حم (آيت : 1) |
حا - ميم . |
وَالكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
قسم آهي ڪتاب مبين جو . |
إِنّا جَعَلنٰهُ قُرءٰنًا عَرَبِيًّا لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 3) |
بلاشڪ اسان ڪيو ان کي قرآن عربي تانته اوهان ڄاڻو . |
وَإِنَّهُ فى أُمِّ الكِتٰبِ لَدَينا لَعَلِىٌّ حَكيمٌ (آيت : 4) |
۽ بلاشڪ اهو لوح محفوظ ۾ اسان وٽ البته بلند، حڪمت وارو آهي . |
أَفَنَضرِبُ عَنكُمُ الذِّكرَ صَفحًا أَن كُنتُم قَومًا مُسرِفينَ (آيت : 5) |
ڇا پوءِ جھلينداسون اوهان کان ذڪر ان جي ڪري جو آهيو اوهان قوم حد کان لنگھندڙ . |
وَكَم أَرسَلنا مِن نَبِىٍّ فِى الأَوَّلينَ (آيت : 6) |
۽ گھڻائي موڪليا اسان نبي پهرين ۾ . |
وَما يَأتيهِم مِن نَبِىٍّ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 7) |
۽ نه ٿي آيو انهن وٽ ڪو نبي مگر جو ان سان چٿر ڪندا هئا . |
فَأَهلَكنا أَشَدَّ مِنهُم بَطشًا وَمَضىٰ مَثَلُ الأَوَّلينَ (آيت : 8) |
پوءِ هلاڪ ڪيو اسان سخت کي انهن مان سگھه ۾ ۽ گذريو مثال پهرين جو . |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ خَلَقَهُنَّ العَزيزُ العَليمُ (آيت : 9) |
۽ البته جيڪڏهن پڇندين انهن کان ته ڪنهن پيدا ڪيو آسمان ۽ زمين ته البته ضرور چوندا پيدا ڪيو انهن کي غالب، ڄاڻندڙ . |
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ مَهدًا وَجَعَلَ لَكُم فيها سُبُلًا لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 10) |
اهو (الله) جنهن ڪيو اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ۽ ڪيائين اوهان جي لاءِ ان ۾ واٽون تانته اوهان سڌو رستو وٺو . |
وَالَّذى نَزَّلَ مِنَ السَّماءِ ماءً بِقَدَرٍ فَأَنشَرنا بِهِ بَلدَةً مَيتًا كَذٰلِكَ تُخرَجونَ (آيت : 11) |
۽ اهو (الله) جنهن لاٿو آسمان مان پاڻي اندازي سان پوءِ آباد ڪيو اسان ان سان شهر ويران اهڙي طرح ڪڍيا ويندؤ اوهان . |
وَالَّذى خَلَقَ الأَزوٰجَ كُلَّها وَجَعَلَ لَكُم مِنَ الفُلكِ وَالأَنعٰمِ ما تَركَبونَ (آيت : 12) |
۽ جنهن پيدا ڪيا جوڙا سمورا ۽ ڪيائين اوهان جي لاءِ ٻيڙين ۽ چوپاين مان اهي جو انهن تي سواري ڪيو ٿا . |
لِتَستَوۥا عَلىٰ ظُهورِهِ ثُمَّ تَذكُروا نِعمَةَ رَبِّكُم إِذَا استَوَيتُم عَلَيهِ وَتَقولوا سُبحٰنَ الَّذى سَخَّرَ لَنا هٰذا وَما كُنّا لَهُ مُقرِنينَ (آيت : 13) |
تانته سڌا ٿي وهو انهن جي پٺين تي ان کان پوءِ ياد ڪيو پنهنجي رب جي نعمت جڏهن برابر ٿي وهو ان تي ۽ چئو ته پاڪ آهي اهو (الله) جنهن مطيع ڪيو اسان لاءِ هن کي ۽ نه هئاسون اسين ان تي طاقت رکندڙ . |
