حم (آيت : 1) |
حا ميم (هي حروف مقطعات آهن هنن جي اصلي معنى الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا) .. |
وَالكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
قسم آهي روشن ڪتاب جو .. |
إِنّا جَعَلنٰهُ قُرءٰنًا عَرَبِيًّا لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 3) |
بيشڪ اسان ان کي عربي زبان جو قرآن بنايو آهي ته جيئن توهان سمجهو. |
وَإِنَّهُ فى أُمِّ الكِتٰبِ لَدَينا لَعَلِىٌّ حَكيمٌ (آيت : 4) |
۽ بيشڪ اُهو سڀ ڪتابن جي اصل (لوحِ محفوظ) ۾ (لکيل) آهي، اسان وٽ بلند مرتبه حڪمت وارو آهي. |
أَفَنَضرِبُ عَنكُمُ الذِّكرَ صَفحًا أَن كُنتُم قَومًا مُسرِفينَ (آيت : 5) |
ڇا اسان اوهان کان بيزار ٿي هي نصيحت (قرآن) موڪلڻ بند ڪري ڇڏيون صرف هن ڪري جو اوهان حد کان لنگهندڙ قوم آهيو. |
وَكَم أَرسَلنا مِن نَبِىٍّ فِى الأَوَّلينَ (آيت : 6) |
۽ اڳين قومن ۾ اسان ڪيترائي نبي موڪليا هئا. |
وَما يَأتيهِم مِن نَبِىٍّ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 7) |
۽ انهن وٽ ڪوبه نبيءُ نه ٿي آيو مگر ان سان مسخريون ٿي ڪيائون. |
فَأَهلَكنا أَشَدَّ مِنهُم بَطشًا وَمَضىٰ مَثَلُ الأَوَّلينَ (آيت : 8) |
۽ اسان انهن (مڪي جي مشرڪن) کان تمام ڏاڍن طاقتورن کي هلاڪ ڪيو ۽ اڳين قومن جا مثال گذري چڪا آهن. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ خَلَقَهُنَّ العَزيزُ العَليمُ (آيت : 9) |
۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟ ته اُهي ضرور چوندا ته: ”انهن کي غالب علم واري (الله) پيدا ڪيو آهي“. |
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ مَهدًا وَجَعَلَ لَكُم فيها سُبُلًا لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 10) |
اهو ئي آهي جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو بنايو ۽ توهان لاءِ ان ۾ رستا بنايائين ته جيئن توهان (منزل مقصود جي) واٽ لهو. |
وَالَّذى نَزَّلَ مِنَ السَّماءِ ماءً بِقَدَرٍ فَأَنشَرنا بِهِ بَلدَةً مَيتًا كَذٰلِكَ تُخرَجونَ (آيت : 11) |
۽ جنهن آسمان مان (ضرورت جي) انداز مطابق پاڻي لاٿو، پوءِ اسان اُن سان مُرده شهر کي زنده ڪيو، اهڙي طرح اوهان کي (به قبرن مان) ڪڍيو ويندو. |
وَالَّذى خَلَقَ الأَزوٰجَ كُلَّها وَجَعَلَ لَكُم مِنَ الفُلكِ وَالأَنعٰمِ ما تَركَبونَ (آيت : 12) |
۽ جنهن هي سڀ قسم جا جوڙا پيدا ڪيا ۽ اوهان لاءِ اُهي ٻيڙيون ۽ جانور بنايائين جن تي توهان سوار ٿيو ٿا. |
لِتَستَوۥا عَلىٰ ظُهورِهِ ثُمَّ تَذكُروا نِعمَةَ رَبِّكُم إِذَا استَوَيتُم عَلَيهِ وَتَقولوا سُبحٰنَ الَّذى سَخَّرَ لَنا هٰذا وَما كُنّا لَهُ مُقرِنينَ (آيت : 13) |
هن لاءِ ته توهان انهن جي پٺين تي چڙهي ويهو پوءِ پنهنجي پالڻهار جي نعمت کي ياد ڪيو جڏهن توهان انهن تي چڙهي ويهو ۽ چئو ته: ”پاڪ آهي اُها ذات جنهن اسان کي هي (سواري) تابع ڪري ڏني حالانڪه اسان ان کي قابو ڪري سگهڻ وارا نه هئاسين. |
