حم (آيت : 1) |
حٓا_ ميم. |
وَالكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
پڌرو ڪتاب شاهد آهي. |
إِنّا جَعَلنٰهُ قُرءٰنًا عَرَبِيًّا لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 3) |
بيشڪ اسان ان کي عربيءَ ۾ قرآن ڪري جوڙيو آهي، ته من اوهين سمجهو- |
وَإِنَّهُ فى أُمِّ الكِتٰبِ لَدَينا لَعَلِىٌّ حَكيمٌ (آيت : 4) |
۽ بيشڪ اهو لوح محفوظ ۾ ا سان وٽ اعليٰ ۽ ڏاهپ وارو آهي. |
أَفَنَضرِبُ عَنكُمُ الذِّكرَ صَفحًا أَن كُنتُم قَومًا مُسرِفينَ (آيت : 5) |
ڇا اوهان کان نصيحت کي هن ڪري منهن موڙي جهلينداسون، ته اوهين حد کان لنگهندڙ قوم آهيو؟ |
وَكَم أَرسَلنا مِن نَبِىٍّ فِى الأَوَّلينَ (آيت : 6) |
۽ اسان اڳين ۾ گهڻائي رسول موڪليا. |
وَما يَأتيهِم مِن نَبِىٍّ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 7) |
پر انهن وٽ جيڪو به نبي ٿي آيو، ان سان مسخريون ڪندا هئا. |
فَأَهلَكنا أَشَدَّ مِنهُم بَطشًا وَمَضىٰ مَثَلُ الأَوَّلينَ (آيت : 8) |
پوءِ ان مان تمام ڏاڍن کي ناس ڪيوسون ۽ اڳين جي ڳالهه اڳ گذري ويئي آهي. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ خَلَقَهُنَّ العَزيزُ العَليمُ (آيت : 9) |
جيڪڏهن انهن کان پڇندين ته ”آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟“ ته ضرور چوندا ته انهن کي غالب ڄاڻ واري بنايو آهي.“ |
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ مَهدًا وَجَعَلَ لَكُم فيها سُبُلًا لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 10) |
جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ڪيو ۽ ان ۾ اوهان لاءِ رستا ٺاهيائين، ته من اوهين رستو لهو. |
وَالَّذى نَزَّلَ مِنَ السَّماءِ ماءً بِقَدَرٍ فَأَنشَرنا بِهِ بَلدَةً مَيتًا كَذٰلِكَ تُخرَجونَ (آيت : 11) |
۽ انهي هڪ اندازي سان آسمان مان پاڻي لاٿو؛ ۽ پوءِ انهي سان گڏ هڪ برباد ٿيل ديهه کي آباد ڪيوسين- بس اهڙي طرح اوهان کي (به زمين مان) ڪڍيو ويندو. |
وَالَّذى خَلَقَ الأَزوٰجَ كُلَّها وَجَعَلَ لَكُم مِنَ الفُلكِ وَالأَنعٰمِ ما تَركَبونَ (آيت : 12) |
۽ انهي هر قسم جا جوڙا بنايا ۽ اوهان لاءِ ٻيڙيون پيدا ڪيائين- ۽ جانور به، جن تي اوهين سواري ٿا ڪريو. |
لِتَستَوۥا عَلىٰ ظُهورِهِ ثُمَّ تَذكُروا نِعمَةَ رَبِّكُم إِذَا استَوَيتُم عَلَيهِ وَتَقولوا سُبحٰنَ الَّذى سَخَّرَ لَنا هٰذا وَما كُنّا لَهُ مُقرِنينَ (آيت : 13) |
ته انهن جي پٺين تي ويهو، ۽ پوءِ جڏهن مٿن سوار ٿيو، تڏهن پنهنجي رب جي نعمت ياد ڪريو ۽ چئو ته ”اهوپاڪ آهي، جنهن هيءَ (سواري) اسان کي نوائي ڏني، جنهن جي اسان کي طاقت نه هئي. |
