حم (آيت : 1) |
ڄاڻي حق حٰمٓ کي، |
وَالكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
هي آهي ليک عيان، |
إِنّا جَعَلنٰهُ قُرءٰنًا عَرَبِيًّا لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 3) |
اِن لئي عربي زبان ۾، ڪيوسون قُرآن، تان پاڪ پَڙِهي بيان، سوچيو سَچِئَ ڳالھ کي. |
وَإِنَّهُ فى أُمِّ الكِتٰبِ لَدَينا لَعَلِىٌّ حَكيمٌ (آيت : 4) |
۽ قابو مُنڍ ڪِتاب ۾، اَسان وَٽ اُهو، سمجھدار سُونهو، بِلڪُل بُلند شان ۾. |
أَفَنَضرِبُ عَنكُمُ الذِّكرَ صَفحًا أَن كُنتُم قَومًا مُسرِفينَ (آيت : 5) |
اَسين ڇا، اَوهان کان، موڙِينداسون مذڪور؟ اَوهِين مُورک مُور، قوم اَجائـِي آهيو. |
وَكَم أَرسَلنا مِن نَبِىٍّ فِى الأَوَّلينَ (آيت : 6) |
۽ موڪلياسون مَهندِيَن ۾، ڪَئـِين مُرسل مڻيادار، |
وَما يَأتيهِم مِن نَبِىٍّ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 7) |
۽ اَچينِ اَصل ڪو نه ڪو، نَبِي نيڪ نِبار، مگر، هٖي مَڪار، مَٿانسِ ڪَندا هُئا مَسخريون. |
فَأَهلَكنا أَشَدَّ مِنهُم بَطشًا وَمَضىٰ مَثَلُ الأَوَّلينَ (آيت : 8) |
پوءِ اُنهن کان جوڌا جنگ ۾، ماري ڇَڏياسون مُور، ۽ مَهندِيَن جو مَذْڪُور، اَکِيَن اڳيان گُذري چُڪو. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ خَلَقَهُنَّ العَزيزُ العَليمُ (آيت : 9) |
۽ جي پُڇندينِ ته پَيدا ڪِنهن ڪيا، هي اُڀ، ڀُون عَجب اسرار! مَهندان چَوندا مُورهين، ته جوڙيُنِ تِنهن جَبَّار، جو اَپر عِزتدار، سَمجھندڙ سَڀ ڳالھ کي. |
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ مَهدًا وَجَعَلَ لَكُم فيها سُبُلًا لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 10) |
جنهن بَنايو ڀون کي، اُوهان ڪاڻ وِڇاڻ، ۽ رَستا راهون اُن ۾، ڪيائـِين اَوهان ڪاڻ، سُونهو تان سُڄاڻ!، پَنهنجي گَھر ۽ گام کي. |
وَالَّذى نَزَّلَ مِنَ السَّماءِ ماءً بِقَدَرٍ فَأَنشَرنا بِهِ بَلدَةً مَيتًا كَذٰلِكَ تُخرَجونَ (آيت : 11) |
۽ جنهن آب اُتاريو اُڀ کان، مُوجب پُوري ماڻ، پوءِ سُڪي سانٺي شهر کي، جياريو سون جِنهن ساڻ، اِهڙي ئـِي اُهڃاڻ، ڪَڍبا اَوهِين قبرن مان. |
وَالَّذى خَلَقَ الأَزوٰجَ كُلَّها وَجَعَلَ لَكُم مِنَ الفُلكِ وَالأَنعٰمِ ما تَركَبونَ (آيت : 12) |
۽ جنهن جوڙيا سڀ جوڙا، ۽ جوڙئـِين جام اَوهان لئي، ٻيڙا ۽ گھوڙا، جَن تي سَدا ڪريو سُواريون. |
لِتَستَوۥا عَلىٰ ظُهورِهِ ثُمَّ تَذكُروا نِعمَةَ رَبِّكُم إِذَا استَوَيتُم عَلَيهِ وَتَقولوا سُبحٰنَ الَّذى سَخَّرَ لَنا هٰذا وَما كُنّا لَهُ مُقرِنينَ (آيت : 13) |