وَإِنّا إِلىٰ رَبِّنا لَمُنقَلِبونَ (آيت : 14) |
۽ بيشڪ (هڪ ڏينهن) اسان پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽڻ وارا آهيون“. |
وَجَعَلوا لَهُ مِن عِبادِهِ جُزءًا إِنَّ الإِنسٰنَ لَكَفورٌ مُبينٌ (آيت : 15) |
۽ (اهو سڀ ڄاڻندي به ) انهن سندس ٻانهن مان ڪن کي سندس حصو (يعني اولاد) بنايو. بيشڪ انسان پڌرو احسان فراموش آهي. |
أَمِ اتَّخَذَ مِمّا يَخلُقُ بَناتٍ وَأَصفىٰكُم بِالبَنينَ (آيت : 16) |
ڇا (الله) پنهنجي مخلوق مان (پنهنجي لاءِ) نياڻيون بنايون ۽ اوهان کي پُٽن لاءِ چونڊيائين؟ |
وَإِذا بُشِّرَ أَحَدُهُم بِما ضَرَبَ لِلرَّحمٰنِ مَثَلًا ظَلَّ وَجهُهُ مُسوَدًّا وَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 17) |
حالانڪه جنهن (اولاد يعني نياڻين) کي اهي رحمان ڏانهن منسوب ڪن ٿا ان (جي ڄمڻ) جو اطلاع جڏهن انهن مان ڪنهن هڪ کي پاڻ کي ڏنو وڃي ته ان جو مُنهن ڪارو ٿي وڃي ٿو ۽ اهو غم ۾ ڀرجي وڃي ٿو. |
أَوَمَن يُنَشَّؤُا۟ فِى الحِليَةِ وَهُوَ فِى الخِصامِ غَيرُ مُبينٍ (آيت : 18) |
ڇا (الله جو اولاد نياڻيون آهن) جيڪي زيورات ۾ پلجن ۽ بحث ۽ حجت ۾ (پنهنجي ڳالهه) چِٽي به نه ڪري سگهن. |
وَجَعَلُوا المَلٰئِكَةَ الَّذينَ هُم عِبٰدُ الرَّحمٰنِ إِنٰثًا أَشَهِدوا خَلقَهُم سَتُكتَبُ شَهٰدَتُهُم وَيُسـَٔلونَ (آيت : 19) |
۽ انهن ملائڪن کي جيڪي رحمان جا عبادتگذار آهن عورتون قرار ڏنو آهي. ڇا اُهي انهن جي پيدائش وقت حاضر هئا؟ انهن جي اِها شاهدي لکي ويندي ۽ (روزِ محشر) انهن کان پڇيو ويندو. |
وَقالوا لَو شاءَ الرَّحمٰنُ ما عَبَدنٰهُم ما لَهُم بِذٰلِكَ مِن عِلمٍ إِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 20) |
۽ اُهي چون ٿا ته: ”جيڪڏهن رحمان گهري ها ته اسان انهن (بتن) کي نه پوڄيون ها“. انهن کي ان (حقيقت) جي ڪا خبر نه آهي. اُهي رڳو خيالي ڳالهيون چون ٿا. |
أَم ءاتَينٰهُم كِتٰبًا مِن قَبلِهِ فَهُم بِهِ مُستَمسِكونَ (آيت : 21) |
ڇا اسان هن کان اڳ انهن کي ڪو ڪتاب ڏنو آهي پوءِ اُهي ان سان چنبڙيل آهن؟ |
بَل قالوا إِنّا وَجَدنا ءاباءَنا عَلىٰ أُمَّةٍ وَإِنّا عَلىٰ ءاثٰرِهِم مُهتَدونَ (آيت : 22) |
(نه) پر اِهي چون ٿا ته: ”اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي هڪ طريقي تي لڌو ۽ بيشڪ اسان انهن جي نشانن تي (هلندي) هدايت يافته آهيون“. |
وَكَذٰلِكَ ما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ فى قَريَةٍ مِن نَذيرٍ إِلّا قالَ مُترَفوها إِنّا وَجَدنا ءاباءَنا عَلىٰ أُمَّةٍ وَإِنّا عَلىٰ ءاثٰرِهِم مُقتَدونَ (آيت : 23) |
۽ اهڙي طرح اسان تو کان اڳ ڪنهن به بستي ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه موڪليو مگر اتان جي وڏيرن چيو ته: ”بيشڪ اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي هڪ طريقي ۽ مذهب تي لڌو ۽ بيشڪ اسان انهن جي نشانن جي پيروي ڪندڙ آهيون“. |