وَإِنّا إِلىٰ رَبِّنا لَمُنقَلِبونَ (آيت : 14) |
۽ بيشڪ اسين پنهنجي رب ڏي موٽڻا آهيون. |
وَجَعَلوا لَهُ مِن عِبادِهِ جُزءًا إِنَّ الإِنسٰنَ لَكَفورٌ مُبينٌ (آيت : 15) |
۽ الله لاءِ سندس ٻانهن مان جزو مقرر ڪيائون، بيشڪ انسان صفا بي شڪر آهي. |
أَمِ اتَّخَذَ مِمّا يَخلُقُ بَناتٍ وَأَصفىٰكُم بِالبَنينَ (آيت : 16) |
ڇا، الله پنهنجي خلق مان پنهنجي لاءِ ڌيئون پسند ڪيون؛ ۽ اوهان کي پٽن ملڻ لاءِ چونڊيائين؟ |
وَإِذا بُشِّرَ أَحَدُهُم بِما ضَرَبَ لِلرَّحمٰنِ مَثَلًا ظَلَّ وَجهُهُ مُسوَدًّا وَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 17) |
۽ جڏهن انهن مان ڪنهن کي ان جي خوشخبري ٿي ڏجي، جا هن ٻاجهاري خدا لاءِ مثال بيان ڪئي، (يعني ڌيءَ) تڏهن سندس منهن ڪاراٽجي ويندو آهي ۽ هو ڏک ۾ ڀربو آهي. |
أَوَمَن يُنَشَّؤُا۟ فِى الحِليَةِ وَهُوَ فِى الخِصامِ غَيرُ مُبينٍ (آيت : 18) |
(ته اهو ٻار بُرو،) جيڪو ڳهن ۾ پالجي ٿو ۽ هو جنگ ۾ چٽو ٿيندڙ نه آهي! |
وَجَعَلُوا المَلٰئِكَةَ الَّذينَ هُم عِبٰدُ الرَّحمٰنِ إِنٰثًا أَشَهِدوا خَلقَهُم سَتُكتَبُ شَهٰدَتُهُم وَيُسـَٔلونَ (آيت : 19) |
۽ ملائڪن کي ڌيئون بنايائون، جيڪي الله جا ٻانها آهن! ڇا اُهي انهن جي پيدا ٿيڻ وقت حاضر هئا؟ سگهوئي انهن جي شاهدي لکبي ۽ کانئن پڇاڻو وٺبو. |
وَقالوا لَو شاءَ الرَّحمٰنُ ما عَبَدنٰهُم ما لَهُم بِذٰلِكَ مِن عِلمٍ إِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 20) |
چون ٿا ته ”جيڪڏهن الله گهري ها، ته انهن جي عبادت نه ڪريون ها.“ هن بابت انهن کي ڪا خبر ڪانهي، اهي رڳو ڌُڪا ٿا هڻن. |
أَم ءاتَينٰهُم كِتٰبًا مِن قَبلِهِ فَهُم بِهِ مُستَمسِكونَ (آيت : 21) |
انهن کي هن کان اڳ ڪو ڪتاب ڏنو اٿئون ڇا؟ جو ان کي چنبڙي ورتو اٿن؟ |
بَل قالوا إِنّا وَجَدنا ءاباءَنا عَلىٰ أُمَّةٍ وَإِنّا عَلىٰ ءاثٰرِهِم مُهتَدونَ (آيت : 22) |
بلڪه چون ٿا ته، ”بيشڪ اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي هڪ مذهب تي ڏٺو ۽ اسين به انهن جي پيرن جي نشانن تي هلندڙ آهيون.“ |
وَكَذٰلِكَ ما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ فى قَريَةٍ مِن نَذيرٍ إِلّا قالَ مُترَفوها إِنّا وَجَدنا ءاباءَنا عَلىٰ أُمَّةٍ وَإِنّا عَلىٰ ءاثٰرِهِم مُقتَدونَ (آيت : 23) |
۽ اهڙيءَ طرح توکان اڳ اسان جنهن به ڳوٺ ڏي ڊيڄاريندڙ موڪليو، ان جي آسودن ماڻهن به ائين ئي چيو ته ”بيشڪ اسان پنهنجا ابا ڏاڏا هڪ دين تي ڏٺا ۽ اسين انهن جي ئي پيرويءَ تي هلون ٿا.“ |