تان پُورا وِهون پُٺين تي، تِهانپوءِ تڪرار، ساريو پَنهنجي سائـِينءَ جا، ڪرم برقرار، جڏهن سَوَلا مٿن سواٿيا، ۽ وراڻيو تنهن وار، ته پَڪ پاڪائـِي اُن کي، جنهن اَسان هِيڻن هار، جنهن هِي گھوڙا، ٻيڙا ڪري، ڏِنان تهدِل تابِعدار، ۽ نَه ته نه آهيون، اَسِين اُن کي، وارڻ وارا وار، |
وَإِنّا إِلىٰ رَبِّنا لَمُنقَلِبونَ (آيت : 14) |
۽ پنهنجي پَروَر پار، اَسِين مُورهِين آهيون موٽڻا. |
وَجَعَلوا لَهُ مِن عِبادِهِ جُزءًا إِنَّ الإِنسٰنَ لَكَفورٌ مُبينٌ (آيت : 15) |
۽ جوڙيؤن جُزو اُن جو، سَندسِ پُڄارِيَن مان پَڪ، بي شُڪرو بي شڪ ماڻهو آهي مُورهِين. |
أَمِ اتَّخَذَ مِمّا يَخلُقُ بَناتٍ وَأَصفىٰكُم بِالبَنينَ (آيت : 16) |
ڇا جيڪي جوڙئـِين تِنهن مان، ڌِيون ڌُئائـِين پاڻ ؟ ۽ ڪُونڌر اوهان ڪاڻ، پَروَر پاڪ پَسند ڪيا. |
وَإِذا بُشِّرَ أَحَدُهُم بِما ضَرَبَ لِلرَّحمٰنِ مَثَلًا ظَلَّ وَجهُهُ مُسوَدًّا وَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 17) |
۽ جڏهن اُنهن مان هِڪ اِنسان کي، مِلِي ڌئَ جي ڌِير، جِنهن جوڙي مِثال ڏِنو، صاحِب لاءِ سُڌِير، ته مُنهن ٿِئَسِ نِير، ۽ اَندر کاڌل آھِ سو. |
أَوَمَن يُنَشَّؤُا۟ فِى الحِليَةِ وَهُوَ فِى الخِصامِ غَيرُ مُبينٍ (آيت : 18) |
ڇا، ڄائو سو ڄَڻ جو پَلجي پَٽورِيَن ۾؟ ۽ نه سامهون ڪِنهن به سَڄڻ، ٻاهِر ٻولِي ٻولڻو. |
وَجَعَلُوا المَلٰئِكَةَ الَّذينَ هُم عِبٰدُ الرَّحمٰنِ إِنٰثًا أَشَهِدوا خَلقَهُم سَتُكتَبُ شَهٰدَتُهُم وَيُسـَٔلونَ (آيت : 19) |
ڇا، مَلڪن ٺَهرايون مادِيون، جي ٻاجھاري جا ٻانها؟ ڇا، ساکي سَندنِ جوڙ تي، هُئا ڌُر کان ديوانا؟ وِهلو لکنداسون وَهِئَ ۾، سَندنِ بيانا، ۽ مُقرر مَستانا، پُڇاڙِي پُڇائـِبا. |
وَقالوا لَو شاءَ الرَّحمٰنُ ما عَبَدنٰهُم ما لَهُم بِذٰلِكَ مِن عِلمٍ إِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 20) |
۽ چي، گُھريو هُوند غفار، ته پٽيِين نَه پُوڄيوسون اُنهن کي، اُنهن کي اِن ڳالھ جِي، سُڌ نه سَماچار، ڪارن ڪُوڙن ڌار، ٻِيو ٻولِين ڪِين ٿا. |
أَم ءاتَينٰهُم كِتٰبًا مِن قَبلِهِ فَهُم بِهِ مُستَمسِكونَ (آيت : 21) |
ڇا، اُنهن کي اڳي ڪتاب، ڪو بَخشِيوسون بيشڪ، هي پَڪڙِيندڙ پَڪ آهِن، پوءِ اُن کي. |
بَل قالوا إِنّا وَجَدنا ءاباءَنا عَلىٰ أُمَّةٍ وَإِنّا عَلىٰ ءاثٰرِهِم مُهتَدونَ (آيت : 22) |
بَلڪ چَيائون ڪِنهن پَرتي، پاتاسون پَنهنجا پِئَر، ۽ پُورا مَٿي پـير، اَسِين اُنهن جي آهيون. |
وَكَذٰلِكَ ما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ فى قَريَةٍ مِن نَذيرٍ إِلّا قالَ مُترَفوها إِنّا وَجَدنا ءاباءَنا عَلىٰ أُمَّةٍ وَإِنّا عَلىٰ ءاثٰرِهِم مُقتَدونَ (آيت : 23) |