وَإِنّا إِلىٰ رَبِّنا لَمُنقَلِبونَ (آيت : 14) |
۽ بيشڪ اسين پنهنجي رب ڏانهن البته موٽندڙ آهيون. |
وَجَعَلوا لَهُ مِن عِبادِهِ جُزءًا إِنَّ الإِنسٰنَ لَكَفورٌ مُبينٌ (آيت : 15) |
۽ ڪيائون ان جي لاءِ ان جي ٻانهن مان ٽڪرا بيشڪ انسان البته کليل بي شڪر آهي . |
أَمِ اتَّخَذَ مِمّا يَخلُقُ بَناتٍ وَأَصفىٰكُم بِالبَنينَ (آيت : 16) |
ڇا ورتائين (پاڻ) ان مان جو پيدا ٿو ڪري ڌيئرون ۽ برگزيدو ڪيائين اوهان کي پٽن سان . |
وَإِذا بُشِّرَ أَحَدُهُم بِما ضَرَبَ لِلرَّحمٰنِ مَثَلًا ظَلَّ وَجهُهُ مُسوَدًّا وَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 17) |
۽ جڏهن خوشخبري ڏنو ويو هڪڙو انهن مان ان سان جو نسبت ڪيائين الله جي لاءِ مثال ته ٿي پيو منهن ان جو ڪارو ۽ اهو ڪاوڙ ۾ ڀريل آهي . |
أَوَمَن يُنَشَّؤُا۟ فِى الحِليَةِ وَهُوَ فِى الخِصامِ غَيرُ مُبينٍ (آيت : 18) |
ڇا جيڪو پاليو وڃي ٿو زيورن ۾ ۽ اهو جھيڙي ۾ ناهي واضح ڪندڙ . |
وَجَعَلُوا المَلٰئِكَةَ الَّذينَ هُم عِبٰدُ الرَّحمٰنِ إِنٰثًا أَشَهِدوا خَلقَهُم سَتُكتَبُ شَهٰدَتُهُم وَيُسـَٔلونَ (آيت : 19) |
۽ ڪيائون ملائڪن کي جيڪي اهي رحمان جا ٻانها آهن عورتون ڇا موجود هئا انهن جي پيدا ٿيڻ وقت جلد لکي ويندي شاهدي انهن جي ۽ پڇا ڪيا ويندا . |
وَقالوا لَو شاءَ الرَّحمٰنُ ما عَبَدنٰهُم ما لَهُم بِذٰلِكَ مِن عِلمٍ إِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 20) |
۽ چون پيا ته جيڪڏهن گھري ها رحمٰن ته نه عبادت ڪيون ها انهن جي ناهي انهن کي ان جو ڪو علم ناهن اهي مگر ٿا اٽڪل سان ڳالهه ڪن . |
أَم ءاتَينٰهُم كِتٰبًا مِن قَبلِهِ فَهُم بِهِ مُستَمسِكونَ (آيت : 21) |
ڇا ڏنوسون انهن کي ڪو ڪتاب ان کان اڳي پوءِ اهي ان کي مضبوطيءَ سان وٺندڙ آهن . |
بَل قالوا إِنّا وَجَدنا ءاباءَنا عَلىٰ أُمَّةٍ وَإِنّا عَلىٰ ءاثٰرِهِم مُهتَدونَ (آيت : 22) |
بلڪ چيائون ته بلاشڪ اسان لڌو اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي هڪ رستي تي ۽ بيشڪ اسان انهن جي پيرن جي نشانن تي هدايت وارا آهيون . |
وَكَذٰلِكَ ما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ فى قَريَةٍ مِن نَذيرٍ إِلّا قالَ مُترَفوها إِنّا وَجَدنا ءاباءَنا عَلىٰ أُمَّةٍ وَإِنّا عَلىٰ ءاثٰرِهِم مُقتَدونَ (آيت : 23) |
۽ اهڙي طرح نه موڪليو اسان توکان اڳي ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ مگر چيو آسودن انهن مان بلاشڪ، اسان لڌو سون ابن ڏاڏن پنهنجن کي هڪ رستي تي ۽ بيشڪ اسين انهن جي پيرن جي اقتدا، ڪندڙ آهيون . |