قٰلَ أَوَلَو جِئتُكُم بِأَهدىٰ مِمّا وَجَدتُم عَلَيهِ ءاباءَكُم قالوا إِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 24) |
هن چيو ته ”جيتوڻيڪ اوهان وٽ مون اهو آندو آهي، جو انهي کان وڌيڪ هدايت وارو آهي، جنهن تي اوهان پنهنجي ابن ڏاڏن کي ڏٺو؟“ چيائون ته، ”بيشڪ انهي کان انڪار ٿا ڪريون، جنهن سان توهين موڪليا ويا آهيو.“ |
فَانتَقَمنا مِنهُم فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 25) |
پوءِ انهن کان اسان بدلو ورتو- پوءِ ڏس ته ڪوڙ ڪندڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي. |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ لِأَبيهِ وَقَومِهِ إِنَّنى بَراءٌ مِمّا تَعبُدونَ (آيت : 26) |
ياد ڪر، جڏهن ابراهيم پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي قوم کي چيو ته، ”بيشڪ آءُ انهي کان بيزار آهيان، جن جي اوهين عبادت ٿا ڪريو. |
إِلَّا الَّذى فَطَرَنى فَإِنَّهُ سَيَهدينِ (آيت : 27) |
سواءِ انهي جي، جنهن مونکي پيدا ڪيو آهي- پوءِ بيشڪ اهو مون کي جلد ئي رستي لڳائيندو.“ |
وَجَعَلَها كَلِمَةً باقِيَةً فى عَقِبِهِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 28) |
الله سندس اولاد ۾ اها ڳالهه هميشه رهائي، ته من اهي موٽن. |
بَل مَتَّعتُ هٰؤُلاءِ وَءاباءَهُم حَتّىٰ جاءَهُمُ الحَقُّ وَرَسولٌ مُبينٌ (آيت : 29) |
بلڪ مون انهن ۽ سندن ابن ڏاڏن کي آسودو ڪيو، تان جو وٽن سچ ۽ پڌرو رسول آيا. |
وَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ قالوا هٰذا سِحرٌ وَإِنّا بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 30) |
۽ جڏهن وٽن سچ آيو، ته چيائون ”هيءُ ته جادو آهي ۽ بيشڪ اسين ان جا منڪر آهيون.“ |
وَقالوا لَولا نُزِّلَ هٰذَا القُرءانُ عَلىٰ رَجُلٍ مِنَ القَريَتَينِ عَظيمٍ (آيت : 31) |
۽ چون ٿا ”ٻن ڳوٺن مان ڪنهن وڏي ماڻهوءَ تي هيءُ قرآن ڇو نه نازل ٿيو؟“ |
أَهُم يَقسِمونَ رَحمَتَ رَبِّكَ نَحنُ قَسَمنا بَينَهُم مَعيشَتَهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَرَفَعنا بَعضَهُم فَوقَ بَعضٍ دَرَجٰتٍ لِيَتَّخِذَ بَعضُهُم بَعضًا سُخرِيًّا وَرَحمَتُ رَبِّكَ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 32) |
ڀلا اهي ڪي تنهنجي رب جي رحمت ٿا وراهين ڇا؟ اسان ئي سندن گذران انهن جي وچ ۾ دنيا جي حياتيءَ ۾ وراهيو آهي ۽ هڪڙن کي ٻين تي درجي ۾ مٿي ڪيوسون، ته هڪڙا ٻين کي تابعدار بنائين_ تنهنجي رب جي رحمت انهي کان بهتر آهي، جيڪي اهي گڏ ڪن ٿا. |
