القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 7 سُوۡرَۃُ الزُّخۡرُفِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 89


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

حم (آيت : 1)

حٰـمۗ

وَالكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2)

قسم آهي قرآن ڪريم جو

إِنّا جَعَلنٰهُ قُرءٰنًا عَرَبِيًّا لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 3)

بيشڪ اسان قرآن ڪريم کي عربيءَ ۾ نازل ڪيو ته من توهان سمجھو

وَإِنَّهُ فى أُمِّ الكِتٰبِ لَدَينا لَعَلِىٌّ حَكيمٌ (آيت : 4)

۽ بيشڪ اهو اسان وٽ لوحِ محفوظ ۾ يقيناً اعليٰ (۽) حڪمت وارو آهي

أَفَنَضرِبُ عَنكُمُ الذِّكرَ صَفحًا أَن كُنتُم قَومًا مُسرِفينَ (آيت : 5)

ڇا پوءِ اسين توهان کان نصيحت پري ڪري ڇڏيون ان لاءِ ته توهان حد کان وڌندڙ قوم آهيو

وَكَم أَرسَلنا مِن نَبِىٍّ فِى الأَوَّلينَ (آيت : 6)

۽ اسان پَهِرِيُنِ (امتن) ۾ ڪيترائي پيغمبر موڪليا

وَما يَأتيهِم مِن نَبِىٍّ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 7)

نٿي آيو انهن وٽ ڪو نبي مگر اهي ان سان مذاق ڪندا هئا

فَأَهلَكنا أَشَدَّ مِنهُم بَطشًا وَمَضىٰ مَثَلُ الأَوَّلينَ (آيت : 8)

پوءِ اسان انهن مان بدترين ماڻهو پڪڙ سان هلاڪ ڪيا ۽ اهڙا ڪيترائي پَهِرِيَنِ جا مثال گذري چڪا آهن

وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ خَلَقَهُنَّ العَزيزُ العَليمُ (آيت : 9)

۽ رسولِ عربي جيڪڏهن توهان انهن کان سوال ڪندا ته آسمانن ۽ زمينن کي ڪنهن پيدا ڪيو؟ اهي ضرور چوندا ته انهن کي الله تعالى پيدا ڪيو آهي

الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ مَهدًا وَجَعَلَ لَكُم فيها سُبُلًا لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 10)

اهو رب جنهن توهان لاءِ زمين کي وڇاڻو بنايو ۽ توهان لاءِ ان ۾ رستا بنايا ان لاءِ ته توهان کي راه ملي

وَالَّذى نَزَّلَ مِنَ السَّماءِ ماءً بِقَدَرٍ فَأَنشَرنا بِهِ بَلدَةً مَيتًا كَذٰلِكَ تُخرَجونَ (آيت : 11)

۽ اهو رب جنهن توهان لاءِ آسمان مان اندازي سان برسات وسائي، پوءِ اسان ان سان غيرآباد شهر کي آباد ڪيو، اهڙيءَ طرح (قبرن مان زنده ڪري) توهان کي ڪڍيو ويندو

وَالَّذى خَلَقَ الأَزوٰجَ كُلَّها وَجَعَلَ لَكُم مِنَ الفُلكِ وَالأَنعٰمِ ما تَركَبونَ (آيت : 12)

۽ اهو رب جنهن سمورا جوڙا پيدا ڪيا ۽ توهان لاءِ ٻيڙيون ۽ چؤپايا بنايا. (جن تي) توهان سوار ٿيو ٿا

لِتَستَوۥا عَلىٰ ظُهورِهِ ثُمَّ تَذكُروا نِعمَةَ رَبِّكُم إِذَا استَوَيتُم عَلَيهِ وَتَقولوا سُبحٰنَ الَّذى سَخَّرَ لَنا هٰذا وَما كُنّا لَهُ مُقرِنينَ (آيت : 13)