۽ اَسان توکان اڳ ۾، گوهر! مَنجھ ڪِنهن گام، نه موڪليوسون مُورهين، ڄاڻوئـِي ڪو ڄام، مگر مُکِيُن اُن جي، ڪَهيو هِي ڪَلام، ته پاتاسون پِئَ پَنهنجا، لَمندڙ مَٿي ڪِنهن لام، تابِع آهيون تمام، تَن جي پَريَن جا، پُريُن کان. |
قٰلَ أَوَلَو جِئتُكُم بِأَهدىٰ مِمّا وَجَدتُم عَلَيهِ ءاباءَكُم قالوا إِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 24) |
چي، آندمِ توءِ اوهان لئي، صَحِي سواٽو سَير، اِن کان ته اَوهان جنهن تي، پاتا پَنهنجا پيئَر، چي، جنهن سان مُڪاوِيا مٿير!، اَسِين اِنڪاري اُن کان. |
فَانتَقَمنا مِنهُم فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 25) |
اَسان پوءِ اُن سان، پارِي پاڙو جَھاڙ، پوءِ پَس ڪِيئن آھِ پَڇاڙ، ڪوڙن ڪافرن جي. |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ لِأَبيهِ وَقَومِهِ إِنَّنى بَراءٌ مِمّا تَعبُدونَ (آيت : 26) |
۽ اِبراهيم اَبِسيَسِ کي، وراڻيو جِنهن وار، پڻ سَندسِ ذات جماعت کي، ته پوڄيو جَن پينار! آئون تَن کان آهيان، بِنہ بَرِي بيزار، |
إِلَّا الَّذى فَطَرَنى فَإِنَّهُ سَيَهدينِ (آيت : 27) |
مگر مون کي مِهر سان، جوڙيو جنهن جبار، پوءِ سَنئـِين سُهائـِيندمِ، قادِر برقرار، |
وَجَعَلَها كَلِمَةً باقِيَةً فى عَقِبِهِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 28) |
۽ ڪيائـِينسِ سَندس ڪٖيڙ ۾، باقِي يادگار، ان آسري آڌار، ته وَرن وَهِينءَ واٽ تي. |
بَل مَتَّعتُ هٰؤُلاءِ وَءاباءَهُم حَتّىٰ جاءَهُمُ الحَقُّ وَرَسولٌ مُبينٌ (آيت : 29) |
پَر اُنهن کي ۽ سَندنِ اَبن کي، مَزا ماڻائي ڳَچ، تان آيُنِ صَفا سَچ، پڻ پيغمبر پَڌرو. |
وَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ قالوا هٰذا سِحرٌ وَإِنّا بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 30) |
۽ جڏهن آيُنِ سَچ سارو، ته چيائون اِهڙي چال، هِي ڪُوڪٽ ڪو ڪارو، ۽ اَسِين اِنڪاري اُن کان. |
وَقالوا لَولا نُزِّلَ هٰذَا القُرءانُ عَلىٰ رَجُلٍ مِنَ القَريَتَينِ عَظيمٍ (آيت : 31) |
چي، هُوند هِي قُرآن، ٻِن ڳوٺن مان لاٿو ويو! ڪِنهن مَرد وڏي مان تي، |
أَهُم يَقسِمونَ رَحمَتَ رَبِّكَ نَحنُ قَسَمنا بَينَهُم مَعيشَتَهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَرَفَعنا بَعضَهُم فَوقَ بَعضٍ دَرَجٰتٍ لِيَتَّخِذَ بَعضُهُم بَعضًا سُخرِيًّا وَرَحمَتُ رَبِّكَ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 32) |
ڇا، اِهي اِنسان!، تُنهنجي ربَّ جي رحمت جا، ڏيھ ۾ وِراهن ڏان؟ اَسان اُنهن وچِ وِراهيو، گُذران بي گُمان، ڪِن کي ڏِناسون، ڪِن مٿان، درجا دَرجھان، ته بعض بنائي، بعض کي، سِپاهِي، سُلطان، ۽ درجا ڌَڻِي دَيان، مِهتر تَنيان مِڙِين جو. |