وَلَولا أَن يَكونَ النّاسُ أُمَّةً وٰحِدَةً لَجَعَلنا لِمَن يَكفُرُ بِالرَّحمٰنِ لِبُيوتِهِم سُقُفًا مِن فِضَّةٍ وَمَعارِجَ عَلَيها يَظهَرونَ (آيت : 33) |
۽ جيڪڏهن ائين نه هجي ها جو ماڻهو هڪ ٽولي ٿي پون ها ته جيڪر اسين رحمان کي نه مڃيندڙن لاءِ سندن گهرن جون ڇتيون ۽ ڏاڪڻيون جن تي چڙهن ٿا، چانديءَ جون ڪريون ها- |
وَلِبُيوتِهِم أَبوٰبًا وَسُرُرًا عَلَيها يَتَّكِـٔونَ (آيت : 34) |
۽ سندن گهرن جا دروازا ۽ پلنگ جن تي ٽيڪ ڏيئي ٿا ويهن. |
وَزُخرُفًا وَإِن كُلُّ ذٰلِكَ لَمّا مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَالءاخِرَةُ عِندَ رَبِّكَ لِلمُتَّقينَ (آيت : 35) |
۽ سون جا، ۽ اهو سڀ رڳو دنيا جي حياتيءَ جو سامان آهي ۽ تنهنجي خدا وٽ نيڪن لاءِ آخرت آهي. |
وَمَن يَعشُ عَن ذِكرِ الرَّحمٰنِ نُقَيِّض لَهُ شَيطٰنًا فَهُوَ لَهُ قَرينٌ (آيت : 36) |
۽ جيڪو ٻاجهاري خدا جي ذڪر کان انڌو ٿيندو، تنهن لاءِ هڪ شيطان مقرر ٿا ڪريون، جو ان جي ويجهو هوندو آهي. |
وَإِنَّهُم لَيَصُدّونَهُم عَنِ السَّبيلِ وَيَحسَبونَ أَنَّهُم مُهتَدونَ (آيت : 37) |
۽ بيشڪ اهي شيطان انهن کي رستي کان روڪين ٿا، ۽ هو ڀائيندا آهن ته سنيئن واٽ تي آهن. |
حَتّىٰ إِذا جاءَنا قالَ يٰلَيتَ بَينى وَبَينَكَ بُعدَ المَشرِقَينِ فَبِئسَ القَرينُ (آيت : 38) |
تان جوجڏهن اسان وٽ ايندو، تڏهن شيطان کي چوندو ته ”جيڪڏهن تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ اوڀر ۽ اولهه جيتري دوري هجي ها ته چڱو، پوءِ تون بڇڙو سنگتي آهين!“ |
وَلَن يَنفَعَكُمُ اليَومَ إِذ ظَلَمتُم أَنَّكُم فِى العَذابِ مُشتَرِكونَ (آيت : 39) |
پر اها اوهان کي هر گز فائدو نه ڏيندي، جڏهن ته اوهان ظلم ڪيو- بيشڪ اوهين عذاب ۾ هڪ ٻئي سان ڀائيوار آهيو. |
أَفَأَنتَ تُسمِعُ الصُّمَّ أَو تَهدِى العُمىَ وَمَن كانَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 40) |
پوءِ تون ٻوڙن کي ٻڌائي سگهندين ڇا؟ يا انڌن کي ۽ کليءَ گمراهيءَ ۾ پيل کي رستو ڏيکاري سگهين ٿو ڇا؟ |
فَإِمّا نَذهَبَنَّ بِكَ فَإِنّا مِنهُم مُنتَقِمونَ (آيت : 41) |
پوءِ جيڪڏهن توکي وفات ڏيون، ته به بيشڪ اسين انهن کان بدلو وٺڻ وارا آهيون. |
أَو نُرِيَنَّكَ الَّذى وَعَدنٰهُم فَإِنّا عَلَيهِم مُقتَدِرونَ (آيت : 42) |
يا جيڪو وعدو انهن کي ڏنو اٿئون، سو توکي ڏيکاريون ته به اسين انهن تي وس وارا آهيون. |
فَاستَمسِك بِالَّذى أوحِىَ إِلَيكَ إِنَّكَ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 43) |
تنهن ڪري تون ان کي محڪم جهل، جيڪو تو ڏي وحي ڪيو ويو آهي ۽ بيشڪ تون سڌي رستي تي آهين. |