قٰلَ أَوَلَو جِئتُكُم بِأَهدىٰ مِمّا وَجَدتُم عَلَيهِ ءاباءَكُم قالوا إِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 24) |
فرمايائين جيتوڻيڪ آڻيان مان اوهان وٽ وڌيڪ سڌو دين ان کان جو لڌو اوهان ان تي ابن ڏاڏن پنهنجن کي چيايون ته بلاشڪ اسان ان ڳالهه جو جنهن سان اوهان موڪليا ويا آهيو ڪفر ڪندڙ آهيون . |
فَانتَقَمنا مِنهُم فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 25) |
پوءِ بدلو ورتوسون انهن کان پوءِ ڏس ته ڪهڙي طرح هئي پڇاڙي ڪوڙو چوندڙن جي . |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ لِأَبيهِ وَقَومِهِ إِنَّنى بَراءٌ مِمّا تَعبُدونَ (آيت : 26) |
۽ جڏهن چيو ابراهيم پنهنجي پيءُ (چاچي) کي ۽ پنهنجي قوم کي ته بلاشڪ مان بيزار آهيان انهن کان جن جي عبادت ڪيو ٿا . |
إِلَّا الَّذى فَطَرَنى فَإِنَّهُ سَيَهدينِ (آيت : 27) |
مگر جنهن پيدا ڪيو مون کي پوءِ بلاشڪ اهو جلد هدايت ڪندو مون کي . |
وَجَعَلَها كَلِمَةً باقِيَةً فى عَقِبِهِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 28) |
۽ ڪيائين ان کي (توحيد جو) ڪلمو باقي رهندڙ پنهنجي اولاد ۾ تانته اهي موٽن . |
بَل مَتَّعتُ هٰؤُلاءِ وَءاباءَهُم حَتّىٰ جاءَهُمُ الحَقُّ وَرَسولٌ مُبينٌ (آيت : 29) |
بلڪ نفعو ڏنو مون هنن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي تانجو آيو انهن وٽ حق ۽ رسول کولي بيان ڪندڙ . |
وَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ قالوا هٰذا سِحرٌ وَإِنّا بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 30) |
۽ جڏهن آيو انهن وٽ حق ته چيايون هيء جادو آهي ۽ بيشڪ اسين ان جو ڪفر ڪندڙ آهيون. |
وَقالوا لَولا نُزِّلَ هٰذَا القُرءانُ عَلىٰ رَجُلٍ مِنَ القَريَتَينِ عَظيمٍ (آيت : 31) |
۽ چيائون ته ڇونه نازل ڪيو ويو هي قرآن ڪنهن مڙس تي ٻن ڳوٺن مان وڏي تي . |
أَهُم يَقسِمونَ رَحمَتَ رَبِّكَ نَحنُ قَسَمنا بَينَهُم مَعيشَتَهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَرَفَعنا بَعضَهُم فَوقَ بَعضٍ دَرَجٰتٍ لِيَتَّخِذَ بَعضُهُم بَعضًا سُخرِيًّا وَرَحمَتُ رَبِّكَ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 32) |
ڇا اهي ورهائن ٿا تنهنجي رب جي رحمت اسان ورهايو انهن ۾ گذران انهن جو دنيا واري حياتيءَ ۾ ۽ بلند ڪيوسين هڪڙن کي ٻين جي مٿان درجن ۾ تانته وٺن هڪڙا انهن مان ٻين کي حڪم بردار ۽ تنهنجي رب جي رحمت ڀلي آهي ان کان جيڪو گڏ ڪن ٿا . |