وَلَولا أَن يَكونَ النّاسُ أُمَّةً وٰحِدَةً لَجَعَلنا لِمَن يَكفُرُ بِالرَّحمٰنِ لِبُيوتِهِم سُقُفًا مِن فِضَّةٍ وَمَعارِجَ عَلَيها يَظهَرونَ (آيت : 33) |
۽ ماڻهو نه هُئن مُورهِين، هِڪ جماعت جيڪر، ته ڦِري جو ڏاتار کان، ته ڪريون ها تِنهن ڪر، ڇِتيون گَھرن، رُپي جون، ۽ چاڙهيون چڙهن جَن سر، |
وَلِبُيوتِهِم أَبوٰبًا وَسُرُرًا عَلَيها يَتَّكِـٔونَ (آيت : 34) |
ڪريون دَرڪوٽن جا، سَندا سونَ سَکر، پڻ سُهڻيون سيجون، جَن تي، ڏِين ڀَلير،ڀر، |
وَزُخرُفًا وَإِن كُلُّ ذٰلِكَ لَمّا مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَالءاخِرَةُ عِندَ رَبِّكَ لِلمُتَّقينَ (آيت : 35) |
۽ اِي هَمہ هِن جھان جو، ٻَٽي ڏِينهڙا ٻَر، تُنهنجي رَبَّ، وٽ رَهبر، ستن لئي ساڻيھ ٻِيو. |
وَمَن يَعشُ عَن ذِكرِ الرَّحمٰنِ نُقَيِّض لَهُ شَيطٰنًا فَهُوَ لَهُ قَرينٌ (آيت : 36) |
۽ جيڪو تڙيل ٿئي، سارڻ کان سُبحان، ڪريون شامل اُن سان، شامتِي شيطان، پوءِ هر ڪِنهن ماڳ مَڪان، سَندسِ ساٿِي، آھِ سو. |
وَإِنَّهُم لَيَصُدّونَهُم عَنِ السَّبيلِ وَيَحسَبونَ أَنَّهُم مُهتَدونَ (آيت : 37) |
۽ سَندنِ ساٿِي اُنهن کي، روڪِين ڪنان راھ، ۽ ڀانئـِين هي بَدخواه، ته پاڻ پوري پير تي. |
حَتّىٰ إِذا جاءَنا قالَ يٰلَيتَ بَينى وَبَينَكَ بُعدَ المَشرِقَينِ فَبِئسَ القَرينُ (آيت : 38) |
تان جڏهن اَسان وَٽ آئيو، اُتي تِنهن اُتو، ته ڇيٽو اولھ، اوڀر جو، هو هُوند! وِچان مون ۽ تو، اِهڙو دوست دَتو، بُرو بورائُو ٿيِو! |
وَلَن يَنفَعَكُمُ اليَومَ إِذ ظَلَمتُم أَنَّكُم فِى العَذابِ مُشتَرِكونَ (آيت : 39) |
۽ جڏهن اَوهان جاڙون ڪيون، بي شڪ برقرار، ويڙھ وَٽابو آن کي، هِن وار نه ڏئي ڪا وار، ڀيڙا ڀائيوار، آهيو سَڀ عَذاب ۾. |
أَفَأَنتَ تُسمِعُ الصُّمَّ أَو تَهدِى العُمىَ وَمَن كانَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 40) |
ڇا، ٻوڙن تون ڪِ ٻڌائين، يا انڌن لائين لَڙھ؟ پڻ آهي جو اَلڙ، بِلڪُل پَڌرِئَ ڀُل ۾. |
فَإِمّا نَذهَبَنَّ بِكَ فَإِنّا مِنهُم مُنتَقِمونَ (آيت : 41) |
جي توکي ڪڍون، ڪِنهن پارڏي، تبه بنا فرق ڦير، وارڻ وارا وير، اَسِين اُنهن کان آهيون. |
أَو نُرِيَنَّكَ الَّذى وَعَدنٰهُم فَإِنّا عَلَيهِم مُقتَدِرونَ (آيت : 42) |
يا توکي، سو ڏيکاريون، جنهن جو ڏِيونِ ڏهڪار، پوءِ طاقتمند تڪرار، اُسِين اُن تي آهيون. |
فَاستَمسِك بِالَّذى أوحِىَ إِلَيكَ إِنَّكَ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 43) |
پوءِ پَڪڙ پَڪ اُن کي، جنهن جو ٿِينَئـِي وِير! وَحي، آهِين تون صَحِي، سِڌِي سَنواٽِئَ واٽ تي. |
وَإِنَّهُ لَذِكرٌ لَكَ وَلِقَومِكَ وَسَوفَ تُسـَٔلونَ (آيت : 44) |