وَإِنَّهُ لَذِكرٌ لَكَ وَلِقَومِكَ وَسَوفَ تُسـَٔلونَ (آيت : 44) |
۽ هي قرآن تو لاءِ ۽ تنهنجي قوم لاءِ نصيحت آهي ۽ جلد ئي اوهان کان پڇا ٿيندي. |
وَسـَٔل مَن أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رُسُلِنا أَجَعَلنا مِن دونِ الرَّحمٰنِ ءالِهَةً يُعبَدونَ (آيت : 45) |
۽ انهن رسولن بابت پڇ،جيڪي توکان اڳ موڪلياسون، ته ٻاجهه ڀرئي الله کان سواءِ ڪي سائين بنايا اٿئون ڇا، جن جي عبادت ڪئي وڃي؟ |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَقالَ إِنّى رَسولُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 46) |
۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي پنهنجين نشانين سان فرعون ۽ ان جي سردارن ڏانهن موڪليو، پوءِ چيائين ”بيشڪ آءُ جهانن جي پاليندڙ جو رسول آهيان.“ |
فَلَمّا جاءَهُم بِـٔايٰتِنا إِذا هُم مِنها يَضحَكونَ (آيت : 47) |
پوءِ جڏهن اسان جي نشانين سان انهن وٽ آيو، تڏهن اهي ان تان کلڻ لڳا. |
وَما نُريهِم مِن ءايَةٍ إِلّا هِىَ أَكبَرُ مِن أُختِها وَأَخَذنٰهُم بِالعَذابِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 48) |
۽ جيڪا به نشاني انهن کي ٿي ڏيکاري سون، سا ان اڳينءَ کان تمام وڏي هئي ۽ عذاب سان انهن کي ورتو سون، ته من اهي موٽن. |
وَقالوا يٰأَيُّهَ السّاحِرُ ادعُ لَنا رَبَّكَ بِما عَهِدَ عِندَكَ إِنَّنا لَمُهتَدونَ (آيت : 49) |
چيائون ته ”اي جادوگر! اسان جي واسطي پنهنجي رب کي سڏ ڪري انهي جي دعا گهر، جنهن جو توسان انجام ڪيو اٿس، بيشڪ اسين هدايت وارا ٿينداسون.“ |
فَلَمّا كَشَفنا عَنهُمُ العَذابَ إِذا هُم يَنكُثونَ (آيت : 50) |
پوءِ جڏهن انهن تان عذاب لاٿوسون، ته انهن انجام ڀڳو. |
وَنادىٰ فِرعَونُ فى قَومِهِ قالَ يٰقَومِ أَلَيسَ لى مُلكُ مِصرَ وَهٰذِهِ الأَنهٰرُ تَجرى مِن تَحتى أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 51) |
۽ فرعون پنهنجي قوم ۾ پڙهو ڏنو، چيائين ته، ”اي منهنجي قوم! مصر جي بادشاهي منهنجي نه آهي ڇا؟ ۽ هي نهرون منهنجي هٿ هيٺ نٿيون وهن ڇا؟ اوهين نٿا ڏسو ڇا؟ |
أَم أَنا۠ خَيرٌ مِن هٰذَا الَّذى هُوَ مَهينٌ وَلا يَكادُ يُبينُ (آيت : 52) |
يا آءُ انهي (موسيٰ) کان ڀلو نه آهيان، جو بُري حال ۾ آهي، ۽ چٽو ڳالهائي به نٿو سگهي؟ |
فَلَولا أُلقِىَ عَلَيهِ أَسوِرَةٌ مِن ذَهَبٍ أَو جاءَ مَعَهُ المَلٰئِكَةُ مُقتَرِنينَ (آيت : 53) |
پوءِ ان تي سون جا ڪنگڻ ڇو نه لاٿا ويا؟ ان سان ملائڪ ڇو نه گڏجي آيا؟“ |
فَاستَخَفَّ قَومَهُ فَأَطاعوهُ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 54) |