ان لاءِ ته توهان انهن جي پُٺين تي هموار ٿي ويهو ان کان پوءِ توهان پنهنجي رب جون نعمتون ياد ڪريو جڏهن توهان انهن تي هموار ٿي ويهو ۽ توهان چئو، اهو رب پاڪ آهي جنهن اسان لاءِ هن سواريءَ کي مسخر بنايو ۽ اسين ان کي قابو ڪندڙ ناهيون

وَإِنّا إِلىٰ رَبِّنا لَمُنقَلِبونَ (آيت : 14)

۽ بيشڪ اسان کي يقيناً پنهنجي رب ڏانهن موٽڻو آهي

وَجَعَلوا لَهُ مِن عِبادِهِ جُزءًا إِنَّ الإِنسٰنَ لَكَفورٌ مُبينٌ (آيت : 15)

۽ ڪافرن، الله لاءِ سندس ٻانهن کي خدا جو اولاد بنايو، بيشڪ انسان يقيناً صاف ناشڪر آهي

أَمِ اتَّخَذَ مِمّا يَخلُقُ بَناتٍ وَأَصفىٰكُم بِالبَنينَ (آيت : 16)

ڇا ان پنهنجي مخلوق مان پاڻ لاءِ نياڻيون پسند ڪيون؟ ۽ توهان کي پٽ ڏيئي اعليٰ ڪيو

وَإِذا بُشِّرَ أَحَدُهُم بِما ضَرَبَ لِلرَّحمٰنِ مَثَلًا ظَلَّ وَجهُهُ مُسوَدًّا وَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 17)

۽ جنهن وقت انهن مان هڪڙي کي (نياڻي جي) مبارڪ ڏني وڃي ٿي جيڪو مثال اهي الله لاءِ ڏين ٿا ته سندن چهرو ڦِري ڪارو ٿئي ٿو ۽ اهي سخت غمگين ٿين ٿا

أَوَمَن يُنَشَّؤُا۟ فِى الحِليَةِ وَهُوَ فِى الخِصامِ غَيرُ مُبينٍ (آيت : 18)

ڇا جيڪو ماڻهو زيورن ۾ پاليو وڃي ٿو ۽ اهو بحث ۾ چِٽو نه ڳالهائي (اهو رب تعالى جو اولاد ٿي سگھي ٿو ! قطعاً نه)

وَجَعَلُوا المَلٰئِكَةَ الَّذينَ هُم عِبٰدُ الرَّحمٰنِ إِنٰثًا أَشَهِدوا خَلقَهُم سَتُكتَبُ شَهٰدَتُهُم وَيُسـَٔلونَ (آيت : 19)

۽ انهن (ڪافرن) ملائڪن کي مؤنث بنايو اُهي (ملائڪ در حقيقت) رحمان جا ٻانها آهن، ڇا اهي انهن جي تخليق وقت موجود هئا؟ جلد انهن جي گواهي لکي ويندي ۽ انهن کان (آخرت ۾ ان بابت) پڇيو ويندو

وَقالوا لَو شاءَ الرَّحمٰنُ ما عَبَدنٰهُم ما لَهُم بِذٰلِكَ مِن عِلمٍ إِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 20)

۽ انهن چيو جيڪڏهن رحمان چاهي ها ته اسين ملائڪن جي عبادت نه ڪريون ها، انهن کي ان جو ڪوبه علم ناهي، اهي ته فقط ڪوڙ ڳالهائن ٿا

أَم ءاتَينٰهُم كِتٰبًا مِن قَبلِهِ فَهُم بِهِ مُستَمسِكونَ (آيت : 21)

ڇا اسان انهن کي ان کان اڳ ۾ ڪتاب نه ڏنو؟ پوءِ اِهي ان تي عمل ڪندڙ آهن

بَل قالوا إِنّا وَجَدنا ءاباءَنا عَلىٰ أُمَّةٍ وَإِنّا عَلىٰ ءاثٰرِهِم مُهتَدونَ (آيت : 22)

بلڪ انهن چيو بيشڪ اسان پنهنجي پيءُ ڏاڏي کي اُن دين تي لڌو ۽ بيشڪ اسين انهن جي نقشِ قدم تي هدايت وارا آهيون