۽ تو ۽ تُنهنجِي نيات لئي، هِئَ نَصِيحت نِبار، سِگھو مَنجھ سَرڪار، ڇِڪبان سُوال سامهان. |
وَسـَٔل مَن أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رُسُلِنا أَجَعَلنا مِن دونِ الرَّحمٰنِ ءالِهَةً يُعبَدونَ (آيت : 45) |
۽ پُڇ ته مُڪاسون مَهند، توکان، جي مُرسل مڻيادار، ته ڪي مُقرر ڪيوسون مُلڪ ۾ دَرگاهون، ڌڻئَ ڌار، ته پوڄِين جَن پينار، مٿن ڪن مُجاوريون ؟ |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَقالَ إِنّى رَسولُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 46) |
۽ موڪليوسون مُعجزن سان، مُوسٰى نَبِي مِهتر، فِرعون ۽ سَندسِ فِرق ڏي، پوپاٻوهِين اِن پَر، ته آئون پَڪ پيغمبر، ڏيهن جي ڏاتار جو. |
فَلَمّا جاءَهُم بِـٔايٰتِنا إِذا هُم مِنها يَضحَكونَ (آيت : 47) |
جڏهن آندئـِين اَسان جون، نِشانِيون نِروار، ته تَن مٿان تِنهن وار، پيا ٽهڪ ڏينِ ٽوڪ سان. |
وَما نُريهِم مِن ءايَةٍ إِلّا هِىَ أَكبَرُ مِن أُختِها وَأَخَذنٰهُم بِالعَذابِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 48) |
۽ نيشاني نه ڏيکاريون، مگر جِھڙس کان جَبرِي، ۽ پَڪڙيوسون اُنهن کي، سزا مَنجھ سَڀَرِي، ته ڳَڻي ڳالھ ڳَري، وَرِي وَرن وَٿاڻ تي. |
وَقالوا يٰأَيُّهَ السّاحِرُ ادعُ لَنا رَبَّكَ بِما عَهِدَ عِندَكَ إِنَّنا لَمُهتَدونَ (آيت : 49) |
چي، جادوگر! ڪَر، تُنهنجي سائينءَ کي سُوال، جنهن مُوجب، واحِد واعداڪيا، نالير! تونال، ته هُونداسُون هَرحال، سُونهان سَنئينءَ واٽ تي. |
فَلَمّا كَشَفنا عَنهُمُ العَذابَ إِذا هُم يَنكُثونَ (آيت : 50) |
پوءِ جڏهن ڏُورڪياسون ڏکڙا، ته پِياپُڇن اُهي اَنجام، |
وَنادىٰ فِرعَونُ فى قَومِهِ قالَ يٰقَومِ أَلَيسَ لى مُلكُ مِصرَ وَهٰذِهِ الأَنهٰرُ تَجرى مِن تَحتى أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 51) |
فِرعون سَندسِ فِرق ۾، ڦيريو ڍنڍرو عام، ڇا، مون لاءِ ناهي مِصر جِي، بادشاهِي ڀامِ! ۽ هيٺمِ هَلن جام، ناليون، ڇونه نهاريو؟ |
أَم أَنا۠ خَيرٌ مِن هٰذَا الَّذى هُوَ مَهينٌ وَلا يَكادُ يُبينُ (آيت : 52) |
آئون خير، هِن خوار کان، جو ٻولي نَه چِٽو ٻَهار، |
فَلَولا أُلقِىَ عَلَيهِ أَسوِرَةٌ مِن ذَهَبٍ أَو جاءَ مَعَهُ المَلٰئِكَةُ مُقتَرِنينَ (آيت : 53) |
۽ اُتسِ اُتاريو هُوند وِيون،ٻانهيون سونَ ٻِيهار، يا مَلائـِڪ موچار، آيا گڏ اُنهِئ سان. |
فَاستَخَفَّ قَومَهُ فَأَطاعوهُ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 54) |
پوءِ ڪَنبائـِين سَندسِ قوم کي، پوءِ مَڃيون اُن جِي آڻ، هُئا اُهي اَڄاڻ، قوم بِنَہ ڪا ڍوڙ ڪا. |
فَلَمّا ءاسَفونَا انتَقَمنا مِنهُم فَأَغرَقنٰهُم أَجمَعينَ (آيت : 55) |