ائين پنهنجي قوم کي بيوقوف بنايائين، پوءِ انهن سندس تابعداري ڪئي، بيشڪ اهي بدڪار قوم هئا- |
فَلَمّا ءاسَفونَا انتَقَمنا مِنهُم فَأَغرَقنٰهُم أَجمَعينَ (آيت : 55) |
پوءِ جڏهن اسان کي ڪاوڙيائون، تڏهن انهن کان وير ورتوسين ۽ انهن سڀني کي ٻوڙيوسون. |
فَجَعَلنٰهُم سَلَفًا وَمَثَلًا لِلءاخِرينَ (آيت : 56) |
پوءِ انهن کي اڳيان (اڳواڻ) بنايوسون ۽ پوين لاءِ مثال ڪيوسون. |
وَلَمّا ضُرِبَ ابنُ مَريَمَ مَثَلًا إِذا قَومُكَ مِنهُ يَصِدّونَ (آيت : 57) |
۽ جڏهن مريم جي پٽ جو قصو بيان ڪيو ويو، تڏهن ان کان تنهنجي قوم گوڙ مچائي ٿي. |
وَقالوا ءَأٰلِهَتُنا خَيرٌ أَم هُوَ ما ضَرَبوهُ لَكَ إِلّا جَدَلًا بَل هُم قَومٌ خَصِمونَ (آيت : 58) |
۽ چون ٿا ته اسان جا سائين ڀلا آهن_ يا اهو؟“ اهو مثال رڳو توسان جهيڙي لاءِ بيان ٿا ڪن، بلڪ اهي جهيڙاڪ قوم آهن. |
إِن هُوَ إِلّا عَبدٌ أَنعَمنا عَلَيهِ وَجَعَلنٰهُ مَثَلًا لِبَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 59) |
هو فقط هڪ ٻانهو آهي، جنهن تي اسان مهرباني ڪئي، ۽ بني اسرائيل لاءِ اسان کيس عبرت ۽ مثال ڪيو. |
وَلَو نَشاءُ لَجَعَلنا مِنكُم مَلٰئِكَةً فِى الأَرضِ يَخلُفونَ (آيت : 60) |
۽ جيڪڏهن گهرون ها ته اوهان جي بدران ضرور زمين ۾ ملائڪن کي نائب ڪريون ها. |
وَإِنَّهُ لَعِلمٌ لِلسّاعَةِ فَلا تَمتَرُنَّ بِها وَاتَّبِعونِ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 61) |
بيشڪ هو قيامت جي نشاني آهي، پوءِ ان بابت شڪ نه ڪريو- ۽ منهنجي تابعداري ڪريو، اهو ئي سڌو رستو آهي. |
وَلا يَصُدَّنَّكُمُ الشَّيطٰنُ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 62) |
۽ اوهان کي شيطان نه روڪي، جو اهو اوهان جو پڌرو دشمن آهي. |
وَلَمّا جاءَ عيسىٰ بِالبَيِّنٰتِ قالَ قَد جِئتُكُم بِالحِكمَةِ وَلِأُبَيِّنَ لَكُم بَعضَ الَّذى تَختَلِفونَ فيهِ فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 63) |
۽ جڏهن عيسيٰ چٽن معجزن سان آيو، چيائين ته ”اوهان وٽ ڏاهپ آندي اٿم، ته جن ڳالهين ۾ اوهان جا ڌار ڌار خيال آهن، تن مان ڪي اوهان لاءِ کولي بيان ڪريان، پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي تابعداري ڪريو. |
إِنَّ اللَّهَ هُوَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 64) |
بيشڪ الله منهنجو ۽ اوهان جو ڌڻي آهي، تنهن ڪري ان جي بندگي ڪريو، اهو ئي سڌو رستو آهي. |
فَاختَلَفَ الأَحزابُ مِن بَينِهِم فَوَيلٌ لِلَّذينَ ظَلَموا مِن عَذابِ يَومٍ أَليمٍ (آيت : 65) |
پوءِٽولين پاڻ ۾ تڪرار ڪيو، پوءِ ڏکوئيندڙ ڏينهن جي عذاب کان ظالمن لاءِ خرابي آهي. |