قٰلَ أَوَلَو جِئتُكُم بِأَهدىٰ مِمّا وَجَدتُم عَلَيهِ ءاباءَكُم قالوا إِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 24) |
(هر نبي) چيو ته: ”ڇا جيتوڻيڪ آءٌ اوهان وٽ ان کان چڱو طريقو کڻي آيو آهيان جنهن تي اوهان پنهنجن ابن ڏاڏن کي لڌو“. انهن چيو ته: ”جنهن شيءِ سان توهان موڪليا ويا آهيو اسان ان جو انڪار ڪندڙ آهيون“. |
فَانتَقَمنا مِنهُم فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 25) |
پوءِ اسان انهن کان بدلو ورتو پوءِ نهار ته ڪوڙو چوڻ وارن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ لِأَبيهِ وَقَومِهِ إِنَّنى بَراءٌ مِمّا تَعبُدونَ (آيت : 26) |
۽ (ياد ڪر) جڏهن ابراهيم پنهنجي پيءُ کي ۽ پنهنجي قوم کي چيو ته: ”بيشڪ آءٌ انهن (بتن) کان بيزار آهيان جن کي توهان پوڄيو ٿا. |
إِلَّا الَّذى فَطَرَنى فَإِنَّهُ سَيَهدينِ (آيت : 27) |
مگر جنهن مون کي پيدا ڪيو آهي پوءِ اُهو ئي مون کي جلد راهه ڏيکاريندو“. |
وَجَعَلَها كَلِمَةً باقِيَةً فى عَقِبِهِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 28) |
۽ ابراهيمُ اهو ڪلمهءِ (توحيد) پنهنجي پويان سندس اولاد ۾ ڇڏي ويو تان ته اُهي (الله ڏانهن) موٽن. |
بَل مَتَّعتُ هٰؤُلاءِ وَءاباءَهُم حَتّىٰ جاءَهُمُ الحَقُّ وَرَسولٌ مُبينٌ (آيت : 29) |
(بي فرمانين جي باوجود سزا نه ڏني) بلڪه مون انهن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي آسودو ڪيو ايستائين جو انهن وٽ حق (يعني قرآن) ۽ حق کي پڌرو ڪندڙ رسول (محمد ڪريم ﷺ)آيو. |
وَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ قالوا هٰذا سِحرٌ وَإِنّا بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 30) |
۽ جڏهن انهن وٽ حق آيو ته چيائون: ”هي جادو آهي ۽ بيشڪ اسان ان جا انڪاري آهيون“. |
وَقالوا لَولا نُزِّلَ هٰذَا القُرءانُ عَلىٰ رَجُلٍ مِنَ القَريَتَينِ عَظيمٍ (آيت : 31) |
۽ چيائون ته: ”هي قرآن ٻنهين ڳوٺن (مڪي ۽ طائف جي) مان ڪنهن وڏي ماڻهو (وڏيري يا سردار) تي ڇونه لاٿو ويو؟ |
أَهُم يَقسِمونَ رَحمَتَ رَبِّكَ نَحنُ قَسَمنا بَينَهُم مَعيشَتَهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَرَفَعنا بَعضَهُم فَوقَ بَعضٍ دَرَجٰتٍ لِيَتَّخِذَ بَعضُهُم بَعضًا سُخرِيًّا وَرَحمَتُ رَبِّكَ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 32) |
ڇا اهي تنهنجي پالڻهار جي رحمت کي ورهائن ٿا؟ (بلڪه) اسان سندن روزي سندن وچ ۾ دنياوي زندگي ۾ ورهائي ڇڏي آهي، ۽ اسان انهن مان هڪڙن جا درجا ٻين کان بلند ڪيا آهن هن لاءِ ته اُهي هڪ ٻئي کان ڪم وٺي سگهن. ۽ تنهنجي پالڻهار جي رحمت ڀلي آهي ان (دولت) کان جيڪي اُهي گڏ ڪري رکن ٿا. |