پوءِ اَسان کي ڏَمرايو، تَن ويرين جنهِين وير، پوءِ واريوسون تَن کان وير، ٻوڙياسون سڀ ٻار ۾. |
فَجَعَلنٰهُم سَلَفًا وَمَثَلًا لِلءاخِرينَ (آيت : 56) |
پوءِ ڪيوسون ڪافِرن جو، اُنهن کي اڳواڻ، پڻ پوين لاءِ پَرياڻ، صَحِي ڪا سَمجھاڻِي. |
وَلَمّا ضُرِبَ ابنُ مَريَمَ مَثَلًا إِذا قَومُكَ مِنهُ يَصِدّونَ (آيت : 57) |
۽ جڏهن عِيسٰى پُٽ مريم جو ڏِنو وِيو مِثال، ته اِجھو اُن تان قوم سَندئـِي، کِلي ٿِي خُوشحال، |
وَقالوا ءَأٰلِهَتُنا خَيرٌ أَم هُوَ ما ضَرَبوهُ لَكَ إِلّا جَدَلًا بَل هُم قَومٌ خَصِمونَ (آيت : 58) |
چي، ڀَلو اُهو، ڪِ اَسان جا، ڀَلا بُت بَحال؟ نه ڏِنو مِثال سو مگر، جھگڙي جاڳائـِڻ نال، هِي جماعت ئـِي جَھڳڙال، اُهي مُورک آهِن مُورِهين. |
إِن هُوَ إِلّا عَبدٌ أَنعَمنا عَلَيهِ وَجَعَلنٰهُ مَثَلًا لِبَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 59) |
توکي ڏِنئون مِثال، جو ناهي سو نِهال، مگر بندو، جنهن کي، ڪيو سون ڀَلو بَحال، ۽ ڪيوسونسِ مِثال، اِسرائـِيل جي اولاد لئي. |
وَلَو نَشاءُ لَجَعَلنا مِنكُم مَلٰئِكَةً فِى الأَرضِ يَخلُفونَ (آيت : 60) |
هُوند گُھريو سُون، ته آن بَجاءِ، مَلڪ مُقرر، بيشڪ ڪياسون، ڀُون ۾، وَسن واري سَر، |
وَإِنَّهُ لَعِلمٌ لِلسّاعَةِ فَلا تَمتَرُنَّ بِها وَاتَّبِعونِ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 61) |
۽ هِي سُڌ ساعت سخت جِي، پوءِ اَصل اُن اَندر، شَڪ جو شڪار ڪِين ٿيو، پاريو مُنهنجِي پَر، هِڪ وار نه جِنهن ۾ وَر، صَحِي سَنِئين، ساواٽ اِي. |
وَلا يَصُدَّنَّكُمُ الشَّيطٰنُ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 62) |
۽ پوءِ نه روڪينان راھ کان، شامتي شيطان، اَوهان جو عيان، بَدخواھ سو بُنياد کان. |
وَلَمّا جاءَ عيسىٰ بِالبَيِّنٰتِ قالَ قَد جِئتُكُم بِالحِكمَةِ وَلِأُبَيِّنَ لَكُم بَعضَ الَّذى تَختَلِفونَ فيهِ فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 63) |
۽ جڏهن عِيسى آئيون، صَحِي ثابتين ساڻ، چي، مون اوهان لئي، مُورهِين حِڪمت آنِدي هاڻ، ۽ جَن ۾ جھڳڙو پيا ڪريو، سي کوليان اوهان ڪاڻ، پوءِ ڊڄو ڌَڻِئَ کان پاڻ، ۽ هَلو سَندمِ حُڪمن تي. |
إِنَّ اللَّهَ هُوَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 64) |
ڌڻي مون ۽ اوهان جو، آهي سو اَلله، پوءِ پُوڄيوسِ، اِهائـِي راھ، سَنئين سائـِينءَ پار ڏي. |
فَاختَلَفَ الأَحزابُ مِن بَينِهِم فَوَيلٌ لِلَّذينَ ظَلَموا مِن عَذابِ يَومٍ أَليمٍ (آيت : 65) |
پوءِ ٽوليون ٽَڪريون پاڻ ۾، پوءِ حيف تَنجي حال، جَن جاڙون ڪيون جال، ڏُ کـئي ڏِينهن جي ڏُک کان. |
هَل يَنظُرونَ إِلَّا السّاعَةَ أَن تَأتِيَهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 66) |