هَل يَنظُرونَ إِلَّا السّاعَةَ أَن تَأتِيَهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 66) |
هو رڳو قيامت جو انتظار پيا ڪن ته اوچتو وٽن اچي ۽ اهي بي خبر هجن. |
الأَخِلّاءُ يَومَئِذٍ بَعضُهُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ إِلَّا المُتَّقينَ (آيت : 67) |
انهي ڏينهن نيڪن کانسواءِ سڀيئي دوست هڪ ٻئي جا دشمن هوندا. |
يٰعِبادِ لا خَوفٌ عَلَيكُمُ اليَومَ وَلا أَنتُم تَحزَنونَ (آيت : 68) |
(چئبو) اي منهنجا بندا! اڄ اوهان کي ڪو خوف ڪونهي ۽ نه اوهين غمگين ٿيو. |
الَّذينَ ءامَنوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا مُسلِمينَ (آيت : 69) |
اهي بندا، جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو ۽ اهي مسلمان هئا. |
ادخُلُوا الجَنَّةَ أَنتُم وَأَزوٰجُكُم تُحبَرونَ (آيت : 70) |
”اوهين ۽ اوهان جون زالون جنت ۾ خوش ٿي داخل ٿيو.“ |
يُطافُ عَلَيهِم بِصِحافٍ مِن ذَهَبٍ وَأَكوابٍ وَفيها ما تَشتَهيهِ الأَنفُسُ وَتَلَذُّ الأَعيُنُ وَأَنتُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 71) |
مٿن سون جون رڪيبيون ۽ ڪوزا ڦيرائبا ۽ جيڪي به دليون چاهينديون ۽ اکيون ٺرنديون، سو منجهس هوندو- ۽ اوهين ان ۾ هميشه رهندا. |
وَتِلكَ الجَنَّةُ الَّتى أورِثتُموها بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 72) |
هي اهو بهشت آهي، جنهن جو اوهان کي وارث ڪيو ويو، جو اوهين چڱا ڪم ڪندڙ هئا. |
لَكُم فيها فٰكِهَةٌ كَثيرَةٌ مِنها تَأكُلونَ (آيت : 73) |
ان ۾ اوهان لاءِ گهڻا ميوا آهن، جن منجهان اوهين کائيندا.“ |
إِنَّ المُجرِمينَ فى عَذابِ جَهَنَّمَ خٰلِدونَ (آيت : 74) |
بيشڪ ڏوهي دوزخ جي عذاب ۾ هميشه رهڻ وارا آهن. |
لا يُفَتَّرُ عَنهُم وَهُم فيهِ مُبلِسونَ (آيت : 75) |
انهن کان عذاب گهٽ نه ڪبو، اُهي منجهس نا اميد رهندا. |
وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن كانوا هُمُ الظّٰلِمينَ (آيت : 76) |
اسان انهن تي ظلم نه ڪيو، پر اُهي پاڻ ظالم هئا. |
وَنادَوا يٰمٰلِكُ لِيَقضِ عَلَينا رَبُّكَ قالَ إِنَّكُم مٰكِثونَ (آيت : 77) |
هو پُڪاريندا ته ”اي دوزخ سنڀاليندڙ! تنهنجي ڌڻيءَ کي اسان لاءِ موت جو حڪم ڪرڻ گهرجي!“ هو چوندو ته ”بيشڪ اوهين هتي ئي رهندؤ.“ |
لَقَد جِئنٰكُم بِالحَقِّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَكُم لِلحَقِّ كٰرِهونَ (آيت : 78) |
بيشڪ اوهان وٽ اسان حق آندو، پر اوهان مان گهڻن کي حق پسند نه آيو. |
أَم أَبرَموا أَمرًا فَإِنّا مُبرِمونَ (آيت : 79) |