وَكَذٰلِكَ ما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ فى قَريَةٍ مِن نَذيرٍ إِلّا قالَ مُترَفوها إِنّا وَجَدنا ءاباءَنا عَلىٰ أُمَّةٍ وَإِنّا عَلىٰ ءاثٰرِهِم مُقتَدونَ (آيت : 23)

۽ اهڙيءَ طرح نه موڪليو اسان توهان کان اڳ ۾ (ڪنهن) ڳوٺ ۾ ڪو پيغمبر مگر ان ڳوٺ جي وڏن ماڻهن چيو بيشڪ اسان پنهنجي پيءُ ڏاڏن کي ان دين تي لڌو ۽ بيشڪ اسين انهن جي نقسِ قدم جي تابعداري ڪندڙ آهيون

قٰلَ أَوَلَو جِئتُكُم بِأَهدىٰ مِمّا وَجَدتُم عَلَيهِ ءاباءَكُم قالوا إِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 24)

رسولِ عربي توهان فرمايو ڇا جيڪو دين مون توهان وٽ آندو آهي اهو توهان جي آبائي دين کان وڌيڪ بهتر ناهي، ڪافرن چيو بيشڪ اسين رسالت جا انڪاري آهيون

فَانتَقَمنا مِنهُم فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 25)

پوءِ اسان انهن کان انتقام ورتو. پوءِ توهان ڏسو ته ڪوڙن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿئي ٿي

وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ لِأَبيهِ وَقَومِهِ إِنَّنى بَراءٌ مِمّا تَعبُدونَ (آيت : 26)

۽ رسولِ عربي توهان ياد ڪريو جڏهن (حضرت) ابراهيم پنهنجي چاچي ۽ پنهنجي قوم کي چيو ته بيشڪ آئون انهن (بتن) کان بيزار آهيان جن جي توهان عبادت ڪريو ٿا

إِلَّا الَّذى فَطَرَنى فَإِنَّهُ سَيَهدينِ (آيت : 27)

سواءِ ان خالق جي جنهن مون کي پيدا ڪيو پوءِ بيشڪ اهو ئي جلد مون کي هدايت ڏيندو

وَجَعَلَها كَلِمَةً باقِيَةً فى عَقِبِهِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 28)

۽ اسان ان ڪلمي کي سندس اولاد ۾ باقي رکيو ته من اهي موٽن

بَل مَتَّعتُ هٰؤُلاءِ وَءاباءَهُم حَتّىٰ جاءَهُمُ الحَقُّ وَرَسولٌ مُبينٌ (آيت : 29)

بلڪ اسان انهن کي ۽ انهن جي پيءُ ڏاڏن کي فائدو ڏنو، ايستائين جو انهن وٽ قرآن ڪريم ۽ رسولِ عربي پهتا

وَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ قالوا هٰذا سِحرٌ وَإِنّا بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 30)

۽ جڏهن انهن وٽ حق پهتو انهن چيو هيءُ سحر آهي بيشڪ اسين ان جا انڪاري آهيون

وَقالوا لَولا نُزِّلَ هٰذَا القُرءانُ عَلىٰ رَجُلٍ مِنَ القَريَتَينِ عَظيمٍ (آيت : 31)

۽ (ڪافرن) چيو ڇو نه نازل ڪيو ويو هيءُ قرآن انهن ٻن شهرن (مڪه ۽ طائف) جي ڪنهن امير ماڻهو تي

أَهُم يَقسِمونَ رَحمَتَ رَبِّكَ نَحنُ قَسَمنا بَينَهُم مَعيشَتَهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَرَفَعنا بَعضَهُم فَوقَ بَعضٍ دَرَجٰتٍ لِيَتَّخِذَ بَعضُهُم بَعضًا سُخرِيًّا وَرَحمَتُ رَبِّكَ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 32)

ڇا اهي توهان جي رب جي رحمت (نبوت) جي تقسيم ڪن ٿا. اسين انهن جي وچ ۾ هن دنيا اندر سندن معيشت (روزي) کي تقسيم ڪريون ٿا ۽ درجن ۾ اسان انهن مان هڪڙن کي ٻين کان وڌيڪ ڪيو آهي، ان لاءِ ته انهن مان هڪڙا ٻين کان ڪم وٺن. ۽ رسولِ عربيءَ جي رب جي رحمت (نبوت) انهن جي دولت کان بهتر آهي