نه ڪَڍنِ اِنتظار، مگر محشر وار جو، جا اَچي اُنهن تي اوچتِي، ڪڙڪي سِرڪپار، نه هُون، سي هوشيار، تنهن معاملي کان مُورهين. |
الأَخِلّاءُ يَومَئِذٍ بَعضُهُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ إِلَّا المُتَّقينَ (آيت : 67) |
دوست دُنيا جا، دوست جا، ويري اُنهِئَ وار، |
يٰعِبادِ لا خَوفٌ عَلَيكُمُ اليَومَ وَلا أَنتُم تَحزَنونَ (آيت : 68) |
مگر جيڪي مُتقِي، پُورا پَرهيزگار، اَڄ بَندا! نه ڀَو اوهان تي، ۽ نڪو غم غبار، |
الَّذينَ ءامَنوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا مُسلِمينَ (آيت : 69) |
اُهي جَن اَسان جون، مَڃيون نِشانِيون نِروار، ۽ تهدِل تابِعدار، هُئا مَڃِيندڙ مُورهِين. |
ادخُلُوا الجَنَّةَ أَنتُم وَأَزوٰجُكُم تُحبَرونَ (آيت : 70) |
اَوهِين ۽ اوهان جون عورتون، گِھڙو مَنجھ گُلزار، |
يُطافُ عَلَيهِم بِصِحافٍ مِن ذَهَبٍ وَأَكوابٍ وَفيها ما تَشتَهيهِ الأَنفُسُ وَتَلَذُّ الأَعيُنُ وَأَنتُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 71) |
وِيندا گھڻو وِندرايا؛ وَرَنِ مَٿن هَر وار، سَنديون سونَ وَٽيون، ۽ پيالا هَر پار، جيڪِي گُھرن جِئَ، اُن ۾، تهدِل سو تيار، ۽ ٺرن نيڻن نار، اَوهِين هُوندا هميشه اُن ۾. |
وَتِلكَ الجَنَّةُ الَّتى أورِثتُموها بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 72) |
۽ اُهي باغ بهشت جا، ٿِيا حوالي هاڻ، تَن ڪَمايُنِ ڪاڻ، جيڪِي ڪيان جَھان ۾، |
لَكُم فيها فٰكِهَةٌ كَثيرَةٌ مِنها تَأكُلونَ (آيت : 73) |
مِڙِئي مُلڪ مَلِير، سو ميوا مَنجھسِ مَلهار، هردم اَوهان هارِ، پوءِ کائو خُوشئَ سان اُنهن مان. |
إِنَّ المُجرِمينَ فى عَذابِ جَهَنَّمَ خٰلِدونَ (آيت : 74) |
سَدا عذاب آگ ۾، پاپِيَن لئي پُور، |
لا يُفَتَّرُ عَنهُم وَهُم فيهِ مُبلِسونَ (آيت : 75) |
۽ اُهي بَند مَنجھسِ بي آسري، ۽ نه گَھٽبو مٿانِ مُور، |
وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن كانوا هُمُ الظّٰلِمينَ (آيت : 76) |
اَسان نه ڪيو اُنهن سان، ذَرو ظُلم ضَرُور، ۽ مورهِين مَغرور، هُئا پاڻهِين ڪَندڙ پاڻ سِين. |
وَنادَوا يٰمٰلِكُ لِيَقضِ عَلَينا رَبُّكَ قالَ إِنَّكُم مٰكِثونَ (آيت : 77) |
واڪا ڪيؤن تنهن وار، ته مالِڪ! مَر ته مارِينينون، پَروَر پاڪ تُنهنجو، ته ٻوليائين ٻيهار، ته آهيو اوهين آوار، وَر وَر وعدي ٽوڙڻا. |
لَقَد جِئنٰكُم بِالحَقِّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَكُم لِلحَقِّ كٰرِهونَ (آيت : 78) |
هرگز ثابِت حق کي آندوسون اوهان ڪاڻ، پَر اَڪثر اوهان مان هاڻ، بُرو ڀائيندڙ حق کي. |
أَم أَبرَموا أَمرًا فَإِنّا مُبرِمونَ (آيت : 79) |