ڇا، هنن به ڪنهن ڪم جي رٿ رٿي آهي؟ ته پڪ ڄاڻن، ته اسين به رٿ رٿيندڙ آهيون. |
أَم يَحسَبونَ أَنّا لا نَسمَعُ سِرَّهُم وَنَجوىٰهُم بَلىٰ وَرُسُلُنا لَدَيهِم يَكتُبونَ (آيت : 80) |
ڇا، اهو ٿا ڀائين ته اسين سندين ڳجهيون ڳالهيون ۽ صلاحون نٿا ٻُڌون؟ هائو، اسان جا موڪليل ملائڪ وٽن لکندا رهن ٿا. |
قُل إِن كانَ لِلرَّحمٰنِ وَلَدٌ فَأَنا۠ أَوَّلُ العٰبِدينَ (آيت : 81) |
چئو ته جيڪڏهن رحمان کي ڪو اولاد هجي ها، ته آءُ سڀ کان اڳ ان جي عبادت ڪندڙ هجان ها. |
سُبحٰنَ رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ رَبِّ العَرشِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 82) |
پر آسمانن ۽ زمين جو ڌڻي انهي کان پاڪ آهي، جيڪي هو بيان ٿا ڪن. |
فَذَرهُم يَخوضوا وَيَلعَبوا حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 83) |
پوءِ کين ڇڏي ڏي، ته ڀل پيا بڪ بڪ ۽ راند ڪن، جيسين پنهنجي انهي ڏينهن کي ڏسن، جنهن جو انجام ڏنو ويو آهي. |
وَهُوَ الَّذى فِى السَّماءِ إِلٰهٌ وَفِى الأَرضِ إِلٰهٌ وَهُوَ الحَكيمُ العَليمُ (آيت : 84) |
الله اهو آهي، جو آسمان ۾ به سائين آهي ۽ زمين ۾ به سائين آهي ۽ هو ڏاهپ وارو ڄاڻندڙ آهي. |
وَتَبارَكَ الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَعِندَهُ عِلمُ السّاعَةِ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 85) |
ڀلارو آهي اهو، جنهن جي بادشاهي آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي به انهن جي وچ ۾ آهي، ان تي آهي_ انهي وٽ قيامت جي خبر آهي ۽ اوهان کي ان ڏي موٽائبو. |
وَلا يَملِكُ الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ الشَّفٰعَةَ إِلّا مَن شَهِدَ بِالحَقِّ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 86) |
هو الله کان سواءِ جن کي سڏيندا آهن، تن جي هٿ ۾ شفاعت نه آهي_ سواءِ انهن جي، جن سچي شاهدي ڏني ۽ اهي ڄاڻن ٿا. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَهُم لَيَقولُنَّ اللَّهُ فَأَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 87) |
۽ جيڪڏهن انهن کان پڇين ته ”کين ڪنهن پيدا ڪيو؟“ ته ضرور چوندا ته ”الله“ پوءِ ڪيڏانهن ڦيرايا ٿا وڃن! |
وَقيلِهِ يٰرَبِّ إِنَّ هٰؤُلاءِ قَومٌ لا يُؤمِنونَ (آيت : 88) |
۽ نبيءَ جو چوڻ آهي ته ”اي منهنجا ڌڻي! بيشڪ هيءَ اها قوم آهي، جا ايمان نٿي آڻي!“ |
فَاصفَح عَنهُم وَقُل سَلٰمٌ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 89) |
پوءِ انهن کان منهن موڙ ۽ سلام چئو، هنن کي جلد ئي خبر پوندي. |