وَلَولا أَن يَكونَ النّاسُ أُمَّةً وٰحِدَةً لَجَعَلنا لِمَن يَكفُرُ بِالرَّحمٰنِ لِبُيوتِهِم سُقُفًا مِن فِضَّةٍ وَمَعارِجَ عَلَيها يَظهَرونَ (آيت : 33) |
۽ جيڪڏهن نه هجي ها جو ٿي وڃن ماڻهو جماعت هڪ (ڪافر) ته البته ڪيون ها انهن جي لاءِ جيڪي ڪفر ڪن ٿا رحمٰن جو سندن گھرن جون ڇتيون چانديءَ مان ۽ ڏاڪڻيون جو انهن تي چڙهن ها . |
وَلِبُيوتِهِم أَبوٰبًا وَسُرُرًا عَلَيها يَتَّكِـٔونَ (آيت : 34) |
۽ سندن گھرن جا دروازا ۽ تخت جو انهن تي ٽيڪ ڏئي وهن ها . |
وَزُخرُفًا وَإِن كُلُّ ذٰلِكَ لَمّا مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَالءاخِرَةُ عِندَ رَبِّكَ لِلمُتَّقينَ (آيت : 35) |
۽ سونا ۽ ناهي سمورو اهو مگر سامان حياتيءَ دنيا واريءَ جو ۽ آخرت تنهنجي رب وٽ پرهيزگارن جي لاءِ آهي. ع |
وَمَن يَعشُ عَن ذِكرِ الرَّحمٰنِ نُقَيِّض لَهُ شَيطٰنًا فَهُوَ لَهُ قَرينٌ (آيت : 36) |
۽ جيڪو غافل رهندو رحمٰن جي ذڪر کان ته مقرر ڪنداسون ان جي لاءِ شيطان پوءِ اهو ان جي لاءِ ساٿي آهي . |
وَإِنَّهُم لَيَصُدّونَهُم عَنِ السَّبيلِ وَيَحسَبونَ أَنَّهُم مُهتَدونَ (آيت : 37) |
۽ بيشڪ اهي البته روڪين ٿا انهن کي واٽ کان ۽ ڀائين ٿا ته ڀلاشڪ اهي هدايت وارا آهن ) |
حَتّىٰ إِذا جاءَنا قالَ يٰلَيتَ بَينى وَبَينَكَ بُعدَ المَشرِقَينِ فَبِئسَ القَرينُ (آيت : 38) |
تانجو جڏهن ايندو اسان وٽ چوندو اي ڪاش! منهنجي وچ ۽ تنهنجي وچ ۾ پرانهين هجي ها اوڀر، اولهه جيتري پوءِ بڇڙو سنگتي آهين . |
وَلَن يَنفَعَكُمُ اليَومَ إِذ ظَلَمتُم أَنَّكُم فِى العَذابِ مُشتَرِكونَ (آيت : 39) |
۽ هر گز نفعو نه ڏيندي اوهان کي اڄ جڏهن ظلم ڪيو اوهان بلاشڪ اوهان عذاب ۾ شريڪ ٿيڻ وارا آهيو . |
أَفَأَنتَ تُسمِعُ الصُّمَّ أَو تَهدِى العُمىَ وَمَن كانَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 40) |
ڇا پوءِ تون ٻڌائيندي ٻوڙن کي يا واٽ ڏيکاريندي انڌن کي ۽ ان کي جيڪو کليل گمراهيءَ ۾ آهي . |
فَإِمّا نَذهَبَنَّ بِكَ فَإِنّا مِنهُم مُنتَقِمونَ (آيت : 41) |
پوءِ جيڪڏهن وٺي وڃون اسين توکي پوءِ بيشڪ اسين انهن کان بدلو وٺندڙ آهيون . |
أَو نُرِيَنَّكَ الَّذى وَعَدنٰهُم فَإِنّا عَلَيهِم مُقتَدِرونَ (آيت : 42) |
يا ڏيکاريون توکي اهو جو وعدو ڏنوسون انهن کي پوءِ بيشڪ اسان انهن تي وس وارا آهيون . |
فَاستَمسِك بِالَّذى أوحِىَ إِلَيكَ إِنَّكَ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 43) |
پوءِ مضبوطيءَ سان وٺ ان کي جيڪو وحي ڪيو وڃي ٿو تو ڏانهن بلاشڪ تون واٽ سڌيءَ تي آهين . |