وَلَولا أَن يَكونَ النّاسُ أُمَّةً وٰحِدَةً لَجَعَلنا لِمَن يَكفُرُ بِالرَّحمٰنِ لِبُيوتِهِم سُقُفًا مِن فِضَّةٍ وَمَعارِجَ عَلَيها يَظهَرونَ (آيت : 33) |
۽ جيڪڏهن اهو (انديشو) نه هجي ها ته سڀ ماڻهو (ڪفر تي گڏ ٿي) هڪ جماعت نه بنجي وڃن ته اسان رحمان سان ڪفر ڪرڻ وارن ماڻهن جي گهرن جون ڇتيون ۽ ڏاڪڻون به چانديءَ جون ڪيون ها جن تي اُهي چڙهن ها. |
وَلِبُيوتِهِم أَبوٰبًا وَسُرُرًا عَلَيها يَتَّكِـٔونَ (آيت : 34) |
۽ انهن جي گهرن جا دروازا ۽ پلنگ جن تي ٽيڪ لڳائي ويهن ٿا (سي به چاندي جا ڪيون ها). |
وَزُخرُفًا وَإِن كُلُّ ذٰلِكَ لَمّا مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَالءاخِرَةُ عِندَ رَبِّكَ لِلمُتَّقينَ (آيت : 35) |
۽ (انهن کي) سونو بنايون ها. ۽ (حقيقت هي آهي ته) اِهو ڪجهه به نه آهي مگر دنياوي زندگي جو سامان آهي. ۽ آخرت تنهنجي پالڻهار وٽ صرف پرهيزگارن لاءِ آهي. |
وَمَن يَعشُ عَن ذِكرِ الرَّحمٰنِ نُقَيِّض لَهُ شَيطٰنًا فَهُوَ لَهُ قَرينٌ (آيت : 36) |
۽ جيڪو ماڻهو رحمان (بي انتها مهربان) جي ياد کان غافل ٿئي ٿو ته اسان ان جي مٿان هڪ شيطان لڳائي ڇڏيون ٿا جو هر وقت ان سان جُڙيل رهي ٿو. |
وَإِنَّهُم لَيَصُدّونَهُم عَنِ السَّبيلِ وَيَحسَبونَ أَنَّهُم مُهتَدونَ (آيت : 37) |
۽ بيشڪ اهي (شيطان) ماڻهن کي رستي کان روڪن ٿا ۽ ماڻهو سمجهن ٿا ته پڪ سان اُهي هدايت تي هلي رهيا آهن. |
حَتّىٰ إِذا جاءَنا قالَ يٰلَيتَ بَينى وَبَينَكَ بُعدَ المَشرِقَينِ فَبِئسَ القَرينُ (آيت : 38) |
آخر ڪار جڏهن اهو شخص اسان وٽ ايندو ته (ساٿي شيطان کي)چوندو: ”هائو جي منهنجي وچ ۾ ۽ تنهنجي وچ ۾ اوڀر ۽ اولهه جيتري وِٿي هجي ها ڇوته تون بڇڙو ساٿي نڪتين“. |
وَلَن يَنفَعَكُمُ اليَومَ إِذ ظَلَمتُم أَنَّكُم فِى العَذابِ مُشتَرِكونَ (آيت : 39) |
۽ (کين چيو ويندو ته) اڄ ڏينهن اوهان کي (اها سَڌَ ڪرڻ) نفعو نه ڏيندي جڏهن ته توهان ظلم ڪندا رهيا بيشڪ توهان (اڄ) عذاب ۾ شريڪ آهيو. |
أَفَأَنتَ تُسمِعُ الصُّمَّ أَو تَهدِى العُمىَ وَمَن كانَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 40) |
ته ڇا تون ٻوڙن کي ٻڌائيندين؟ يا انڌن کي هدايت جي راهه ڏيکاريندين ۽ (ان کي گس لائيندين) جيڪو پڌري گمراهي ۾ آهي؟ |
فَإِمّا نَذهَبَنَّ بِكَ فَإِنّا مِنهُم مُنتَقِمونَ (آيت : 41) |
پوءِ جيڪڏهن (اي نبي) اسان تو کي (دنيا مان) کڻائي وٺون پوءِ بيشڪ اسان انهن کان بدلو وٺڻ وارا آهيون. |
أَو نُرِيَنَّكَ الَّذى وَعَدنٰهُم فَإِنّا عَلَيهِم مُقتَدِرونَ (آيت : 42) |
يا اسان توکي انهن جو اهو (عذاب) ڏيکاريون جنهن جو اسان ساڻن وعدو ڪيو آهي ته پوءِ بيشڪ اسان انهن مٿان طاقت رکندڙ آهيون. |
فَاستَمسِك بِالَّذى أوحِىَ إِلَيكَ إِنَّكَ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 43) |
پوءِ تون ان (قرآن) کي مضبوطي سان پڪڙ جيڪو توڏانهن وحي ڪيو ويو آهي، بيشڪ تون سڌي واٽ تي آهين. |