وَلَولا أَن يَكونَ النّاسُ أُمَّةً وٰحِدَةً لَجَعَلنا لِمَن يَكفُرُ بِالرَّحمٰنِ لِبُيوتِهِم سُقُفًا مِن فِضَّةٍ وَمَعارِجَ عَلَيها يَظهَرونَ (آيت : 33)

۽ جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته سڀ ماڻهو هڪ دين تي هجن ها ته اسين ضرور رحمان جي انڪارين لاءِ، چاندي جي ڇتن وارا گھر ۽ سيڙهيون تيار ڪرايون ها جن تي اهي چڙهن ها

وَلِبُيوتِهِم أَبوٰبًا وَسُرُرًا عَلَيها يَتَّكِـٔونَ (آيت : 34)

۽ انهن جي گھرن لاءِ (چانديءَ جا) دروازا ۽ تخت ٺهرايون ها جن تي ٽيڪ ڏين ها ۽ کين هر قسم جي آرائش ڏيون ها

وَزُخرُفًا وَإِن كُلُّ ذٰلِكَ لَمّا مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَالءاخِرَةُ عِندَ رَبِّكَ لِلمُتَّقينَ (آيت : 35)

۽ اهو سڀ ناهي مگر دنيا جي حياتي جو (بي بقا) سامان ۽ توهان جي رب وٽ آخرت پرهيزگارن لاءِ آهي

وَمَن يَعشُ عَن ذِكرِ الرَّحمٰنِ نُقَيِّض لَهُ شَيطٰنًا فَهُوَ لَهُ قَرينٌ (آيت : 36)

۽ جيڪو ماڻهو رحمان جي ذڪر کان منهن موڙي ٿو اسين ان تي شيطان کي مقرر ڪريون ٿا پوءِ اهو ان جو ساٿي آهي

وَإِنَّهُم لَيَصُدّونَهُم عَنِ السَّبيلِ وَيَحسَبونَ أَنَّهُم مُهتَدونَ (آيت : 37)

۽ بيشڪ اهي يقيناً ان کي سنئين رستي کان روڪين ٿا ۽ اهي ڀانئن ٿا ته بيشڪ اهي هدايت يافته آهن

حَتّىٰ إِذا جاءَنا قالَ يٰلَيتَ بَينى وَبَينَكَ بُعدَ المَشرِقَينِ فَبِئسَ القَرينُ (آيت : 38)

ايستائين جو جڏهن (اهو ڪافر) اسان وٽ ايندو، اهو چوندو ڪاش تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ مشرق ۽ مغرب جو فاصلو هجي ها، پوءِ اهو ڪهڙو نه خراب ساٿي آهي

وَلَن يَنفَعَكُمُ اليَومَ إِذ ظَلَمتُم أَنَّكُم فِى العَذابِ مُشتَرِكونَ (آيت : 39)

۽ هرگز توهان کي اڄ ڏينهن ڪو نفعو نه ملندو ڇو ته توهان ظلم ڪيو، بيشڪ توهان عذاب ۾ مشترڪ آهيو

أَفَأَنتَ تُسمِعُ الصُّمَّ أَو تَهدِى العُمىَ وَمَن كانَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 40)

ڇا پوءِ توهان ٻوڙن کي سڻايو ٿا يا انڌن کي ڏيکاريون ٿا ۽ جيڪي ماڻهو صاف گمراهي ۾ آهن

فَإِمّا نَذهَبَنَّ بِكَ فَإِنّا مِنهُم مُنتَقِمونَ (آيت : 41)

پوءِ جيڪڏهن اسان رسولِ عربي کي وٺي وڃون پوءِ به بيشڪ اسين انهن کان انتقام وٺندڙ آهيون

أَو نُرِيَنَّكَ الَّذى وَعَدنٰهُم فَإِنّا عَلَيهِم مُقتَدِرونَ (آيت : 42)