وَإِنَّهُ لَذِكرٌ لَكَ وَلِقَومِكَ وَسَوفَ تُسـَٔلونَ (آيت : 44) |
۽ بيشڪ اهو البته شرف آهي تولاءِ تنهنجي قوم جي لاءِ جلد پڇا ڪيا ويندؤ . |
وَسـَٔل مَن أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رُسُلِنا أَجَعَلنا مِن دونِ الرَّحمٰنِ ءالِهَةً يُعبَدونَ (آيت : 45) |
۽ پڇ تون انهن کان جيڪي موڪليا اسان توکان اڳي پنهنجن رسولن مان ڇا ڪيا اسان رحمٰن کانسواءِ معبود جو عبادت ڪيا وڃن . |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَقالَ إِنّى رَسولُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 46) |
۽ البته تحقيق موڪليو اسان موسى کي پنهنجين نشانين سان فرعون ڏانهن ۽ ان جي سردارن ڏانهن پوءِ چيائين ته بيشڪ مان رسول آهيان جهانن جي رب جو . |
فَلَمّا جاءَهُم بِـٔايٰتِنا إِذا هُم مِنها يَضحَكونَ (آيت : 47) |
پوءِ جڏهن آيو انهن وٽ اسان جي نشانين سان ته ان وقت اهي انهن تان کلن پيا . |
وَما نُريهِم مِن ءايَةٍ إِلّا هِىَ أَكبَرُ مِن أُختِها وَأَخَذنٰهُم بِالعَذابِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 48) |
۽ نه ٿا ڏيکاريون اسين انهن ڪا نشاني مگر اها گھڻو وڏي آهي ان جي ڀيڻ کان ۽ پڪڙيو اسان انهن کي عذاب سان تانته اهي موٽن . |
وَقالوا يٰأَيُّهَ السّاحِرُ ادعُ لَنا رَبَّكَ بِما عَهِدَ عِندَكَ إِنَّنا لَمُهتَدونَ (آيت : 49) |
۽ چيائون ته اي جادوگر! دعا گهر اسان جي لاءِ پنهنجي رب کان ان عهد جي ڪري جو تو وٽ آهي بيشڪ اسين البته هدايت وارا آهيو . |
فَلَمّا كَشَفنا عَنهُمُ العَذابَ إِذا هُم يَنكُثونَ (آيت : 50) |
پوءِ جڏهن ٽاريو اسان انهن تان عذاب ته ان وقت اهي وعدو ٽوڙي ويا . |
وَنادىٰ فِرعَونُ فى قَومِهِ قالَ يٰقَومِ أَلَيسَ لى مُلكُ مِصرَ وَهٰذِهِ الأَنهٰرُ تَجرى مِن تَحتى أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 51) |
۽ پڙهو ڏياريو فرعون پنهنجيءَ قوم ۾ چيائين ته اي منهنجي قوم ڇا ناهي منهنجي لاءِ مصر (ملڪ) جي بادشاهي ۽ هي نهرون وهن پيون هيٺان منهنجي ڇا پوءِ نه ٿا ڏسو . |
أَم أَنا۠ خَيرٌ مِن هٰذَا الَّذى هُوَ مَهينٌ وَلا يَكادُ يُبينُ (آيت : 52) |
بلڪ مان ڀلو آهيان هن کان جيڪو اهو ضعيف آهي ۽ نه ٿو ويجھو ٿئي جو ڳالهائي سگھي . |
فَلَولا أُلقِىَ عَلَيهِ أَسوِرَةٌ مِن ذَهَبٍ أَو جاءَ مَعَهُ المَلٰئِكَةُ مُقتَرِنينَ (آيت : 53) |
پوءِ ڇونه لاٿا ويا ان تي ڪنگڻ سونا يا آيا ان سان گڏ ملائڪ گڏجي . |
فَاستَخَفَّ قَومَهُ فَأَطاعوهُ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 54) |