وَإِنَّهُ لَذِكرٌ لَكَ وَلِقَومِكَ وَسَوفَ تُسـَٔلونَ (آيت : 44) |
۽ بيشڪ اهو (قرآن) تو لاءِ ۽ تنهنجي قوم لاءِ وڏو شرف (۽ شان) آهي ۽ (انسانو) جلد توهان کان پڇاڻو ڪيو ويندو. |
وَسـَٔل مَن أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رُسُلِنا أَجَعَلنا مِن دونِ الرَّحمٰنِ ءالِهَةً يُعبَدونَ (آيت : 45) |
۽ اسان جا رسول جيڪي اسان تو کان اڳ موڪليا آهن انهن کان پڇي ڏس ته ڇا اسان رحمان کان سواءِ به ڪي معبود بنايا آهن جن جي عبادت ڪئي وڃي؟ |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَقالَ إِنّى رَسولُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 46) |
۽ بيشڪ اسان موسى کي پنهنجي نشانين سان فرعون ۽ ان جي سردارن ڏانهن موڪليو پوءِ چيائين ته: ”بيشڪ آءٌ جهانن جي پالڻهار جو موڪليل رسول آهيان“. |
فَلَمّا جاءَهُم بِـٔايٰتِنا إِذا هُم مِنها يَضحَكونَ (آيت : 47) |
پوءِ جڏهن اهو انهن وٽ اسان جون نشانيون کڻي پهتو ته اُهي ان ئي مهل انهن (نشانين) تي کِلون ڪرڻ لڳا. |
وَما نُريهِم مِن ءايَةٍ إِلّا هِىَ أَكبَرُ مِن أُختِها وَأَخَذنٰهُم بِالعَذابِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 48) |
۽ اسان انهن کي ڪا نشاني نه ٿي ڏيکاري مگر اها اڳين کان گهڻو وڏي هئي ۽ اسان انهن کي عذاب ۾ پڪڙيو ته جيئن اُهي پنهنجي رَوَش کان باز اچن. |
وَقالوا يٰأَيُّهَ السّاحِرُ ادعُ لَنا رَبَّكَ بِما عَهِدَ عِندَكَ إِنَّنا لَمُهتَدونَ (آيت : 49) |
۽ چيائون: ”اي جادوگر! پنهنجي پالڻهار وٽ توکي جيڪو منصب مليل آهي ان آڌار تي اسان لاءِ دعا ڪر، اسان ضرور هدايت يافته ٿي پونداسين“. |
فَلَمّا كَشَفنا عَنهُمُ العَذابَ إِذا هُم يَنكُثونَ (آيت : 50) |
پوءِ اسان جڏهن انهن تان عذاب لاٿو ته ان ئي مهل اُهي معاهدو ڀڃڻ لڳا. |
وَنادىٰ فِرعَونُ فى قَومِهِ قالَ يٰقَومِ أَلَيسَ لى مُلكُ مِصرَ وَهٰذِهِ الأَنهٰرُ تَجرى مِن تَحتى أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 51) |
۽ (هڪ ڏينهن) فرعون پنهنجي قوم ۾ پڙهو ڏنو چيائين: ”اي منهنجي قوم ڇا مصر جو مُلڪ منهنجي مِلڪ ناهي؟ ۽ هي نهرون جيڪي منهنجي (ماڙين جي) هيٺان کان وهن ٿيون (ڇا سي منهنجون نه آهن؟) ڇا پوءِ توهان نه ٿا ڏسو! |
أَم أَنا۠ خَيرٌ مِن هٰذَا الَّذى هُوَ مَهينٌ وَلا يَكادُ يُبينُ (آيت : 52) |
ڇا آءٌ هن کان ڀلو نه آهيان جيڪو خوار آهي ۽ چِٽو ڳالهائي به نه ٿو سگهي. |
فَلَولا أُلقِىَ عَلَيهِ أَسوِرَةٌ مِن ذَهَبٍ أَو جاءَ مَعَهُ المَلٰئِكَةُ مُقتَرِنينَ (آيت : 53) |
پوءِ ڇو نه ان جي مٿان سون جا ڪنگڻ لاٿا ويا؟ يا ان سان گڏ ملائڪ قطار در قطار ڇونه آيا“؟ |
فَاستَخَفَّ قَومَهُ فَأَطاعوهُ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 54) |
پوءِ پنهنجي قوم کي بي وقوف بنايائين پوءِ انهن سندس فرمانبرداري ڪئي. بيشڪ اُهي هئا ئي نافرمان قوم. |