يا توهان کي اهو ڏيکاريون جنهن جو اسان انهن سان وعدو ڪيو، پوءِ بيشڪ اسين انهن تي قادر آهيون

فَاستَمسِك بِالَّذى أوحِىَ إِلَيكَ إِنَّكَ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 43)

پوءِ رسولِ عربي توهان وحي رباني کي مضبوطيءَ سان جھليو، بيشڪ توهان سنئين رستي تي آهيو

وَإِنَّهُ لَذِكرٌ لَكَ وَلِقَومِكَ وَسَوفَ تُسـَٔلونَ (آيت : 44)

۽ بيشڪ قرآن مجيد خاص رسولِ عربيءَ جي ساراه ۽ سندن امت جو ذڪر آهي، ۽ عنقريب توهان کان سوال ڪيو ويندو

وَسـَٔل مَن أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رُسُلِنا أَجَعَلنا مِن دونِ الرَّحمٰنِ ءالِهَةً يُعبَدونَ (آيت : 45)

۽ رسولِ عربي توهان اسان جي اڳين پيغمبرن کان معلوم ڪريو ته ڇا اسان رحمان کانسواءِ ٻيا معبود مقرر ڪيا جن جي عبادت ڪئي ويندي هئي

وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَقالَ إِنّى رَسولُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 46)

۽ بيشڪ اسان (حضرت) موسيٰ کي پنهنجي نشانين سان فرعون ۽ ان جي سردارن ڏانهن موڪليو، پوءِ موسيٰ چيو بيشڪ آئون رب العالمين جو پيغمبر آهيان

فَلَمّا جاءَهُم بِـٔايٰتِنا إِذا هُم مِنها يَضحَكونَ (آيت : 47)

پوءِ جڏهن موسيٰ انهن وٽ اسان جي نشانين سان پهتو ان وقت اهي نشانين تان کِلڻ لڳا

وَما نُريهِم مِن ءايَةٍ إِلّا هِىَ أَكبَرُ مِن أُختِها وَأَخَذنٰهُم بِالعَذابِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 48)

۽ اسان انهن کي جيڪا نشاني ڏيکاري ٿي اها اڳئين نشانيءَ کان تمام وڏي هوندي هئي، ۽ اسان انهن کي عذاب سان پڪڙيو ته من اهي موٽن

وَقالوا يٰأَيُّهَ السّاحِرُ ادعُ لَنا رَبَّكَ بِما عَهِدَ عِندَكَ إِنَّنا لَمُهتَدونَ (آيت : 49)

۽ انهن چيو اي جادوگر (موسيٰ) تون اسان لاءِ پنهنجي رب کان اهو وعدو گھُر، جنهنجو تو سان ان وعدو ڪيو آهي، بيشڪ اسين ضرور هدايت يافته ٿينداسين

فَلَمّا كَشَفنا عَنهُمُ العَذابَ إِذا هُم يَنكُثونَ (آيت : 50)

پوءِ جڏهن اسان انهن تان عذاب لاٿو ان وقت انهن وعدو ٽوڙيو (ايمان نه آندو)

وَنادىٰ فِرعَونُ فى قَومِهِ قالَ يٰقَومِ أَلَيسَ لى مُلكُ مِصرَ وَهٰذِهِ الأَنهٰرُ تَجرى مِن تَحتى أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 51)

۽ فرعون پنهنجي قوم ۾ اعلان ڪرايو، فرعون چيو اي منهنجي قوم ڇا منهنجي لاءِ مصر جو ملڪ ناهي ۽ هي نهرون جيڪي منهنجي هيٺان وهن ٿيون، ڇا پوءِ توهان نٿا ڏسو

أَم أَنا۠ خَيرٌ مِن هٰذَا الَّذى هُوَ مَهينٌ وَلا يَكادُ يُبينُ (آيت : 52)

ڇا آئون انهيءَ (موسيٰ) کان بهتر آهيان يا اهو جيڪو فقير ۽ ضعيف الحال آهي ۽ چڱيءَ طرح ڳالهائي به نٿو سگهي