پوءِ بي عقل بنايائين قوم پنهنجي کي پوءِ فرمان مڃيائون ان جو بيشڪ اهي هئا قوم فاسق . |
فَلَمّا ءاسَفونَا انتَقَمنا مِنهُم فَأَغرَقنٰهُم أَجمَعينَ (آيت : 55) |
پوءِ جڏهن ڪاوڙيائون اسان کي ته بدلو ورتوسون انهن کان پوءِ ٻوڙيوسون انهن مڙني کي . |
فَجَعَلنٰهُم سَلَفًا وَمَثَلًا لِلءاخِرينَ (آيت : 56) |
پوءِ ڪيوسون انهن کي اڳواڻ (ڪافرن جو) ۽ مثال پونين جي لاءِ. ع |
وَلَمّا ضُرِبَ ابنُ مَريَمَ مَثَلًا إِذا قَومُكَ مِنهُ يَصِدّونَ (آيت : 57) |
۽ جڏهن بيان ڪيو ويو مريم جي پٽ جو مثال ته ان وقت قوم تنهنجي ان کان کلن ٿا . |
وَقالوا ءَأٰلِهَتُنا خَيرٌ أَم هُوَ ما ضَرَبوهُ لَكَ إِلّا جَدَلًا بَل هُم قَومٌ خَصِمونَ (آيت : 58) |
۽ چيائون ته ڇا اسان جا معبود ڀلا آهن يا اهو نه بيان ڪيائون ان کي تو سان مگر جھيڙي لاءِ بلڪ اهي قوم جھيڙا ڪار آهن . |
إِن هُوَ إِلّا عَبدٌ أَنعَمنا عَلَيهِ وَجَعَلنٰهُ مَثَلًا لِبَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 59) |
ناهي اهو مگر ٻانهو جو نعمت ڪئي اسان ان تي ۽ ڪيو اسان ان کي مثال بني اسرائيل جي لاءِ . |
وَلَو نَشاءُ لَجَعَلنا مِنكُم مَلٰئِكَةً فِى الأَرضِ يَخلُفونَ (آيت : 60) |
۽ جيڪڏهن گهرون ها ته البته ڪيون ها اوهان مان ملائڪ زمين ۾ نائب ٿين ها . |
وَإِنَّهُ لَعِلمٌ لِلسّاعَةِ فَلا تَمتَرُنَّ بِها وَاتَّبِعونِ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 61) |
۽ بيشڪ اهو البته نشاني آهي قيامت جي پوءِ هر گز نه شڪ ڪيو ان جو ۽ منهنجي تابعداري ڪيو هيءَ واٽ سڌي آهي . |
وَلا يَصُدَّنَّكُمُ الشَّيطٰنُ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 62) |
۽ هرگز نه روڪي اوهان کي شيطان بيشڪ اهو اوهان جو دشمن کليل آهي . |
وَلَمّا جاءَ عيسىٰ بِالبَيِّنٰتِ قالَ قَد جِئتُكُم بِالحِكمَةِ وَلِأُبَيِّنَ لَكُم بَعضَ الَّذى تَختَلِفونَ فيهِ فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 63) |
۽ جڏهن آيو عيسى چٽن دليلن سان ته چيائين تحقيق آيس مان اوهان وٽ حڪمت سان ۽ تانته بيان ڪيان اوهان جي لاءِ بعض اهو جو اختلاف ڪيو ٿا ان ۾ پوءِ ڊڄو الله کان ۽ اطاعت ڪيو منهنجي . |
إِنَّ اللَّهَ هُوَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 64) |
بيشڪ الله اهو ئي رب منهنجو ۽ رب اوهان جو آهي پوءِ ان جي عبادت ڪيو هيءَ واٽ سڌي آهي . |
فَاختَلَفَ الأَحزابُ مِن بَينِهِم فَوَيلٌ لِلَّذينَ ظَلَموا مِن عَذابِ يَومٍ أَليمٍ (آيت : 65) |
پوءِ اختلاف ڪيو ٽولن پاڻ ۾ پوءِ ويل آهي انهن جي لاءِ جن ظلم ڪيو عذاب ڏينهن دردناڪ جي کان . |