فَلَمّا ءاسَفونَا انتَقَمنا مِنهُم فَأَغرَقنٰهُم أَجمَعينَ (آيت : 55) |
پوءِ جڏهن اسان کي غضبناڪ ڪيائون ته اسان انهن کان بدلو ورتو پوءِ اسان انهن سڀني کي گڏ ٻوڙيو. |
فَجَعَلنٰهُم سَلَفًا وَمَثَلًا لِلءاخِرينَ (آيت : 56) |
پوءِ اسان انهن کي گذريل داستان ۽ پوين لاءِ (عبرت جي) آکاڻي بنائي ڇڏيو. |
وَلَمّا ضُرِبَ ابنُ مَريَمَ مَثَلًا إِذا قَومُكَ مِنهُ يَصِدّونَ (آيت : 57) |
۽ جڏهن (عيسى) پٽ مريم جو مثال ڏنو وڃي ٿو ته ان ئي وقت تنهنجي قوم شور مچائڻ لڳي ٿي. |
وَقالوا ءَأٰلِهَتُنا خَيرٌ أَم هُوَ ما ضَرَبوهُ لَكَ إِلّا جَدَلًا بَل هُم قَومٌ خَصِمونَ (آيت : 58) |
۽ چون ٿا ته: ”ڇا اسان جا معبود بهتر آهن يا اُهو“ (عيسى). اهي تو سان اها ڳالهه رڳو جهڳڙڻ خاطر ڪن ٿا. بلڪه اُهي جهڳڙالو ماڻهو آهن. |
إِن هُوَ إِلّا عَبدٌ أَنعَمنا عَلَيهِ وَجَعَلنٰهُ مَثَلًا لِبَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 59) |
اهو (عيسى) رڳو هڪ (نوازيل) ٻانهو آهي جنهن تي اسان نعمت ڪئي ۽ اسان کيس بني اسرائيل لاءِ مثال بنايو. |
وَلَو نَشاءُ لَجَعَلنا مِنكُم مَلٰئِكَةً فِى الأَرضِ يَخلُفونَ (آيت : 60) |
۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته توهان جي بدلي ملائڪن کي زمين ۾ (آباد) ڪيون ها جيڪي اوهان جا جانشين هجن ها. |
وَإِنَّهُ لَعِلمٌ لِلسّاعَةِ فَلا تَمتَرُنَّ بِها وَاتَّبِعونِ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 61) |
۽ بيشڪ اُهو (يعني عيسى ) هڪ نشاني آهي قيامت جي لاءِ پوءِ توهان ان ۾ هرگز شڪ نه ڪيو ۽ منهنجي پيروي ڪيو. هي سڌو رستو آهي. |
وَلا يَصُدَّنَّكُمُ الشَّيطٰنُ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 62) |
۽ شيطان اوهان کي (ان راهه کان) هرگز نه روڪي، بيشڪ اُهو اوهان لاءِ پڌرو دشمن آهي. |
وَلَمّا جاءَ عيسىٰ بِالبَيِّنٰتِ قالَ قَد جِئتُكُم بِالحِكمَةِ وَلِأُبَيِّنَ لَكُم بَعضَ الَّذى تَختَلِفونَ فيهِ فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 63) |
۽ جڏهن عيسى پڌريون نشانيون کڻي آيو ته چيائين ته: ”آءٌ اوهان وٽ حڪمت کڻي آيو آهيان ۽ (هن لاءِ آيو آهيان ته) ڪي ڳالهيون جن ۾ توهان اختلاف ڪيو ٿا سي توهان کي پڌريون ڪري ڏيان، پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃو. |
إِنَّ اللَّهَ هُوَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 64) |
بيشڪ الله ئي منهنجو پروردگار ۽ توهان جو پروردگار آهي. سو ان جي عبادت ڪيو هيءَ سڌي راهه آهي“. |
فَاختَلَفَ الأَحزابُ مِن بَينِهِم فَوَيلٌ لِلَّذينَ ظَلَموا مِن عَذابِ يَومٍ أَليمٍ (آيت : 65) |
پوءِ انهن مان جماعتن پاڻ ۾ اختلاف ڪيو، پوءِ جن ماڻهن ظلم ڪيو تن لاءِ دردناڪ ڏينهن جي عذاب کان بربادي آهي. |
هَل يَنظُرونَ إِلَّا السّاعَةَ أَن تَأتِيَهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 66) |