فَلَولا أُلقِىَ عَلَيهِ أَسوِرَةٌ مِن ذَهَبٍ أَو جاءَ مَعَهُ المَلٰئِكَةُ مُقتَرِنينَ (آيت : 53)

پوءِ ڇو نه ان کي (سرداريءَ جا) سونا ڪنگڻ پارايا ويا يا ان سان گڏ ملائڪ ڇو نه آهن

فَاستَخَفَّ قَومَهُ فَأَطاعوهُ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 54)

پوءِ ان پنهنجي قوم کي جاهل بنايو پوءِ انهن فرعون جي تابعداري ڪئي، بيشڪ اها گنهگار قوم هئي

فَلَمّا ءاسَفونَا انتَقَمنا مِنهُم فَأَغرَقنٰهُم أَجمَعينَ (آيت : 55)

پوءِ جڏهن (انهن) اسان کي ناراض ڪيو ته اسان انهن کان انتقام ورتو، پوءِ اسان انهن سمورن کي غرق ڪيو

فَجَعَلنٰهُم سَلَفًا وَمَثَلًا لِلءاخِرينَ (آيت : 56)

پوءِ اسان انهن کي پهريان بنائي پويَنِ لاءِ مثال قائم ڪيو

وَلَمّا ضُرِبَ ابنُ مَريَمَ مَثَلًا إِذا قَومُكَ مِنهُ يَصِدّونَ (آيت : 57)

۽ جڏهن عيسيٰ بن مريم جو مثال بيان ڪيو وڃي ٿو ان وقت توهان جي قوم ان سان مذاق ڪري ٿي

وَقالوا ءَأٰلِهَتُنا خَيرٌ أَم هُوَ ما ضَرَبوهُ لَكَ إِلّا جَدَلًا بَل هُم قَومٌ خَصِمونَ (آيت : 58)

۽ اهي چون ٿا ڇا اسان جا معبود بهتر آهن يا اهو، اهو مثال توهان جي جھڳڙي لاءِ پيش ڪن ٿا. بلڪ اهي سخت جھڳڙو ڪندڙ قوم آهن

إِن هُوَ إِلّا عَبدٌ أَنعَمنا عَلَيهِ وَجَعَلنٰهُ مَثَلًا لِبَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 59)

ناهي اهو (عيسيٰ) مگر هڪ ٻانهو جنهن تي اسان نعمت ڪئي ۽ اسان ان کي بني اسرائيل لاءِ هڪ مثال بنايو

وَلَو نَشاءُ لَجَعَلنا مِنكُم مَلٰئِكَةً فِى الأَرضِ يَخلُفونَ (آيت : 60)

۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ها ته توهان مان ملائڪ پيدا ڪريون ها جيڪي زمين ۾ توهان جا قائم مقام هجن ها

وَإِنَّهُ لَعِلمٌ لِلسّاعَةِ فَلا تَمتَرُنَّ بِها وَاتَّبِعونِ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 61)

۽ بيشڪ عيسيٰ جو نزول قيامت جي نشانين مان آهي پوءِ توهان قيامت جي اچڻ ۾ شڪ نه ڪريو ۽ منهنجي تابعداري ڪريو، هيءُ سڌو رستو آهي

وَلا يَصُدَّنَّكُمُ الشَّيطٰنُ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 62)

۽ توهان کي شيطان هرگز نه روڪي، بيشڪ اهو توهان لاءِ صاف دشمن آهي

وَلَمّا جاءَ عيسىٰ بِالبَيِّنٰتِ قالَ قَد جِئتُكُم بِالحِكمَةِ وَلِأُبَيِّنَ لَكُم بَعضَ الَّذى تَختَلِفونَ فيهِ فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 63)

۽ جڏهن عيسيٰ صاف دليل آندا عيسيٰ چيو بيشڪ مون توهان لاءِ حڪمت آندي ۽ آئون توهان لاءِ ڪجھه ڳالهيون بيان ڪريان ٿو جنهن ۾ توهان اختلاف ڪريو ٿا، پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجي تابعداري ڪريو