هَل يَنظُرونَ إِلَّا السّاعَةَ أَن تَأتِيَهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 66) |
نه ٿا انتظار ڪن مگر قيامت جو ته اچي انهن وٽ اوچتو ۽ اهي نه ٿا خبر رکن . |
الأَخِلّاءُ يَومَئِذٍ بَعضُهُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ إِلَّا المُتَّقينَ (آيت : 67) |
دوست ان ڏينهن هڪڙا انهن مان ٻين جا دشمن هوندا مگر پرهيز گار . |
يٰعِبادِ لا خَوفٌ عَلَيكُمُ اليَومَ وَلا أَنتُم تَحزَنونَ (آيت : 68) |
اي منهنجا ٻانها ناهي ڪو خوف اوهان تي اڄ ۽ نه اوهان غمگين ٿيندؤ . |
الَّذينَ ءامَنوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا مُسلِمينَ (آيت : 69) |
جن ايمان آندو اسان جي آيتن تي ۽ هئا مسلمان . |
ادخُلُوا الجَنَّةَ أَنتُم وَأَزوٰجُكُم تُحبَرونَ (آيت : 70) |
داخل ٿيو بهشت ۾ اوهان ۽ اوهان جون زالون عزت ڪيا ويندؤ . |
يُطافُ عَلَيهِم بِصِحافٍ مِن ذَهَبٍ وَأَكوابٍ وَفيها ما تَشتَهيهِ الأَنفُسُ وَتَلَذُّ الأَعيُنُ وَأَنتُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 71) |
ڦيرايون وينديون انهن تي رڪيبيون سون جون ۽ وڏا گلاس ۽ ان ۾ اهو هوندو جيڪو سندن سر خواهش ڪندا ۽ لذت وٺنديون اکيون ۽ اوهان انهن ۾ هميشہ رهندڙ هوندؤ . |
وَتِلكَ الجَنَّةُ الَّتى أورِثتُموها بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 72) |
۽ اهو بهشت اهو آهي جو وارث ڪيا ويئو اوهان ان جا ان عمل جي ڪري جو اوهان ڪندا هيئو . |
لَكُم فيها فٰكِهَةٌ كَثيرَةٌ مِنها تَأكُلونَ (آيت : 73) |
اوهان جي لاءِ ان ۾ ميوا گھڻا آهن انهن مان کائيندؤ. |
إِنَّ المُجرِمينَ فى عَذابِ جَهَنَّمَ خٰلِدونَ (آيت : 74) |
بلاشڪ مجرم جهنم جي عذاب ۾ هميشہ رهندڙ آهن . |
لا يُفَتَّرُ عَنهُم وَهُم فيهِ مُبلِسونَ (آيت : 75) |
نه هلڪو ڪيو ويندو انهن تان ۽ اهي ان ۾ نا اميد هوندا . |
وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن كانوا هُمُ الظّٰلِمينَ (آيت : 76) |
۽ نه ظلم ڪيو اسان انهن تي ۽ پر هئا اهي پاڻ ظالم . |
وَنادَوا يٰمٰلِكُ لِيَقضِ عَلَينا رَبُّكَ قالَ إِنَّكُم مٰكِثونَ (آيت : 77) |
۽ سڏيندا اي مالڪ! ڀل ته موت جو حڪم ڪري اسان تي تنهنجو رب چوندو بلاشڪ اوهان هميشہ رهڻ وارا آهيو . |
لَقَد جِئنٰكُم بِالحَقِّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَكُم لِلحَقِّ كٰرِهونَ (آيت : 78) |
البته تحقيق آندو اسان اوهان وٽ حق ۽ پر گھڻا اوهان مان حق کي ناپسند ڪندڙ آهن . |
أَم أَبرَموا أَمرًا فَإِنّا مُبرِمونَ (آيت : 79) |