ڇا اهي رڳو اهو انتظار ٿا ڪن ته (قيامت جي) گھڙي مٿن اوچتي اچي ۽ کين خبر به نه پوي. |
الأَخِلّاءُ يَومَئِذٍ بَعضُهُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ إِلَّا المُتَّقينَ (آيت : 67) |
گَــهَرا دوست ان ڏينهن هڪ ٻئي جا دشمن هوندا سواءِ پرهيزگارن جي. |
يٰعِبادِ لا خَوفٌ عَلَيكُمُ اليَومَ وَلا أَنتُم تَحزَنونَ (آيت : 68) |
(کين چيو ويندو) ”اي منهنجا ٻانها! اڄ ڏينهن نه اوهان تي ڪو خوف آهي ۽ نه ئي توهان غمگين ٿيندؤ“. |
الَّذينَ ءامَنوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا مُسلِمينَ (آيت : 69) |
(يعني) اهي ماڻهو جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو ۽ اهي فرمانبردار هئا. |
ادخُلُوا الجَنَّةَ أَنتُم وَأَزوٰجُكُم تُحبَرونَ (آيت : 70) |
جنت ۾ داخل ٿيو اوهان ۽ اوهان جون زالون اوهان کي خوش رکيو ويندو“. |
يُطافُ عَلَيهِم بِصِحافٍ مِن ذَهَبٍ وَأَكوابٍ وَفيها ما تَشتَهيهِ الأَنفُسُ وَتَلَذُّ الأَعيُنُ وَأَنتُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 71) |
انهن تي سون جي ٿالهن ۽ ساغرن جا دور هلايا ويندا ۽ ان ۾ اهو سڀ ڪجهه هوندو جنهن جي (سندن) نفس خواهش ڪندا ۽ (سندن) اکيون مزا ماڻينديون ۽ (چيو ويندو) توهان ان ۾ هميشه رهندؤ. |
وَتِلكَ الجَنَّةُ الَّتى أورِثتُموها بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 72) |
۽ هيءَ اُها جنت آهي جنهن جا توهان مالڪ بنايا ويا آهيو انهن عملن سبب جيڪي توهان ڪندا هئا. |
لَكُم فيها فٰكِهَةٌ كَثيرَةٌ مِنها تَأكُلونَ (آيت : 73) |
ان ۾ اوهان لاءِ گهڻا ميوا آهن جنهن مان کائيندا رهندؤ“. (جيئن توهان جي طبيعت چاهي) |
إِنَّ المُجرِمينَ فى عَذابِ جَهَنَّمَ خٰلِدونَ (آيت : 74) |
بيشڪ ڏوهاري دوزخ جي عذاب ۾ هميشه مبتلا رهندا. |
لا يُفَتَّرُ عَنهُم وَهُم فيهِ مُبلِسونَ (آيت : 75) |
انهن تان (عذاب) هلڪو ڪونه ڪيو ويندو ۽ اُهي ان ۾ مايوس ٿيا پيا هوندا. |
وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن كانوا هُمُ الظّٰلِمينَ (آيت : 76) |
۽ اسان مٿن ظلم ڪونه ڪيو پر اُهي پاڻ ظلم ڪرڻ وارا هئا. |
وَنادَوا يٰمٰلِكُ لِيَقضِ عَلَينا رَبُّكَ قالَ إِنَّكُم مٰكِثونَ (آيت : 77) |
۽ اُهي (جهنم جي داروغي کي) سڏيندا ته: ”اي مالڪ! تنهنجو پالڻهار اسان کي موت ڏئي ڇڏي (ته بهتر)“ اُهو چوندو ته: ”بيشڪ توهان (ان حالت ۾) هميشه رهڻ وارا آهيو. |
لَقَد جِئنٰكُم بِالحَقِّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَكُم لِلحَقِّ كٰرِهونَ (آيت : 78) |
بيشڪ اسان توهان وٽ حق آندو هيو پر توهان مان گهڻا حق کي ناپسند ڪرڻ وارا هئا“. |
أَم أَبرَموا أَمرًا فَإِنّا مُبرِمونَ (آيت : 79) |
ڇا انهن (رسول جي خلاف) ڪنهن ڪم جو پڪو ارادو ڪيو آهي پوءِ بيشڪ اسان به پڪو ڪم ڪرڻ وارا آهيون. |