إِنَّ اللَّهَ هُوَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 64)

بيشڪ الله تعالى منهنجو ۽ توهان جو رب آهي پوءِ توهان ان جي عبادت ڪريو، هيءُ سڌو رستو آهي

فَاختَلَفَ الأَحزابُ مِن بَينِهِم فَوَيلٌ لِلَّذينَ ظَلَموا مِن عَذابِ يَومٍ أَليمٍ (آيت : 65)

پوءِ (انهن) گروهن پاڻ ۾ اختلاف ڪيو. پوءِ قيامت جي ڏينهن وارو عذاب ظالمن لاءِ ويل آهي

هَل يَنظُرونَ إِلَّا السّاعَةَ أَن تَأتِيَهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 66)

نٿا انتظار ڪن مگر قيامت جو (اها) انهن تي اوچتو ايندي ۽ انهن کي خبر نه پوندي

الأَخِلّاءُ يَومَئِذٍ بَعضُهُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ إِلَّا المُتَّقينَ (آيت : 67)

(دنيا جا) سچا دوست قيامت جي ڏينهن هڪ ٻئي جا دشمن ٿي پوندا مگر پرهيزگار (انهن جي دوستي قيامت ۾ به قائم هوندي)

يٰعِبادِ لا خَوفٌ عَلَيكُمُ اليَومَ وَلا أَنتُم تَحزَنونَ (آيت : 68)

اي منهنجا (مؤمن) بندا توهان تي اڄ ڏينهن ڪو خوف ناهي ۽ نه توهان ڏکوئبا

الَّذينَ ءامَنوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا مُسلِمينَ (آيت : 69)

اِهي اُهي ماڻهو آهن جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو ۽ اهي فرمانبردار هئا

ادخُلُوا الجَنَّةَ أَنتُم وَأَزوٰجُكُم تُحبَرونَ (آيت : 70)

توهان ۽ توهان جون گھر واريون تازگي وارن چهرن سان بهشت ۾ داخل ٿيو

يُطافُ عَلَيهِم بِصِحافٍ مِن ذَهَبٍ وَأَكوابٍ وَفيها ما تَشتَهيهِ الأَنفُسُ وَتَلَذُّ الأَعيُنُ وَأَنتُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 71)

انهن جي خدمت ۾ سونا پيالا ۽ سونا گلاس پيش ڪيا ويندا، ۽ بهشت ۾ اهو سڀ ڪجھه هوندو جيڪو توهان جي دل کي وڻي ۽ اکين کي فرحت ڏي، ۽ توهان انهيءَ ۾ هميشه رهندا

وَتِلكَ الجَنَّةُ الَّتى أورِثتُموها بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 72)

۽ اهو بهشت آهي، جنهنجا توهان نيڪ عملن جي ڪري وارث ٿيا آهيو

لَكُم فيها فٰكِهَةٌ كَثيرَةٌ مِنها تَأكُلونَ (آيت : 73)

توهان لاءِ بهشت ۾ تمام گھڻا ميوا هوندا جن مان توهان کائيندا

إِنَّ المُجرِمينَ فى عَذابِ جَهَنَّمَ خٰلِدونَ (آيت : 74)

بيشڪ مجرم جهنم جي عذاب ۾ هميشه هميشه رهندا

لا يُفَتَّرُ عَنهُم وَهُم فيهِ مُبلِسونَ (آيت : 75)

انهن تان (عذاب ۾) ڪا هلڪائي نه ڪئي ويندي ۽ اهي انهيءَ ۾ نااميد پيل هوندا

وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن كانوا هُمُ الظّٰلِمينَ (آيت : 76)

۽ اسان انهن تي ظلم نه ڪيو پر اهي پاڻ ظالم هئا

وَنادَوا يٰمٰلِكُ لِيَقضِ عَلَينا رَبُّكَ قالَ إِنَّكُم مٰكِثونَ (آيت : 77)

۽ جهنمي پڪاريندا اي مالڪ (هيءُ جهنم جو داروغو هوندو) تنهنجو رب (هن عذاب کان) اسان کي ختم ڪري ڇڏي ها مالڪ چوندو بيشڪ توهان (جهنم ۾) هميشه رهندڙ آهيو