ڇا، قط ڏِنئون ڪم ڪار کي، پوءِ قط ڏئين اَسان جِي ڪار، |
أَم يَحسَبونَ أَنّا لا نَسمَعُ سِرَّهُم وَنَجوىٰهُم بَلىٰ وَرُسُلُنا لَدَيهِم يَكتُبونَ (آيت : 80) |
ڇا، پاتئون ته اَسِين اُنهن جو، نه ٻُجھون مَنجھ، ٻَهار؟، مُرسل اَسان جا مُورهِين، وَٽِن وِهِي وَٽ دار، لِکڻ لِکڻ هارِ، جيڪِي وَهِي واپري. |
قُل إِن كانَ لِلرَّحمٰنِ وَلَدٌ فَأَنا۠ أَوَّلُ العٰبِدينَ (آيت : 81) |
چئو، جيڪر ڪُونڌر ڪو، هو سائـِين سَٻاجھي ڪاڻ، پوءِ آئون هُجان پاڻ، پهرئـِين پُوڄارين مان. |
سُبحٰنَ رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ رَبِّ العَرشِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 82) |
اُڀ، ڀُون، عَرش فَرش جو، بادشاه بيشڪ، پاڪ تِنهن کان پَڪ، جو ڳالهائـِين، ڳهيلڙا. |
فَذَرهُم يَخوضوا وَيَلعَبوا حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 83) |
پوءِ ڇَڏ تَنِين ڇُلنگار، بَڪَنِ ۽ ڪَن بازِيون، تان، جو ٻولائـِجٖينِ ٻِيهار، ڏِسن تِنهِين ڏِينهن کي. |
وَهُوَ الَّذى فِى السَّماءِ إِلٰهٌ وَفِى الأَرضِ إِلٰهٌ وَهُوَ الحَكيمُ العَليمُ (آيت : 84) |
۽ اُڀ اَندر دَرٻار، سو پڻ ڌَرتِي تي دَرٻار، ۽ اُهو حِڪمتِي هوشيار، ۽ سَمجھندڙ سَڀ ڳالھ کي. |
وَتَبارَكَ الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَعِندَهُ عِلمُ السّاعَةِ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 85) |
۽ بيحد ڀَلايون اُن جون، جِنهن جو نه اَنت شُـمار، اُڀ، زمينون جِنهنجا، پڻ جيڪِي مَنجھسِ جِنسار، ۽ تِنهن وَٽ، ساعت سَخت جِي، صَحِي سَماچار، ۽ توهان کي تڪرار، هرگز اُن ڏي هَلڻو. |
وَلا يَملِكُ الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ الشَّفٰعَةَ إِلّا مَن شَهِدَ بِالحَقِّ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 86) |
۽ سي نَه سُفارش جَا ڌِڻِي، جَن دانهيو، ڌَڻِي ڌار، مگر صفا سچ جِي، جِنهن ڏنِي، ساک سَچار، پڻ پُورو پَتو پار، هُجي اِذن جو اُنهن کي. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَهُم لَيَقولُنَّ اللَّهُ فَأَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 87) |
۽ جي پُڇندينِ ته پيدا ڪِنهن ڪيان؟ چوندا چِٽو ته اَلله، چئو، ڪيڏانهن اي گُمراھ!، پوءِ ڦيريا وَڃو فريب سان. |
وَقيلِهِ يٰرَبِّ إِنَّ هٰؤُلاءِ قَومٌ لا يُؤمِنونَ (آيت : 88) |
۽ ساک سَندسِ، ته سانَيمِ! هِي ميڙ نَه مَڃي مُور، |
فَاصفَح عَنهُم وَقُل سَلٰمٌ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 89) |
پوءِ مُنهن موڙ اُنهن کان، ۽ چَئو چڱو ضَرُور، پوءِ مِڙوئـِي مَذڪور، سَمجھي وِيندا سِگھڙي. |