جنهن کان اکين کي مزو اچي (سڀ موجود آهن) ۽ اوهين تنهن ۾ هميشه رهندو. |
وَتِلكَ الجَنَّةُ الَّتى أورِثتُموها بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 72) |
پڻ اها جنت جنهن جا اوهين وارث (حقدار) ڪيا ويا آهيو سو اوهان جي نيڪ ڪمن جو صلو آهي. |
لَكُم فيها فٰكِهَةٌ كَثيرَةٌ مِنها تَأكُلونَ (آيت : 73) |
اتي اوهان لاءِ تمام گهڻا ميوا آهن جن مان اوهين کائيندو. |
إِنَّ المُجرِمينَ فى عَذابِ جَهَنَّمَ خٰلِدونَ (آيت : 74) |
بيشڪ ڏوهاري دوزخ جي عذاب ۾ پيا رهندا. |
لا يُفَتَّرُ عَنهُم وَهُم فيهِ مُبلِسونَ (آيت : 75) |
انهن تان (عذاب ڪڏهين به) هلڪو نه ڪيو ويندو ۽ اهي ان ۾ نا اميد ٿي رهندا. |
وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن كانوا هُمُ الظّٰلِمينَ (آيت : 76) |
۽ اسان انهن تي ڪو به ظلم نه ڪيو پر اهي پاڻ تي ظلم ڪندا رهيا ٿي. |
وَنادَوا يٰمٰلِكُ لِيَقضِ عَلَينا رَبُّكَ قالَ إِنَّكُم مٰكِثونَ (آيت : 77) |
۽ (دوزخي) پڪاريندا ته اي مالڪ! (دوزخ جا داروغا ڪا اهڙي تدبير ڪر جو) تنهنجو پالڻهار اسان کي موت ڏئي اهو چوندن ته اوهان کي ان ئي حالت ۾ رهڻو آهي. |
لَقَد جِئنٰكُم بِالحَقِّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَكُم لِلحَقِّ كٰرِهونَ (آيت : 78) |
(اي مڪي جا ڪافرو!) اسين ته اوهان وٽ حق کڻي آيا آهيون پر اوهان مان ڪيترائي ماڻهو حق (سچ) کان ڪراهت ڪن ٿا. |
أَم أَبرَموا أَمرًا فَإِنّا مُبرِمونَ (آيت : 79) |
ڇا انهن ماڻهن کا رٿ رٿي آهي؟ اسان به ڪجھ رٿيو آهي. |
أَم يَحسَبونَ أَنّا لا نَسمَعُ سِرَّهُم وَنَجوىٰهُم بَلىٰ وَرُسُلُنا لَدَيهِم يَكتُبونَ (آيت : 80) |
يا (ائين آهي ڇا ته) اهي خيال ٿا ڪن ته اسين سندن ڳجهيون ڳالهيون ۽ سندن راز نه ٿا ٻڌون. ائين نه آهي (اسين ضرور ٻڌون ٿا) ۽ اسان جا موڪليل فرشتا وٽن آهن جي سڀ ڪجھ لکن ٿا. |
قُل إِن كانَ لِلرَّحمٰنِ وَلَدٌ فَأَنا۠ أَوَّلُ العٰبِدينَ (آيت : 81) |
(اي رسول) تون چوين ته جيڪڏهن خدا جي ڪا اولاد هجي ها ته آءُ سڀني مان پهريون (سندس) عبادت لاءِ تيار آهيان. |
سُبحٰنَ رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ رَبِّ العَرشِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 82) |
اهي ماڻهو جيڪي بڪواس ڪن ٿا ته آسمانن ۽ زمين جو پالڻهار عرش جو مالڪ (خدا) تنهن (ڳالھ) کان پاڪ (صاف) آهي. |
فَذَرهُم يَخوضوا وَيَلعَبوا حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 83) |
۽ تون کين ڇڏي ڏي ته پيا بڪواس ڪندا وتن ايستائين جو جنهن ڏينهن جو کين وعدو ڪيو ويو آهي سو سندن سامهون اچي پوي. |
وَهُوَ الَّذى فِى السَّماءِ إِلٰهٌ وَفِى الأَرضِ إِلٰهٌ وَهُوَ الحَكيمُ العَليمُ (آيت : 84) |
۽ آسمان ۾ به سندس عبادت ڪئي وڃي ٿي ۽ (اهو ئي) زمين ۾ به معبود آهي. ۽ اهو ئي حڪمت وارو (۽ سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي. |
وَتَبارَكَ الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَعِندَهُ عِلمُ السّاعَةِ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 85) |
۽ اهو ئي وڏي برڪت وارو آهي جنهن جي لاءِ آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي، حڪومت آهي. پڻ قيامت (جي ٿيڻ) جي به خبر کيس ئي آهي. ۽ اوهين ان (جي بارگاھ) ڏي موٽايا ويندو. |
وَلا يَملِكُ الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ الشَّفٰعَةَ إِلّا مَن شَهِدَ بِالحَقِّ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 86) |
۽ خدا کان سواءِ اهي ماڻهو جن جي عبادت ڪن ٿا سي ته سفارش جو به اختيار نه ٿا رکن. پر (هاءُ) جيڪي ماڻهو سمجهي سوچي حق ڳالھ (توحيد) جي شاهدي ڏين. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَهُم لَيَقولُنَّ اللَّهُ فَأَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 87) |
۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته کين ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟ ته ضرور چوندا ته الله تعالى ته پوءِ (ان هوندي به) اهي ڪئين ابتا وڃن ٿا. |
وَقيلِهِ يٰرَبِّ إِنَّ هٰؤُلاءِ قَومٌ لا يُؤمِنونَ (آيت : 88) |
۽ ان کي رسول جي هن چوڻ جي به خبر آهي ته اي منهنجا پالڻهار! هي اهڙي قوم آهي جي ايمان نه آڻيندا. |
فَاصفَح عَنهُم وَقُل سَلٰمٌ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 89) |
ته تون انهن کان منهن موڙ (ڪري ڇڏ) ۽ چوين (ته اوهان کي) سلام. پوءِ کين جلد ئي (ان شرارت جو نتيجو) معلوم ٿي ويندو. |