لَقَد جِئنٰكُم بِالحَقِّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَكُم لِلحَقِّ كٰرِهونَ (آيت : 78)

بيشڪ تحقيق اسان توهان وٽ حق آندو پر توهان مان اڪثر حق کي پسند نه ڪندا هئا

أَم أَبرَموا أَمرًا فَإِنّا مُبرِمونَ (آيت : 79)

ڇا انهن رسولِ عربي لاءِ خفيه تدبير ڪئي آهي، پوءِ بيشڪ اسين کين خفيه تدبير جي سزا ڏيندڙ آهيون

أَم يَحسَبونَ أَنّا لا نَسمَعُ سِرَّهُم وَنَجوىٰهُم بَلىٰ وَرُسُلُنا لَدَيهِم يَكتُبونَ (آيت : 80)

ڇا اهي ڀانئن ٿا ته بيشڪ اسين سندن دلي ۽ خفيه ڳالهيون نٿا ٻُڌون؟ ها! ۽ اسان جا فرشتا انهن وٽ لکي رهيا آهن

قُل إِن كانَ لِلرَّحمٰنِ وَلَدٌ فَأَنا۠ أَوَّلُ العٰبِدينَ (آيت : 81)

رسولِ عربي توهان فرمايو جيڪڏهن (بالفرض) رحمان کي اولاد هجي ها پوءِ پهريائين آئون (ان جي) عبادت ڪندڙ هجان ها

سُبحٰنَ رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ رَبِّ العَرشِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 82)

آسمانن ۽ زمينن ۽ عرشِ عظيم جو رب انهن جي (بيان ڪيل) وصفن کان پاڪ آهي

فَذَرهُم يَخوضوا وَيَلعَبوا حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 83)

پوءِ توهان انهن کي ڇڏي ڏيو ته اهي اجايون ڳالهيون ۽ رانديون ڪن، ايستائين جو اهي پنهنجي ان ڏينهن کي پهچن جنهنجو کين وعدو ڏنو ويو هو

وَهُوَ الَّذى فِى السَّماءِ إِلٰهٌ وَفِى الأَرضِ إِلٰهٌ وَهُوَ الحَكيمُ العَليمُ (آيت : 84)

۽ اهو ئي آسمان ۽ زمين وارن جو برحق معبود آهي. ۽ اهو ئي حڪمت وارو ڄاڻندڙ آهي

وَتَبارَكَ الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَعِندَهُ عِلمُ السّاعَةِ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 85)

۽ بابرڪت آهي اهو رب جنهنجي بادشاهي آسمانن ۽ زمينن ۽ انهن جي وچ ۾ آهي ۽ ان وٽ قيامت جو علم آهي، ۽ توهان ان ڏانهن موٽايا ويندا

وَلا يَملِكُ الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ الشَّفٰعَةَ إِلّا مَن شَهِدَ بِالحَقِّ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 86)

۽ بت پرست شفاعت (سفارش) جا مالڪ نٿا ٿين مگر جيڪو ماڻهو حق جي گواهي ڏي ٿو ۽ اهي ڄاڻن ٿا

وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَهُم لَيَقولُنَّ اللَّهُ فَأَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 87)

۽ جيڪڏهن توهان انهن کان سوال ڪندا ته انهي کي ڪنهن خلقيو، يقيناً چوندا الله، پوءِ اهي ڪيڏانهن ڦِرن ٿا

وَقيلِهِ يٰرَبِّ إِنَّ هٰؤُلاءِ قَومٌ لا يُؤمِنونَ (آيت : 88)

۽ رسولِ عربي مون کي توهان جي (هن) گفتگوءَ جو قسم ته بيشڪ اها قوم ايمان نه آڻيندي

فَاصفَح عَنهُم وَقُل سَلٰمٌ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 89)

پوءِ توهان انهن کي درگذر ڪريو ۽ توهان فرمايو سلام آهي، پوءِ عنقريب اهي ڄاڻندا


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025