ڇا رٿيائون ڪو ڪم پوءِ بيشڪ اسين به رٿ رٿيندڙ آهيون . |
أَم يَحسَبونَ أَنّا لا نَسمَعُ سِرَّهُم وَنَجوىٰهُم بَلىٰ وَرُسُلُنا لَدَيهِم يَكتُبونَ (آيت : 80) |
ڇا ڀائين ٿا ته بلاشڪ اسين نه ٿا ٻڌون ڳجھيون ڳالهيون انهن جون ۽ صلاحون انهن جون هائو ۽ اسان جا قاصد انهن وٽ لکن پيا. |
قُل إِن كانَ لِلرَّحمٰنِ وَلَدٌ فَأَنا۠ أَوَّلُ العٰبِدينَ (آيت : 81) |
فرماءِ ته جيڪڏهن هجي ها رحمٰن (الله) جي لاء اولاد ته پوء مان (ان جي) عبادت ڪندڙن ۾ پهريون هجان ها . |
سُبحٰنَ رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ رَبِّ العَرشِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 82) |
پاڪائي آهي آسمانن ۽ زمين جي رب جي عرش جي رب جي ان کان جو بيان ڪن ٿا . |
فَذَرهُم يَخوضوا وَيَلعَبوا حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 83) |
پوء ڇڏ انهن کي ته اجايون ڳالهيون ٺاهين ۽ راند روند ڪن تانجو ملن پنهنجي ان ڏينهن کي جنهن جو وعدو ڏنا وڃن ٿا . |
وَهُوَ الَّذى فِى السَّماءِ إِلٰهٌ وَفِى الأَرضِ إِلٰهٌ وَهُوَ الحَكيمُ العَليمُ (آيت : 84) |
۽ اهوئي آهي جيڪو آسمان ۾ معبود آهي ۽ زمين ۾ معبود آهي ۽ اهوئي حڪمت وارو ڄاڻندڙ آهي . |
وَتَبارَكَ الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَعِندَهُ عِلمُ السّاعَةِ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 85) |
۽ برڪت وارو آهي اهو جنهن جي بادشاهي آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهي ۽ ان ۾ آهي جيڪو انهن جي وچ ۾ آهي ۽ ان وٽ قيامت جو علم آهي ۽ ان ڏانهن موٽايو ويندؤ . |
وَلا يَملِكُ الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ الشَّفٰعَةَ إِلّا مَن شَهِدَ بِالحَقِّ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 86) |
۽ نه مالڪ ٿيندا اهي جن جي ان کان سواء عبادت ڪن ٿا شفاعت جا مگر جنهن شاهدي ڏني حق جي ۽ اهي ڄاڻن ٿا . |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَهُم لَيَقولُنَّ اللَّهُ فَأَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 87) |
۽ البته جيڪڏهن پڇندين انهن کان ته ڪنهن پيدا ڪيو انهن کي ته البته ضرور چوندا الله پوء ڪيڏانهن ڦيرايا وڃن ٿا . |
وَقيلِهِ يٰرَبِّ إِنَّ هٰؤُلاءِ قَومٌ لا يُؤمِنونَ (آيت : 88) |
۽ (قسم آهي) ان جي چوڻ جو ته اي منهنجا رب! بيشڪ هي قوم آهن جيڪي ايمان نه ٿا آڻين . |
فَاصفَح عَنهُم وَقُل سَلٰمٌ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 89) |
پوء منهن موڙ انهن کان ۽ چؤ سلام پوء جلد ڄاڻندا . |