أَم يَحسَبونَ أَنّا لا نَسمَعُ سِرَّهُم وَنَجوىٰهُم بَلىٰ وَرُسُلُنا لَدَيهِم يَكتُبونَ (آيت : 80) |
ڇا اُهي سمجهن ٿا ته اسان سندن ڳُجهيون ڳالهيون ۽ سندن ڳُجهيون صلاحون نه ٿا ٻڌون؟ ڇونه!! (بلڪل ٻڌون ٿا) ۽اسان جا موڪليل ملائڪ به وٽن آهن جي لکن ٿا. |
قُل إِن كانَ لِلرَّحمٰنِ وَلَدٌ فَأَنا۠ أَوَّلُ العٰبِدينَ (آيت : 81) |
چؤ ته: ”جيڪڏهن رحمان کي سچ پچ ڪو اولاد هجي ها ته سڀ کان پهريون (ان جو) عبادت ڪرڻ وارو هجان ها“. |
سُبحٰنَ رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ رَبِّ العَرشِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 82) |
پاڪ آهي آسمانن ۽ زمين جو پروردگار عرش جو مالڪ انهن ڳالهين کان جيڪي اُهي بيان ڪن ٿا. |
فَذَرهُم يَخوضوا وَيَلعَبوا حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 83) |
پوءِ تون انهن کي ڇڏي ڏي بيڪار بحث ۽ راند روند ۾ پيا رهن ايستائين جو اُهي پنهنجي ان ڏينهن کي ڏسن جنهن جو انهن سان وعدو ڪيو وڃي ٿو. |
وَهُوَ الَّذى فِى السَّماءِ إِلٰهٌ وَفِى الأَرضِ إِلٰهٌ وَهُوَ الحَكيمُ العَليمُ (آيت : 84) |
۽ اهو ئي آهي جيڪو آسمان ۾ معبود آهي ۽ زمين ۾ (به) اهو ئي معبود آهي. ۽ اُهو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آهي. |
وَتَبارَكَ الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَعِندَهُ عِلمُ السّاعَةِ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 85) |
۽ وڏي برڪتن واري اُها ذات آهي جنهن جي بادشاهت آسمانن ۽ زمين ۾ آهي ۽ جيڪي ڪجھه انهن ٻنهين جي وچ ۾ (هرجاءِ تي) ۽ ان وٽ قيامت (جي وقت) جو علم آهي ۽ توهان ان ڏانهن موٽايا ويندؤ. |
وَلا يَملِكُ الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ الشَّفٰعَةَ إِلّا مَن شَهِدَ بِالحَقِّ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 86) |
۽ جن (ڪوڙن معبودن) کي اُهي الله کي ڇڏي پڪارن ٿا سي شفاعت ڪرڻ جو اختيار نه ٿا رکن، هائو (شفاعت جو اختيار انهن کي آهي) جن حق جي شاهدي ڏني ۽ اُهي ڄاڻندا هئا. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَهُم لَيَقولُنَّ اللَّهُ فَأَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 87) |
۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇين ته انهن کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟ ته ضرور چوندا الله! پوءِ هي ڪٿان کان دوکو کائي رهيا آهن! |
وَقيلِهِ يٰرَبِّ إِنَّ هٰؤُلاءِ قَومٌ لا يُؤمِنونَ (آيت : 88) |
قسم آهي ان (منهنجي رسول ﷺ) جي هن قول جو: ”اي منهنجا پالڻهار بيشڪ هي اهڙي قوم آهن جي ايمان نه ٿا آڻن“. |
فَاصفَح عَنهُم وَقُل سَلٰمٌ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 89) |
پوءِ تون انهن کان درگذر ڪر ۽ چؤ ”سلام“ آهي، پوءِ جلدي (انجام) ڄاڻي وٺندا. |